لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق

برهمڻ آباد / ڪلان ڪوٽ

ٺٽوي ڪاتيار جي ڪيل تحقيق سان ڪافي گم ٿيل ماڳن کي ڳولڻ ۾ مدد ملندي، خاص ڪري راؤڙ، برهمڻ آباد، منصوره، محفوظه، ساوندي، بهرور، دهليله، ڪلري واهه ۽ ٻين ماڳن بابت ڪافي بحث ڪيل آهي. هن نيون کوجنائون ڪيون آهن، جنهن لاءِ هن وٽ دليل به آهن. هو هوائي ڳالهيون نٿو ڪري. ٺٽوي ڪاتيار سان اختلاف هجي ته ڪوبه محقق وڌيڪ ٺوس دليلن ۽ ثبوتن سان اچي ته هڪ صحتمند بحث جڙي سگهي ٿو. هن جي ڪم تي ڇنڊڇاڻ کانپوءِ اسين ڪنهن نتيجي تي پهچنداسين.
Title Cover of book برهمڻ آباد / ڪلان ڪوٽ

باب چوٿون: منصوره يا پيرپٺو

توهان هن ڪتاب جي باب ٽين ۾ پڙهي آيا ته منصوره جو شهر برهمڻ آباد (ڪلان ڪوٽ) کان ڇهه ميل پري هو ۽ ڪلان ڪوٽ کي جيڪو ويجهو تاريخي ماڳ آهي اهو پيرپٺو آهي جنهن کي ڪجهه ليکڪن پراڻي دور وارو ديبل به لکيو آهي پر دراصل اهو عرب دور وارو منصوره جو شهر آهي جنهن کي عربن جي دور حڪومت ۾ برهمڻ آباد جي تباهي کان پوءِ تعمير ڪيو ويو.
سنڌ عرب دور (ص 321) “اوائلي لکتن مان واضع ٿو ٿئي ته منصوره جو شهر برهمڻ آباد جي ڀر ۾ ٻن فرسخن (6 ميل) جي فاصلي تي اڏايو ويو هو ۽ محفوظه جي بلڪل سامهون ٺهرايل هو. محفوظه جو شهر حڪم بن عوانه الڪلبي جي سوڀن کان پوءِ درياءَ جي اڀرندي ڪناري تي ٺهرايو ويو هو”.
مون پنهنجي پهرين ڪتاب ۾ هڪ تاريخي مونجهارو اهو به لکيو هو ته اسان وٽ اڄ تائين ڪوهه ۽ فرسخ جو صحيح تعين ناهي ٿي سگهيو. مٿي واضع لکيل آهي ته منصوره جو شهر برهمڻ آباد کان ٻه فرسخ پري هو. پر بعد ۾ اسان جي ليکڪن ٻن فرسخن کي ڇهه ميل ڪري لکيو.
عرب گورنرن سنڌ ۾ ڪجهه نوان شهر تعمير ڪرايا جنهن مان هڪ جو نالو المحفوظه هو جڏهن ته ٻي جو نالو منصوره هو. منصوره لاءِ تاريخ لکي ٿي ته منصوره جو شهر برهمڻ آباد کان ڇهه ميل جي مفاصلي تي ٺاهيو ويو هو پر اسان وٽ هڪ روايت آهي ته جڏهن ڪو مشهور شهر ويران ٿيندو هو ۽ ان جڳهه تي يا ان جي پاسي ۾ ڪو نئون شهر تعمير ٿيندو هو ته ان کي به پراڻي شهر جي نالي سان سڃاتو ويندو هو. مثال جڏهن ديبل ويران ٿيو ۽ لاڙي بندر ٺهيو ته ان کي به ديبل جو نالو ڏنو ويو يا ٺٽو ٺهيو ته ان کي به ديبل جو نالو ڏنو ويو. بلڪل ائين اسان وٽ ڪجهه اديبن جو چوڻ آهي ته جڏهن برهمڻ آباد ويران ٿيو ته ان جي جڳهه تي جيڪو نئون شهر ٺاهيو ويو ان کي منصوره جو نالو ڏنو ويو جڏهن ته ڪجهه محقق ان ڳالهه جا آهن ته جڏهن برهمڻ آباد ويران ٿيو ته ان کان ڪجهه مفاصلي تي هڪ نئون شهر ٺهيو، جنهن کي تاريخ ۾ منصوره جو نالو ڏنل آهي پر اسان وٽ روايت مطابق ان کي به برهمڻ آباد سڏيو ويو. جيڪي محقق موجوده سانگهڙ ۾ برهمڻ آباد ۽ منصوره لکن ٿا اهي اڄ ڏينهن تائين ان ڳالهه تي متفق ناهن ٿيا ته جيڪي ڏيپر گھانگھري جا آثار آهن اهي برهمڻ آباد جا آهن يا منصوره جا. ڪجهه محقق لکن ٿا ته ڏيپر گھانگھري وٽ برهمڻ آباد هو ۽ دلور جي ڀڙي وٽ منصوره جڏهن ته ڪجهه محقق ان جي ابتڙ ڳالهه لکن ٿا ته دلور جي ڀڙي وٽ برهمڻ آباد هو ۽ ڏيپر گھانگھري وٽ منصوره. اهو ان ڪري جو انهن جن ماڳن کي برهمڻ آباد ۽ منصوره جو نالو ڏنو آهي انهن جو ان تاريخ سان ڪو واسطو ئي ناهي.
( سنڌ عرب دور، ص 327) تي لکي ٿو ته “مسٽر بيلاسس، دلور جي ڀڙي کي برهمڻ آباد سان تشبيهه ڏني آهي، ڪننگهام، دلور جي ڀڙي کي منصوره سان تشبيهه ڏني آهي”.
سنڌ عرب دور (ص 323) “منصوره جي بيهڪ بابت پڻ مختلف قياس آرايون ڪيون ويون آهن. پر عالمن جو وڏو حصو انهيءَ راءِ جو آهي ته اهو شهر يا ته برهمڻ آباد واري ماڳ تي ٺهيل هو يا گھٽ ۾ گھٽ ان جي بلڪل ويجهو.”
البلاذري جو حوالو ڏيئي سنڌ عرب دور (ص 323) لکي ٿو ته “البلاذري انهن ۾ پهريون ليکڪ آهي جنهن جو چوڻ آهي ته منصوره جو شهر انهيءَ ڍنڍ يا ڍوري جي اولهندي ڪناري تي ٺهيل هو جنهن جي اڀرندي ڪپ تي محفوظه جو شهر حڪم بن عوانه الڪلبي ٻڌايو هو. هو وڌيڪ ٻڌائي ٿو ته اهو شهر (منصوره) برهمڻ آباد کان ڇهه ميلن جي فاصلي تي ٺهرايو ويو هو.سندس اهو به چوڻ آهي ته سندس لکڻ وقت برهمڻ آباد جو شهر ان وقت کنڊرن ۾ تبديل ٿي چڪو هو”.
“حمزه اصفهاني جي لکت جو حوالو ڏيندي ياقوت الحموي ٻڌائي ٿو ته منصوره درحقيقت برهمڻ آباد جو ٻيو نالو هو. درياءَ (مهراڻ) جي هڪ شاخ ان کي ڦيرو ڏيئي ان کي ٻيٽ مثل بنائي ڇڏيو هو”. (سنڌ عرب دور : ص 323)
“ابو اسحاق اصطخري جو چوڻ ته منصوره جو سنڌي نالو برهمڻ آباد آهي. اهو شهر هڪ ميل ڊگهو ۽ هڪ ميل ويڪرو آهي ۽ ان جي چوڌاري مهراڻ ندي جو وهڪرو آهي. منصوره سندس لکت موجب درياءَ جي مکيه شاخ جي الهندي ڪپ تي ٻڌل هو (يعني اوڀرندي واري شاخ تي)” (سنڌ عرب دور 323)
“الاصطخري جي سفرنامي ۾ ڏنل مقالي موجب منصوره جو شهر نديءَ جي اولهندي ڪپ تي ٻڌل هو، جو دراصل درياءَ جو مک وهڪرو هو”. (سنڌ عرب دور 329)
محترم مولائي شيدائي، جنت السنڌ (ص 119) تي لکي ٿو ته “عمر بن محمد قاسم گهڻيون سوڀون ڪيون. سندس سوڀن جي يادگار لاءِ سنڌو نديءَ جي اُلهندي ڪپ تي هڪڙي ٻيٽ تي هڪ ٻيو “منصوره” تعمير ڪرايو ويو، جو پڇاڙيءَ ۾ سنڌ جو تختگاه ٿي رهيو”.
ابوالفضل آئين اڪبري ۾ لکي ٿو ته برهمڻ آباد جي قلعي کي 1400 برج هئا پر سنڌ عرب دور لکي ٿو ته اهو بيان وڌاءُ تي مبني آهي. تاريخ ان ڳالهه جي به گواه آهي ته منصوره جي شهر کي اوج وٺائڻ ۾ برهمڻ آباد جو وڏو هٿ هو ڇو ته جڏهن برهمڻ آباد ويران ٿيو ته اتان سرون کڻي نئون شهر منصوره ٻڌو ويو. تاريخ ٻڌائي ٿي ته اموي گھراڻي جي پنجين گورنر جنيد بن عبدالرحمان جي دور ۾ برهمڻ آباد (ڪلان ڪوٽ) کي باهه ڏيئي ساڙيو ويو بعد ۾ ڇهون گورنر تميم بن زيد العتبي آيو جيڪو ديبل وٽ بيماري سبب گذاري ويو ته ستون گورنر حڪم بن عوانه الڪلبي آيو جنهن سان عمرو بن محمد بن قاسم صلاحڪار ٿي آيو. بعد ۾ جڏهن حڪم بن عوانه الڪلبي کي مقامي سنڌين قتل ڪري ڇڏيو ته ان جي صلاحڪار عمرو بن محمد بن قاسم کي اٺون گورنر مقرر ڪيو ويو. نائون گورنر يزيد بن عرار هو جيڪو سنڌ ۾ ايندي ئي منصور بن جمهور الڪلبي جو شڪار ٿيو. منصور جو يزيد ٻئي جي پٽ وليد ٻئي جي خون ۾ هٿ هو ۽ اهو عرب مان باغي ٿي سنڌ ۾ اچي لڪو ۽ پنهنجي هوڏ تي پاڻ کي حاڪم مڃرائي ويٺو هو. نائين گورنر يزيد بن عرار کي سنڌ ۾ صرف دشمني سان منهن ڏيڻو پيو. تاريخ ٻڌائي ٿي ته نائين گورنر يزيد بن عرار کي دردناڪ موت ڏنو ويو جيڪو منصور بن جمهور الڪلبي جي هٿان ٿيو. نوَ گورنر مرڪزي حڪومت موڪليا هئا،جڏهن ته منصور بن جمهور پاڻ کي پنهنجي طاقت تي حاڪم اعليٰ مڃائي ويٺو هو ڇو ته مرڪز ۾ اموين جي حڪومت ڪمزور ٿي چڪي هئي ۽ اهي پاڻ کي بچائڻ جي چڪر ۾ هئا انهن جو سنڌ طرف ڪو ڌيان نه هو. (سنڌ عرب دور)
هتي گورنرن جو ذڪر ان ڪري لکيو ويو ته اڄ ڏينهن تائين تاريخ متفق ناهي ٿي ته منصوره جو شهر ڪنهن ٺاهرايو؟. ڪافي محقق ان ڳالهه تي متفق آهن ته منصور لفظ نصر مان ورتل آهي جنهن جي معنيٰ آهي فتح ڪيل. اموي گھراڻي جي ستين گورنر حڪم بن عوانه الڪلبي جي گورنري دوران عمرو بن محمد بن قاسم سنڌ ۾ گورنر جو صلاحڪار ٿي آيو ان ڪجهه فتوحات ڪيون جنهن جي ڪري ستين گورنر جي دور ۾ عمرو بن محمد بن قاسم منصوره جو شهر ٺاهرايو. ان جي لاءِ تاريخ ۾ لکجي ٿو ته اهو شهر حڪم بن عوانه الڪلبي تعمير ڪرايو. جڏهن ته ڪجهه اديب عمرو بن محمد بن قاسم جو نالو لکن ٿا. ڪجهه وري منصور بن جمهور الڪلبي جو نالو لکن ٿا. جڏهن ته ڪجهه محقق لکن ٿا عباسي دور حڪومت جي مرڪزي خليفي ابو جعفر منصور هي شهر سنڌ ۾ ٺاهرايو.
جيتري منهنجي تحقيق آهي ته اهو شهر حڪم بن عوانه الڪلبي جي گورنري دوران محمد بن قاسم جي پٽ عمرو تعمير ڪرايو هو. ڇو ته حڪم بن عوانه ان وقت گورنر هو ان ڪري ان جو به نالو لکيو وڃي ٿو. اموي گهراڻي جي نائين گورنر يزيد بن عرار کي منصوره جي قلعي ۾ قتل ڪيو ويو. ان ڪري منصور بن جمهور الڪلبي يا عباسي خليفي ابو جعفر منصور جو منصوره جي شهر جي تعمير سان ڪوبه تعلق نه آهي.
هتي سوال اهو ناهي ته اهو شهر ڪنهن تعمير ڪرايو؟ هتي سوال اهو آهي ته منصوره جو شهر موجوده سنڌ جي ڪهڙي جڳهه تي ٺهيل هو.؟ منصوره جو شهر موجوده ٺٽي ضلعي ۾ ان جڳهه تي ٺهيل هو جتي موجوده وقت ۾ پيرپٺو ۽ جميل شاهه ڏاتار گرناري جون درگاهون آهن.
ڪجهه ماڻهو پريشان ٿي سگھن ٿا ته پيرپٺي کي منصوره ڪهڙي بنياد تي لکيو ويو آهي.؟ سڀ کان وڏو ثبوت ته توهان ابن حوقل پاران ڏنل سنڌ جو نقشو ڏسو ۽ مون هن ڪتاب جي شروع ۾ ان وقت جي درياءَ جي بيهڪ لکي آهي اها پڙهو. سنڌ عرب دور (ص 323) “ابن حوقل سنڌ جو نقشو پڻ ڏنو آهي. جو هڪ نهايت ئي اهم دستاويز آهي ۽ سنڌ جي ڪيترن شهرن جي صحيح بيهڪ معلوم ڪرڻ لاءِ ڏاڍو ڪمائتو آهي. سنڌ جي انهيءَ نقشي ۾ ابن حوقل منصوره کي درياءَ جي ٻن شاخن جي وڄ ۾ ٻيٽ تي ٻڌل ڏيکاريو آهي. اهو به ظاهر ٿو ٿئي ته درياءَ جون ٻه شاخون ڪلري شهر وٽ جدا ٿي منصوره جي ڀر مان وهندي، منصوره جي ڏکڻ ۾ وري هڪ ٻئي سان مليو وڃن”. پيرپٺي کي اسان جي ڪجهه اديبن، محققن پراڻي دور وارو ديبل به لکيو آهي. انهن ماڻهن لازمي اتي اهڙا آثار ڏٺا جن جي بنياد تي ان کي ديبل لکيو آهي. تاريخ ٻڌائي ٿي ته منصوره جي شهر لاءِ سرون برهمڻ آباد مان کنيو ويون هيون. برهمڻ آباد مون موجوده ڪلان ڪوٽ کي لکيو آهي ۽ ڪلان ڪوٽ جي ويجهو اگر ڪنهن مظبوط شهر جا آثار ملن ٿا اهو پير پٺي وارو ماڳ ئي آهي.
فتحنامه سنڌ (ص 495) اشارا ۽ واڌارا ۾ سنڌ جي برک ڏاهي ۽ محقق جناب ڊاڪٽر بلوچ صاحب منصوره جي بيهڪ بابت انڊس ڊيلٽا ڪنٽري ڪتاب جو حوالو ڏيئي ڪجهه هن ريت لکيو آهي “ميجر جنرل هيگ جنهن 1877ع واري پيمائش وقت مهراڻ جي مڙني ڍورن جي ماپ ڪئي. هن نهر جلوالي جي مجرا ۽ پيٽ جو عرب جاگرافي نويسن جي بيانن ۽ پنهنجي معائني جي بنياد موجب هي شاخ سڪرنڊ کان 10 ميل اوڀر طرف ڪلري وٽان مکيه درياءَ مان نڪري هيٺ منصوره جي اوڀر پاسي کان وهي (ڏکڻ طرفان ور ڪري) منصوره کان ڏهه ميل ڏکڻ – اولهه طرف اچي (مکيه درياءَ) لوهاڻي ۾ گڏبي هئي. ان جي جملي ڊيگهه يقيني طور 50 ميل کن هوندي. اها شاخ عرب جاگرافي نويسن (نقشي ۾) مهراڻ درياءَ جي پيٽ واري سڌي لائين جي ڏاکڻي حصي ۾ اڌ گول جي صورت ۾ ڏيکاري آهي. ڪلري کان هيٺ هن ڍوري جي ٻن وهڪرن جا نشان ملن ٿا. هڪ ٽه گھاٽي ٻيو هيٺ ڏکڻ طرف سمير وارو ڍورو.”
ڳالهه سمجهه ۾ نٿي اچي ته جڏهن عربن جاگرافي نويسن، مهراڻ درياءَ جو نقشو ڏنو آهي ته پوءِ ان کي ڍورا ڪهڙي بنياد تي لکيو ويو آهي.؟ دراصل اهي ڍورا نه پر درياءَ جون ٻه شاخون هيون. ڪلري کي اسان جي اديبن موجوده نوابشاهه وٽ لکيو آهي پر مون هن ڪتاب جي باب پهرين ۾ واضع لکيو آهي ته ڪلري يا ته ڪينجهر جو پراڻو نالو آهي يا ڪينجهر جي آسپاس ڪلري نالي سان ڪو شهر هو ڇو ته ڪينجهر کي گھڻي مشهوري نوري واري قصي کان پوءِ ملي آهي ان کان اڳ ڪينجهر نالي جو ذڪر ڪٿي به نٿو ملي.
درياءَ جي هڪ شاخ موجوده ساڪري وٽان وهندي هئي جنهن جو تفصيلي ذڪر مون پنهنجي پهرين ڪتاب ۾ لکيو آهي جڏهن ته درياءَ جي ٻي شاخ موجوده پيرپٺي (منصوره) جي اوڀر کان ٿيندي وري اتان ور ڪري فتحنامه جي موجب ڏهه ميل جڏهن ته سنڌ عرب دور مطابق ٻارنهن ميلن کانپوءِ وڃي الهندي واري درياءَ سان ملندي هئي.
جيڪڏهن موجوده وقت ۾ پيرپٺي (منصوره) جي ڏکڻ کان جتي هن وقت ڳوٺ سيد علي گوهر شاهه ڀاڏائي آهي اتان ساڪري جو فاصلو ماپيو ته تقريباً ساڳيو ٿيندو.
فتحنامه (497) تي منصوره جي حوالي سان بلوچ صاحب وڌيڪ لکي ٿو ته “درياءَ مهراڻ قديم ماڳ جلوالي نهر (جنهن کي بلوچ صاحب ڄراڙي لکي وڃي سانگهڙ جي پاسي لکيو آهي) وٽان وهي قديم شهر منصوره وٽ غالباً دوشاخو ٿيندو هو. مکيه شاخ شهر منصوره جي اوڀر طرفان ۽ ننڍي شاخ اولهه طرفان وهي شهر کان هيٺ ڪٿي وڃي گڏبيون هيون ۽ منصوره جي شهر کي ڄڻ هڪ ٻيٽ بنائي ڇڏينديون هيون”.
توهان اڄ به پيرپٺي واري ماڳ جو مشاهدو ڪريو. ان وقت ۾ سنڌو درياءَ جي هڪ شاخ موجوده ٺٽي جي اڀرندي طرف کان ٿيندي پيرپٺي جي به اوڀر طرف کان ٿيندي اڳيان گھوڙاٻاري واري روڊ تان ڳوٺ سيد علي گوهر شاهه ڀاڏائي وٽان وري اولهه طرف ويندي هئي. ٻي درياءَ جي هڪ ننڍي شاخ موجوده پيرپٺي جي اتر طرف کان جتي هن وقت غلام قادر شيخ جو بنگلو آهي اتان ٿي اڳيان هلي وڏي درياءَ سان ملي ويندي هئي. جنهن سبب منصوره جي شهر کي ٻيٽ تي ٻڌل ٻڌايو ويو آهي. سنڌ عرب دور ( ص 451) “ٻانيه جو شهر جنهن کي سنڌ جي عرب حاڪمن جي رهائشگاهه ٻڌايو ويو آهي. منصوره جي ڀر ۾ ٻڌل هو. ڏسڻ ۾ ٿو اچي ته منصوره جي ڳتيل ۽ بي ترتيب شهر ۾ آدمشماري جي وڌڻ ۽ فوجي ڇانوڻي سبب، شهر جي گوڙ گهمسان واري ماحول کان بچڻ خاطر انهيءَ نئين شهر جي ضرورت محسوس ڪئي وئي”. اڄ به اگر اسان پيرپٺي واري ماڳ جو مشاهدو ڪريون ته لڳندو واقع منصوره جو شهر بي ترتيب ٺهيل هو. ڇو ته جتي پيرپٺي ۽ سخي ڏاتار جا مقبرا آهن اهو پهاڙي ٽڪري آهي جڏهن ته وچ ۾ کڏ. جڏهن ته وري گھوڙاٻاري روڊ تي جتي منارو ۽ مسجد ٺهيل آهن هو پٽ مٿي آهي ته ان کان ٿورو اڳتي وري لمهند آهي. ان سبب منصوره جي حاڪمن پاڻ جي لاءِ هڪ هڪ نئون شهر تعمير ڪرايو جنهن جو تاريخ ۾ نالو “ٻانيه” لکيل آهي. ٻانيه اهڙو شهر آهي جنهن تي ڪا خاص تحقيق ناهي ٿي منصوره موجوده پيرپٺي واري ماڳ تي هو ته ٻانيه جو شهر پيرپٺي کان ڏکڻ اوڀر طرف ڳولڻ گھرجي. ڇو ته ابن حوقل پاران ڏنل سنڌ جي نقشي ۾ ٻانيه جو شهر منصوره کان ڏکڻ اوڀر ۾ ڏيکاريل آهي. پيرپٺي تي ٻن محرابن واري هڪ مسجد ٺهيل آهي ۽ هڪ وڏو منارو ٺهيل آهي جنهن کي مقامي ماڻهو محمد بن قاسم مسجد ۽ مناري لاءِ چوندا آهن ته اهو محمد بن قاسم ٺاهرايو هو. انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جلد ٽيون (ص 339) تي پيرپٺو مسجد بابت لکي ٿو ته “ٺٽي ضلعي ۾ پيرپٺي جي مزار جي سامهون مٿاهين تي اڏيل هيءَ مسجد “محمد بن قاسم جي مسجد” جي نالي سان سڏجي ٿي، پر ان تي اهڙي ڪابه لکت ڪتبو وغيره ڪونه آهي”. سنڌ عرب دور (ص 336) “عرب سياحن ۾ جيڪو سياح سڀ کان پوءِ آيو اهو بشاري مقدسي هو. سنڌ ۾ سندس اچڻ جو سال 375هه جي لڳ ڀڳ سمجهڻ گهرجي. سندس بيان هو ريت آهي. منصوره سنڌ جو مکيه شهر آهي ۽ ان جي گادي جو هنڌ آهي. ان جون جايون گچ ۽ سرن جون ٺهيل آهن پر ان جي جامع مسجد پٿر ۽ چن سان جڙيل آهي ۽ ان جي اڏاوت جو نمونو به عمان (مسقط) جي مسجد جهڙو آهي. جامع مسجد شهر جي وچ ۾ آهي جتي سڀئي رستا اچيو گڏجن”. جنت السنڌ (ص 148) “شهر (منصوره) جون جايون ڪاٺ جون جڙيل هيون، فقط جامع مسجد پٿر جي جڙيل هئي، جا عمان جي جامع مسجد جي نموني تي هئي.
مون مٿي واضع لکيو آهي ته منصوره جو شهر محمد بن قاسم جي پٽ عمرو ٺاهرايو هو. ٿي سگھي ٿو ته اها مسجد ۽ منارو ان ٺاهرايا هجن ۽ انهن کي پنهنجي پيءُ جي نالي سان منسوب ڪيو هجي ۽ سڀ کان اهم ڳالهه ته اڄ به اگر ڌيان سان ڏسجي ته موجوده پيرپٺي تي موجود ٻن محرابن واري مسجد شهر جي وچ ۾ اچي ٿي. پيرپٺو موجوده ڪلان ڪوٽ کي ويجهو آهي. ان ڪري آساني سان چئي سگھجي ٿو ته پيرپٺو پراڻي دور جو منصوره جو شهر آهي جڏهن ڪلان ڪوٽ پراڻي دور وارو برهمڻ آباد جو شهر آهي.
جيڪڏهن آرڪيالاجي کاتي وارا انهن ٻنهي ماڳن پيرپٺو توڙي ڪلان ڪوٽ جي صحيح نموني کوٽائي ڪن جيتري موهن جي دڙي ۽ ڀنڀور جي ٿي آهي ته ڪافي لڪل راز سامهون اچي سگھن ٿا.
سنڌ عرب دور واضع لکي ٿو ته منصوره ۽ برهمڻ آباد جي ماڳن جو صحيح پتو اڄ ڏينهن تائين نه ٿي سگھيو آهي پر ڪجهه محققن انهن ٻنهي شهرن کي موجوده سانگھڙ ۾ ضلع ۾ ڪجهه ماڳن کي انهن سان تشبيهه ڏني آهي. مون پهرين به هڪ جڳهه تي لکيو ته تشبيهه ڏيڻ ۽ حقيقت ۾ فرق هوندو آهي. هتي اها ڳالهه به ضروري آهي ته اسان جا محقق لکندا آهن ته موجوده سانگهڙ واري ماڳن تان اسان کي منصور بن جمهور جا سڪا به مليا آهن ان ڪري انهن جو زور آهي ته منصوره جو شهر سانگهڙ ۾ ئي هو. حيرت جهڙي ڳالهه آهي ته تاريخ لکي ٿي ته سمنڊ کان وٺي ملتان تائين انهن جي حڪومت هئي ته انهن جا سڪا به سڄي سنڌ ۾ هڪجهڙا هلندا هوندا اها ٻي ڳالهه آهي ته اتان سڪا مليا ۽ ٻين ماڳن تان سڪا نه مليا. مون پنهنجي پهرين ڪتاب ۾ لکيو ته سڪن جي آڌار تي تاريخ لکڻ سان به اسان جي تاريخ ۾ وڏو مونجهارو پيدا ٿيو آهي.
ڪجھ سال پهرين پيرپٺي تي موجود منارو جڏهن ختم ٿيڻ لڳو هو ته ايندومينٽ فنڊ ٽرسٽ ۽ ثقافت کاتي پاران ان جي مرمت ڪرائي تاريخ 16-10-27 تي وزير ثقافت محترم سيد سردار علي شاهه کان افتتاح ڪرايو ويو هو ۽ افتتاحي بورڊ تي ڪجهه هن ريت لکيل آهي “خيال آهي ته هن ماڳ تي عربن جي دور ۾ شهر آر قائم هو. جنهن جا آثار مناري جي اوڀر ۾ هيٺ موجود آهن. عربن جي وقت ۾ پوءِ مغلن جي دور تائين هتان درياهه لنگهندو هو انڪري ڪي صاحب هن مناري کي درياهي بندر جو ٻلاٽو يا لائٽ هائوس به سڏين ٿا.” ان مناري بابت محترم ابوبڪر شيخ لکي ٿو ته “آئون ان کي روشني جو مينار چوندو آهيان. اهو بلڪل ائين ئي آهي جيئن هڪ بندرگاهه تي هئڻ کپي. جيئن پري کان ايندڙ ٻيڙين ۽ بحري جهازن کي روشني نظر اچي سگهي”. ساڳي مناري بابت انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جلد ٽيون (ص 339) تي لکي ٿو ته “پيرپٺي واري ٽڪريءَ تي هڪ پڪسرو منارو ٺهيل آهي، جيڪو هڪ سئو فوٽ کن اوچو آهي، جنهن جي اندرئين پاسي جي ڇت دونهاٽيل آهي. جنهن مان اندازو ٿئي ٿو ته هي منارو “لائيٽ هائوس” طور ڪم ايندو هو. منارو سالم بيٺو آهي، اندازو آهي ته هي ڪلهوڙا دور کان اڳ جو ٺهيل آهي”.
سنڌ عرب دور (ص 346) “منصوره سنڌ جو بندرگاهه پڻ هو، جتي واپاري ٻيڙا اچي لنگر هڻندا هئا”.
ٺٽي جا قديم اسلامي يادگار (ص 8) “(پيرپٺي) جي هيٺيان تري ۾ عرب آبادڪاري جا نشان موجود آهن”.
پيرپٺي واري ماڳ کي تاريخ ۾ “پيرآر” جو نالو به ڏنل آهي. جنهن لاءِ هڪڙو سبب هن ريت ملي ٿو. لاڙ جي ادبي ۽ ثقافتي تاريخ (ص 86) تي لکي ٿو ته “پير آر جو روضو، پيرپٺي جي درگاهه جي ڀر ۾ اتر طرف آهي”. ساڳيو ڪتاب (ص 391) تي وڌيڪ لکي ٿو ته “سيد حسين عرف وجيهه الدين کي چار پٽ هئا. شاهه حسن، شاهه ڪهور، شاهه آري جو “پير آر” جي نالي سان ڏاتار جي روضي جي اتر ۾ مدفون آهي، لال ڇتو شاھ”. پير حسام الدين راشدي صاحب پنهنجي ڪتاب “ڳالهيون ڳوٺ وڻن جون” (ص 76) تي حاشيه ۾ لکي ٿو ته “انهيءَ بزرگ (شاهه وجيهه الدين) کي چار پٽ هئا، جن مان هڪ جو نالو شاهه آري هو. سندس اهو فرزند شاهه جميل (جميل شاهه ڏاتار گرناري) جي اتر طرف کان جيڪا هيٺاهين زمين آهي اتي پوريل (دفن ٿيل) آهي، پير پٺي جي شهر کي “پير آر” به چوندا آهن. اهو نالو هن بزرگ جي نسبت سبب ٿيو”. جڏهن ته انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جلد ٽيون (ص 338) تي پير پٺي کي ئي پير آري ڪري لکيو ويو آهي، لکي ٿو ته “شيخ پير پٺو (پير آري) ڪُنيت ابوالخير، لقب شاهه عالم ۽ ذات جو اپلاڻ هو”. تاريخ طاهري (ص 306) تي پيرپٺي کي ئي پير آر ڪري لکيو آهي. تحفةالڪرام (ص 620) تي لکي ٿو ته “جميل شاهه (ڏاتار) پير پٺي جي استدعا تي مٿين ٽڪري (پيرپٺي واري ماڳ) تي آيو ۽ اتي دفن ٿيو. جميل شاهه ڏاتار جا چار خليفا هئا. جن مان هڪ شاهه وجيهه الدين هو ۽ پير آر يا شاهه آري، ڏاتار جي خليفي شاهه وجيهه الدين جو ٽيون نمبر پٽ هو”.مقامي ماڻهو به اهو چوندا آهن ته پيرپٺو ۽ جميل شاهه ڏاتار هڪڙي دور جا آهن. جن گڏجي سامري جادوگر سان مقابلو ڪيو. تاريخ گواه آهي ته پيرپٺو، سومرن جي دور جو آهي. ان مان مراد ته شاهه وجيهه الدين پنهنجي مرشد جميل شاهه ڏاتار جي دوست پيرپٺي جي تخلص (پير آر) مان متاثر ٿي پنهنجي پٽ جو نالو “پير آر يا شاهه آري رکيو هجي”.
ٻيو سبب هي به آهي ته شاهه صاحب پنهنجي رسالي ۾ ڪافي بيتن ۾ “آر” لفظ ڪتب آندو آهي. جنهن جي معنيٰ ڊاڪٽر محمد عالم سومري “سير-تک-وهڪرو” لکي آهي. جڏهن ته ڊاڪٽر بلوچ صاحب، جامع سنڌي لغات (جلد اول) (ص 47) “آر” لفظ جون مختلف معنائون ڪڍيون آهن. جهڙوڪ “وهڪري جي چوطرفي تيزي يا ڇڪ (جا سمنڊ ۾ واءُ ۽ درياءَ ۾ اونهي کڏ سبب ٿئي، جنهن ڪري پاڻي جو وهڪرو ڦيرو کائي هڪ جاءِ تي پيو ڦرندو آهي)، درياءَ يا سمنڊ ۾ ڪُن پيدا ڪندڙ وهڪرو، پاڻي جي تيز وهڪري جو گهمرو. درياءَ جو لاڙو يا وهڪرو، درياءَ جي تک، دل جو لاڙو، ڇڪ، انگل، ناز، نخرو وغيره”.
ٽيون سبب هي به آهي ته سنڌي ۾ هڪڙو پهاڪو ڏيندا آهن ته “جيڏانهن دل ۽ درياءَ آر ڪن”.هن پهاڪي ۾ آيل لفظ “آر” جي معنيٰ ڇڪ يا پيار آهي. بلوچ صاحب به آر جي هڪڙي معنيٰ “دل جو لاڙو يا ڇڪ” ڪڍي آهي. شاهه صاحب سُر سهڻي ۾ فرمائي ٿو ته “جيڏانهن چِتَ چاهُ گهڻو، آرُ به اوڏانهين”. تاريخ گواه آهي ته جڏهن سنڌو درياءَ کي بند ڪونه هئا ته اهو جهڙي پاسي وڃڻ چاهيندو هو اتان پنهنجو گس ٺاهي ڇڏيندو هو. دل به جنهن تي اچي.
چوٿون سبب، باب پهرين ۽ باب چوٿين ۾ مون پيرپٺي تي ٺهيل مناري تي لڳل بورڊ بابت لکيو آهي جنهن ۾ لکيل آهي ته “خيال آهي ته هن ماڳ تي عربن جي دور ۾ شهر آر قائم هو. جنهن جا آثار مناري جي اوڀر ۾ هيٺ موجود آهن”.
ان مان مراد ته ان ماڳ جو نالو عربن جي دور ۾ “آر” يعني درياءَ جي ڇڪ وارو علائقو يا ماڳ هو. جيئن سائين مارو خشڪ “ور” شهر لاءِ ٻڌايو آهي ته اتان ڪڏهن درياءَ ور ڪندو هو جنهن ڪري ان ماڳ جو نالو ور هو جيڪو هاڻي شهر جي صورت اختيار ڪري چڪو آهي. آر جو شهر جيڪو عربن جي دور ۾ به هو. بعد ۾ عربن جڏهن اتي شهر ٺاهيو ته ان جو نالو منصوره رکيو هو. بعد ۾ جڏهن سومرن جي دور ۾ پيرپٺو ان ماڳ تي آيو يا دفن ٿيو ته شايد مقامي ماڻهن ان ماڳ کي “پير آر يعني آر وارو پير” سڏيو. وري جڏهن “شاهه آري” ان ماڳ تي دفن ٿيو ته اسان لکي ڇڏيو ته شاهه آري جي ڪري ان ماڳ کي پير آر چوندا آهن.
مٿين لکيل سڀني ڳالهين پڙهڻ کان پوءِ اهو نتيجو نڪري ٿو ته جيئن مڪلي جي نالي جي حوالي سان مختلف حوالا ملن ٿا (مائي مڪلي، هذا مڪةلي ۽ منڪلي)، بلڪل ائين هن ماڳ پير آر (پيرپٺي) لاءِ به مختلف حوالا ملن ٿا. پير حسام الدين راشدي (مڪلي نامون ص 733) تي لکي ٿو ته “مڪليءَ جي نالي متعلق تحقيق لاءِ مواد موجود آهي ۽ راهون کليل آهن. ضرورت آهي ته وڌيڪ کوجنا ڪئي وڃي”. بلڪل ائين هن ماڳ لاءِ به ضرورت آهي ته وڌيڪ کوجنا ڪئي وڃي، تنهن کان پوءِ ئي ڪنهن نتيجي تي پهچي سگهجي ٿو.