لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق

برهمڻ آباد / ڪلان ڪوٽ

ٺٽوي ڪاتيار جي ڪيل تحقيق سان ڪافي گم ٿيل ماڳن کي ڳولڻ ۾ مدد ملندي، خاص ڪري راؤڙ، برهمڻ آباد، منصوره، محفوظه، ساوندي، بهرور، دهليله، ڪلري واهه ۽ ٻين ماڳن بابت ڪافي بحث ڪيل آهي. هن نيون کوجنائون ڪيون آهن، جنهن لاءِ هن وٽ دليل به آهن. هو هوائي ڳالهيون نٿو ڪري. ٺٽوي ڪاتيار سان اختلاف هجي ته ڪوبه محقق وڌيڪ ٺوس دليلن ۽ ثبوتن سان اچي ته هڪ صحتمند بحث جڙي سگهي ٿو. هن جي ڪم تي ڇنڊڇاڻ کانپوءِ اسين ڪنهن نتيجي تي پهچنداسين.
Title Cover of book برهمڻ آباد / ڪلان ڪوٽ

باب ڇهون: اگهم ڪوٽ يا پير درس داد

سونهاري سنڌ جي تاريخ بابت لکيل تاريخي ڪتابن ۾ اسان کي اهڙن ڪيئي ماڳ مڪان، شهرن، ڳوٺن توڙي علائقن جا نالا ملن ٿا، جن بابت يا ته ڪا تحقيق ٿي ئي ناهي يا اگر ٿي آهي ته اها به اڻپوري يا تاريخ مڪمل ڪرڻ لاءِ هڪڙي علائقي جي تاريخ ٻئي علائقي کي ڏيئي ڳالهه کي ختم ڪرڻ جي ناڪام ڪوشش ڪئي وئي آهي. اهڙن ئي لاوارث ماڳ مڪانن مان هڪ اهم “اگھم ڪوٽ” به آهي.
سڀ کان اول اها ڳالهه ذهين نشين ڪئي وڃي ته سنڌ جي تاريخ تي لکيل سمورا قديم ڪتاب فارسي زبان ۾ لکيل هئا بعد ۾ انهن جا سنڌي ۾ ترجما ڪيا ويا. صرف ترجما ئي نه اسان جي سمجهاڻي خاطر انهن ۾ واڌارو به ڪيو ويو آهي.
اگھم ڪوٽ ڪٿي هو؟ اگر ان سوال جو جواب تاريخي ڪتابن مان ڳولجي ته ڪيڏانهن منهن مريم جو ڪيڏانهن ٽنڊوالهيار واري ڪار لڳي پيئي آهي. تاريخي ڪتابن ۾ جتي جتي به لفظ اگھم ڪوٽ آيو آهي، اسان ان کي ماتلي وارو اگھاماڻو چئي ڳالهه ختم ڪندا آهيون. ڀلي اگھاماڻو موجوده ضلع بدين جي ماتلي ۾ هجي پر اها ڳالهه ذهين نشين ڪئي وڃي ته اگھاماڻو الڳ ۽ اگھم ڪوٽ الڳ آهي.
جڳ مشهور ڪتاب تحفة الڪرام، جنهن جي تصنيف مير علي شير قانع ٺٽوي جي لکيل آهي ۽ ان ڪتاب کي سنڌ جي تاريخ جو انسائيڪلوپيڊيا پڻ چيو ويندو آهي. ( ص 622) تي شيخ ابو تراب جي حوالي سان لکي ٿو ته “ٺٽي کان اٽڪل چئن ڪوهن تي سندس مزار مشهور معروف آهي”. جڏهن ته ساڳي ڪتاب ۾ (ص 268) تي لکيل آهي ته “اگھم ڪوٽ جو ٺٽي کان ٽن ڪوهن جي پنڌ تي آهي”. مون پنهنجي پهرين ڪتاب ۾ تاريخي مونجهارن ۾ به هڪ جڳهه تي لکيو ته ڪوهه ۽ فرسنگ جي باري ۾ صحيح تعين نه ڪرڻ سبب به اسان جي تاريخ ۾ وڏا مونجهارا پيدا ٿيا آهن. مٿين ڳالهه کي پڙهڻ کان پوءِ هر ڪو اهو اندازو لڳائي سگھي ٿو ته شيخ ابو تراب جي قبر ٺٽي کان پري آهي ۽ ان جي مقابلي ۾ اگھم ڪوٽ ٺٽي کي ويجهو آهي. شيخ ابو تراب جي قبر ٺٽي کان 4 ڪوهن تي آهي ۽ هينئر اگر اسان ڪلوميٽر جي حساب سان مفاصلو ماپيو ته شيخ ابو تراب جي قبر ٺٽي کان گهٽ ۾ گهٽ 18 ڪلوميٽر پري اولهه طرف آهي. اگھم ڪوٽ ٺٽي کان گهٽ ۾ گهٽ 14 کان 15 ڪلوميٽر پري هجڻ گھرجي. جڏهن ته ماتلي، ٺٽي کان گھٽ ۾ گھٽ 100 ڪلوميٽر پري آهي. هاڻي ماتلي واري اگھاماڻي کي اگھم ڪوٽ چوڻ مطلب تاريخ سان هٿ چراند ۽ کل جوڳي ڳالهه آهي.
• اول اچون ٿا ته اگهم ڪوٽ بابت اسان جا تاريخي ڪتاب ڇا ٿا چون.
 “اهو نالو اگهم لوهاڻي جي پويان مليل اٿس. هن جي سرزمين خدا وارن جو سرچشمو آهي.” (تحفةالڪرام ص 407)
 “راءِ گهراڻي جي وقت ۾ برهمڻ آباد ، لوهاڻي پرڳڻي جو مرڪزي شهر ۽ اتي جي حاڪم اگهم جي گادي جو هنڌ”. (فتحنامه سنڌ، ص 398)
 “راجا اگهم، راءِ گهراڻي جي حاڪم راءِ سهيرس جي دور ۾ لوهاڻي پرڳڻي جو حاڪم هو، تنهن ڪري اهو ماڳ اگهم لوهاڻي جي نالي پويان سڏجي ٿو”. (انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جلد پهريون ص 236)
 “عربن جي وقت هي شهر (اگهم ڪوٽ) پنهنجي اوج تي هو، محمد بن قاسم به هن شهر کي فتح ڪيو، هن شهر جي تباهيءَ جا ڪارڻ معلوم ناهن.” (انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جلد پهريون ص 236)
 “اگهم ڪوٽ کي ڪلان ڪوٽ به سڏيو ويندو آهي” (سُکاري سنڌ ڏکارا ماڻهو ص 65)
مٿين ڳالهين کي پڙهڻ کانپوءِ اها ڳالهه ته صاف ٿي وئي آهي ته اگهم ڪوٽ جو شهر راءِ گهراڻي جي دور ۾ حاڪم اگهم لوهاڻي جو ٺاهرايل آهي يا ان جي نالي سان منسوب آهي. عربن جي اچڻ وقت به ان جو حوالو ملي ٿو جڏهن ته انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا )جلد پهريون ( موجب عربن ان شهر کي به فتح ڪيو هو. پر هڪڙي ڳالهه منجهيل آهي ته ڇا اگهم ڪوٽ ۽ اگهاماڻو هڪڙي ئي شهر جا ٻه نالا آهن يا اهي ٻئي الڳ الڳ ماڳن جا نالا آهن. ڇو ته مٿين تحفةالڪرام پاران ڏنل مفاصلن مان ته اهو ثابت ٿي ويو ته اهي ٻئي شهر الڳ الڳ آهن. مون پنهنجي پهرين ڪتاب (راؤڙ / رياتڙو) ۾ تاريخي مونجهارن ۾ اهو واضع لکيو آهي ته ٻن يا ٻن کان وڌيڪ ساڳي نالن سان ڳوٺن، شهرن، ماڳ مڪانن جي هجڻ سان به اسان جي تاريخ ۾ ڪافي مونجهارا پيدا ٿيا آهن. هتي اها ڳالهه سامهون اچي ٿي ته اگهم ڪوٽ موجوده ٺٽي ضلع جي حدن ۾ هو جڏهن ته اگهاماڻو ضلع بدين جي ماتلي واري پاسي. اسان جي اديبن ان ڳالهه کي سلجهائڻ جي بغير اهو لکي ڇڏيو ته اگهم ڪوٽ ۽ اگهاماڻو هڪڙو شهر آهي.
تحفةالڪرام ۾ ڪتاب جي ٻي حصي ۾ بزرگن بابت ڄاڻ ڏني وئي آهي. اگهم ڪوٽ جي شهر ۾ جن بزرگن جا نالا ملن ٿا اهي هي آهن. مخدوم اسماعيل سومرو، مخدوم صدهيو موهيو، مخدوم عثمان، درويش دائود ۽ ميان همون، شيخ نورالدين، درويش سليمان، شيخ اسحاق بن سلطان بن بهلول القادري، درويش عمر بودلو، خليفو محمد شريف، حمزو پرهار، سيد يونس ۽ سيد فقير جا نالا ملن ٿا.
هاڻي جيڪڏهن اسان ٺٽي کان تقريباً 14 يا 15 ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي اگهم ڪوٽ ڳوليون ته موجوده ٺٽي کان ڏکڻ پاسي غلام الله جو شهر ئي آهي جيڪو ٺٽي کان ايتري مفاصلي تي آهي.
غلام الله شهر کان ميل کن جي پنڌ تي اتر اوڀر پاسي مشهور معروف درگاهه آهي جنهن کي مقامي ماڻهو درويش درس داد جي نالي سان سڃاڻين ٿا. جنهن بابت تحفةالڪرام ۾ (ص 618) تي لکيل آهي ته “درويش دائود عرف داد درس: هڪ وڏي ڪرامت وارو نامي گرامي بزرگ آهي. چون ٿا ته هڪ ڏينهن پنهنجن مريدن سان، انهيءَ ڍنڍ ۾ جيڪا ڪلان ڪوٽ جي مٿان سندس نالي سان مشهور آهي ۽ جتي هاڻي دفن ٿيل آهي، ڌائي ٻچي راند ۾ مشغول هو. جئن رسم آهي هڪڙي ٻئي کي ٿي ورتو ۽ اهو کاڌل وري ٻين جي پويان ٿي ڊوڙيو ۽ ٻيا وٺي ٿي ڀڳا ۽ آڳ واري انهن جي پويان ڊوڙي جنهن کي وٺي ٿي سگهيو تنهن کي ٿي ورتو. اتفاقاً آڳ درويش تي اچي ويئي ۽ سڀئي وٺي ڀڳا. درويش جنهن کي ٿي ورتو تنهن کي پاڻيءَ ۾ غوطو ڏياري حقيقت جي بحر جو واقف بنائي ٿي ڇڏيو. اهڙن ڪيترن نصيب وارن کي هن پاڻيءَ ۾ واصل بالله ڪري ڇڏيائين. هو سيد مراد شيرازي جو همعصر ٻڌجي ٿو. برسات جي موسم ۾ مٿس خاص ميلو لڳندو آهي”.
مقامي ماڻهو به ان درويش کي درويش درس داد جي نالي سان ياد ڪن ٿا. مقامي ماڻهو توڙي درگاه جا خليفه ٻڌائين ٿا ته سائين جو اصل نالو دائود هو جيڪو ذات جو سومرو هو. ان ماڳ تي جتي هن وقت درويش دفن ٿيل آهي اتي مدرسو پڙهائيندو هو جنهن سبب درويش کي درس داد يعني “درس ڏيڻ وارو” نالو پئجي ويو.
جيئن ڪتاب ڪراچي سنڌ جي مارئي (ص 304) تي محترم گل حسن ڪلمتي درساڻي ڇني بابت لکي ٿو ته “ان کانسواءِ منگهو پير، گڏاپ، گسري بندر، ريڙهي، لانڍي، ابراهيم حيدري، ملير، پير ڳوٺ ۽ درساڻو ڇنو ۾ ننڍا ننڍا مدرسا قائم هئا جتي ٻارن کي درس ڏنو ويندو هو. اهم مرڪز درساڻو ڇنو هو ڇاڪاڻ ته هن جو نالو به انهيءِ ڪري پيو جو هتي ڪکاون ڇنن ۾ ٻارن کي درس ڏنو ويندو هو جنهن جي ڪري انهن کي “درسن جو ڇنو” چيو ويو جيڪو بعد ۾ درساڻو ڇنو ٿي پيو”. بلڪل ائين درويش دائود سومرو جيڪو قرآن پاڪ جو درس ڏيندو هو جنهن سبب درويش کي “درس داد” (سبق ڏيندڙ) جو لقب مليو.
محترم عبدالرشيد گبول پنهنجي ڪتاب “ميرپور ساڪري جي تاريخ (ص 163)” تي لکي ٿو ته “درس وريو بزرگ ذات جو سومرو هو. سندس درگاهه گجو شهر جي اتر اولهه طرف هاليجي ڍنڍ جي ڀرسان آهي. هي بزرگ درس اسحاق ۽ درس داد جو ڀاءُ آهي. پاڻ درس تدريس جو ڪم ڪندو هو، تنهن ڪري درس سڏجڻ لڳو”. جڏهن ته محترم احسن جوکيو پنهنجي ڪتاب وليون واس ورنيون (ص 94) تي لکي ٿو ته “مقامي ڪهاوت اها آهي ته درس وريو، درس داد، درس گريو ۽ درس ابراهيم پاڻ ۾ ڀائر هئا”.
محترم اياز ڀاڳت پنهنجي ڪتاب “سنڌ ۾ رهندڙ ذاتيون، قومون ۽ قبيلا (ص 732) تي درس ذات جي حوالي سان لکي ٿو ته “درس معنيٰ سبق- چون ٿا ته غوث بهاؤالدين زڪريا ملتاني جي غوثي طريقي جو وڏي مان وارو لقب آهي، جيڪي نيڪ ۽ صالح ٿيا تن کي درس ڪوٺيو ويو”.
خير محمد ٻرڙو سيوهاڻي به ذاتين جي انسائيڪلوپيڊيا (ص 336) تي درس بابت لکيو آهي ته “درس عربي لفظ آهي جنهن جي معنيٰ آهي، مذهبي ڳالهيون ٻڌائڻ، وعظ ڪرڻ، ديدار وغيره”.
انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جلد پنجون (ص 87) تي درس ذات بابت لکي ٿو ته “درس بنيادي طور تي سماٽ قبيلي سان تعلق رکن ٿا. درس لفظ مدرس مان ورتل آهي، يعني اهي ماڻهو جيڪي مدرسن ۾ درس و تدريس جو ڪم ڪندا هجن، مذهبي ڳالهيون ٻڌائڻ يا واعظ وغيره ڪرڻ وارا”.
(نوٽ: مٿي ڏنل درس ذات متعلق ٽنهي عبارتن جو مقصد صرف اهو آهي ته جڏهن ملا دائود سومرو عرف درس داد، جڏهن سومرو آهي ته پوءِ ان کي درس ڪهڙي بنياد تي سڏيو يا لکيو وڃي ٿو).
اگهم ڪوٽ ۾ مدفن بزرگن جي حوالي سان تحفةالڪرام (ص 408) تي درويش دائود ۽ ميان همون جو ذڪر هن ريت لکيو آهي “هر هڪ (درويش دائود ۽ ميان همون) اسماعيل سومري جو همعصر هو. هر هڪ جي مدرسي ۾ اٽڪل 500 ماڻهو قرآن (شريف) جي قرآت ۾ مشغول رهندا هئا. جن جي خوراڪ ۽ پوشاڪ جو انتظام پنهنجي طرفان ڪندا هئا”
تاريخ طاهري (ص 54) “سومرن جي پوين مان ڪي اهڙا ماڻهو به پيدا ٿيا، جيڪي سچا مسلمان، درويش ۽ ولي هئا، انهن مان درويش دائود، ميان همون ۽ ميان اسماعيل سومرو. جيڪو سماواتي پرڳڻي جي اگهم ڪوٽ جو رهواسي ۽ مشهور بزرگ ٿي گذريو آهي. سندس مدرسي ۾ پنج سئو حافظ قرآن جي تلاوت ڪندا هئا”.
لاڙ جي ادبي ۽ ثقافتي تاريخ (ص 358) “اگهم ڪوٽ وارو مدرسو، لاڙ ۾ گهڻو برک مدرسو هوندو هو. جتي پنج سو کن شاگرد قرآن شريف جي تعليم وٺندا هئا. انهن جي کاڌي خوراڪ، رهائش ۽ لباس جو خرچ سومرا سردار ڀريندا هئا”.
انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جلد نائون (سنڌ نمبر) ص 499 تي لکي ٿو ته “اگهم ڪوٽ کي اگهاماڻو به سڏيندا هئا. سومرن جي دور ۾ هتي وڏو علمي مدرسو هو، جنهن ۾ اٽڪل پنج سو کن شاگرد قرآن شريف ۽ ٻين ديني علمن جو درس وٺندا هئا. شاگردن جي رهائش، کاڌ خوراڪ ۽ ڪپڙي لٽي جو بار سومرو درويش ميان دائود، ميان حمل ۽ ميان اسماعيل برداشت ڪندا هئا”.
ڊاڪٽر عبدالواحد سومري سان جڏهن ان حوالي سان ڳالهه ٻولهه ٿي هئي ته ڊاڪٽر صاحب به ٻڌايو ته، درس داد اصل ۾ ذات جو سومرو آهي، درس ان ڪري سڏيو ويو آهي جو اهي درس تدريس جو ڪم ڪندا هئا. جيئن سنڌ ۾ ٻيو به ڪيتريون ذاتيون آهن جيڪي خاص ڪنهن ڪرت سبب وجود ۾ آيون آهن.
مٿين ڏنل عبارتون مقامي ماڻهن جي ان ڳالهه کي وزنائتي بنائين ٿيون ته درويش درس داد، قرآن پاڪ جو درس ڏيندو هو جنهن سبب درويش کي “درس داد” جو لقب مليل آهي.
وڌيڪ ٻڌايائون ته درويش درس داد کي “سوا لک ولين جو قاضي” جو به لقب مليل آهي. جنهن لاءِ درگاهه جي خليفي احمد درس ٻڌايو ته جڏهن مرشد غوث بهاؤالدين زڪريا ملتاني سنڌ جي مريدن کان ڪاوڙجي ويو هو ته ان کي پرچائڻ لاءِ سائين درس داد، ملتان وڃي سائين جن کي پرچائي آيو هو جنهن سبب سائين کي “سوا لک ولين جو قاضي” جو لقب مليل آهي.
انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جلد نائون (سنڌ نمبر) ص 349 “سومرن جي دور ۾ اسان کي شاهه حسين اپلاڻي – پيرپٺي (وفات 1248ع/646ھ) جا ڪجهه بيت ملن ٿا، جيڪو غوث بهاءُالحق زڪريا ملتاني جو مريد ۽ همعصر هو”.
محترم ابوبڪر شيخ، پيرپٺي بابت پنهنجي لکيل ڪالم ۾ لکي ٿو ته “تحفةالڪرام جي روايت آهي ته شيخ صاحب (پيرپٺو) ان غار ۾ رهندو هو (جتي هاڻي مقبرو ٺهيل آهي). هڪ دفعو بهاءُالدين ذڪريا ملتاني پنهنجي دوستن سان گڏ هتان گذريو هو. ان سان لعل شهباز قلندر به گڏ هو. اهي جڏهن هتان گذريا ته انهن کي خبر پيئي ته هن جبل ۾ قيمتي لعل لڪيو ويٺو آهي. ان تلاش ۾ اهي غار ۾ ويا ۽ پيرپٺي کي گمنامي جي گوشي مان ڪڍي پنهنجي مريدي ۾ آندو.”
انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جلد ٽيون (ص339) تي لکي ٿو ته “پيرپٺو، پنهنجي دور جو وڏو اهل الله درويش ٿي گذريو آهي. هن وقت جتي سندس مقبرو ٺهيل آهي، اتي هڪ غار ۾ الله جي عبادت ۾ مشعول رهندو هو، هو خلوت پسند هو ۽ آباديءَ جو رخ گهٽ ڪندو هو، روات موجب هڪ ڏينهن شيخ بهاءُالدين ملتاني ۽ قلندر لعل شهباز سير سفر دوران ان پهاڙ وٽ اچي ڪجهه دير آرام ڪيو، جتي پيرپٺي، شيخ بهاءُالدين کان ذڪر جي تلقين ورتي ۽ قلندر لعل شهباز جو به عقيدتمند بڻيو”.
منهنجي ڏاڏي هڪ ڏند ڪٿا ٻڌائيندي هئي ته پيرپٺو ۽ پير درس داد ٻئي پاڻ ۾ دوست هئا. ڪنهن ڳالهه تي منجهن رنجش پيدا ٿي پيئي ۽ هڪ ٻئي کي ڏوراپا ڏنائون. پيرپٺي، پير درس داد کي چيو ته تنهنجي قبر مٿان ڪڏهن ڇاپرو نه ٺهندو، جڏهن ته پير درس داد، پيرپٺي کي چيو ته تنهنجي قبر تي ڪڏهن لنگر (خير خيرات) نه ٿيندو.
اها اهڪ ڏند ڪٿا آهي جيڪا منهنجي ڏاڏي اڪثر ٻڌائيندي هئي، اڄ به انهن ڳالهين جو مشاعدو ڪريون ته ڳالهه صاف نظر اچي ٿي. پير درس داد جو تمام سهڻو مقبرو ٺهيل آهي پر مٿان ڇت ٺهيل ناهي. پير درس داد جو مقبرو بلڪل ائين ٺهيل آهي جيئن سمي حاڪم ڄام نظام الدين جو مقبرو ٺهيل آهي. جڏهن ته پير پٺي جي درگاهه تي عرس جي موقعي تي لنگر ناهي ٿيندو. پيرپٺي جي پاسي ۾ سخي جميل شاهه ڏاتار گرناري جي درگاهه آهي اتي عرس جي موقعي تي شاندار لنگر ٿيندو آهي جيڪو ٽي ڏينهن تائين هلندو آهي.
لاڙ جي ادبي ۽ ثقافتي تاريخ (ص 388) تي لکي ٿو ته “پير پٺو، لعل شهباز قلندر ۽ شيخ بهاؤالدين زڪريا ملتاني ساڳي دور جا آهن”.
مٿين ڏند ڪٿا توڙي هن لکت مان اهو صاف ظاهر آهي ته اهي چارئي بزرگ پير پٺو، لعل شهباز، غوث بهاؤالدين زڪريا ملتاني ۽ درس داد هڪڙي ئي دور جا آهن.
ڪراچي سنڌ جي مارئي (ص 21) تي محترم گل حسن ڪلمتي لکي ٿو ته “ڏند ڪٿائن جو هجڻ به هن ڳالهه جي ثابتي آهي ته هتي ڪجهه نه ڪجهه ضرور ٿيو هوندو جو اهي ڏند ڪٿائون وجود ۾ آيون آهن”.
مڪلي نامه (ص 694) “ڪلان ڪوٽ سان لڳ هڪ ڍنڍ آهي، جنهن کي دائود داد درس جي ڍنڍ سڏيو وڃي ٿو. پاڻ درويش ڍنڍ جي ڀڪ تي مدفون آهن”. وڌيڪ لکي ٿو ته “درويش داد درس جي درگاهه جي ڀڪ ۾ درويش سيد حليم مدفون آهي”. ساڳيو ڪتاب (ص 32) “ملا دائود داد درس: طغرل آباد کان ٻه ٽي ڪوهه پري پهاڙي جي ساڳي شاخ تي ملا دائود درس جي درگاهه آهي”.
هن مان ٻه ڳالهيون صاف ظاهر آهن هڪ ته درس داد جو اصل نالو دائود آهي جڏهن ته ٻي ڳالهه ته درس داد جي پاسي ۾ سيد حليم مدفون آهي. جنهن کي اڄڪلهه مقامي ماڻهو “لال حليم” جي نالي سان سڃاڻين ٿا.
درگاهه درس داد واري مقام ۾ درس داد کان علاوه سيد حليم، پير حيدر، ٺٽي جو جيد عالم مولوي محمد هاشم کٽي، منهنجو (راقم جو) تڙ ڏاڏو درويش مٺو فقير کان علاوه هزارين ماڻهو ابدي آرامي آهن. هن مقام جو جڏهن مون (بابا سائين ۽ درگاهه جي خليفي سائين عيسيٰ درس سان گڏجي) مشاهدو ڪيو ته درس داد واري مقبري جي لڳ اڀرندي پاسي ٻه پراڻي دور جي پٿر جون قبرون مليون، جن تان ڪافي وقت گذرڻ سبب نشان مٽجي چڪا آهن. جڏهن ته انهي مقبري جي ڏکڻ ۾ هڪ ڄار جي وڻ ۾ پٿر جي قبر ملي جنهن تي ڍال ۽ تلوار جا نشان اڪريل هئا. جڏهن ته ساڳي مقام ۾ درگاهه پير حيدر جي ڏاکڻي پاسي ٻه پٿر جون قبرون آهن، جن کي مقامي ماڻهو “مس مُيون” چوندا آهن، انهن ۾ هڪڙي عورت جي ۽ هڪ مرد جي قبر آهي. حيرت جي ڳالهه ته ٻنهي قبرن تي قرآن پاڪ جون آيتون لکيل آهن پر اهي به ابتيون. جيڪي مون صرف اتي ۽ انهن قبرن تي ڏٺيون آهن. قبرن جي پيراندي سنه 1288 لکيل آهي. هاڻي 1288، هجري آهي يا عيسوي؟؟ اهو ظاهر ناهي.
مڪلي غلام الله روڊ تي درگاهه درس داد کان ميل کن جي پنڌ تي روڊ جي بلڪل لڳ هڪڙي درگاهه آهي جنهن کي مقامي ماڻهو “بولي شاهه يا بولا شاھ” چون ٿا پر جيترو منهنجو نظريو آهي ته اهو ساڳيو درويش آهي جنهن کي تحفةالڪرام (ص 409) تي درويش عمر بودلو ڪري لکيو آهي.
“درويش عمر بودلو: هڪڙو مجذوب مطلق ۽ خدا سان واصل هو. پهريائين ماڻهن کان ٽهندو ۽ جهنگ ۽ جبل ۾ وقت گذاريندو وتندو هو. پوين ڏينهن ۾ اچي اگهم جي ڳوٺ ۾ رهيو، پنهنجي خواه پنهنجي سامان جي ڪابه خبر ڪانه هوندي هيس. جڏهن به ڪو ماڻهو ڪنهن ڪم سان سندس خدمت ۾ پهچندو هو ته مرادون حاصل ڪري موٽندو هو. درويش ونهيون، جنهن جو بيان مٿي ٿي آيو آهي، ساڻس مريدن جهڙيون صحبتون ڪندو هو، اتي ئي دفن ٿيل آهي”. ٿي سگهي ٿو ته بودلو لفظ بعد ۾ ڦري بولو ۽ بولي ٿي ويو آهي. باقي ٿي سگهي ٿو ته درويش عمر بودلو سيدزادو هجي.
ائين به ٿي سگهي ٿو ته اسان جي ليکڪن اگهم ڪوٽ ۽ اگهاماڻي ۾ مدفن درويشن کي هڪڙي هنڌ تي ڪري لکيو آهي جنهن سبب تاريخ ۾ مونجهارو آهي ڪجهه بزرگ اگهم ڪوٽ جا آرامي آهن ۽ ڪجهه ٿي سگهي ٿو ته اگهاماڻي جا هجن. هتي اها به وضاحت لازمي ته تحفةالڪرام جتي به لکيو آهي اگهم ڪوٽ ڪري لکيو آهي، اگهاماڻو ناهي لکيو.
سائين درس داد جي درگاهه جي لڳ ڏهاڪو سال پهرين زمين کيڙي وئي ته اتان ڪافي مقدار ۾ سڪا، جنڊيون ۽ ٻيو ڪافي ٺڪراٽو به مليو هو پر افسوس اسان جي ماڻهن ان طرف ڪو ڌيان ڪونه ڏنو. غلام الله سان تعلق رکندڙ سينيئر صحافي محترم پيرل پياسي ملاح مون کي ٻڌايو ته جڏهن اهي آثار ظاهر ٿيا هئا ته اسان ان جي باري ۾ رپورٽون به هلايون هيون پر سال ياد ناهي. ٿي سگھي ٿو ته جتان سڪا مليا اهي اگھم ڪوٽ جا هجن. فتحنامه سنڌ (ص 222) “ سليمان بن نيهان قريشي کي حڪم ڪيائين ته توکي پنهنجو لشڪر وٺي راؤڙ جي قلعي جي مقابل لڙائي لاءِ وڃڻ گهرجي ته جيئن ڏاهر جو پٽ گوپي، پيءُ جي مدد تي نه اچي. سليمان ڇهه سو ماڻهو ساڻ وٺي لڙائي تي ويو. وري عطيه تغلبي پنج سو ماڻهن سان اگهم جي رستي تي مقرر ڪيائين.” هتي اها ڳالهه به ثابت آهي ته جڏهن محمد بن قاسم راؤڙ واري قلعي تي حمله آور ٿيڻ وارو هو ته عطيه تغلبي کي پنج سو ماڻهن سان اگهم جي رستي مقرر ڪيائين. ان مطلب ته اگهم ڪوٽ، راؤڙ واري قلعي کي ويجهو هو. راؤڙ وارو قلعو منهنجي اباڻي ڳوٺ جي پاسي ۾ آهي ۽ غلام الله جو شهر منهنجي ڳوٺ کان ڏھاڪو کن ميلن جي فاصلي تي آهي.
تحقيق جا دروازه کليل آهن اگر ڪو دوست منهنجي ان ڳالهه سان سهمت ناهي ته ان کي اجازت آهي ته اهو ڀلي ان ماڳ تي تحقيق ڪري. باقي اگهم ڪوٽ لاءِ جيستائين غلام الله واري پاسي جي جن ماڳن جو مون ذڪر ڪيو آهي انهن جي کوٽائي ۽ تحقيق ٿيڻ کان پوءِ ئي ماڳ جو صحيح تعين ڪري سگھجي ٿو پر اها ڳالهه واضع آهي ته اگھم ڪوٽ موجوده ٺٽي ضلعي جي حدن ۾ اچي ٿو. اميد ته هاڻي ماتلي واري ماڳ کي اگھاماڻو لکيو ويندو ۽ اگھم ڪوٽ کي ٺٽي ۾ لکيو ويندو.
فتحنامه (ص 61) تي راجا چچ پاران برهمڻ آباد تي قبضي کان پوءِ پروهت سان ملاقات جو احوال ڏنل آهي.
ساڳي ڳالهه “سنڌ جا قديم آثار (ص 28) تي برهمڻ آباد جي فتح کان پوءِ لکي ٿو ته “سو چچ قسم کنيو هو ته، جڏهن به موقعو مليو ته هو ان پروهت (جنهن کي شمني جو نالو به ڏنل آهي) جي کل لاهڻ جو حڪم ڏيندو. چچ کي اهو موقعو ملي ويو. جنهن شمني سان سندس وهار ۾ ملڻ جو بهانو بنايو. جيڪو شهر کان ٿورو پري هو. پر جهڙي ريت هن کيس قتل ڪرڻ جو بندوبست ڪيو هو تهڙي ريت ڪري نه سگهيو”.
انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا (جلد نائون) سنڌ نمبر (ص 312) ۾ به مٿي ساڳي ڳالهه لکيل آهي. “ ٻنهي (چچ ۽ پروهت) ۾ گفتگو ٿي. چچ کي پروهت کي مارائڻ جي همت نه ٿي. کانئس دعائون وٺي کيس برهمڻ آباد ۾ ڪو سرڪاري عهدو قبول ڪرڻ لاءِ عرض ڪيائين پر پروهت (شمني) انڪار ڪيو. البت راجا چچ کي ٻڌنوهار جي مرمت لاءِ چيائين. جنهن جي تعمير جو انجام ڪري چچ برهمڻ آباد موٽي آيو. هت هي ڳالهه به نوٽ ڪرڻ گهرجي ته اگهم جو ماڳ لاڙ ۾ هو جو پوءِ سندس نالي جي نسبت سان اگهم ڪوٽ ۽ اگهاماڻي سڏجڻ ۾ آيو. ان بعد راجا اگهم ڪوٽ مان برهمڻ آباد واپس آيو”.
هتي ڪافي ڳالهيون اسان کي سڌ به ڏين ٿيون ته ڪافي مونجهارا به اڳيان اچن ٿا.
راءِ گهراڻي جي دور ۾ برهمڻ آباد جو حاڪم اگهم لوهاڻو هو. جنهن راجا چچ جي تابعداري قبول نه ڪئي. جڏهن سال کن کان پوءِ اگهم طبعي موت مئو ته ان جي پٽ راجا چچ جي تابعداري قبول ڪئي ۽ برهمڻ آباد جو قلعو راجا چچ جي حوالي ڪيائين. برهمڻ آباد جي فتح کان پوءِ راجا چچ، پروهت (شمني) کي مارڻ لاءِ ٻڌنوهار ويو، ڇو ته راجا چچ کي پڪ ٿي ته پورو سال جيڪا جنگ اينگهه ڪئي ان جي پٺيان ان پروهت (شمني) جو هٿ هو.
انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا وارن جي موجب شمني کي مارڻ جو ارادو ترڪ ڪري راجا چچ اگهم ڪوٽ مان برهمڻ آباد آيو. اگر اگهم ڪوٽ موجوده ماتلي ۾ آهي ۽ برهمڻ آباد موجوده سانگهڙ ۾ آهي ته شمني ايترو پري ڇو ويٺو هو ۽ راجا چچ اگهم ڪوٽ مان واپس برهمڻ آباد ڇو آيو؟؟؟؟؟؟
دراصل نه برهمڻ آباد، موجوده سانگهڙ ضلعي ۾ آهي ۽ نه ئي اگهم ڪوٽ موجوده ماتلي ۾ آهي. برهمڻ آباد جو قلعو موجوده ڪلان ڪوٽ جو قلعو آهي ۽ اگهم ڪوٽ جو قلعو موجوده وقت ۾ ان جڳهه تي هو جتي هن وقت پير درس داد جي درگاه آهي.
سنڌ جا ڪوٽ ۽ قلعا (ص 197) تي ڪلان ڪوٽ جي پاسي ۾ مدفن بزرگن جي حوالي سان لکي ٿو ته “دائود درس: ملان دائود درس به هتان (ڪلان ڪوٽ) جو هو. ڪلان ڪوٽ کان ڪجهه ميل پري سندس مزار آهي. سندس درگاهه ۾ هڪ مسجد به آهي، اتي هر سال وڏو ميلو لڳندو آهي”.
ڪيپٽن جئمس مئڪمرڊو پنهنجي ڪتاب سُکاري سنڌ ڏکارا ماڻهو (ص 65) تي لکيو آهي ته “اگهم ڪوٽ کي ڪلان ڪوٽ به سڏيو ويندو آهي”. ڪلان ڪوٽ کي اگهم ڪوٽ ڪهڙي بنياد تي لکيو آهي اها ڳالهه ٿوري سمجهه کان ٻاهر آهي. پر هن مان هڪڙي ڳالهه ته صاف واضع آهي ته اگهم ڪوٽ ۽ ڪلان ڪوٽ هڪ ٻي جي ڪافي ويجها هئا جنهن سبب ڪئپٽن صاحب ائين لکيو آهي.