ضميمو (ڪتاب: راؤڙ / رياتڙو)
هڪڙي ڳالهه اها ته ڀٽائي سرڪار جي رسالي ۾ اسان کي ٽيئي لفظ (راءَ، راءِ، راءُ) ملن ٿا ۽ وڏي ڳالهه ته سڀني جي معنيٰ به ساڳي نڪري ٿي يعني راجا يا بادشاھ.
رازُ ڪَيائيِن راءَ سين، ڪَنهن موچارِيءَ مَهَلَ. (سُر سورٺ، 4.2)
تَـڙُ تَماچي ڄامَ جو، تَماچي تَـڙَ راءِ. (سُر ڪاموڏ، 25.1)
تُون ڍاٽي، ڍَٽَ ڌڻَي، تُون راڻو، تُون راءُ. (سُر مومل راڻـو، 9 وائـي)
ان لفظ “ راءَ/راءِ/راءُ” جي معنيٰ ڊاڪٽر محمد عالم سومري “راجا، بادشاھ” ڪڍي آهي. جڏهن ڊاڪٽر بلوچ صاحب، جامع سنڌي لغات جلد ٽيون (ص 309) ”راءِ” لفظ لاءِ لکي ٿو ته ڏسو لفظ “راءُ”. ساڳي ڪتاب ۾ ساڳي صفحي تي لفظ “راءُ” جي حوالي سان لکي ٿو ته، “راءُ جمع راءَ”. جنهن جي معنيٰ لکي ٿو ته “راجا، حاڪم. هندو حاڪمن جي نالي پٺيان ڪم ايندڙ لفظ، معزز هندو کي سرڪار طرفان مليل خطاب “راءِ بهادر”.
جڏهن ته ٻي لفظ “تڙ” لاءِ شاهه صاحب فرمائي ٿو ته
“تُـون تَمـاچِـي تَــڙَ ڌڻِـي، آئُـون گَـندِرِي غَـرِيـِبِ”، سُر ڪاموڏ (7.1)
تڙ ڌڻي مطلب تڙ جو ڌڻي، پاڻي جو مالڪ، ملڪ جو مالڪ. (روشني، ص70) ڇو ته ڄام تماچي سما دور جو حڪمران رهي چڪو آهي. جڏهن ته ساڳي لفظ “تـڙ” جي معنيٰ ڊاڪٽر بلوچ صاحب، جامع سنڌي لغات جلد ٻيو (ص 77) “ڪنارو-ڪنڌي. ڪنهن واھ، درياءَ وغيره جو ڪناري واري اهو هنڌ جتان پاڻي ڀرجي، وهنججي يا چوپائي مال کي پاڻي پيارجي – گهيڙ - گهاٽ. ٻيڙين بيهڻ جي جاءِ – پتڻ. اهو هنڌ جتي مڇي ماري گڏ ڪئي وڃي. مياڻ. جر تائين پهتل کوھ. کوھ. کوهه وارو ڳوٺ. پاڻي جي کڏ. جوءِ – ٿاڪ. ميدان. پوٺو”. “تڙ جي معنيٰ بندر به آهي (روشني، ص 70)”. ٿي سگهي ٿو ته اتي پتڻ يا بندر به هجي، راءُ تڙ يعني راجا جو بندر. بعد ۾ جڏهن اتي قلعو ٺهيو ته ان کي به ساڳيو نالو ڏنو ويو. جيئن انگريز دور ۾ راجا جي ريل مشهور هئي. سڀ کان اهم ڳالهه ته سُر ڪاموڏ جي هيٺين بيت ۾ ٻئي لفظ ملن ٿا.
تَـڙُ تَماچي ڄامَ جو، تَماچي تَـڙَ راءِ. (سُر ڪاموڏ، 25.1)
هن بيت ۾ گڏيل طور لفظ راءُ تڙ / راؤ تڙ جي معنيٰ “راجا / بادشاهه جو ملڪ يا تخت، راجا جو پتڻ، بادشاهه جو ٿاڪ وغيره” نڪري ٿي. بقول سائين مارو خشڪ جي ته شايد فارسي ۾ ت حذف ٿي ويو هوندو، باقي “راؤڙ” لفظ رهجي ويو هجي. عربي ۾ ڙ جو اکر ناهي ان ڪري انهن راؤر لکيو آهي. ٻي اهم ڳالهه ته اسان جي سنڌي ٻولي شاهوڪار ٻولي آهي، جنهن ۾ ) ءُ ( يا ) ؤ ( اکر هڪڙو ئي اچار ڏين ٿا.مثال علاؤالدين نالو ٻنهي صورتن ۾ لکيو ويندو آهي (علاؤالدين يا علاءُالدين). ائين به ٿي سگهي ٿو ته راجا چچ پاران ٺاهرايل قلعي کي سرڪاري نالو “راؤتـڙ” ڏنو ويو هوندو ۽ راؤتـڙ ٺيٺ سنڌي نالو آهي پوءِ جڏهن اسان جي تاريخ کي عربي يا فارسي ۾ لکيو ويو ته انهن راؤڙ/ راؤر ڪري لکيو. ڪافي لفظ اهڙا آهن جن کي اسان ٽوڙي موڙي ڳالهائيندا آهيون. وڏو مثال ته دنيا ۾ سڀ کان پيارو ۽ سڀ کان وڌيڪ رکيو ويندڙ نالو “مٺي مُرسل جو نالو محمد” آهي پر افسوس جو ان نالي کي به اسان جا ماڻهو “مامد” ڪري وٺندا آهن. ان ڪري چئي سگهجي ٿو ته رياتڙو، راؤڙ جو بگڙيل اچار آهي.
هڪ ٻيو ثبوت هن ريت به ملي ٿو ته، ڀٽائي سائين، سُر مارئي ۾ فرمائي ٿو ته “نڪا جهل نه پل، نڪو رائر ڏيهه ۾”. بابا سائين جي پياري دوست محمد حسن راهمون وٽ هٿ سان لکيل شاهه جو رسالو فوٽو ڪاپي جي صورت ۾ موجود آهي، ان ۾ ساڳيو بيت هن ريت لکيل آهي ته “نڪا جهل نه پل، نڪو رائڙ ڏيهه ۾”.ان ڪري چئي سگهجي ٿو ته رائر ۽ رائڙ لفظ ساڳيا آهن. رائـرُ جي معنيٰ ڊاڪٽر بلوچ، جامع سنڌي لغات (جلد ٽيون، ص 310) ۾ هن ريت لکي آهي “رائـرُ: ڏن، ڍل، سنگ اهو محصول جو بادشاهه پنهنجي تابع مُلڪن يا سردارن کان وٺي “نڪا جهل نه پل، نڪو رائر ڏيهه ۾ (شاھ)، سمنڊ، بحر”. ٿي سگهي ٿو ته راؤڙ جي قلعي وٽ محصول ورتو ويندو هو جنهن ڪري ان قلعي کي ٺيٺ سنڌي ۾ “رائڙ جو قلعو” جو نالو ڏنو ويو جيڪو بعد ۾ عربي ۽ فارسي ۾ “راؤڙ / راؤر جو قلعو” ڪري لکيو ويو.
راؤڙ جي ماڳ تي 10 رمضان 93هه مطابق 20 جون 712ع تي عرب ۽ ڏاهر جي وچ ۾ فيصله ڪن جنگ لڳي هئي. جنهن ۾ راجا ڏاهر مارجي ويو هو. اهو ماڳ منهنجي اباڻي ڳوٺ محمد هاشم ڪاتيار لڳ ٻاٻڙا، يوسي پليجاڻي (اڳوڻي يوسي گجو)، تعلقو ميرپور ساڪرو ضلع ٺٽو جي پاسي ۾ آهي. وڌيڪ تفصيل لاءِ پڙهندا منهنجو پهريون ڪتاب “راؤڙ/رياتڙو”. جيڪو سنڌ سلامت ڪتاب گهر تي آنلائن يا ڊائونلوڊ ڪري به پڙهي سگهجي ٿو.
www.sindhsalamat.com يا books.sindhsalamat.com