لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق

برهمڻ آباد / ڪلان ڪوٽ

ٺٽوي ڪاتيار جي ڪيل تحقيق سان ڪافي گم ٿيل ماڳن کي ڳولڻ ۾ مدد ملندي، خاص ڪري راؤڙ، برهمڻ آباد، منصوره، محفوظه، ساوندي، بهرور، دهليله، ڪلري واهه ۽ ٻين ماڳن بابت ڪافي بحث ڪيل آهي. هن نيون کوجنائون ڪيون آهن، جنهن لاءِ هن وٽ دليل به آهن. هو هوائي ڳالهيون نٿو ڪري. ٺٽوي ڪاتيار سان اختلاف هجي ته ڪوبه محقق وڌيڪ ٺوس دليلن ۽ ثبوتن سان اچي ته هڪ صحتمند بحث جڙي سگهي ٿو. هن جي ڪم تي ڇنڊڇاڻ کانپوءِ اسين ڪنهن نتيجي تي پهچنداسين.
Title Cover of book برهمڻ آباد / ڪلان ڪوٽ

باب پنجون: ساوندي يا ٿرڙي (گجو)

تاريخي ڪتاب لکن ٿا ته برهمڻ آباد جي فتح کانپوءِ محمد بن قاسم اڳتي منزل کنئي ته ساوندي جي آس پاس جي ماڻهن دهلن ۽ شرنائين سان عربن جو استقبال ڪيو. ساوندي جنهن کي تحفةالڪرام ٿرڙي جو نالو ڏنو آهي ان لاءِ تاريخي ڪتابن ۾ ڪجهه هن ريت مواد ملي ٿو.
تحفةالڪرام (ص 46) “ٿرڙي جي آسپاس جي سمن ماڻهن گڏ ٿي دهلن ۽ شرنائين سميت خدمت ۾ حاضر ٿي ناچ شروع ڪيو. (هيٺ حاشيه ۾ مترجم لکي ٿو ته فتحنامي ص 217-218 ۾ هيءُ نالو ساوندي ڄاڻايل آهي)
تاريخ معصومي (ص 62) “ ٿريءَ جي آسپاس جي ۾ رهندڙ سما ماڻهو گڏجي دهلن ۽ شرنائين سان محمد بن قاسم جي خدمت ۾ حاضر ٿيا”.
فتحنامه سنڌ ۽ سنڌ عرب دور ۾ لفظ ساوندي ڄاڻايل آهي مطلب ته هنن ڪتابن ۾ ڄاڻايل آهي ته ساوندي سمه جي آسپاس جي ماڻهن عرب فوج جو دهلن ۽ شرنائين سان استقبال ڪيو. فتحنامه سنڌ جي ٻي حصي “اشارا ۽ واڌارا، ص 510” تي بلوچ صاحب لکي ٿو ته “ساوندي سمه مطلب سمن جو شهر ساوندي”.
لاڙ جي ادبي ۽ ثقافتي تاريخ (ص 188) “محمد بن قاسم جڏهن لاڙ ۾، سمن جي حدن ۾ داخل ٿيو تڏهن اهي ماڻهو پنهنجي قديم پَر پٽاندر، نچندا، ٽپندا، ڳائيندا ۽ وڄائيندا هن جي آجيان لاءِ آيا. انهيءَ مان ظاهر آهي ته ناچ جو فن، لاڙ ۾ ، اسلام جي اچڻ کان اڳ به جاري هو”.
محترم بدر ابڙو صاحب پنهنجي ڪتاب “ماڻهو” (ص 365) تي لکي ٿو ته “جيئن ته ٿرڙ ٽڪريءَ تي انساني سرگرميءَ جا نشان پٿر جي پڇاڙڪي ۽ آمري دور کان، ٻُڌڪي زماني، اوائلي مسلم دور، ڪلهوڙن جي دور ۽ هاڻوڪي زماني تائين هر وقت جا ملن ٿا، تنهن ڪري تجويز ڪري سگهجي ٿو ته ٿرڙ ٽڪري گهٽ ۾ گهٽ ڏهاڪو کن هزار سال اڳ سمنڊ جي گهيري مان آزاد ٿي چڪي هئي ۽ ان سان گڏوگڏ درياهه نئون جاگرافيائي ماحول ٺاهڻ ۾ جنبي ويو هو، جنهن ڪري ٿرڙو ٽڪريءَ تي هوريان هوريان انساني سرگرمي به شروع ٿي وئي”.
راجا چچ جي زال جو نالو فتحنامه ۾ “سونهن ديوي” لکيل آهي. جيڪا پهرين راءِ سهاسي جي زال هئي. مولائي شيدائي، جنت السنڌ (ص 73) تي راءِ سهاسي جي راڻي جو نالو شوڀا ديوي (سُهندي) لکيو آهي”. جڏهن ته انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، جلد اٺون (س 2، ص 253) تي راجا ڏاهر جي ڀاڻيجي جو نالو “سُهندي برهمڻ” ڪري لکيو آهي. انڪري چئي سگهجي ٿو ته ساوندي، راڻي سونهن ديوي يا سُهندي برهمڻ جي نالي جي بگڙيل صورت هجي. يونين ڪائونسل گجو ۾ هڪڙي ديهه جو نالو به “سونهري” آهي (ٿي سگهي ٿو ته پهرين اصل لفظ سُهندي مان ڦري سُهنري ٿيو هجي، جيڪو بعد ۾ تبديل ٿي سونهري ٿيو. جيئن ميدالبحر مان لفظ ڦري ميربحر ٿيو آهي. (جنهن جو ثبوت هن ڪتاب جي باب اٺين ۾ آهي).
سنڌ جي قديم آثارن جي ڊائريڪٽري (ص 78) لکي ٿو ته سنڌ ۾ موهن جي دڙي کان قديم ماڳ اگر سنڌ ۾ آهي ته اهو ٿرڙي آهي. ساڳي ڳالهه محترم بدر ابڙو صاحب پنهنجي ڪتاب “ماڻهو” (ص 363) تي هن ريت لکي آهي ته “ٿرڙو: موهن جي دڙي کان به پراڻي لکت وارو ماڳ”. افسوس جهڙي ڳالهه آهي ته اهڙي قديمي ماڳ کي اسان وٽ ڪابه اهميت ناهي ڏني وئي.
محترم رُڪ سنڌي پنهنجي ڪتاب “سنڌ سڀيتا جي اوسر (اوائل کان 1500 ق-م)” (ص 49) تي لکي ٿو ته “انهن ٽن ( لاکين جو دڙو، مهر ڳڙهه ۽ ڪلي گل محمد) پراڻن ماڳن کان سواءِ باقي شهر ۽ ڳوٺ سنڌو سڀيتا جي ٻن مشهور دورن سان واسطو رکن ٿا. جنهن ۾ اوائلي دور “ڳوٺاڻي ثقافت” جي نالي سان سڏجي ٿو. جيڪو 3500 ق – م کان 2300 ق- م جو آهي ۽ ٻيو سنڌو سڀيتا جي عروج واري دور “شهري تمدن” جي نالي سان سڏجي ٿو. جيڪو 2500 ق – م کان 1500 ق – م جو آهي.”
ساڳي ڪتاب ۾ (ص 71) تي ٿرڙي گجو بابت لکي ٿو ته “ٿرڙي گجو، “ڳوٺاڻي ثقافت” جو دور جو هڪ ڳوٺ آهي. جيڪو ٺٽي شهر کان ڏهاڪو کن ميل اولهه طرف آهي. آثار قديمه جي ماهر ايڇ ٽي ڪزنس کي هتان نئين پٿر واري دور جي آباديءَ جا دلچسپ آثار مليا آهن. هيءُ ڳوٺ ان ٻه واٽي تي آهي، جيڪو ستڪاجن در، بالاڪوٽ، عالماڻو کان ٿيندو، ٿرڙي گجو وٽان لنگهي، نهٽي ۽ ڪڇ جي ٻين شهرن ڏانهن وڃي ٿو. هيءُ ٻه واٽو به مکيه واپاري رستو هو. جنهن رستي اولهه سنڌو ماٿر جي ملڪن سان ڪاٺياواڙ ۽ ڪڇ جو خشڪيءَ رستي واپار هلندو هو.
هيءُ ڳوٺ به ڪوٽڏجي، ڪوهٽراس بٺي ۽ ڳاڙهي ڀڙي وانگر هڪ ڪوٽ جي اندر آهي. هن قلعي جون ڀتيون ٻٽيون هئڻ ڪري ڪافي ٿلهيون آهن. قلعي جون ڪمانون بهتر قسم جون ٺهيل آهن ۽ قلعي جي چوڙائي 250 فوٽ آهي”.
لاڙ جي ادبي ۽ ثقافتي تاريخ (ص 37) “گجو، هاليجي ڍنڍ جي ڪناري تي پراڻو ڳوٺ آهي. هتان ٻه ميل پري اولهه طرف “ٿرڙي” جا کنڊر آهن. جتي شيخ ترابي بزرگ جي درگاهه آهي. هتي ٿرڙي جي ٽڪري تي پٿر جي دور جا آثار به لڀن ٿا”.
هن مان اها ڳالهه صاف ظاهر آهي ته ان قديم ماڳ جو اصل نالو ٿرڙي يا ٿرڙو آهي پر راجا چچ جي زماني ۾ ان ماڳ کي راڻي سوهندي يا راڻي سونهن ديوي جي نالي سان منسوب ڪيو ويو هجي جيڪو بعد ۾ تبديل ٿي ساوندي ٿي ويو. پر اها ڳالهه واضع ٿيئي ٿي ته ٿرڙي ۽ ساوندي هڪڙي ئي ماڳ جا ٻه نالا آهن. اهي تاريخي ماڳ موجوده ٺٽي ضلعي جي تعلقي ميرپور ساڪري جي يوسي گجو ۾ گجي شهر کان ڪجهه ميلن جي مفاصلي تي اڄ به يادگار آهي.
اسان جا تاريخدان لکن ٿا ته برهمڻ آباد موجوده سانگھڙ ۾ آهي. جيڪڏهن اسان ان ڳالهه کي تسليم ڪريون ته پوءِ محمد بن قاسم سانگھڙ مان واپس ٺٽي ڇو آيو جو ٿرڙي (جنهن کي ڪجهه ڪتاب ساوندي به لکن ٿا) جي آسپاس جي ماڻهن محمد بن قاسم جو دهلن ۽ شرنائين سان استقبال ڪيو.
ٿرڙي لفظ کي به ڪافي منجهايو ويو آهي. ٿرڙي جي نالي توڙي ان جي ماڳ کي به اسان وٽ ڪافي منجهايو آهي. مثال ٿرڙي کي ٿري يا ٺري لکڻ. تحفةالڪرام (ص 97) تي لکي ٿو ته “سومرن ماڻهن ٿرڙي جي آسپاس مان ماڻهو گڏ ڪري، “سومرو” نالي هڪ ماڻهو کي حڪومت جي گادي تي ويهاريو.”
ٿرڙي جو قلعو موجوده ٺٽي ضلعي ۾ گجي کان ٻه ميل اولهه پاسي آهي اسان جي ڪجهه محققن جو خيال آهي ته سومرا صرف بدين تائين محدود هئا. انڪري اهي ٿرڙي کي ٿري سمجهي صرف موجوده بدين ۾ ڳوليندا آهن. محترم عثمان راهوڪڙي پنهنجي ڪتاب، سُڪو سنڌو ڪنارا رنا (ص 58) تي لکي ٿو ته “سنڌ ۾ پهرين سومري حاڪم “سومرا” پنهنجو تخت گاهه ٿري ۾ قائم ڪيو هو.” مونکي سمجهه ۾ نٿو اچي ته سومرن جي پهرين تخت گاهه جو اصل نالو ڪهڙو آهي؟ ڇو ته ٿرڙي يا ٿري ته مون مٿي لکيو آهي پر مشتاق مسرور باريچي پنهنجي ڪتاب “سنڌ بابت جامع معلومات” (ص 83) تي لکي ٿو ته “سومرن جي گادي ٺري لڳ هئي جيڪا موجوده ماتلي ۾ آهي ۽ ٺري کانپوءِ انهن محمد طور کي گادي بنايو.” لاڙ جي ادبي ۽ ثقافتي تاريخ” (ص 84) “سومرا ٿرڙي ۾ گڏ ٿيا ۽ سومري نالي شخص کي پنهنجو سردار چونڊيائون”.
ٿرڙي بابت ٻيو ذڪر اسان کي عباسين جي دور حڪومت ۾ ملي ٿو. تحفة الڪرام (ص 69) لکي ٿو ته “انهي وقت ۾ ساڪوره (ساڪري) جي سرزمين ۾ ٿرڙي جو مظبوط قلعو، بڪار جو شهر ۽ انهي سرزمين يعني الهندي سنڌ جون ڪي ٻيون وستيون هڪ وڏي تبع تابع شيخ ابو تراب جي هٿان فتح ٿيون هيون.”
ساڳي ڳالهه انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جلد پهريون (ص 121) تي شيخ ابوتراب بابت ڏنل حوالي ۾ لکي ٿو ته “بکر ۽ کرڙي جا قلعا شيخ ابو تراب فتح ڪيا هئا.” ساڳيو ڪتاب (ص 454) تي بکر جو حوالو ڏيئي لکي ٿو ته “بکر: سکر ۽ روهڙي جي وچ ۾ ننڍڙو ٻيٽ، جتي عباسي خليفي هارون الرشيد جي جرنيل شيخ ابوتراب 787ع ۾ اروڙ جي ويراني کانپوءِ شهر آباد ڪيو ۽ ان جو نالو فرشته رکيائين”.
تاريخ سکر (ص 12) “فرشته (بکر) جو قلعو عباسي خليفن مان هارون الرشيد بغداد جي تخت تي ويٺو هو، سندس ڏينهن ۾ سنڌ جي والي شيخ ابو تراب جو تبع تابعين مان هو، متوفي فرشته جو قلعو تعمير ڪرايو”.
قديم سنڌ، ان جا شهر ۽ ماڻهو (ص 20) “بکر جو قلعو پهرين پهرين شيخ ابو تراب عرب ٺهرايو. جنهن اهو شهر ورتو، انهيءَ جي قبر گجي ۾ آهي، جو ميرپور ساڪري تعلقي ۾ آهي”.
ڪتاب ساڪرو، ان جا ماڳ ۽ ماڻهو (ص 91) تي لکي ٿو ته “شيخ ابو تراب سڀ کان پهريائين بکر جو قلعو فتح ڪيو ۽ پوءِ ٿرڙي جو قلعو فتح ڪيو.”
سنڌ جا قديم آثار (ص 54) لکي ٿو ته “هارون رشيد جي زماني ۾ شيخ ابوتراب ساڪري جي شهر ٺرا ۽ بکر جي علاقي، جيڪو اتر سنڌ ۾ آهي، تي قبضو ڪيو.”
سنڌ جي قديم آثارن جي ڊائريڪٽري (ص 199) تي لکي ٿو ته شيخ ابو تراب ٿرڙي جو قلعو هٿ ڪيو. صاحب موصوف خبر ناهي ڪهڙي بنياد تي بڪار جو نالو ناهي لکيو. ساڳيو ڪتاب (ص 78) تي لکي ٿو ته “گجو ۽ ٽرڙو وچ وارو مفاصلو ٻه ميل ٿيندو”.
ٺٽو صدين کان (ص 83) “شيخ ابو تراب ٿرڙي ڪوٽ قبضي ۾ ڪيو هو. جيڪو ساڪري جي علائقي ۾ هڪ مظبوط قلعو هو. بڪار جو شهر غالباً گجو لڳ شيخ ابوتراب جي هٿان فتح ٿيا”.
جنت السنڌ (ص 129) “خليفي هارون الرشيد جي والين مان هڪڙو شيخ ابو تراب هو، جو اُلهندي سنڌ جي ساقوره (ساڪره) قلعي تي قابض هو. سندس مقبرو ٺٽي کان اٺن ميلن تي اڄ به وڏي زيارتگاه آهي، جنهن تي سنه وفات 171هه لکيل آهي”.
مٿين لکيل ڳالهين کي پڙهڻ کانپوءِ ڪافي ڳالهين سمجهه کان ٻاهر ٿيو وڃن. پهرين ڳالهه ته شيخ ابو تراب آخر ڪهڙا قلعا فتح ڪيا؟ تحفةالڪرام جي مطابق بڪار ۽ ٿرڙي. تحفةالڪرام کي پير حسام الدين راشدي سنڌ جو انسائيڪلوپيڊيا لکيو آهي. خبر ناهي ڇو اسان جا محقق هڪڙي ڳالهه تي متفق ناهن. گھٽ ۾ گھٽ نالن کي ته صحيح لکن ها. ٿرڙي کي کرڙي يا ٽرڙو يا ٺرا لکڻ تاريخ سان مذاق آهي
ٻي ڳالهه ته شيخ ابوتراب ٿرڙي جي قلعي سان گڏ ٻيو جيڪو شهر فتح ڪيو ان جو صحيح نالو بڪار آهي يا بکر؟ جيڪڏهن ان ڳالهه تي متفق ٿيون ته شيخ ابوتراب ٿرڙي ۽ بکر جا قلعا فتح ڪيا تڏهن به ڳالهه سمجهه کان ٻاهر نڪريو وڃي ته ٿرڙي سنڌ جي هن ڪنڊ ۾ جڏهن ته بکر جو قلعو سنڌ جي ٻي ڪنڊ ۾؟؟؟؟؟ وڏي ڳالهه ته فتح ڪرڻ ۽ آباد ڪرڻ ۾ ڪافي فرق هوندو آهي اسان اڃان ان ڳالهه کي به سلجهائي ناهيون سگهيا، جنهن تي فقط افسوس ڪري سگهجي ٿو.
فتحنامه سنڌ (ص 376) تي بکر جي حوالي سان بلوچ صاحب لکيو آهي “پر ان ۾ اهڙي ڪابه ڳالهه ناهي ته ڪو اهو شهر شيخ ابوتراب فتح ڪيو هو”.
ٿرڙي جو قلعو ته هن وقت به تعلقي ميرپور ساڪري ۾ آهي ته بڪار جو شهر يا علائقو به ساڪري ۾ هئڻ گهرجي ڇو ته تحفةالڪرام (ص 69) تي لکي ٿو ته “بڪار ۽ ٿرڙي، ساڪري جي سرزمين کي لاڳيتو واقع هئا”. جڏهن ته ساڳيو ڪتاب (ص 464) تي لکي ٿو ته “ جڏهن زماني جي گذرڻ ۽ وقت جي انقلابي حادثن کان ڀنڀور، ديبل، بڪار ۽ ٿرڙي جهڙا عمدا عمدا شهر جي ساڪوره جي سرزمين ۽ انهي جي لاڳيتو واقع هئا، انهن جي ويران ٿيڻ کانپوءِ اتي جا رهاڪو لڏي اچي ٺٽي ۾ ويٺا.”
مون پنهنجي پهرين ڪتاب ۾ لکيو ته اسان وٽ وڏي واڪي ماتم ڪيو ويندو آهي ته نادرشاهه اسان کان اسان جي تاريخ کسي يا ارغونن يا ترخانن اسان جي ڪتب خانن کي باهه جي نظر ڪري ڇڏيو يا چوندا آهن ته هر بادشاهه پنهنجي ثناخواني ۾ تاريخ لکائي آهي. پر جيڪا تاريخ جي ٻيڙي اسان پاڻ ٻوڙي آهي ان کي ڪهڙو نالو ڏجي؟
اها ڳالهه ذهن نشين ڪئي وڃي ته اموي گھراڻي سنڌ تي فقط 40 سال حڪومت ڪئي ان کان پوءِ سنڌ تي عباسين جي حڪومت قائم ٿي. هتي سوال ٿو پيدا ٿيئي ته شيخ ابو تراب اهي شهر ڪنهن کان فتح ڪيا؟ هتي ٻه ڳالهيون سامهون اچن ٿيون. پهرين ڳالهه ته مون پنهنجي پهرين ڪتاب ۾ واضع لکيو ته اموي عرب ۽ عباسي عرب هڪ ٻئي جا دشمن هئا. عباسي خليفو ابو سفاح جڏهن تخت تي ويٺو ته ان پنهنجي پهرين فوج سنڌ موڪلي، اموين کان سنڌ کسي ورتي. ٻي ڳالهه ته راجا ڏاهر جو پٽ جيسينه وقت به وقت عربن سان ٽڪراءُ ڪندو رهيو هو ۽ هن برهمڻ آباد تي پنهنجي حڪومت قائم ڪئي ۽ سنڌ جا ٻيا به ڪافي علائقا پنهنجي قبضي ۾ آندا. ٿرڙي، برهمڻ آباد (ڪلان ڪوٽ) کي ويجهو آهي.
لاڙ جي ادبي ۽ ثقافتي تاريخ (ص 129) “تاريخن مان معلوم ٿو ٿئي ته هي بزرگ (شيخ ترابي) خليفي هارون الرشيد عباسي جي زماني ۾ سنڌ ۾ شهيد ٿيو هو”.
هتي وري به هڪ ڌيان طلب ڳالهه ته جيڪڏهن ٿرڙي موجوده گجي وٽ آهي ته پوءِ بڪار جو شهر ڪٿي هو جنهن کي شيخ ابو تراب فتح ڪيو؟ تحفة الڪرام جو مٿي بيان واضع ٻڌائي ٿو ته بڪار ۽ ٿرڙي، ساڪري جي سرزمين کي لاڳيتو واقع هئا. جڏهن ته ٻي هڪ جڳهه تي هن ريت لکي ٿو ته “ جڏهن زماني جي گذرڻ ۽ وقت جي انقلابي حادثن کان ڀنڀور، ديبل، بڪار ۽ ٿرڙي جهڙا عمدا عمدا شهر جي ساڪوره جي سرزمين ۽ انهي جي لاڳيتو واقع هئا، انهن جي ويران ٿيڻ کانپوءِ اتي جا رهاڪو لڏي اچي ٺٽي ۾ ويٺا.” هتي ڳالهه صاف آهي ته اهي علائقا موجوده ميرپور ساڪري کي ويجهو هئا يا گهٽ ۾ گهٽ ٺٽي کي ويجهو هئا جو اتي جا رهواسي لڏي اچي ٺٽي ۾ ويٺا. بڪار کي بکر لکي سکر ۾ ڳولڻ تاريخ سان هٿ چراند آهي.
محمد بن قاسم برهمڻ آباد (ڪلان ڪوٽ) فتح ڪرڻ کان پوءِ موجوده گجي جي طرف ويو جتي ٿرڙي ۽ ان جي آسپاس جي ماڻهن عربن جو دهلن شرنائين سان استقبال ڪيو ۽ ٿرڙي کان واندو ٿي عرب فوجون اروڙ طرف ويون جيڪو هن وقت سکر ضلع ۾ آهي. هن مان اهو به ثابت آهي ته راؤڙ جي قلعي کان وٺي ٿرڙي (ساوندي) تائين محمد بن قاسم موجوده ٺٽي ۾ ئي هو.
ڊاڪٽر بلوچ فتحنامه (ص 511) تي اشارا ۽ واڌارا ۾ ساوندي متعلق لکي ٿو ته محمد بن قاسم برهمڻ آباد جي فتح کانپوءِ اتر طرف اروڙ ڏانهن وڃي رهيو هو انڪري نوابشاهه ۾ جيڪو “ساوڙي” جو علائقو آهي اهو قديم زماني وارو ساوندي آهي. ڇو ته بلوچ صاحب موجوده سانگهڙ ۾ برهمڻ آباد لکيو آهي.
بڪار جو ماڳ تحقيق طلب آهي. البته هاڻي اميد ٿي ڪجي ته تاريخ ۾ اهو واضع لکيو ويندو ته ٿرڙي سان گڏ بڪار جو شهر به موجوده ٺٽي ضلعي جي حدن ۾ هو. انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جلد ٻيو (ص 388) تي ٿرڙي جي حوالي سان لکي ٿو ته “ٿرون ٽڪر، تعلقي ميرپور ساڪري ۾، گجي شهر جي ڏکڻ اولهه طرف هڪ ماڳ، جنهن کي مقامي ماڻهو ٿرڙو به چوندا آهن. هي ٽڪري لڳ ڀڳ ٻه هزار فوٽ ڊيگهه ۽ هڪ هزار فوٽ ويڪر ۾ ٿيندي. هن ٽڪريءَ جي اولهه طرف معروف درويش شيخ تراب جو مقبرو آهي”. ساڳي صفحي تي وڌيڪ لکي ٿو ته “ساڪري ۾ ٿرڙيءَ جي مضبوط قلعي کان سواءِ بڪار جو شهر ۽ الهندي سنڌ جون ڪي ٻيون وستيون به آهن”.