ڌرتي جو عاشق ٺٽوي ڪاتيار
منهنجي هٿن ۾ هينئر تعلقي ميرپور ساڪري سان تعلق رکندڙ نوجوان ليکڪ، جنهن ننڍي عمر ۾ ئي تحقيق جهڙي ڏکي سفر ۾ پنڌ شروع ڪيو آهي، پياري دوست ذوالفقار علي عرف ٺٽوي ڪاتيار جو ٻيو تاريخي مجموعو “برهمڻ آباد/ڪلان ڪوٽ” آهي. جنهن ۾ ليکڪ هاڻوڪي ٺٽي ضلعي ۾ موجود قديم قلعي “ڪلان ڪوٽ” کي تاريخي ماڳ “برهمڻ آباد” ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. ان کان پهرين ليکڪ “راؤڙ/رياتڙو” جي نالي سان ڪتاب لکي چڪو آهي، جيڪو راجا ڏاهر ۽ عربن جي فيصله ڪن جنگ واري ميدان بابت آهي. جيڪو منهنجي نظر ۾ تاريخ جو بهترين ۽ لاجواب ڪتاب آهي.
ليکڪ جڏهن ساڪري اچي مون کي پنهنجي ٻي ڪتاب ۾ رايو لکي ڏيڻ لاءِ چيو ته آئون طبيعت جي ناسازي توڙي گهڻي مصروفيتن هوندي به ٺٽوي ڪاتيار جي محنت، جدوجهد، تاريخ سان دلچسپي ۽ پنهنجي ماڳن سان محبت جي اڳيان انڪار نه ڪري سگهيوس.
ليکڪ بنيادي طرح غريب گهراڻي سان تعلق رکي ٿو، جنهن جو والد صاحب ادا محمد بخش ڪاتيار، اڄ به محنت مزدوري ڪري ٿو ۽ خود ليکڪ به پرائمري استاد آهي پر باهمت، جاکوڙي، ڄاڻو ۽ دلير مڙس آهي. جنهن پنهنجي پهرين ڪتاب “راؤڙ/رياتڙو” ۾ به سڀني محققن کان هٽي ڪري پنهنجي الڳ راءِ قائم ڪئي هئي ته هن ڪتاب ۾ به سڀني کان هٽي ڪري پنهنجي الڳ راءِ قائم ڪئي آهي. “راؤڙ/رياتڙو” ڪتاب ۽ “برهمڻ آباد/ڪلان ڪوٽ” جو مواد پڙهڻ کان پوءِ اها ڳالهه صاف ظاهر ٿيئي ٿي ته ليکڪ جا ٻئي ڪتاب هڪ ٻئي جا لازم ملزوم آهن. پهرين ڪتاب ۾ راؤڙ جي ماڳ تي تحقيق ٿيل آهي جڏهن ته ٻي ڪتاب ۾ ان ئي لکيل ڳالهه کي جاري رکيو ويو آهي. تاريخي ڪتابن ۾ اچي ٿو ته راجا ڏاهر کي مارڻ ۽ قلعو فتح ڪرڻ کان پوءِ عرب فوج برهمڻ آباد طرف وئي هئي ۽ برهمڻ آباد پهچڻ کان پهرين “بهرور ۽ دهليله” جا قلعا به فتح ڪيا هئا. جڏهن ته برهمڻ آباد کان پوءِ عرب فوج ساوندي طرف وئي هئي ۽ ان کان پوءِ اروڙ طرف.
ليکڪ هن ڪتاب کي اٺن بابن ۾ ورهائي جتي لکيل ڳالهه کي پڙهڻ توڙي سمجهڻ ۾ آسان بڻايو آهي، اتي ليکڪ جس لهي جو ڪتاب جو هر باب ڪلان ڪوٽ کي برهمڻ آباد ثابت ڪرڻ لاءِ اهم ثبوت آهي. پهرين باب ۾ درياءَ جي وهڪرن بابت لکي ڳالهه کي بهتر نموني سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. ٻي باب ۾ بهرور ۽ دهليله کي ڳولڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، جنهن لاءِ وڏو ثبوت “منڃر/منجهل” جو ڏنو آهي.ٽيون باب ڪلان ڪوٽ کي برهمڻ آباد ثابت ڪرڻ جو اهم ثبوت آهي. چوٿون باب “منصوره” بابت آهي. اگر برهمڻ آباد، ٺٽي ۾ آهي ته لازمي منصوره به ٺٽي ۾ هجڻ گهرجي ڇو ته تاريخ ڪتابن موجب منصوره جو شهر برهمڻ آباد کي ڪافي ويجهو هو. پنجون باب ساوندي/ٿرڙي بابت آهي. ڇهون باب اگهم ڪوٽ جڏهن ته ستون ۽ اٺون باب شاهه جي سورمين بابت آهن. جنهن لاءِ ليکڪ ثابتين جا انبار لڳائي ڇڏيا آهن. هاڻي جنهن کي به ليکڪ جي ڳالهين سان اختلاف هجن ته هو اڃان به وڌيڪ ثابتين سان اڳيان اچي.
تاريخ لکڻ يا تحقيق ڪرڻ ڪو آسان ڪم ناهي، ان ڪم لاءِ گهڻي گهرج پئسي ۽ وقت جي هوندي آهي، جيڪو اڄڪلهه ملڻ ڏکيو آهي، خاص ڪري هڪ پرائمري استاد لاءِ ته تمام گهڻو ڏکيو آهي. پر ٺٽوي ڪاتيار ثابت ڪري ڏيکاريو آهي ته اگر انسان ۾ همت آهي، حوصلا جوان آهن، ڪجهه ڪري ڏيکارڻ جو جذبو آهي، پنهنجي ڌرتي سان والهانه محبت آهي، پنهنجي ماضي سان گهرو لاڳاپو آهي ته دنيا ۾ ڪابه ڳالهه ناممڪن ناهي.
هڪ دفعو ٻيهر جاندار تحقيق ڪري شاندار ڪتاب لکڻ تي ڌرتي جي عاشق ٺٽوي ڪاتيار هزارين کيرون ۽ مبارڪون لهي. دعا به آهي ۽ اميد به ڪريون ٿا ته ٺٽوي ڪاتيار جو هي نور نچوئي ڪيل پورهيو سنڌي ادب توڙي تاريخ ۾ اهم جاءِ والاريندو. مالڪ سائين ڪري سدائين جڙيو رهي ۽ سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن جي ماضي تي قلم هلائيندو رهي.
عبدالرشيد گبول
ميرپور ساڪرو، 5 مئي 2018ع