باب ٽيون: برهمڻ آباد يا ڪلان ڪوٽ
منهنجي تحقيق چوي ٿي ته موجوده ٺٽي ضلع ۾ موجود ڪلان ڪوٽ جو قلعو ئي پراڻي دور وارو برهمڻ آباد جو قلعو آهي. جنهن کي محمد بن قاسم فتح ڪيو هو. ان لاءِ اسان کي هيٺين سوالن جا جواب ڳولڻا پوندا.
سوال پهريون: تاريخي مونجهارن کي سلجهائڻو پوندو، جنهن سبب اسان جي تاريخ اڄ تائين مونجهارن جو شڪار آهي؟
هينري ڪزنس پنهنجي ڪتاب “سنڌ جا قديم آثار (ص 35-36) تي لکيو آهي ته “ گهڻن شهرن جي سڃاڻپ کي مترجمن ۽ مورخن نقل ڪرڻ وقت منجهائي رکيو آهي. ڇو ته کين ملڪ جي جاگرافيائي حالتن جي يا ته ڪا ڄاڻ ڪانه هئي يا کين فقط معمولي ڄاڻ هئي. انهن اکرن جا اصل ٽٻڪا ختم ڪري ڇڏيا يا وري وڌيڪ ٽٻڪن جو اضافو ڪيو ۽ نالن جي غلط هَجي ۽ اچارن سان مونجهارن جو اڻ کٽ سلسلو شروع ڪري ڇڏيو.” ساڳي صفحي تي حاشيه ۾ مترجم ان جو مثال لکي ٿو ته “راؤڙ جتان فوج پار ڪئي انکي گوجري، ڪوچري، ڪنگري نقل ڪيو ويو آهي. جنهن سبب مونجهارو پيدا ٿي ويو آهي. نه فقط ٽٻڪن سان پر هڪ جهڙن اکرن سان پڻ. اهو به سوچڻ گهرجي ته ساڳين نالن وارا ماڳ سنڌ جي مختلف جاين تي ملن ٿا”.
ساڳي ڪتاب ۾ (ص 84) تي لکي ٿو ته “سنڌ جي تاريخ جيئن ان جي مورخن ٻڌائي آهي سا تضادن جو شڪار، نالن جي اختلافن سبب ۽ غلطين جي ڪري ڏاڍي منجهائيندڙ آهي پر اهو ايڏو وڏو مونجهارو به ناهي، جيڪو جديد دور جي مورخن جي متضاد ترجمن ۽ ٽيڪا ٽپڻي سبب پيدا ٿيو آهي. انهي مان هرهڪ وري پنهنجي ليکي پنهنجي دل ۾ خوش آهي ته هو ئي صحيح آهي”.
مير حاجي محمد بخش ٽالپور، رني ڪوٽ بابت لکيل پنهنجي مقالي ۾ (ص 51) تي لکي ٿو ته “ڪلاسيڪل لکندڙن جو ڪجهه سنڌ بابت لکيو آهي، سو سمجهڻ کان ڏاڍو ڏکيو آهي. هنن جا اچار ۽ نالا اڄڪلهه جي نالن سان مشابهت نٿا رکن. خود جديد محققن ۾ به ان ۾ سخت اختلاف آهي. ڪي “دلمون” کي سنڌ سمجهن، ته ڪي ان کي بحرين چون، مگر سمجهڻ لاءِ به ڪي اشارا ئي ملن ٿا، جنهن مان جديد مورخ پنهنجي راءِ قائم ڪن ٿا، انهن کي سمجهڻ لاءِ تقابلي مطالعو ضروري آهي”. (ٽي ماهي مهراڻ، رني ڪوٽ نمبر)
سڀ کان اهم ڳالهه ته مون پنهنجي پهرين تاريخي ڪتاب “راؤڙ / رياتڙو” جي باب پهرين ۾ ويهه تاريخي مونجهارا ڏنا آهن. هي اهي ڳالهيون آهن جنهن سبب اسان جي تاريخ اڄ تائين مونجهاري جو شڪار آهي. تاريخي مونجهارن کي درست ڪرڻ بغير تاريخ لکڻ ائين آهي جيئن انڌيري ۾ تير هلائڻ پوءِ تير نشاني تي لڳو ته واهه واهه يا جيڪو سوجهرو هو سو به چٽ.
سنڌ جو برک ڏاهو ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ فتحنامه سنڌ (اشاره ۽ واڌارا ص 383) تي هڪڙو مونجهارو هن ريت به لکيو آهي ته “عرب جاگرافيدانن ديبل جا طول ۽ عرض (ڊگهائي ۽ ويڪرائي ڦاڪ) ڏنا آهن. مگر اهي خود وضاحت طلب آهن. اول ته هر هڪ مصنف طول ۽ عرض جا مختلف درجا ڏنا آهن ۽ ٻيو ته يقين سان چئي نٿو سگهجي ته هنن مان هرهڪ ڊگھائي ڦاڪ ڪٿان ڳڻڻ شروع ڪيو آهي. ساڳي طرح عرب جاگرافي نويسن ديبل جا مفاصلا ڏنا آهن پر اهي جملي وضاحت طلب آهن. اول ته جن شهرن کان ديبل جا مفاصلا ڏنا اٿن، خود انهن شهرن جون جڳهيون معلوم نه آهن ۽ ٻيو ته اهي مفاصلا ڏينهن جي پنڌن يا منزلن ۽ مرحلن جي عدد يا فرسخن ۽ ميلن ۾ ڏنل آهن، مگرڪيئن چئي سگهجي ته هڪ ڏينهن جي پنڌ مان ڇا مراد آهي، يا هڪ منزل يا مرحلي جو ڪيترو مفاصلو سمجهڻ گهرجي يا ان وقت جو فرسخ يا ميل ۾ ڪيترو مفاصلو قرار ڏجي.”
ان کان علاوه هڪ مونجهارو اهو به آهي، جنهن پاسي تمام گهٽ ڌيان ڏنو ويو آهي. اڄ جي دور ۾ سفر ڪرڻ ۽ اڄ کان صرف سو سال پهرين سفر ڪرڻ ۾ به زمين آسمان جو فرق آهي ته پوءِ اڄ کان تيرنهن سئو سال پهرين ڪهڙي صورتحال هوندي ان بابت هرڪو سوچي سگهي ٿو. اڄ جي دور ۾ جتي تيز رفتار گاڏين جي سهولت آهي ته اتي سنوان سڌا روڊ به آهن. اڳين دور ۾ گس ۽ پيچرا هوندا هئا. جيڪي سنوان سڌا تمام گهٽ هوندا هئا.جن لاءِ ڀٽائي سائين (آڏ ترڇا) لفظ ڪتب آندو آهي. ٻروسر ڪالوني سان تعلق رکندڙ چاچا سومار ملاح، جيڪو وڏي عمر جو هئڻ سان گڏ سٺو ڄاڻو به آهي، ان مونکي ٻڌايو ته اڄ جي دور ۾ زمين سوڙهي ٿي وئي آهي. اڳين جيڪو سفر پيدل اسان سڄي ڏينهن ۾ ڪندا هئاسين، اهوئي سفرهاڻي پيدل به ڪجهه ڪلاڪن ۾ ٿيو وڃي. ان جو سبب ته اڳين گس ۽ پيچرا سڌا ڪونه هوندا هئا. ٻه ميل پنڌ ڪرڻ کان پوءِ اگر ڪو وڏو جهنگ، ڳوٺ، پاڻي يا جبل اچي ويو ته اسان کي ڦيرو ڪرڻو پوندو هو. جيڪا منزل ڏهن ميلن جي مفاصلي تي هوندي هئي اها ئي منزل ويهه ميل طئه ڪرڻ کان پوءِ وڃي پڄندا هئاسين. (نوٽ: چاچا سومار ملاح کان مون جڏهن ان جي عمر بابت پڇيو ته چيائين ته وڌيڪ خبر ڪونهي پر جڏهن واڻيا ڀڳا (ٻهراڙين جا ماڻهو اڄ به ورهاڱي کي چوندا آهن ته جڏهن واڻيا ڀڳا) تڏهن آئون جوان جماڻ ۽ شادي شده آهيان).
هڪڙو مونجهارو اهو به آهي ته اسان جي سنڌي ٻولي شاهوڪار ٻولي آهي. جنهن ۾ ڪافي لفظ اهڙا به آهن جن جي لکت يا اچار ته ساڳيو هوندو آهي پر انهن جي معنيٰ ۽ مطلب ڪجهه ٻيو نڪرندو آهي مثال: ور ۽ مٽ وغيره. جڏهن ته اڄڪلهه اسان زير، زبر يا پيش تمام گهٽ استعمال ڪندا آهيون. ان لاءِ يا ته گهربل لفظ تي اعراب ڏنل هجن يا مڪمل جملو پڙهڻ کان پوءِ اسان ان لفظ کي صحيح پڙهي سگهون ٿا. مثال: ٻه صفا ننڍا لفظ جيڪي صرف ٻن اکرن تي مشتمل آهن (ڪن ۽ سر). ڪاف يا سين تي زير، زبر يا پيش ڏيڻ سان به لکتن جا مختلف مطلب نڪريو وڃن. مثال ڪَن، ڪِن يا ڪُن.سَر، سِر يا سُر. وڌيڪ هر ڪو ڄاڻو آهي انهن ٽنهي لفظن جي معنيٰ ۽ مطلب ڪڍي سگهن ٿا.
هڪڙو مونجهارو اهو به آهي ته سنڌ ۾ ڪافي پراڻن ماڳن، ڪوٽن، قلعن ۽ شهرن جي نالن لاءِ هڪڙو رايو اهو ملندو آهي ته اهي ڪنهن بادشاھ/ماڻهو جي نالي سان ٺهيل آهن، جهڙوڪ: ڪلا راجا (ڪلان ڪوٽ)، ڀنڀوراءِ (ڀنڀور)، نيرون بادشاهه (نيرون ڪوٽ)، ابو جعفر منصور (منصوره)، حيدر قلي بيگ (حيدرآباد)، بهمن اردشير (برهمڻ آباد)، مائي مڪلي (مڪلي) وغيره. مڃو ٿا ته گهڻا قلعا يا شهر ڪنهن ماڻهو جي نالي سان وجود ۾ آيا هوندا پر سڀ جا سڀ نالن تي ٺهيل هجن اهو منهنجي نظر ۾ ناممڪن آهي. ڪافي شهر، ماڳ، ڪوٽ ۽ قلعا اتي جي ڪنهن مخصوص ڳالهه جي ڪري به وجود ۾ آيا آهن. جهڙوڪ رتو ڪوٽ، ٺٽو، ور، گهارو، گجو، وغيره.
هڪڙو مونجهارو اهو به آهي ته اسان وٽ ڪافي پراڻن ماڳن، ڪوٽن قلعن لاءِ چوندا آهن يا لکندا آهن ته اهي ڌرتي ڌڏڻ سبب تباهه ٿي ويا. پر منهنجي تحقيق چوي ٿي ته سڀ جا سڀ شهر يا ڪوٽ قلعا زلزلي سبب تباهه ڪونه ٿيا هئا. انهن جي تباهي جا ڪارڻ زلزلي سان گڏ هي به ٿي سگهن ٿا. ڪي ماڳ درياءَ جي وهڪري مٽائڻ سبب ويران ٿي ويا. ڪجهه ماڳ ٻاهرين حملي سبب تباهه ٿي ويا ۽ ڪجهه ماڳ ڪنهن بيماري سبب گهڻي موت جي ڪارڻ ويران ٿي ويا. انهن ٽنهي سببن جي ڪري اتي جا رهواسي لڏي وڃي ٻي پاسي ويٺا.
سوال ٻيو: برهمڻ دور يا عرب دور ۾ سنڌو درياءَ ڪٿان وهندو هو؟
هن تاريخ کي سمجهڻ لاءِ سڀ کان پهرين اسان کي ان دور ۾ سنڌو درياءَ جا وهڪرا به ڳولڻا پوندا ۽ انهن کي حتمي شڪل ڏيڻ کان پوءِ ئي تاريخ سمجهه ۾ اچي سگهي ٿي.
مون هن ڪتاب جي باب پهرين ۾ مختلف ڪتابن مان حوالا وٺي ان “برهمڻ يا عرب دور ۾ سنڌو درياءَ جا وهڪرا” لکيا آهن. جنهن کي غور سان پڙهڻ ۽ سمجهڻ کان پوءِ اسان ڪنهن منزل تي پهچي سگهون ٿا.
سوال ٽيون: راجا ڏاهر سان فيصله ڪن جنگ ڪٿي لڳي ۽ بهرور ۽ دهليله جا قلعا ڪٿي هئا؟
راجا ڏاهر سان فيصله ڪن جنگ راؤڙ واري ماڳ تي لڳي هئي جنهن کي به اسان وٽ ڪافي منجهايو ويو آهي سنڌ جو شايد ئي ڪو اهڙو علائقو ڇڏئون هجي جتي اها جنگ نه ڏيکارئون هجي. پر مون پنهنجي پهرين ڪتاب ۾ واضع لکيو آهي ته اها جنگ موجوده ٺٽي ضلع جي تعلقي ميرپور ساڪري جي يونين ڪائونسل پليجاڻي (اڳوڻي يوسي گجو) ۾ منهنجي اباڻي ڳوٺ “محمد هاشم ڪاتيار” وٽ لڳي هئي يعني تاريخي ماڳ راؤڙ جنهن کي اڄڪلهه مقامي ماڻهو رياتڙو چون ٿا.
راؤڙ کانپوءِ برهمڻ آباد کان پهرين اسان کي بهرور ۽ دهليله جا قلعا يا انهن جا کنڊر ڳولڻا پوندا. بهرور ۽ دهليله بابت مون هن ڪتاب جي باب ٻي ۾ تفصيلي نوٽ لکيو آهي. ان کان پوءِ برهمڻ آباد ڳولي سگهجي ٿو.
سوال چوٿون: برهمڻ آباد کي سانگهڙ ۾ پڪ سان لکيو ويو آهي يا شڪ ۾؟
سنڌ عرب دور (ص 455) “برهمڻ آباد جي قديم شهر کي اڃان تائين ڪنهن به کنڊر سان پڪي طور مشابهت نه ڏني ويئي آهي. جيتوڻيڪ ڪن ليکڪن ان کي دلور جي ڀڙي سان ته ڪن وري ڏيپر گهانگهري جي کنڊرن سان انهي جو نالو ڳنڍيو آهي جي ٻيئي موجوده سانگهڙ ضلع جي سنجهوري تعلقي ۾ آهن.” ساڳيو ڪتاب (ص 328) “ڏيپر گهانگهري جا کنڊر آهن، جن کي برهمڻ آباد شهر سان تشبيهه ڏيئي سگهجي ٿي.”
فتحنامه سنڌ (ص 402) “لوهاڻو پرڳڻو غالباً سانگهڙ ضلع جي شهدادپور ۽ سنجهوري تعلقن ۽ حيدرآباد ضلع جي هالا تعلقي تي مشتمل هو.”
“مسٽر بيلاسس، دلور جي ڀڙي کي برهمڻ آباد سان تشبيهه ڏني آهي”.
“ڪننگهام، دلور جي ڀڙي کي منصوره سان تشبيهه ڏني آهي”.
مون پنهنجي پهرين ڪتاب ۾ واضع لکيو هو ته ڪافي ماڳن کي اسان جي ليکڪن شڪ ۾ پراڻو ماڳ لکيو آهي پر بعد ۾ اهو دستور ٿي ويو ته هيڏي وڏي مورخ اها ڳالهه لکي آهي اها غلط نٿي ٿي سگهي. فتحنامه ۾ بلوچ صاحب “غالباً” لفظ لکي ڳالهه شڪ ۾ رکي آهي پر اسان جي بعد جي ليکڪن ان کي سورنهن آنا سچ لکي ڇڏي.
هتي سڀ کان اهم ڳالهه ته موجوده سانگهڙ ضلعي ۾ به اسان جا ليکڪ متفق ناهن ته دلور جي ڀڙي وارو ماڳ برهمڻ آباد آهي يا ڏيپر گهانگهري وارو. ڇو ته ڪجهه جو خيال آهي ته دلور جي ڀڙي تي برهمڻ آباد هو ۽ ڏيپر گهانگهري جا کنڊر عرب شهر منصوره جا آهن جڏهن ته ڪجهه ليکڪ ان جي ابتڙ ڳالهه ڪندا آهن ته دلور جي ڀڙي تي منصوره هو ۽ ڏيپر گهانگهري جا کنڊر، برهمڻ آباد جا کنڊر آهن. جنهن جو مثال مٿي مسٽر بيلاسس ۽ ڪننگهام جي بيانن مان ثابت آهي.
سنڌ جا قديم آثار (ص 12) تي مقدمي ۾ محترم عبدالله ورياهه لکي ٿو ته “هنن دڙن کي عام طرح “دلور جا دڙا” سڏيو ويندو هو پر بيلاسس هن کي برهمڻ آباد جو قديم شهر قرار ڏنو”.
ساڳي ڳالهه انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جلد پنجون (ص 157) تي دلور جا دڙا جي باب ۾ لکي ٿو ته “1954ع ۾ مسٽر اي ايف بيلاسس ۽ سي ڊبليو رچرڊسن هنن قديم آثارن تي اچي ڪجهه جاين تي کوٽائي ڪئي. سندن خيال موجب هي آثار قديم شهر برهمڻ آباد جا آهن”.
انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جلد پنجون (ص 157) “1884ع ۾ جنرل ايم آر هيگ، دلور جي دڙن کي عربن جو آباد ڪيل شهر منصوره قرار ڏنو آهي”.
سوال پنجون: برهمڻ آباد سنڌ جي اتر ۾ هو يا لاڙ واري پاسي؟
“قديم زماني کان وٺي هي ملڪ (سنڌ) ٻن مکيه حصن ۾ ورهايل هوندو هو، جن مان هڪ اتر ٻيو ڏکڻ پاسي واقعي هو. سنڌ جو اتر وارو حصو بکر جي اوسي پاسي کان وٺي سيوهڻ کان هيٺ هالا ڪنڊي تائين هوندو هو. جنهن کي ‘سرو’ چيو ويندو هو. ڏاکڻيون حصو هالا ڪنڊي کان وٺي سمنڊ تائين پکڙيل هو، جنهن کي لاڙ سڏيو ويندو آهي. هنن لفظن جي اصلي معنيٰ ڇا آهي، تنهن جو پتو مون کي پئجي ڪونه سگهيو آهي. پر اهي نهايت قديم ضرور آهن. ڇاڪاڻ ته رومي شهنشاهيت جي شروعاتي دور ۾ اتان جي جاگرافيدانن لاڙ ان خطي کي سڏيو آهي، جيڪو سنڌو جي ڇوڙ واري علائقي ڀرسان هو. ان نالي جي اصليت اسان کي لاهري بندر مان به محسوس ٿئي ٿي، جنهن جي معني لاڙي بندر آهي. پر هڪڙي ڳالهه ڌيان ۾ ضرور رکڻي پوندي ته مختلف دورن ۾ ڇوڙ وارو علائقو به مختلف رهيو آهي.سنڌ جي ٻنهي ڀاڱن جون جدا جدا راڄڌانيون هونديون هيون. سري ۾ اروڙ ۽ لاڙ ۾ برهمڻ آباد هئي.” (ڪتاب، سکاري سنڌ ڏکارا ماڻهو، ص 12)
ڪئپٽن صاحب جي ڳالهه ۾ وزن آهي اگر اسان برهمڻ آباد جي قلعي کي سانگهڙ ۾ لکون ان جو مطلب ته اروڙ ۽ برهمڻ آباد ٻئي اتر سنڌ ۾ هئا. هالا ڪنڊي مان مراد اڄ وارو هالا جيڪو ضلع مٽياري ۾ آهي ۽ هن وقت سانگهڙ، مٽياري کان مٿان اچي ٿو ۽ اگر اسين سنڌ جو نقشو ڏسو ته هالا کانپوءِ شهدادپور ڪافي فاصلي تي مٿين پاسي آهي. ڪلان ڪوٽ کي برهمڻ آباد قرار ڏيڻ جو اهو به هڪ اهم ثبوت آهي.
ايڇ ٽي لئمبرڪ، ڪتاب سنڌ، مسلمانن جي فتح کان اڳ (ص 228) “اسين هن ڳالهه کي بنا خوف ۽ خطري جي هڪ تاريخي حقيقت طور تسليم ڪري سگهون ٿا ته چندر جي مرڻ کان پوءِ سنڌ جي ڪجهه عرصي تائين ٻن آزاد ۽ خود مختيار رياستن جي حيثيت ۾ ورهايل رهجي ويئي. جن تي چچ جي ٻن پٽن جي بادشاهي قائم هئي”.
ساڳي ڪتاب ۾ (ص 245) تي نوٽ ۾ لکي ٿو ته “حقيقت هيءُ آهي ته ڏهرسيه کي جيڪو چچ جو وڏو شهزادو هو، رهائش لاءِ برهمڻ آباد شهر کي وڌيڪ پسند هو ۽ هن ڏاهر کي اجازت ڏيئي ڇڏي هئي ته هو سندس پاران الور تي قابض رهي”.
ايڇ ٽي لئمبرڪ جي ڳالهه مان واضع ٿئي ٿو ته راجا چچ جي پٽن جي زماني کان وٺي سنڌ ٻن حصن مطلب لاڙ ۽ اتر ۾ ورهائجي چڪي هئي.
سوال ڇهون: سنڌ جي ڪهڙن ڪهڙن ماڳن کي “برهمڻ آباد” لکيو ويو آهي؟
سنڌ جا قديم آثار (ص 214) “ليفٽنينٽ برٽن هن کي ڪلياڻ ڪوٽ سڏي ٿو. مان مقامي مورخن جي مخالفت کان لهرايان ٿو، خير پوءِ به مان پوري وثوق سان چئي سگهان ٿو ته ڪالا ڪوٽ وڌيڪ صحيح نالو آهي. مسٽر راورٽي ٻڌائي ٿو ته مسٽر جيمس برنس ۽ اليگزينڊر برنس، مسٽر ڪرو جي بيان جي تائيد ڪندي ڪلان ڪوٽ کي برهمڻ آباد تسليم ڪن ٿا.”
حاجي محمد بخش ٽالپور رني ڪوٽ بابت لکيل پنهنجي مقالي ۾ (ص 52) تي لکي ٿو ته “ لئمبرڪ، پٽيالا کي برهمڻ آباد قرار ڏنو آهي”. (ٽي ماهي مهراڻ، رني ڪوٽ نمبر)
سنڌ جا قديم آثار (ص 12) تي مقدمي ۾ محترم عبدالله ورياهه لکي ٿو ته “هنن دڙن کي عام طرح “دلور جا دڙا” سڏيو ويندو هو پر بيلاسس هن کي برهمڻ آباد جو قديم شهر قرار ڏنو”.
سنڌ جي قديم آثارن جي ڊائريڪٽري (ص 264) تي “ليلا جا آتڻ” جي حوالي سان لکي ٿو ته “ٺڪر جي مليل مورتي مان لڳي ٿو ته ماڳ اسلامي دور کان اڳ جو به ٿي سگهي ٿو. جو مقامي ماڻهو ان کي برهمڻ آباد جي نالي سان ڄاڻن ۽ سڃاڻن ٿا”.
ڳالهه جو مطلب ته ڪلان ڪوٽ، دلور جي دڙي، پٽياله ۽ ليلا جي آتڻ کي به برهمڻ آباد لکيو ويو آهي پر اسان وٽ صرف دلور جي دڙي کي پٿر تي لڪير سمجهي تحقيق ڪئي وئي آهي. مٿي مختلف انگريز محققن جا حوالا ڏنا آهن، جن مختلف ماڳن کي برهمڻ آباد قرار ڏنو آهي. تاريخ ۾ جتي شڪ جي گنجائش هجي يا هڪ کان وڌيڪ ماڳن کي ان سان مشابهت ڏني وڃي ته اتي تحقيقات جي گنجائش باقي رهي ٿي.
سوال ستون: برهمڻ آباد (ڪلان ڪوٽ) قلعي جي مظبوطي ڪيتري هئي؟
“هندو فوج روزانو قلعي کان ٻاهر نڪري عربن سان جنگ ڪندي رهندي هئي. اهو سلسلو ڇهه مهينا جاري رهيو. جنهن ٻنهي ڌرين کي ڪڪ ڪري وڌو هو”. (سنڌ عرب دور، فتحنامه)
هن مان اهو به ثابت آهي ته برهمڻ آباد جو قلعو مظبوط ته پنهنجي حساب سان هو پر ڪشادو به تمام گھڻو هو جو ڇهه مهينا جنگ هلي ۽ ضرورت جي شيون ڇهه مهينن تائين ميسر هيون.
“عربن جي فوج منجنيق رستي شهر جي قلعي تي پٿر اڇلايا پر اهو ايڏو ته مظبوط هو جو عربن جون مشينون به ان کي ڪو نقصان نه رسائي سگهيون.” (سنڌ عرب دور ص 248)
مڪلي نامه (ص 685)تي ڪلان ڪوٽ لاءِ سنڌ جو برک ڏاهو، اديب، دانشور ۽ محقق پير حسام الدين راشدي صاحب لکي ٿو ته “موجوده صورت حال: راقم الحروف (پير حسام الدين راشدي) تغلق آباد جي ايراضيءَ کي 27 مئي 1956ع جو پاڻ وڃين ڏٺو. قلعي جا نشان موجود آهن ۽ وڏيءَ ايراضيءَ ۾ قلعي جي پکيڙ نظر اچي ٿي. منجهس پڪيون سرون ڪتب آيل هيون، جن جا ڍير لڳا پيا آهن. قلعي جي ديوار جو عرض (ويڪر) بيل گاڏيءَ کان چئڻون ڏسڻ ۾ اچي ٿو. اولهه ۽ اتر ۾ پهاڙ اٿس، سر اتر قلعي جي ديوار سان لڳ ڪشادي ڍنڍ ۽ ڏکڻ کان درياهه هو، جنهنڪري بيروني حملي کان هر لحاظ سان قدرتي طرح محفوظ هو.”
جيڪڏهن اسان هڪ بيل گاڏي جي ويڪر ٽي فٽ رکون ته چئن بيل گاڏين جي ويڪر ٻارنهن فٽ ٿيئي ٿي. وڏي ڳالهه ته اسان وٽ اڄڪلهه جيڪي ڪمرا ٺهن ٿا انهن جي ويڪر به ڏهه کان ٻارنهن فٽ هوندي آهي. ڳالهه جو مطلب ته جيترو اسان وٽ ڪمرن جي ويڪر آهي اوتري ڪلان ڪوٽ (برهمڻ آباد) جي صرف ٻاهرين ديوار جي ويڪر هئي. ايتري مظبوط ديوار کي شايد ٽينڪ جو گولو به ڪو نقصان نه ڏيئي سگھي ته پوءِ منجنيق جي ڪهڙي مجال آهي.
سنڌ عرب دور لکي ٿو ته راؤڙ، بهرور ۽ دهليله جي قلعن کي عربن بارود، دبابه، نفطه ۽ منجنيق جي ذريعي بنياد کان ختم ڪري ڇڏيو. پوءِ برهمڻ آباد جي قلعي کي ڇو ڇڏيو ويو؟
محترم احمد حسن داني، ڪتاب ٺٽي جا قديم اسلامي يادگار (ص 35) تي لکي ٿو ته “قلعي (ڪلان ڪوٽ) جون ڀتيون ساڍا چوڏنهن فوٽ ٿلهيون آهن”.
محترم ابوبڪر شيخ، ڪلان ڪوٽ بابت پنهنجي لکيل ڪالم ۾ قلعي جي مظبوطي بابت هن ريت لکيو آهي ته “ ڪيڏي عجيب ڳالهه آهي ته هيٺ مٺي پاڻي جي ڍنڍ آهي ۽ مٿي پاڻي جا وڏا تلاءُ. اهي صرف ان لاءِ ٺاهيا ويا هئا ته حملي جي صورت ۾ قلعي بندي ڪرڻي پوي ته پاڻي وڏي مقدار ۾ موجود هجي ۽ ڪنهن پريشاني کي منهن ڏيڻو نه پوي. هن قلعي تي قبضي ڪرڻ جي ڪوشش ضرور ٿي هوندي پر جنهن جڳهه تي قلعو تعمير ٿيل آهي، اتان هن کي فتح ڪرڻ يقيناً مشڪل رهيو هوندو.”
محترم عنايت الله کٽياڻ پنهنجي ڪتاب سنڌ سڀيتا ۾ (ص 131) تي لکي ٿو ته “اهي سڀ حوالا ثابت ڪن ٿا ته ڪلان ڪوٽ تمام مظبوط ۽ وسيع ڪوٽ هو. هن وقت به تحقيق ڪندڙ ايراضيءَ جي لحاظ کان رني ڪوٽ کان پوءِ ٻيو نمبر سنڌ جو وڏو ڪوٽ هن کي قرار ڏين ٿا. هن ڪوٽ جي برجن جو تعداد 58 ليکيو وڃي ٿو، جيڪي هاڻي ته نظر نه ٿا اچن پر برجن جو اهو تعداد ڪوٽ جي مضبوطيءَ جو واضع مثال آهي. ٻيو ته هن ڪوٽ کي اتر کان وڌيڪ مظبوط بڻائڻ لاءِ وڌيڪ برج ۽ ٻي دفاعي ديوار به ڏنل هئي. ان کان سواءِ ڪوٽ جي ٻاهران جنهن پاسي کان ڍنڍ نه هئي، ان پاسي کان ڪوٽ جي حفاظت لاءِ کاهيون کوٽيل هيون. اهي سڀ حفاظتي قدم ثابت ڪن ٿا ته هيءُ ڪوٽ تمام قديم هئڻ سان گڏوگڏ انتهائي حڪمت عمليءَ سان پڻ ٺاهيو ويوهو جيڪو سنڌ جي تاريخي اڏاوت جو هڪ عظيم شاهڪار ۽ مثالي ڪوٽ هئو”.
سنڌ عرب دور ( ص 115) تي لکي ٿو ته “سنڌ جا قلعا ۽ ڪوٽ نهايت ئي طاقتور هئا ۽ اهڙي نموني ٺهيل هئا جو غنيم انهن تي سولائي سان سوڀ حاصل نه ٿي ڪري سگهيو. سنڌي قلعن جي مظبوطي بابت اسان کي ڪيئي حوالا ملن ٿا. عرب پاڻ سان طاقتور جنگي مشينون کڻي آيا هئا. وٽن جيڪڏهن منجنيق ۽ دبابه جهڙيون مشينون نه هجن ها ته اهي ديبل جو ڪوٽ ڪيرائي نه سگهن ها ۽ ساڳي ڪار سنڌ جي ٻين قلعن ۽ شهرن سان هئي. منجنيق مشين جي رستي وڏيون وڏيون ڇپون قلعن جي ڀتين کي ڀڃڻ لاءِ اڇلايون وينديون هيون ۽ دبابه جي رستي روغن ۽ بارود کي باهه ڏيئي قلعي جي اندر اڇلايو ويندو هو ته جيئن جاين، ڀتين، اناج جي ڀنڊار ۽ ماڻهن کي باهه وڪوڙي وڃي ۽ حملي آور فوجن کي قلعي ۾ گھڙي قتلام ۽ ڦرلٽ ڪرڻ ۾ سولائي ٿيئي. منجنيق مشين لاءِ ٻڌايل آهي ته ان کي پنج سو ماڻهو گڏجي ڇڪيندا هئا تڏهن ته اها پٿر جا گولا قلعن ڏانهن اڇلائي سگهندي هئي.” ساڳيو ڪتاب (ص 116) تي لکي ٿو ته “سنڌ جا قلعا مظبوطي جي خيال کان نهايت ئي پڪا ۽ پختا هئا ۽ عربن جي ڪيل حملي خلاف پوري طاقت رکندا هئا پر ان هوندي به اهي ڌارين هٿان فتح ٿي ويا. اهو انهيءَ ڪري جو سنڌين پنهنجي خلاف پاڻ دغا ڪئي ۽ اهي قلعا غداري ۽ بي ايماني سبب عربن جي ور چڙهي ويا.”
“اهو قلعو (ڪلان ڪوٽ) پهاڙيءَ تي هجڻ سبب يا جاءِ وقوع ۽ ساخت جي لحاظ سان نهايت محفوظ خيال ڪيو ٿي ويو.”(مڪلي نامون، ص 679)
“قلعي جي مظبوطي ۽ ٻي ساز سامان متعلق ترخان نامي ۾ لکيل آهي ته “ قلعو (ڪلان ڪوٽ) اهڙيءَ جاءِ تي واقع هو جو چيو وڃي ٿو ته ٻن ڪوهن جي گھيري تان ڪو به ويجهو اچي نٿي سگھيو.” (مڪلي نامون، ص 682)
لاڙ جي ادبي ۽ ثقافتي تاريخ (ص 116) “اهي (ڪلان ڪوٽ) جا کنڊر هڪ مظبوط قلعي وانگر، ٽڪري تي آهن. جنهن جي ٽن پاسن کان اڳي پاڻي هوندو هو. قلعي جي سنڀال لاءِ مورچا هوندا هئا، جيڪي هن وقت ڍيرن جي صورت ۾ آهن”.
اهو ئي سبب آهي جو عربن ڇهه مهينا گهيرو ڪرڻ ۽ جنگ ڪرڻ جي باوجود به برهمڻ آباد کي فتح نه ڪري سگهيا. فتحنامه سنڌ مطابق راجا چچ به راجا اگهم سان لڙائي لاءِ پورو سال قلعي جو گهيراءُ ڪيو هو.
سوال اٺون: برهمڻ آباد (ڪلان ڪوٽ) جي تباهي ڪيئن ٿي؟
سنڌ عرب دور (ص 249) تي محمد بن قاسم جي دور ۾ برهمڻ آباد جي تباهي جي حوالي سان لکي ٿو ته “عربن برهمڻ آباد جي شهر ۾ سورنهن هزار سنڌي تلوار جو کاڄ بنايا ۽ شهر کي باهه ڏيئي ان جو وڏو حصو تباهه ڪري ڇڏيو.”
ساڳيو ڪتاب (ص 433) تي برهمڻ آباد جي ٻي ڀيري تباهي بابت لکي ٿو ته “برهمڻ آباد جو شهر پڻ بلڪل تباهه ڪيو ويو ۽ ان جي سڄي آبادي کي غلامي جو ڳٽ وڌو ويو. انهي شهر لاءِ ٻڌايو ويو آهي ته عربن جي تباهه ڪارين کان پوءِ به اهو شهر وري ڪجهه وقت لاءِ آباد ٿيو. پر اهو ساڳيو اوج نه وٺي سگهيو. ڇاڪاڻ ته محمد بن قاسم جي واپسي کان پوءِ وڳوڙ ۽ افراتفري جون حالتون قائم ٿي ويون. راجا ڏاهر جو پٽ راجڪمار جيسينه جيڪو برهمڻ آباد جي فتح کان پوءِ چتور ڀڄي ويو هو واپس سنڌ موٽي آيو ۽ اچڻ سان برهمڻ آباد کي فتح ڪيائين. هُن ڪافي عرصو برهمڻ آباد تي حڪومت ڪئي ۽ ملڪ جو ڳچ حصو پنهنجي سياسي اثر هيٺ آندو. بنو اميه جي خليفي عمر ٻئي جي دور ۾ سنڌ جي عرب گورنر جنيد بن عبدالرحمان کيس دوڪو ڏيئي قتل ڪيو. (هتي ليکڪ مونجهاري جو شڪار ٿي ويو آهي ڇو ته ساڳيو ڪتاب (ص 272) تي عرب گورنر جنيد بن عبدالرحمان بابت لکي ٿو ته “يزيد ٻئي تخت تي ويهڻ سان جنيد بن عبدالرحمان المري کي سنڌ جو گورنر مقرر ڪيو ۽ جنيد اهو عهدو نه فقط يزيد جي دور ۾ پر يزيد کان پوءِ سندس ڀاءُ هشام بن عبدالملڪ جي خلافت جي دور ۾ پڻ ماڻيو. عمر بن عبدالعزيز جي خلافت واري ڏينهن ۾ عمرو بن مسلم الباهلي سنڌ جو گورنر هو. راقم). ان کان پوءِ جنيد برهمڻ آباد جي شهر تي ٻيهر حملو ڪري ان جو ڳچ حصو ڊاهي ڇڏيو ۽ باقي کي باهه ڏياري ساڙائي ڇڏيائين. ان وقت جي جنگ جو اهو طريقو هو ته جتي به ڪنهن شهر جا ماڻهو پنهنجي آزادي لاءِ وڙهندا هئا يا شهر جو بچاءُ ڪندا هئا ته ان شهر جي قلعي کي بنياد کان ڊهرائي اتي جون جايون يا ته ڪيرائي پٽ ڪيون وينديون هيون يا ته وري ساڙائي خاڪ ڪيون وينديون هيون. انهي لاءِ ته ٻين شهرن جا ماڻهو سبق پرائين ۽ حملي ڪندڙ غنيم جي خلاف مقابلو ڪرڻ ترڪ ڪري ڇڏين. اها حقيقت سنڌ ۾ پوءِ جي ٿيندڙ واقعن مان به ظاهر آهي.”
سوال نائون: ڪلان ڪوٽ لاءِ انگريز ليکڪن جا حوالا ڇا ٿا چون؟
سنڌ جا قديم آثار (ص 214) “ليفٽنينٽ برٽن هن کي ڪلياڻ ڪوٽ سڏي ٿو. مان مقامي مورخن جي مخالفت کان لهرايان ٿو، خير پوءِ به مان پوري وثوق سان چئي سگهان ٿو ته ڪالا ڪوٽ وڌيڪ صحيح نالو آهي. مسٽر راورٽي ٻڌائي ٿو ته مسٽر جيمس برنس ۽ اليگزينڊر برنس، مسٽر ڪرو جي بيان جي تائيد ڪندي ڪلان ڪوٽ کي برهمڻ آباد تسليم ڪن ٿا.”
سکاري سنڌ ڏکارا ماڻهو (ص 62) “بهمانا، ٻاهبيڻا، ٻانڀڻا يا برهمن آباد (مورخن هن لکي مختلف صورتخطي ۾ لکيو آهي) به لوهاڻي درياهه تي آباد هوندو هو. هن شهر کي بعد ۾ بهمنوا سڏيو ويندو هو. هن ڳالهه جي تصديق هن حقيقت مان ڪري سگهجي ٿي ته ان قديم شهر جا ٿرڙ اڄ به ڏسي سگهجن ٿا. ٻي ڳالهه اها آهي ته هتان عام ماڻهو به هن متعلق ٻڌائي سگهي ٿو ته اهو شهر ڪٿي هو. مان پڪ سان چئي سگهان ٿو ته غلطي وچان هن شهر کي ٺٽي ڀرسان ٻڌايو ويو آهي. هن شهر بابت گهڻي پڇا ڳاڇا ڪئي آهي ۽ ان جي نتيجي کان آءٌ بلڪل مطئمن آهيان ته ڪلاڪوٽ ۽ ڀنڀور وارا ماڳ هن شهر جي ٿاڪ نه آهن.”
سنڌ جا ڪوٽ ۽ قلعا (ص 189) تي لکي ٿو ته “ انگريز ليکڪ ڊيوڊ راس ڪلان ڪوٽ جي عمر جو ذڪر ڪندي ٻڌائي ٿو ته ان لاءِ اهو خيال ڪيو وڃي ٿو ته اهو هڪ تمام پراڻي ڪوٽ جي مٿان ٺاهيو ويو آهي. جيڪو ستين صدي ڌاري عربن جي سنڌ تي حملي کان اڳ به هندو دور جو آهي.”
سنڌ جا ڪوٽ ۽ قلعا (ص 201) “سر رچرڊ برٽن، ڪلان ڪوٽ جي برجن جي باري ۾ پنهنجا خيال قلمبند ڪيا آهن ته “ هي ڪوٽ (ڪلان ڪوٽ) باروت جي دور کان اڳ جو لڳي ٿو. سنڌ گزيٽيئر ڪلان ڪوٽ جي برجن جي بلندي سان گڏ اهو ٻڌايو آهي ته ان ڪوٽ جا برج ان دور جا ٺهيل آهن جنهن دور ۾ اڃا باروت لڙائين ۾ استعمال نه ٿيندو هو.”
لاڙ جي ادبي ۽ ثقافتي تاريخ (ص 115) “مسٽر سمٿ جي تحقيق موجب هي قلعو سڪندراعظم جي سيوهڻ واري قلعي جهڙو آهي ۽ ان جي سپهه سالار جو ئي ٺهرايل آهي، هن جي بيان مان واضع ٿو ٿئي ته هن قلعي مان ٻڌ ڌرم جي مندرن ۾ ڪم آندل سرن جهڙيون سرون کوٽي لڌيون ويون آهن”.
سوال ڏهون: ڪلان ڪوٽ جا نالا ڇا ٿا چون؟
مڪلي نامو (ص 676) تي ڪلان ڪوٽ بابت لکي ٿو ته “ اهو قلعو يا شهر اصل ۾ قديم دور جو آهي. جنهن کي پوءِ مختلف وقتن ۽ مختلف حاڪم ۽ امير جوڙيندا، سڌاريندا ۽ وڌائيندا رهيا. شايد اهو ئي سبب آهي جو هر دور ۾ انهيءَ جا نالا به بدلبا رهيا آهن. مثلاً ڪلا ڪوٽ، ڪلياڻ ڪوٽ، ڪلان ڪوٽ، تغلق آباد ۽ طغرل آباد”.
سنڌ جا ڪوٽ ۽ قلعا (ص 182) تي ڪلان ڪوٽ بابت لکي ٿو ته “ سرن جو هي قديم ڍير اوائلي دور کان وٺي ٺهندو ۽ ڊهندو رهيو آهي. ان کي مختلف دورن ۾ جدا جدا حاڪم سينگاريندا، سنواريندا ۽ وڌائيندا رهيا آهن. اهوئي سبب آهي جو هر حاڪم ان ڪوٽ کي پنهنجي منشا مطابق نالو ڏنو آهي. ڪڏهن ڪلاڪوٽ، ڪلياڻ ڪوٽ، ڪلان ڪوٽ ته ڪڏهن تغلق آباد ۽ طغرل آباد بڻيو آهي.”
ساڳيو ڪتاب (ص 185) “مڪلي جي ٽڪري تي ڪلان ڪوٽ قديم زماني کان موجود سمجهيو وڃي ٿو. اهوئي سبب آهي ته ڪن تاريخ نويسن ان جي قدامت سڪندر جي دور سان وڃي ملائي آهي. بهرڪيف هردور ۾ ان ڪوٽ جو نالو بدلبو رهيو آهي.”
مڪلي نامه (ص 677) تي پير حسام الدين راشدي، ڪلان ڪوٽ جي مختلف نالن بابت تفصيلي نوٽ لکيو آهي جنهن جو مختصر خاڪو هن ريت آهي.
ڪلا ڪوٽ: مير علي شير جي روايت آهي ته اهو شهر اصل ڪلا راجا جو ٻڌايل هو، جنهن جي نالي پٺيان ڪلاڪوٽ مشهور ٿيو.
ڪلان ڪوٽ: انهيءَ قلعي کي ڪلان ڪوٽ به چيو وڃي ٿو. معلوم ٿو ٿئي ته اهو ڪو مستقل نالو ڪونه آهي، بلڪه ڪلاڪوٽ يا ڪلياڻ ڪوٽ جي نالي جو اسلامي بگاڙ آهي. ڪلان ڪوٽ يعني وڏو ڪوٽ.
ڪلياڻ ڪوٽ: مرزا قليچ بيگ پڻ هڪ ڏند ڪٿا لکي آهي، سندس قول آهي ته انهيءَ شهر جو نالو ڪلياڻ ڪوٽ هو يعني آرام گاھ، امن آرام ۽ راحت جي جاءِ.
لاڙ جي ادبي ۽ ثقافتي تاريخ (ص 115) تي ڪلان ڪوٽ بابت لکي ٿو ته “مرزا قليچ بيگ انهيءَ جي معنيٰ “وڏو ڪوٽ” به ڪڍي آهي. سر اليگزيندر برنس توڙي ليفٽنينٽ ووڊ انهيءَ جو ترجمو “اوچو قلعو” ڪيو آهي”.
تغلق آباد: هڪ روايت آهي ته سنڌ جي سومرن سلطانن جو تخت “محمد طور” جڏهن تباه ٿيو ته ڪجهه عرصي لاءِ انهيءَ شهر کي دارالحڪومت بڻايو ويو. سمن جي دور ۾ اهو شهر شايد ڪجهه ويران ٿي چڪو هو، جنهن ڪري سمن جي بادشاهه ڄام تغلق نئين سر انجي مرمت ڪرائي، محل ۽ ماڙن جا اضافا ڪري انکي چنڱينءَ پر برسايو ۽ رونق وٺرائي. سومرن جي دور ۾ انجو نالو ڪهڙو رهيو، ساڳيو قديم هو يا بدليو، اها سڌ نٿي پوي. ليڪن ڄام تغلق جي مرمت ڪرائڻ بعد شهر تي تغلق آباد جو نالو پيو.
“محمد طور، وڳهه ڪوٽ، روپا ماڙي ۽ ڪلان ڪوٽ، سومرن جي دور ۾ وڏا اهم ۽ مرڪزي شهر هئا”. (محترم غلام علي الانا جو ڪتاب ننگر ٺٽو، هڪ مطالعو ۾ لکيل مقالو (ص22)”. ڳالهه جو مطلب ته ڪلان ڪوٽ جو قلعو سومرن جي دور ۾ صرف موجود ئي نه هو پر اهم ۽ مشهور به هو.
محترم احمد حسن داني به پنهنجي ڪتاب “ٺٽي جا قديم اسلامي يادگار” به ساڳي ڳالهه لکي آهي ته ڄام تغلق ان جي مرمت ڪرائي هئي.
مون پنهنجي پهرين ڪتاب ۾ واضع لکيو هو ته ڪنهن قلعي کي آباد ڪرڻ الڳ جڏهن ته ان جي مرمت ڪرڻ الڳ هوندو آهي.
طغرل آباد: انهيءَ قلعي جو هڪ نالو طغرل آباد پڻ آهي. چيو وڃي ٿو ته مغل دور جي هڪ امير طغرل بيگ انهيءَ قلعي جي مرمت ڪرائي جنهن کانپوءِ انجو نالو بدلجي طغرل آباد ٿيو.
اهم ڳالهه ته ڪلان ڪوٽ لاءِ جيڪي نالا اڄ ڏينهن تائين اسان جي تاريخ ۾ استعمال ٿيندا رهيا آهن اهي ان قلعي جا لقب يا تخلص چئي سگھجن ٿا.
تاريخي ڪتابن ۾ ڪلان ڪوٽ جو هڪڙو نالو “نصرت آباد” به ملي ٿو. جنهن لاءِ پير حسام الدين راشدي صاحب، ڪتاب ڳالهيون ڳوٺ وڻن جون (ص 394) تي لکي ٿو ته “نصرت آباد دراصل تغلق آباد (ڪلان ڪوٽ، مڪليءَ جي ڏاکڻي ڇيڙي تي) سڏيو ويو آهي.
ڪلان ڪوٽ جو هڪڙو نالو “آب جو قلعو” به ملي ٿو. جنهن لاءِ پير حسام الدين راشدي، ڪتاب ڳالهيون ڳوٺ وڻن جون (ص 43) “عالم پناھ: اٺين صدي هجريءَ جي حڪايتن مان معلوم ٿئي ٿو ته ٺٽي جي شهر کي چوڌاري ڪابه عالم پناهه ڪانه هئي. ڇاڪاڻ ته 772هه ۾ جڏهن سلطان فيروز شاهه تغلق ٺٽي تي چڙهائي ڪري آيو، تڏهن ٺٽي جو حاڪم ڄام خيرالدين ٺٽي مان نڪري وڃي “آب” جي قلعي اندر قلعي بند ٿيو”.
آب يعني پاڻي. مطلب پاڻي يا درياءَ وارو قلعو. ڇو ته ڪلان ڪوٽ جي ٽن طرفن کان پاڻي هوندو هو صرف هڪڙي پاسي کاهي کوٽيل هئي، جنهن کي به حملي جي وقت پاڻي سان ڀريو ويندو هو. “آب سنڌ يعني سنڌو درياءَ” (سنڌ جا قديم آثار، ص 7).
ٺٽي جا قديم اسلامي يادگار (ص 34) “ان قلعي (ڪلان ڪوٽ) جي لاءِ چيو ويندو آهي ته ان جي ڊگهي تاريخ آهي”.
ٺٽو صدين کان (ص 142) “هن تي مختلف دورن ۾ جدا جدا نالا ڪلاڪوٽ، ڪلان ڪوٽ، ڪلياڻ ڪوٽ، تغلق آباد ۽ طغرل آباد ٿيا. هي ڪوٽ ڪنهن اڏايو تنهن بابت ڪا پڪ ناهي. البت سومرن ۽ سمن هن جي مرمت ڪرائي ۽ پنهنجي استعمال هيٺ آندو. البت هن جي اڏاوت ۾ جيڪي سرون استعمال ٿيل آهن تنهن مان اندازو لڳائجي ٿو ته اهو ڪوٽ به ساڳئي دور جو ۽ ساڳين حاڪمن يعني ٻڌمت وارن جو جوڙايل هجي. بعد ۾ ايندڙ حڪمرانن هن جي مرمت ڪرائي استعمال ۾ آندو.”
سوال يارهون: ڇا ڪلان ڪوٽ تي تفصيلي تحقيق يا کوٽائي ٿي آهي يا نه؟
سنڌ عرب دور (ص 42) تي لکي ٿو ته “سنڌ جي عربي دور تي آثار قديمه محڪمي طرفان تمام گهٽ روشني وڌل آهي. ڇاڪاڻ ته انهي ڏس ۾ تمام گهٽ کوٽائي ڪئي وئي آهي. اهي هنڌ ۽ ماڳ جتي نهايت ئي آباد ۽ ڳتيل شهر هئا اتي مٽي ۽ واري جا دڙا پيا ڏسجن. بي رحم وقت انهن کي تباهه ۽ برباد ڪري ڇڏيو. درحقيقت وقت ئي سچي انساني تهذيب ۽ اٿ ويهه جو دارومدار آهي. ديبل جي مشهور بندر جو ماڳ اڃا تائين مقرر نه ٿي سگهيو آهي. نيرون پڻ صفحه هستي تان غائب آهي جيتوڻيڪ ان کي هاڻوڪي حيدرآباد سان تشبيهه ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي. منصوره جنهن کي دلور جي ڀڙي سان مشابهت ڏني وئي آهي. شهدادپور جي ڀر ۾ آهي ۽ ان ۾ رڳي سڙيل سرن جا دڙا آهن. آثار قديمه جي محڪمي طرفان انهيءَ طرف ڪو به ڌيان نه ڏنو ويو آهي. انهيءَ محڪمي جو خاص ڌيان ڀنڀور جي کنڊرن طرف آهي. جتي بار بار کوٽائين ڪرڻ کانپوءِ به کانئن ڳالهه ظاهر نه ٿي آهي. پر آثار قديمه وارن هروڀرو انهيءَ کي سنڌ جي مشهور بندرگاهه ديبل سان تشبيهه ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. جيئن ته ڪيترن دڙن ۽ پڙن جي کوٽائي اڃا نه ٿي آهي ان ڪري چئي نٿو سگهجي ته تاريخ جا ڪهڙا ڪهڙا خزانا اڃا لڪل آهن.”
ساڳيو ڪتاب (ص 61) “ ميرپور خاص لڳ ٻڌ اسٽوپا، گوڙي لڳ جين مندر، جهرڪ ويجهو ٻڌڌرم جا کنڊر، ساموئي جا کنڊر، ٺٽي لڳ ڪلان ڪوٽ جا کنڊر، گوني تعلقي ۾ سُڌيرن جو ٺل، ٽنڊي فضل ويجهو ڌورا هنڱورا، ريتي لڳ وڄڙوٽ (يا وڄڻوٽ)، دولت پور ڀرسان ٺل ميررڪڻ ۽ ٻيا ڪيئي ماڳ، کنڊر ۽ آثار آهن. جيڪڏهن اهي کنڊر ايمانداريءَ سان کوٽائي ڪيا وڃن ته ممڪن آهي ته سنڌ جي تاريخ جا ڪيئي لڪل باب نڪري نروار ٿيندا.”
ڳالهه جو مطلب ته ڪلان ڪوٽ جي قديم قلعي تي اڃان تائين ڪابه تفصيلي تحقيق يا کوٽائي نه ٿي آهي.
سوال ٻارهون: ڪلان ڪوٽ جي قلعي ۾ موجود مسجد لاءِ تاريخ ڇا ٿي لکي؟
“مير علي شيخ قانع ٺٽوي، تحفةالڪرام ۾ ان مسجد جو ذڪر ڪندي لکي ٿو ته، اتان جي جامع مسجد اڏاوت جي خيال کان ٺٽي جي جامع مسجد کان ڏيڍوڻي نظر اچي ٿي”.
“پير حسام الدين راشدي جي خيال مطابق اها مسجد ترخاني دور جي آهي”.
منهنجي (اشتياق انصاري) خيال مطابق مسجد جي عمارت مغل دور جو ڏيک ڏي ٿي.
(سڀ حوالا: سنڌ جا ڪوٽ ۽ قلعا ص 204 تان ورتل)
“مسجد تمام خوبصورت هُئي. قلعي (ڪلان ڪوٽ) اندر هيءُ مسجد ترخانن جي دور ۾ ٺهي”. (سنڌ سڀيتا، ص 129)
سوال تيرهون: فتحنامه سنڌ ۾ برهمڻ آباد بابت ٻڌايل آثار ۽ ڪلان ڪوٽ جو قلعو؟
“۽ (پاڻ) منجهل نهر مان پار ٽپيا”. (ص 288)
ڳوٺ تاج محمد ٻرڙو کان ٿوري مفاصلي تي اڀرندي پاسي نيازي فارم آهي. ان فارم جي اولهندي پاسي اڄ به ڪنهن وڏي نهر جا آثار ملن ٿا. هاڻي درياءَ يا نهر جو ته ڪو نالو نشان ئي ناهي البته نالي جي نسبت سان اڄ به مقامي ماڻهو ان علائقي کي “منڃر وارو لڙ” چوندا آهن. جڏهن ته هڪ ڍنڍ به آهي جنهن کي اڄ به “منڃر ڍنڍ” چوندا آهن.
منجهل يا منڃر بابت مون هن ڪتاب جي باب ٻئي ۾ لکيو آهي.
“اتان (دهليله) کان برهمڻ آباد ٽي ميل هو”. (ص 290)
مون پهرين هڪ جڳهه تي لکيو هو ته اسان وٽ طول ۽ عرض جا معيار اڄ به تحقيق طلب آهن پر تنهن هوندي به اگر منڃر ڍنڍ (منجهل نهر) کان ڪلان ڪوٽ (برهمڻ آباد) جو مفاصلو ماپيو ته ايترو ئي ٿيندو.
مسٽر هينري ڪزنس پنهنجي ڪتاب “سنڌ جا قديم آثار” (ص 46) تي لکي ٿو ته “ان جا ءِ (دهليله) کان وٺي برهمڻ آباد تائين هڪ فرسنگ جو پنڌ هو”.
“پوءِ محمد بن قاسم دهليله کان منزل پٽي، برهمڻ آباد جي اڀرندي طرف
نهر جلوالي جي ڪناري وڃي لٿو”. (ص 291)
ڪلان ڪوٽ قلعي جي اوڀر پاسي نهر ضرور آهي پر مقامي ماڻهو ان کي ڪلان ڪوٽ ڍنڍ چون ٿا.لوڪ ادب جي ڪتاب “سهڻي ميهار ۽ نوري ڄام تماچي” (ص 236) تي نوري ڄام واري قصي ۾ لکي ٿو ته “سونهري، ڪينجهر، هاليجي، هڏيرو، ڪلان ڪوٽ، جهول ۽ کوئي، ستن ڍنڍن جو محصول بادشاھ، گندرن کي معاف ڪري ڇڏيو. انهيءَ وقت ڪن ڍنڍن جا اهي ساڳيا نالا هئا ۽ ڪن جا ٻيا هئا”.
“محمد بن قاسم اتي (برهمڻ آباد) پهچڻ تي کاهي کوٽڻ جو حڪم ڏنو.
ڏهاڙي جنگ لڳندي هئي. جنگ کانپوءِ مسلمان کاهي جي اندر ۽ ڪافر قلعي ۾ ويندا هئا. اهڙي دستور ڇهه مهينا پورا ٿيا”. (ص 292)
مقامي ماڻهو ٻڌائين ٿا ته ڪلان ڪوٽ قلعي جي اوڀر ڏکڻ ۾ کاهين جا نشان ۽ قبرون هيون. جيڪي مختلف سرگرمين سبب هاڻي ختم ٿي چڪا آهن.
ڪتاب سنڌ جا قديم آثار (ص 42) تي هينري ڪزنس، ميجر راورٽي
جي ڪتاب مهراڻ آف سنڌ جو حوالو ڏيئي لکي ٿو ته “راؤڙ ، برهمڻ آباد جي اولهه طرف آهي”.
هينئر اگر راؤڙ (ٻاٻڙا يا ڳوٺ محمد هاشم ڪاتيار) ۽ برهمڻ آباد (ڪلان ڪوٽ) جو طرف جانچيو ته ساڳيو ٿيئي ٿو، جيڪو مٿي ڏنل آهي.
تاريخ گواه آهي ته راجا چچ، اگهم لوهاڻي سان مقابلي لاءِ ٻارنهن مهينا
برهمڻ آباد جو گهيرو ڪري ويٺو هو.عربن به ڇهه مهينا برهمڻ آباد جو گهيرو ڪيو هو ، نه صرف گهيرو پر ڏينهن رات لڙائي به ڪئي هئي پر اهي قلعو فتح نه ڪري سگهيا. فتحنامه ۾ لکيل آهي ته برهمڻ آباد جي قلعي ۾ سورنهن هزار جنگي جوان قتل ڪيا ويا ۽ ٻين کي امان ڏني وئي.
“پهرين ڪاهه وقت سلطان فيروز جي لشڪر ۾ نوي هزار سوار، چار سو اسي هاٿي، پنج هزار ٻيڙيون ۽ بي انداز پيادا هئا ۽ ڄام وٽ ويهه هزار سوار ۽ چار لک پيادا هئا. ڄام جو اهو سڄو لشڪر ٺٽي ۾ قلعبند هو. ان مان قلعي ۽ شهر جي وسعت جو اندازو ڪري سگهجي ٿو. ٺٽي جي لشڪر کي فيروز جو اهو ڪٽڪ زير ڪري نه سگهيو. پهريون دفعو فيروز مايوس ٿي موٽي ويو”. (مڪلي نامون ص25، ڳالهيون ڳوٺ وڻن جون ص 31 ، لاڙ جي ادبي ۽ ثقافتي تاريخ ص 123 ۽ سنڌ سڀيتا ص 131)
ڪلان ڪوٽ کي برهمڻ آباد ثابت ڪرڻ لاءِ اهو به هڪ وڏو ثبوت آهي.
سوال چوڏهون: ڇا ڪلان ڪوٽ جو قلعو سڪندر اعظم جي دور جو آهي؟
سنڌ جا ڪوٽ ۽ قلعا (ص 185) “مڪلي ٽڪري تي ڪلان ڪوٽ قديم زماني کان موجود سمجهيو وڃي ٿو. اهوئي سبب آهي ته ڪن تاريخ نويسن ان جي قدامت سڪندر جي دور سان وڃي ملائي آهي.”
ڪتاب قديم سنڌ، ان جا مشهور شهر ۽ ماڻهو (ص 99) تي مرزا قليچ بيگ صاحب ڪلان ڪوٽ بابت لکي ٿو ته “ڪن جو خيال آهي ته سيوهڻ جي ڪافر قلعي وانگر هي (ڪلان ڪوٽ) به سڪندر بادشاهه جي سپهه سالار جو ٺهرايل آهي.
لاڙ جي ادبي ۽ ثقافتي تاريخ (ص 116) “ ڪاڪي ڀيرومل جو خيال آهي ته اهو قلعو (ڪلان ڪوٽ) هندن جو جوڙايل آهي ۽ ڪراچي جي ڪلان ڪوٽ وانگر هت به ديويءَ جو آستان ۽ مندر هوندو هو پر جڏهن مسلمانن هن قلعي تي قبضو ڪيو تڏهن ان جاءِ تي مسجد ٺهرايائون”.
سنڌ جي قديم آثارن جي ڊائريڪٽري (ص 234) “هتان (ڪلان ڪوٽ مان) ملندڙ ٺڪراٽو سنڌو تهذيب کان اڳ جو، سنڌو تهذيب وارو، اوائلي اسلامي ۽ پوئين اسلامي دور جو آهي”.
سنڌ جي قديم آثارن جي ڊائريڪٽري (ص 235) “اعجاز الحق قدوسي لکي ٿو ته هي ڪوٽ (ڪلان ڪوٽ) قديم دور جو آهي”.
مڪلي نامو (ص 677) “مرزا قليچ بيگ لکي ٿو ته ڪلان ڪوٽ سيوهڻ جي قلعي جيترو قديم آهي ۽ سڪندر اعظم جي دور ۾ به موجود هو”.
محترم عنايت الله کٽياڻ پنهنجي ڪتاب سنڌ سڀيتا (ص 132) تي لکي ٿو ته “پر ڪلان ڪوٽ راجا ڏاهر جي حڪومت کان اڳ جو تعمير ٿيل آهي. هن ڪوٽ جي اڏاوت تمام پراڻي آهي ۽ ٻه ڀيرا ڊهي وڃڻ کان پوءِ هن کي وري ٺاهيو ويو”.
فتحنامه سنڌ (ص 396) اشارا ۽ واڌارا ۾ ڊاڪٽر بلوچ صاحب لکي ٿو ته “برهمڻ آباد: فتحنامي جي قلمي نسخن ۾ هن نالي جي صورتخطي برهمناباد آهي، بهرصورت هن نالي جي پڇاڙي آباد مان ظاهر آهي ته هي اصل ايراني نالو آهي. جنهن کي ايران جي بادشاهه بهمن اردشير حڪم سان ٻڌو ويو”. ڳالهه جو مطلب ته ڪلان ڪوٽ (برهمڻ آباد) جي تعمير ايراني دور ۾ ٿي هئي.
محترم عبدالله خان مگسي، رني ڪوٽ بابت لکيل پنهنجي مقالي (ص 97) تي لکي ٿو ته “سيوهڻ ۾ سڪندر وارو قلعو عرف ڪافر قلعو، بکر وغيره جا قلعا بارود جي استعمال کان اڳ جا قلعا آهن. انهن قلعن جي ٻاهران پاڻيءَ جون کاهيون ثابت ڪن ٿيون ته اهي انهيءَ دور ۾ ٺهيا هوندا، جنهن دور ۾ کانڀاڻيون ۽ منجنيقون استعمال ڪيون وينديون هيون”. جڏهن ته ساڳي صفحي تي وڌيڪ لکي ٿو ته “قلعن جي تاريخ ٻڌائي ٿي ته اڪثر ڪري قديم قلعا دريائن، واهن ۽ ڍنڍن جي ڪنارن تي تعمير ڪرايا ويندا هئا ته جيئن پاڻي جي فراهمي سولائي سان ٿي سگهي. انهن دريائن کي قلعي جي ٻاهران بچاءُ طور استعمال ڪري سگهبو هو”.
افسوس جو مگسي صاحب ايترا حوالا ڏيڻ جي باوجود پنهنجي مقالي ۾ ڪٿي به ڪلان ڪوٽ جو ذڪر ناهي لکيو. حالانڪه مٿي لکيل سڀئي ڳالهيون ڪلان ڪوٽ سان به لاڳو آهن. مثال ڪلان ڪوٽ جو قلعو درياءَ جي شاخ تي ٺهيل آهي اڄ به اگر غور سان ڏسبو ته قلعي جي ٽن پاسن کان پاڻي آهي باقي هڪڙي پاسي ميداني علائقو آهي جنهن ڪري اتان کاهي کوٽي وئي هئي، جنهن جا نشان اڄ به ڏسي سگهجن ٿا.
ٺٽي جا قديم اسلامي يادگار (ص 39) “هن ماڳ (ڪلان ڪوٽ) جو ذڪر سڪندر جي هر مورخ ڪيو آهي”.
مٿي مون لاڙ جي ادبي ۽ ثقافتي تاريخ جو حوالو ڏنو آهي. ان ۾ مسٽر سمٿ به هن کي سڪندر جي دور جو لکيو آهي.
سوال پندرهون: پاڪستان ۾ قديم آثارن جي وڏي ڄاڻو محترم احمد حسن داني، ڪلان ڪوٽ بابت ڇا ٿو لکي؟
محترم احمد حسن داني، پنهنجي ڪتاب ٺٽي جا قديم اسلامي يادگار (ص 38) تي ڪلان ڪوٽ بابت لکي ٿو ته “هيٺين سببن ڪري ڪلان ڪوٽ نه ننگر ٺٽي جو قلعو آهي نه وري اهو سما ڄامن جو تعمير ڪرايل آهي.
سما دور جي مڪليءَ جي اڏاوتن ۾ ڪتب آندل سر ۽ ڪلان ڪوٽ جي تعمير ۾ ڪتب آندل سرن جي گهاگ ۾ گهڻو فرق آهي. مڪلي واري سر، سما دور سان تعلق رکي ٿي. جڏهن ته ڪلان ڪوٽ واري سر، تختيءَ ۾ وڏي ۽ سما دور جي اڏاوت لاءِ ڪتب آيل سرن کان گهڻو قديم ۽ مختلف آهي.
قلعي اندر شِوَ مندر جي موجودگي هن جي سنڌي هندو دور جي اڏاوت هئڻ جي نشاندهي ڪري ٿي.
قلعي جي ڀت ۾ وچ تي ڪچين سرن جو استعمال ڏيکاري ٿو، ته اهو قلعو بارود جي استعمال کان اڳ واري زماني سان تعلق رکي ٿو. جڏهن ته سما دور ۾ بارود جو واهپو عام هو.
سڪندر يوناني کان وٺي غورين بلڪ ارغونن تائين سڀ حملا خيبر لڪ ۽ بولان لڪ کان ٿيندا رهيا آهن، تنهن ڪري مگر ٺٽي جي بچاءُ لاءِ قلعو ان شهر جي اترکان هئڻ گهرجي ها. پر هي ڏکڻ اولهه ۾ آهي.
قلعي کان درياءَ ڏانهن ويندڙ هڪ گهاٽ آهي. معلوم ائين ٿئي ٿو ته اهو هاٿي گهاٽ آهي جنهن وسيلي قلعي مان هاٿي ڪڍي درياهه ڏانهن آندا ويندا هئا. هاٿيءَ جو جنگي استعمال سومرن ۽ سمن کان گهڻو اڳ ختم ٿي چڪو هو.
قلعي جا برج تير جي پهچ جيتري وٿيءَ تي تعمير ٿيل آهن، جنهن مان سمجهه ۾ اچي ٿو ته قلعي جي اڏاوت جو زمانو تير ڪمان واري جنگ وارو دور هو”.
سنڌ جي قديم آثارن جي ڊائريڪٽري (ص 40) تي محترم احمد حسن داني صاحب بابت لکي ٿو ته “احمد حسن داني 1920ع ۾ ڄائو. پاڻ پاڪستان جي قديم آثارن جو وڏو ڄاڻو، سنسڪرت جو پاڪستان ۾ واحد عالم، پشاور يونيورسٽيءَ ۾ آرڪيالاجي پروفيسر ۽ ڏکڻ ايشيا جي ملڪن جي قديم آثارن جو ماهر سمجهيو وڃي ٿو. هي اسلامي اڏاوت Islamic Architecture تي وڏي مهارت رکي ٿو. پاڻ ٽيڪسلا انسٽيٽيوٽ آف ايشين سولائيزيشن جو ڊائريڪٽر آهي. هي پهريون مسلمان هو جنهن بنارس هندو يونيورسٽيءَ مان گريجوئيشن ڪئي. کيس مڃتا طور پاڪستان سرڪار طرفان هلالِ امتياز عطا ڪيل آهي. سندس کوڙ مقالا ۽ ڪتاب ڇپيل آهن. جن ۾ مڪلي جي اڏاوتن تي اعليٰ ڪتاب لکيل آهي”.
سوال سورهون: برهمڻ آباد ۾ برهمڻ بادشاهه سال جي ڪهڙي مند گذاريندا هئا؟
هن سوال کي به اسان جي تاريخي ڪتابن ڪافي منجهايو آهي. مثال
فتحنامه سنڌ (ص 93) “هو (راجا ڏاهر) گرمين جا چار مهينا راؤڙ ۾ ترسندو هو، ڇاڪاڻ ته اها وڻندڙ جڳهه هئي، سندس هوا موافق ۽ پاڻي وڻندڙ هو. سياري جا چار مهينا برهمڻ آباد ۾ گذاريندو هو ۽ بهار جا چار مهينا اروڙ ۾ رهندو هو.”
تحفةالڪرام (ص 17) برهمڻ خاندان لاءِ لکي ٿو ته “سياري جا چار مهينا برهمڻ آباد ۾ گذاريندا هئا ۽ بهار جا چار مهينا اروڙ ۾ رهندو هو.” خبر ناهي ته قانع صاحب سال جا اٺ مهينا ڇو لکيا آهن يا کڻي ائين چئجي ته ميرقانع راؤڙ واري ماڳ جو حوالو ڇو ناهي ڏنو؟
سنڌ جا قديم آثار (ص 31) “هو (راجا ڏاهر) اونهاري جا چار مهينا اتي (راؤڙ) ۾ گذاريندو هو، ڇاڪاڻ ته هن شهر جي آبهوا صحت لاءِ سٺي ۽ پاڻي مٺو هو. سياري جا چار مهينا هن برهمڻ آباد ۾ گذارڻ لاءِ مقرر ڪيا هئا ۽ بهار جي موسم جا چار مهينا هو الور ۾ رهندو هو”.
سنڌ عرب دور (455) “برهمڻ آباد لاءِ ٻڌايو ويو آهي ته اهو سنڌ جي راجائن جو اونهاري جو تخت گاهه هو ڇاڪاڻ ته سمنڊ جي هير ان تائين پهچندي هئي.” (هتي مصنف ٻين محققن کان هٽي ڪري ڳالهه لکي آهي. پر جي مڃون ته برهمڻ راجا اونهاري ۾ برهمڻ آباد ۾ ترسندا هئا ته به ڳالهه ۾ وزن آهي، ڇو ته سمنڊ جي هير حيدرآباد تائين به مشڪل سان پهچي ٿي).
سنڌ، مسلمانن جي فتح کان اڳ (ص 230) “هو (راجا ڏاهر) اونهاري جا چار مهينا راؤڙ نالي هڪ قلعي ۾ گذاريندو هو. سيارو برهمڻ آباد ۾ ۽ بهار الور ۾ گذاريندو هو”.
ڪئپٽن جئمس مئڪمرڊو پنهنجي ڪتاب “سکاري سنڌ ڏکارا ماڻهو” (ص 15) تي لکي ٿو ته “لاڙ واري ڀاڱي ۾ اهڙي سخت ٿڌ ڪانه پوندي آهي.”
لاڙ جي ادبي ۽ ثقافتي تاريخ (ص 26) “سمنڊ جي ويجهڙائي سبب هت (لاڙ ۾) سياري توڙي اونهاري ۾ معتدل ۽ وڻندڙ هوائون لڳنديون آهن”.
سرو سمنڊ کان پري آهي ۽ اولهه پاسي کان ويران ٽڪريون اٿس، تنهن ڪري اتي جي آبهوا اونهاي ۾ تمام گرم ۽ سياري ۾ تمام سرد ٿئي”.)جنت السنڌ ص 7 ۽ سنڌ بابت جامع معلومات، ص 274)
جهڙي حساب سان لاڙ واري حصي ۾ گهڻي گرمي ناهي ٿيندي اهڙي ئي حساب سان سردين ۾ وري لاڙ واري پاسي سردي به گهٽ ٿيندي آهي. ان حساب سان فتحنامه واري ڳالهه ۾ صداقت آهي ۽ برهمڻ بادشاهه سياري جا چار مهينا برهمڻ آباد (ڪلان ڪوٽ) ۾ گذاريندا هئا.
برهمڻ بادشاهه سياري جا چار مهينا لاڙ ۾ ڇو گذاريندا هئا؟ ان جو وڏو ثبوت محترم غلام علي الانا لاڙ جي ادبي ۽ ثقافتي تاريخ (ص 28) تي هن ريت ڏنو آهي. “ سياري ۾ اتر لڳندا آهن يعني ته اتر طرف کان ٿڌي هوا لڳندي آهي. اتر کان سواءِ اتر – اوڀر کان ٿڌيون هوائون پڻ لڳنديون آهن. اهي هوائون، صحت جي لحاظ سان فائدي واريون آهن، ڇاڪاڻ ته هنن هوائن جي لڳڻ ڪري بيماريون دفع ٿي وينديون آهن ۽ ماڻهو تندرست، چست ۽ چالاڪ ڏسبا آهن. هن موسم ۾ دو – آبو وارو حصو، ميدانن کان به وڌيڪ وڻندڙ هوندو آهي. البت صبح جي وقت ڪوهيرو ۽ ڌنڌ ٿيندو آهي، جيڪي ڪجهه وقت کان پوءِ ختم ٿي ويندو آهي. هن موسم ۾ لاڙ، شڪار گاهه بڻجي ويندو آهي. شڪار جا شوقين هزارن جي تعداد ۾ هن ايراضي ۾ ايندا آهن”.
سوال سترهون: برهمڻ آباد (ڪلان ڪوٽ) جي فتح کانپوءِ عرب لشڪر ڪهڙي پاسي پيشقدمي ڪئي؟
فتحنامه سنڌ ۽ سنڌ عرب دور لکن ٿا ته برهمڻ آباد جي فتح کان پوءِ عرب لشڪر ساوندي طرف پيشقدمي ڪئي جتي جي ماڻهن دهلن ۽ شرنائين سان عربن جو استقبال ڪيو. پر افسوس جو اڄ ڏينهن تائين ساوندي جو صحيح پتو ناهي لڳو. تاريخ معصومي (ص 62) “ ٿريءَ جي آسپاس ۾ رهندڙ سما ماڻهو گڏجي دهلن ۽ شرنائين سان محمد بن قاسم جي خدمت ۾ حاضر ٿيا”. جڳ مشهور ڪتاب تحفةالڪرام (ص 46) تي لکي ٿو ته “ٿرڙي جي آسپاس جي سمن ماڻهن گڏ ٿي دهلن ۽ شرنائين سميت خدمت ۾ حاضر ٿي ناچ شروع ڪيو. (هيٺ حاشيه ۾ مترجم لکي ٿو ته فتحنامي ص 217-218 ۾ هيءُ نالو ساوندي ڄاڻايل آهي). ان مان اهو ثابت آهي ته موجوده ٺٽي ضلعي ۾ موجود ٿرڙي جو قلعو، جنهن جي پاسي ۾ شيخ ابو تراب جي مزار آهي اهوئي تاريخي دور وارو ساوندي جو علائقو آهي. ساوندي يا ٿرڙي بابت مون هن ڪتاب جي باب پنجين ۾ تفصيلي نوٽ لکيو آهي. ڳالهه جو مقصد ته اگر برهمڻ آباد جو قلعو موجوده سانگهڙ ۾ هو ته پوءِ عربن کي ڪهڙي کُٽي کنيو جو اهي سانگهڙ مان واپس ٺٽي آيا؟
سوال ارڙهون: ڇا برهمڻ آباد ۽ منصوره هڪڙي ماڳ جا ٻه نالا آهن يا الڳ الڳ آهن؟
فتحنامه سنڌ (ص 398) “منصوره، برهمڻ آباد کان ٻه فرسنگ جي مفاصلي تي هو.”
ڳالهيون ڳوٺ وڻن جون (ص 360) “برهمڻ آباد جي ڀڪ سان عربي حڪومت جو مرڪز منصوره موجود هو، جتي سنڌ جو عربي حاڪم رهندو هو”.
قديم سنڌ، ان جا مشهور شهر ۽ ماڻهو ص 259) “عباسي خليفن جي ڏينهن ۾ سنه 750ع ڌاري منصور بن جمهور سنڌ ۾ حاڪم هو، تنهن برهمڻ آباد کان ٿوري پنڌ تي هي (منصوره) شهر ٻڌايو”.
جنت السنڌ (ص 148) “حڪم بن عوانه ڪلبيءَ سان غازي اعظم محمد بن قاسم جو پٽ عمرو گڏجي آيو هو، جنهن برهمڻ آباد کان ٻن فرسخ جي مفاصلي تي سنه 110هه ۾ منصوره جو شهر سنڌونديءَ جي هڪڙي ٻيٽ تي دمشق جي نموني تي تعمير ڪرايو”.
سنڌ عرب دور (328) تي عرب ليکڪ البلاذري جو حوالو ڏيئي لکي ٿو ته “ بلاذري صاف صاف ٻڌايو آهي ته برهمڻ آباد جو شهر منصوره کان ڇهن ميلن جي پنڌ تي هو.”
ساڳيو ڪتاب ساڳي صفحي تي لکي ٿو ته “ان ڪري واضع ٿيو ته منصوره جو شهر، برهمڻ آباد واري ايراضي تي ٺهيل ڪونه هو ۽ ٻئي شهر الڳ الڳ هنڌن تي ٻڌل هئا. اهو ممڪن آهي ته عربن نئين شهر جي ٺاهڻ وقت سرون ۽ ٻيو ضروري سامان برهمڻ آباد جي کنڊرن مان هٿ ڪيو.”
ساڳيو ڪتاب (ص 456) تي البلاذري جو حوالو ڏيئي لکي ٿو ته “برهمڻ آباد جي مرڪزي حيثيت غالباً تڏهن گھٽي جڏهن محمد بن قاسم جي پٽ عمرو، سنڌ جي گورنر الحڪم جي ايامڪاري ۾ سندس شاندار فتحن جي يادگار ۾ منصوره جو شهر ٻڌايو.” هن مان اهو به ثابت آهي ته برهمڻ آباد سنڌ جو قديم شهر هو ۽ تمام آڳاٽو ٺهيل هو جڏهن ته منصوره جو شهر ستين عرب گورنر حڪم بن عوانه الڪلبي جي ڏينهن ۾ تعمير ڪيو ويو.
انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جلد نائون (سنڌ نمبر) ص 58 تي “برهمڻ آباد/منصوره بندر” ڪري لکيو آهي. جنهن جو مطلب ته برهمڻ آباد ۽ منصوره هڪڙي ئي ماڳ جا ٻه نالا آهن. پر تاريخ گواهه آهي ته برهمڻ آباد هڪ الڳ ماڳ جڏهن ته منصوره الڳ ماڳ آهي. ٻنهي کي هڪ ڪري لکڻ سان به تاريخ ۾ مونجهارو آهي.
سوال اوڻيهون: اگر برهمڻ آباد ۽ منصوره الڳ الڳ آهن ته پوءِ منصوره ڪٿي هو؟
موجوده ٺٽي ۾ ڪلان ڪوٽ جو قلعو ئي برهمڻ يا عرب دور وارو برهمڻ آباد آهي ۽ تاريخي ڪتابن مطابق ته منصوره جو شهر برهمڻ آباد کان ڇھن ميلن جي فاصلي تي هو ته موجوده ڪلان ڪوٽ کي جيڪو ويجهو مشهور ۽ تاريخي ماڳ آهي اهو پيرپٺو آهي. مون پهرين به لکيو ته اسان وٽ طول ۽ عرض اڄ ڏينهن سلجهي ناهن سگهيا پر ان جي باوجود به جيڪڏهن ڪلان ڪوٽ کان پيرپٺي جو مفاصلو ماپيون ته ساڳيو ٿيندو. ان مان مراد ته ڪلان ڪوٽ پراڻي دور وارو برهمڻ آباد ۽ موجوده پيرپٺو، عرب گورنرن پاران ٺهرايل شهر منصوره آهي.
منصوره بابت تفصلي نوٽ توهان هن ڪتاب جي باب چوٿين ۾ پڙهي سگهندا.
سوال ويهون: ڪلان ڪوٽ جي خوبصورتي بابت ليکڪ ڇا ٿا لکن؟
مير علي شيخ قانع ٺٽوي، ڪلان ڪوٽ جي تعريف ۾ لکي ٿو ته:
“هن زمين جي شادابي لاءِ جڏهن سخن يا آواز ڪڍجي ٿو ته ڄڻ هو آب حيات مان غسل ڪري نڪري ٿو”.
“جڏهن هن جي هوا چپن وٽان گذري ٿي ته ڄڻ خضر جو آب حيات ڳلي مان هيٺ لهي ٿو”.
“جيڪڏهن هن جي تعريف ۾ قلم کڻجي ته قلم پنهنجي خوشي مان روان ٿي وڃي”.
“جيڪڏهن هن جي تعريف ۾ ڪجهه لکجي ته هرڻ جي اک مان ان جي لاءِ مَسُ وٺڻي پئي”.
(محترم اشتياق انصاري جي ڪتاب سنڌ جا ڪوٽ ۽ قلعا (ص 182) تان ورتل)
ڪلان ڪوٽ جي هِن ڪُنڊ (اتر اوڀر) کان هيٺ ڍنڍ ۽ ان سان گڏ سرسبز زمينون، خوبصورت منظر پيش ڪري رهيون آهن. هيءُ منظر به ڏاڍو دلڪش ۽ دلفريب محسوس ٿيو. مون کي هن ڪوٽ جي تعريف ۾ مير علي شير قانع ٺٽوي جي ڪتاب “مڪلي ناما” ۾ لکيل خوبصورت تشبيهون ۽ منظرڪشي ياد اچي ويئي. مير صاحب هن ڪوٽ (ڪلان ڪوٽ) لاءِ لکي ٿو ته، هيٺانهينءَ کان ڪوٽ جا بُرج ڏسجن ٿا ته اُهي آسمان سان ڳالهيون ڪندي نظر اچن ٿا ۽ ڪوٽ جي ديوارن ۽ بُرجن تان ڪوٽ جي ٻاهران ڍنڍ جو دلڪش نظارو ساوا ساوا باغات جنت جو منظر نظر اچي ٿو. مير صاحب هيءَ منظرڪشي شام جي ٿڌڙي هير لڳندي ۽ چانڊوڪين راتين جو ذڪر ڪندي ڪئي آهي. جيڪا مون کي 100 فيصد صحيح لڳي ٿي”. (سنڌ سڀيتا، محترم عنايت الله کٽياڻ (ص130)
“ڏٺو وڃي ته سنڌ ۾ رني ڪوٽ کان پوءِ ڪلان ڪوٽ هي وڏو ڪوٽ آهي”. (سنڌ جا ڪوٽ ۽ قلعا ص 187)
“ڪوٽ جي رٿابندي، ان جي برجن ۽ دروازن جا نشان ۽ ان جي پکيڙ، تاريخ جي شاگردن کي سوچڻ تي مجبور ڪري ٿي ته اهو ڪوٽ (ڪلان ڪوٽ) جڏهن پنهنجي اوج تي هوندو ته ڇا هوندو”. (سنڌ جا ڪوٽ ۽ قلعا ص 182)
“ڪوٽ (ڪلان ڪوٽ) جي برجن جو تعداد 58 ليکيو وڃي ٿو، جيڪي هاڻي ته نظر نه ٿا اچن پر برجن جو اهو تعداد ڪوٽ جي مظبوطيءَ جو واضع مثال آهي”. (سنڌ سڀيتا، محترم عنايت الله کٽياڻ (ص 131)