لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق

برهمڻ آباد / ڪلان ڪوٽ

ٺٽوي ڪاتيار جي ڪيل تحقيق سان ڪافي گم ٿيل ماڳن کي ڳولڻ ۾ مدد ملندي، خاص ڪري راؤڙ، برهمڻ آباد، منصوره، محفوظه، ساوندي، بهرور، دهليله، ڪلري واهه ۽ ٻين ماڳن بابت ڪافي بحث ڪيل آهي. هن نيون کوجنائون ڪيون آهن، جنهن لاءِ هن وٽ دليل به آهن. هو هوائي ڳالهيون نٿو ڪري. ٺٽوي ڪاتيار سان اختلاف هجي ته ڪوبه محقق وڌيڪ ٺوس دليلن ۽ ثبوتن سان اچي ته هڪ صحتمند بحث جڙي سگهي ٿو. هن جي ڪم تي ڇنڊڇاڻ کانپوءِ اسين ڪنهن نتيجي تي پهچنداسين.
Title Cover of book برهمڻ آباد / ڪلان ڪوٽ

باب پهريون: برهمڻ يا عرب دور ۾ سنڌو درياءَ جا وهڪرا

هن ڪتاب يا هن تاريخ کي سمجهڻ لاءِ سڀ کان پهريان اسان کي قديم دور وارا سنڌو درياءَ جا وهڪرا ڳولڻا پوندا، جنهن کان پوءِ تاريخ سمجهه ۾ اچي سگهي ٿي.
پهرين ڳالهه ته هينري ڪزنس پنهنجي ڪتاب “سنڌ جا قديم آثار” (ص 2) تي درياءَ بابت لکيو آهي ته “هي وڏو درياءَ (سنڌو) جنهن ۾ پنجاب جي سڀني دريائن جو ڇوڙ آهي. تنهنجو سدائين اهو ساڳيو وهڪرو ناهي رهيو جنهن تان موجوده درياءَ وهي رهيو آهي. ڪنهن ٻئي درياءَ شايد ئي هن وانگر، ايامن کان وٺي پنهنجا وهڪرا نه مٽايا هجن. جيئن هن سيلاني درياءَ پنهنجا رستا سنڌ جي ميدان مان ڪٽي بنايا آهن. اوڀر طرف راجستان جي رڻ پٽ جي بنهه ڪڇ کان وٺي اولهه واري جابلو علائقي تائين، جيڪو اٽڪل هڪ سو ميل ميداني خطو آهي تنهن ۾ هي، هڪ يا ٻئي دور ۾، هڪ وڏي درياهه يا سندس ٻن ٽن مکيه وهڪرن يا ان کان وڌيڪ بي شمار شاخن ۾ پئي رهيو آهي. جن پنهنجي وهڪرن کي وقت بوقت پئي بدلايو آهي.”ساڳيو ڪتاب (ص 3) “سڄي ملڪ جو مٿاڇرو سنڌو درياءَ جي پراڻن پيٽن جي ابتن سبتن وهڪرن جي نشانن سان ڀريو پيو آهي. جيڪي مٽي جي طوفانن ۽ واري جي اڏامڻ جي سبب تيزي سان هموار ٿيندا پيا وڃن.” ساڳيو ڪتاب (ص 5) “سنڌو درياءَ جي موجوده حالتن ۾ دوآبي کي نظر ۾ رکي پراڻن شهرن کي سڃاڻڻ هڪ اجائي ڳالهه آهي.”
انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جلد پنجون (ص 160) “تاريخ جي مطالعي مان معلوم ٿيئي ٿو ته تهذيب ۽ تمدن جي شروعات درياهن کان ٿي آهي. انساني آبادين، ڪاروباري مرڪزن، شهرن ۽ قلعن ۽ ڪوٽن جا جيڪي به اهڃاڻ ۽ پار پتا ملن ٿا، اهي سڀ درياهه جي ڪنڌين يا ان مان نڪرندڙ شاخن جي وهڪري يا لنگهه وٽ ٻڌل هئا. موهن جي دڙي کان چانهون جي دڙي تائين سمورا قديم شهر درياهه جي ڪنڌين تي نظر اچن ٿا. اهوئي سبب آهي جو درياهه جي رخ مٽائڻ سان آباد ۽ وسنديءَ وارا ڪيترا شهر ۽ ڳوٺ ڦٽي تباهه ٿي ويل ڏسجن ٿا”.
ٻي ڳالهه ته برهمڻ آباد ۽ منصوره بابت ذهين نشين ڪرڻ گهرجي ته اهي ٻئي تاريخي ماڳ هاڻوڪي سنڌ جي ڪهڙي علائقي ۾ آهن؟ اسان جا ڪجهه محقق ان خيال جا آهن ته برهمڻ آباد ۽ منصوره هڪڙي ئي شهر جا ٻه نالا آهن هڪڙو هندو نالو ۽ ٻيو مسلم نالو. جڏهن ته ڪجهه محققن جي مطابق ته اهي ٻئي الڳ الڳ شهر آهن پر انهن جي تحقيق جي مطابق اهي ٻئي موجوده سانگهڙ ضلع ۾ اچن ٿا. پر منهنجي تحقيق چوي ٿي ته نه برهمڻ آباد ۽ منصوره هڪڙي ئي شهر جا ٻه نالا آهن ۽ نه ئي اهي ٻيئي تاريخي ماڳ هاڻوڪي سانگهڙ ضلعي ۾ آهن. تاريخي ماڳ يا قلعو برهمڻ آباد اهو قلعو آهي جنهن کي موجوده زماني ۾ پاڻ ڪلان ڪوٽ چئون ٿا ۽ منصوره جو شهر موجوده پير پٺو آهي. ڪلان ڪوٽ کي برهمڻ آباد ۽ منصوره کي پيرپٺو ڪهڙي بنياد تي لکيو آهي؟ ثبوتن ۽ حوالن سان اهو توهان هن ڪتاب جي باب ٽين ۽ چوٿين ۾ پڙهي سگهندا.
ٽي ڳالهه ته اسان کي اهو معلوم ڪرڻو پوندو ته ان وقت يعني برهمڻ گھراڻي جي حڪومت وقت سنڌو درياءَ ڪٿان وهندو هو؟ ڇو ته مٿي هينري ڪزنس جي ڳالهين مان گهڻو ڪجهه ملي ٿو. ان سوال جي جواب ڳولڻ لاءِ اگر مختلف ڪتابن جو مطالعو ڪجي ته جيترا وات اوتريون ڳالهيون. سواءِ چند ڪتابن جي ٻي ڪنهن ۾ به صحيح معلومات ڏنل ناهي. ان وقت جي درياءَ جو صحيح تعين ڪرڻ لاءِ مشهور عرب سياح ۽ ليکڪ ابن حوقل پاران ڏنل سنڌ جو نقشو اسان لاءِ ڪافي مددگار ثابت ٿيندو. ابن حوقل پاران ڏنل نقشي مطابق تاريخي ڪتاب لکن ٿا ته درياءَ، ڪلري کانپوءِ ٻن شاخن ۾ ورهائجي ويندو هو.
سنڌ عرب دور (ص 452) تي لکي ٿو ته “ڪلري جي شهر لاءِ عربن جو چوڻ آهي ته اهو نهايت ئي آباد، سرسبز ۽ سنڌ جي شاهوڪار حصي ۾ ٺهيل هو. هاڻي انهي شهر کي سڪرنڊ جي اوڀر ۾ هڪ ننڍڙي ڳوٺ سان تشبيهه ڏني وئي آهي.” ساڳيو ڪتاب (ص 324) تي “الادريسي جو ڇهين صدي هجري جو سياح ۽ جاگرافي دان هو، تنهن منصوره بابت هيءُ بيان قلمبند ڪيو آهي، مهراڻ درياءَ ڪلري وٽ ٻن حصن ۾ تقسيم ٿيو وڃي”.
محترم رشيد ڀٽي، رني ڪوٽ بابت لکيل پنهنجي مقالي ۾ (ص 88) تي لکي ٿو ته “اڪثر مورخ ۽ جاگرافيدان ان راءِ جا آهن ته سڄي سنڌ جي پنج سئو ميلن جي سفر ۾ ٻه جايون اهڙيون آهن، جتان سنڌو جو مکيه وهڪرو مستقل رهيو آهي. هڪ سکر ۽ بکر وٽ ۽ ٻيو ڪوٽڙي وٽ”. (ٽي ماهي مهراڻ، رني ڪوٽ نمبر)
ڪلري اهو علائقو آهي جنهن کي موجوده وقت ۾ پاڻ ڪينجهر چون ٿا. ڇو ته مٿي واضع لکيل آهي ته سڪرنڊ جي پاسي هڪ ننڍڙي ڳوٺ کي ڪلري سان تشبيهه ڏني وئي آهي. مون پنهنجي پهرين ڪتاب ۾ واضع لکيو هو ته تشبيهه معنيٰ شڪ ۾ لکيل ڳالھ. تاريخ ۾ جتي شڪ هجي اتي تحقيق جي گنجائش باقي رهي ٿي.
سنڌ جا قديم آثار (ص 8) تي آئين اڪبري جو حوالو ڏيئي لکي ٿو ته “ٺٽي وٽ سنڌو درياءَ کي مهراڻ چوندا آهن”. محترم غلام علي الانا صاحب به درياءَ جون چار شاخون لکيون آهن جن مان هڪ جو نالو مهراڻ آهي. ٿي سگهي ٿو ته سنڌو درياءَ جو مکيه وهڪرو ٺٽي جي طرف ايندو هو ۽ ان ڪري ئي آئين اڪبري ائين لکيو آهي يا ائين به ٿي سگهي ٿو ته درياءَ جي وڏي شاخ جو نالومهراڻ هو. مهراڻ جي مکيه شاخ جڏهن هيلاين تي پهچندي هئي ته اها ٻن حصن يا شاخن ۾ ورهائجي ويندي هئي.
محترم عبدالرشيد گبول جي ڪتاب “ميرپور ساڪري جي تاريخ” جي مهاڳ ۾ محترم حميد مهراڻوي (ص 11) تي لکي ٿو ته “تذڪره اميرخاني (ص 30) ۾ آهي ته 926 هه بمطابق 1520ع ۾ شاهه بيگ ارغون جي حملي وقت ٺٽو، سنڌو درياءَ جي ٻن شاخن بگهاڙ ۽ ڪلري جي وچ ۾ ٻيٽ نما شهر هو”.
محترم رحيم داد خان مولائي شيدائي پنهنجي ڪتاب “تاريخ سکر” (ص 2) تي لکي ٿو ته “مهراڻ جو اصل نالو “سنڌو” آهي، جو سنسڪرت ٻوليءَ جو لفظ آهي، معنيٰ “مها ساگر” (وڏو سمنڊ) جنهن جو ڪنارو نظر اچي نه سگهي ۽ اها حقيقت آهي، ڇو ته اڳ مهراڻ جي آب ڪلاڻيءَ کي روڪڻ لاءِ بند ڏنل ڪونه هئا، پاڻي جي چاڙهه وقت درياهه وڻن ٽڻن، ڳوٺن ۽ جهنگن کي لوڙهيندو، ميلن تائين پکڙجي ويندو هو ۽ سمنڊ نظر ايندو هو. خبر نه ٿي پوي ته سندس پيٽ ۾ ڪيترا شهر دفن آهن. ٻي منجهس هيءَ خوبي آهي ته درياهه ڪيترا ڀيرا پنهنجي وهڪري کي بدلايو آهي. ڪو وقت موئن جو دڙو به ان جي ڪپ تي بندر هو”.
محترم غلام علي الانا پنهنجي ڪتاب “لاڙ جي ادبي ۽ ثقافتي تاريخ (ص 39)” تي لکي ٿو ته “ سنڌو درياءَ جي قديم ڍورن ۽ وهڪرن بابت عالمن جا جدا جدا رايا آهن. ڪئپٽن ڪارليس، ميجر راورٽي، ايٽڪن، ڪزنس، هيگ، مولائي شيدائي ۽ ٻين هن موضوع تي پنهنجا پنهنجا نتيجا ڪڍيا آهن. تنهن هوندي به ڪن وهڪرن ۽ ڍورن جي باري ۾ ڪافي مونجهارو آهي. جن کي يا ته نظرانداز ڪيو ويو آهي يا انهن کي گهٽ اهميت ڏني وئي آهي. لاڙ ۾ انهن (ڍورن ۽ وهڪرن) جا نشان اڃا تائين سلامت آهن. جيڪي پنهنجي تاريخ پاڻ بيان ڪن ٿا. انهن ۾ هاڪڙو (ڍورو پراڻ)، بدرو (الهندين پراڻ)، ريڻ ۽ مهراڻ درياءَ اچي وڃن ٿا”. (ص 41) تي مهراڻ بابت وڌيڪ لکي ٿو ته “مهراڻ جي مکيه شاخ جڏهن هيلاين وٽ پهچندي هئي. تڏهن (1758ع کان اڳ) اها ٻن شاخن ۾ ورهائجي ويندي هئي، جن مان هڪڙي ڪلري شاخ هئي”.
محترم ممتاز حسين پٺاڻ پنهنجي ڪتاب سنڌ عرب دور ۾ (ص 54) تي لکي ٿو ته “ڪينجهر کي هاڻي ڪلري به سڏيو وڃي ٿو”.
ٺٽي جا قديم اسلامي يادگار (ص 204) “ان دريائي وهڪري اتر کان چيلايا ڳوٺ وٽ ۽ ڏکڻ کان خان سومري جي ڳوٺ ڀرسان ڪٿان هڪ وڏو ڦيرو کائي، وڌيڪ ڏکڻ پاسي کان وهي، ٺٽي شهر جي اوڀر ويجهڙائيءَ وٽان وهڻ لڳو. ان ڏکڻ واري ڦيري وٽان هڪ ڦاٽ پيدا ٿيو. جيڪو پراڻي ڪلريءَ جو پيٽ ڏئي وهڻ لڳو (جيڪو اسلام کان گهڻو اڳ سنڌو درياءَ جو مکيه وهڪرو پڻ هو). جنهن مان پوءِ ٻه واهڙ ڦٽندا هئا. انهن مان هڪ مڪلي ٽڪريءَ جي اتر کان اچي کيس گهيري وٺندو هو ۽ ڏکڻ – اولهه وڃي گهاري ڏانهن منهن ڪندو هو ۽ ٻيو واهڙ وڪڙ کائي مڪليءَ جي ٽڪرين کان سندس اڀرندي ڪڇ (گود) کان سڌو ڏکڻ ڏانهن وهندو هو”.
لاڙ جي ادبي ۽ ثقافتي تاريخ (ص 52) حاشيه ۾ لکي ٿو ته “ڪينجهر ۽ سونهريءَ کي گڏي، ڪجهه وقت اڳ ڪلري ڍنڍ نالو رکيو ويو هو. جنهن کي هاڻي وري ڪينجهر ڍنڍ نالو ڏنو ويو آهي”.
ڪتاب لاڙ جي ادبي ۽ ثقافتي تاريخ، غلام علي الانا صاحب 1971ع ۾ پي ايڇ ڊي لاءِ ٿيسز ٺاهي هئي. هڪڙي ڳالهه سمجهه کان ٻاهر آهي ته جڏهن ٻنهي ڍنڍن (سونهري ۽ ڪينجهر) کي گڏيو ويو ته ان کي ڪلري جو نالو ڪهڙي بنياد تي ڏنو ويو؟ ڪراچي جا اڪثر رهاڪو ڪينجهر کي ڪلري ڇو ٿا چون؟ ٺٽي ۾ هڪڙي يونين ڪائونسل جو نالو ڪلري ڇو آهي؟ (جيڪا مڪلي قبرستان جي اتر ۾ آهي) ٺٽي ۾ هڪڙو واهه به ڪلري جي نالي سان آهي، ان جو سبب؟
ڪلري ته اهو ماڳ آهي جنهن کي پاڻ ڪينجهر چوندا آهيون جڏهن ته تاريخي نقشي ۾ ڪلري جي پاسي ۾ ڏيکاريل بلري جو شهر موجوده بلڙي شاهه ڪريم آهي. ڇو ته موجوده ڪينجهر کان بلڙي جو شهر ويجهو پوي ٿو.
سنڌ عرب دور (ص 453) تي بلري بابت لکي ٿو ته “ بلري جو شهر ڪلري جي اتر ۾ مهراڻ درياءَ جي کٻي ڪپ تي ٺهيل هو. پر انهي شهر کي اڃان تائين ڪنهن ماڳ سان تشبيهه نه ڏني وئي آهي. سنڌ جي لاڙ واري حصي ۾ بلڙي جو شهر اڃان تائين موجود آهي”.
انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جلد نائون (سنڌ نمبر) (ص 59 ) تي بلري بندر بابت لکي ٿو ته “سنڌ جي هن بندرگاهه بابت قديم آثارن جي کاتي کي ڪي کنڊر ته نه ملي سگهيا آهن پر ابن حوقل جي راءِ موجب هاڪڙي درياهه جي ڪپ تي جتان هن وقت ڍورو نارو ڦٽي نڪري ٿو ان جي ٻاهر اتر طرف بلري نالي بندرگاهه جا آثار موجود آهن. پر هاڻوڪي سنڌ جي نقشي موجب ان جاءِ تي هن بندر جا ڪي آثار ڏسڻ ۾ نه ٿا اچن. ڇاڪاڻ ته هن جي ڪا خاص جاگرافي نه ملي سگهي آهي”.
مون مٿي واضع لکيو آهي ته سنڌو درياءَ موجوده ڪينجهر وٽان ٻن وڏين ڇاڙهن ۾ ورهائجي ويندو هو. پر اسان جا ساڃاوند، موجوده نوابشاهه وٽان سنڌو کي ٻن ڇاڙهن ۾ ورهائن ٿا جنهن سبب اهي بلري بابت منجهيل آهن.
انهن سڀني ڳالهين کي پڙهڻ کانپوءِ اهو اندازو ٿي وڃي ٿو ته برهمڻ يا عرب دور ۾ درياءَ سنڌ موجوده ڪينجهر وٽان ٻن ڇاڙهن ۾ نڪرندو هو. ڇو ته جتي ڪينجهر آهي ان جي پاسي وارين ٽڪرين کي هيلايا ٽڪريون سڏبو آهي.
محترم ڀيرومل مهرچند آڏواڻي پنهنجي ڪتاب “لطيفي سئر (ص 18) تي لکي ٿو ته “ٺٽي تعلقي ۾ هيلايا نالي ڳوٺ آهي”. جنهن جي مثال لاءِ ڀٽائي سائين جو هي بيت لکيو آهي ته:
“هيٺِ جَرُ، مَٿي مَڃَرُ، پاسي ۾ وَڻَراھَ. شاهه (سُر ڪاموڏ، 3.2)”
ساڳي صفحي تي جنهن جو تفصيل هن ريت لکيو آهي ته “شاهه صاحب چوي ٿو ته هيٺ جر (جل) يعني پاڻي آهي، يعني هيلاين واري ٽڪريءَ جي هيٺان ڪينجهر ڍنڍ پيئي وهي. مٿي يعني هيلاين واري ٽڪريءَ جي مٿان مڃر آهن. ڪنڊيءَ جي وڻ ۾ جيڪي سڱر ٿين ٿا تن کي، توڙي ڪنڊيءَ جي وڻ جي ٻور کي “مڃر” چئبو آهي. ٻيو چيو اٿس ته “پاسي ۾ وڻ راھ”، سو هن ڪري چيو اٿس جو هيءُ ٻيلي جو پاسو آهي. اهڙي ريت پهرين مصرع ۾ تماچيءَ جي ڳالهه ڪئي اٿس”.
هاڻي سوال ٿو پيدا ٿيئي ته اگر درياءَ ڪينجهر وٽان ٻن ڇاڙهن ۾ نڪرندو هو ته پوءِ اهي ڇاڙهون موجوده وقت ۾ ڪهڙن علائقن مان گذرنديون هيون.؟
ٺٽي جا قديم اسلامي يادگار (ص 8) “سنڌو درياءَ جي وچئين وهڪري جي ناتي سان ٺٽي جي حيثيت ۽ ترقي تيستائين قائم رهي، جيستائين درياهه سندس ڀرسان گَهندي ڏئي مٽيندو هو. اهڙي صورتحال دهليءَ جي حڪمران فيروز شاهه تغلق جي زماني ( 1351-1388ع) تائين قائم رهي. پير حسام الدين راشدي ان دور جي همعصر شاعر مطاهر شاهه ڪڙه جو شعر بيان ڪيو آهي.
“تهته که آن جزيره بلاديست پر کهف
درياش يک طرف شد و پنج آب يڪ طرف”

مطلب: ٺٽو جيڪو هڪ ٻيٽ آهي، اهو علائقو غارن سان ڀريل آهي. کيس هڪ پاسي کان درياءَ آهي، ٻئي پاسي پنج آب يعني سنڌو درياهه آهي”.
جڏهن ته ڊاڪٽر بلوچ صاحب به پنهنجي ڪتاب “سنڌ جا قديم آثار ۽ تاريخ” (ص 41) تي ساڳي ڳالهه هن ريت لکي آهي ته “ٺٽي جي موجوده محل وقوع يا بيهڪ توڙي ان جي چوڦير پراڻي سنڌو ندي ۽ ان جي شاخن جي پاتالن جي ان سان سڌي سنئين سنٻنڌ جي صورتحال مان اها تصديق ٿئي ٿي ته ٺٽو سنڌو نديءَ جي شاخن جي وچ ۾ واقع هو، تنهن جي معنيٰ ته هيءَ وستي آبڪلاڻيءَ جي موسم (مئي، جون کان آگسٽ ۽ سيپٽمبر) دوران پوريءَ محفوظ رهندي هئي. انهيءَ حقيقت جي تصديق سلطان فيروز شاهه جي ٺٽي خلاف مهمن (1350-1365غ) ۽ ان بعد شاهه بيگ ارغون جي هٿان ٺٽي جي فتح (1520ع) بابت تاريخ ۾ ڏنل احوالن مان پڻ ٿئي ٿي. انهن مان سراج عفيف جي تاريخ فيروز شاهي ۽ ادراڪي جي بيگلارنامي ۾ ڏنل حوالا ٻين سڀني جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ مستند آهن. ادبي لکيتن ۾ ٺٽي جو “آب پنجاب” (سنڌو ندي) ۽ “درياءَ” يعني ان جي واهن يا شاخن جي وچون وچ واقع هئڻ جو وڌيڪ پڪو حوالو، سلطان فيروز شاهه جي دور حڪومت (1351-1388ع) جي شاعر مطاهر جي شاعريءَ ۾ ملي ٿو. اهي شعر چوڏهين صديءَ جي آخري ڏهاڪي جي دوران چيل آهن”. محترم احسن جوکيو پنهنجي ڪتاب وليون واس ورنيون (ص 111) تي لکي ٿو ته “ڏٺو وڃي ته قديم دور ۾ سنڌو درياء موجوده ٺٽي جي اتر ۽ ڏکڻ ٻن طرفن کان ڇاڙون ڪري وهندو هو. درياءَ جي هڪ شاخ مڪلي ٽڪريءَ جي اتر طرف کان ته ٻي شاخ ڏکڻ طرف کان لنگهندي هئي. اترين شاخ ڪلري وهڪرو ۽ ڏاکڻي شاخ بگهاڙ وهڪرو سڏبو هو”.
مسٽر هينري ڪزنس، پنهنجي ڪتاب “سنڌ جا قديم آثار، (ص 10)” تي لکي ٿو ته “مسٽر ڪرو اڃا به ٻيءَ تبديلي جو ذڪر ڪيو آهي. جنهن 1800ع ۾ لکندي چيو آهي ته هن درياه پنجن کان ويهن سالن اندر، ٺٽي کان ٿورو مٿي هڪ عجيب ڦيرو کاڌو آهي، جوشهر درياه جي دوآبي مان ئي ماڳهين ٻاهر نڪري ويو آهي”.
جڏهن ته محترم احسن جوکيو پنهنجي ڪتاب وليون واس ورنيون (ص 101) تي لکي ٿو ته “تاريخ جي حوالي سان ٻي روايت اها آهي ته سنڌو نديءَ جي ڊيلٽا جي هڪ شاخ گهاري جي ڏکڻ اوڀر طرف هئي. سنڌو ندي جي هن وهڪري کي ڪلري وهڪرو سڏبو هو. 1758ع بعد ڪلري وهڪرو سڪي ويو”. هن مان مراد ته سنڌو درياءَ، موجوده ڪينجهر وٽان ٻه شاخو ٿيندو هو، جيڪو ٺٽي جي اولهه توڙي اوڀر کان وهندو هو جنهن سبب ٺٽي کي دوآبي ۾ ڏيکاريو ويو آهي. 1758ع واري تبديلي کان پوءِ ٺٽو دوآبي مان ٻاهر نڪري ويو.
پهرين ڇاڙهه جيڪا الهندي طرف ويندي هئي اها موجوده ٺٽي جي اتر طرف کان ساموئي، درگاهه مرشد شاهه مراد وٽان ٿيندي موجوده گجي شهر کان ٻه ميل پريان ٿرڙي (درگاهه شيخ ابو تراب، جنهن جو ذڪر هن ڪتاب جي باب پنجين ۾ آهي) وٽان گذري اڳيان هلي ٻاٻڙا يا راقم جي اباڻي ڳوٺ (ڳوٺ محمد هاشم ڪاتيار) وٽان ٿيندي، ساڪرو ڪراس ڪري موجوده ٻهارن وٽان وڃي سمنڊ ۾ ڇوڙ ٿيندي هئي. مون پنهنجي پهرين ڪتاب ۾ ان جو ذڪر لکيو آهي.
تاريخ مظهر شاهجهاني (ص 16) “درياهه جيڪو ٺٽي ۽ مڪلي ٽڪرين جي اتر پاسي وهندو هو سو گجي ۽ ٺٽي جي هاڻوڪي رستي کي وچان پار ڪري وهندو هو ۽ گجي کان ٻه ميل پري وهندو هو.” قديم ماڳ ٿرڙي يا شيخ ابو تراب جي مزار، گجي کان ٻه ميل پري آهي. جنهن لاءِ سنڌ جي قديم آثارن جي ڊائريڪٽري (ص 132) تي شيخ ابو تراب جي مزار جي حوالي سان لکي ٿو ته “گجو کان ٻن ميلن جي مفاصلي تي آهي”.
ڪتاب سنڌ عرب دور (ص 443 ) تي لکي ٿو ته “مشهور جاگرافيدان المسعودي جو پاڻ سنه 300هه ۾ سنڌ جو دورو ڪري ويو هو. اهو ٻڌائي ٿو ته مهراڻ درياءَ ساڪري واري ايراضي مان وهي وڃي سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪندو هو”.
ڪتاب “سکاري سنڌ ڏکارا ماڻهو (ص 20) “ڀنڀور جو شهر سنڌو جي ان ڇاڙهه جي ڪٺار سان وسندڙ هو، جيڪو ٺٽي ۽ ڪراچي جي وچ تي ڪڏهن سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪندو هو. هن ڇاڙه جي سڪي وڃڻ کانپوءِ ڀنڀور جا رهاڪو لڏي پلاڻي وڃي ساڪري ۽ ٺٽي پرڳڻي ۾ ويٺا. منهنجو اندازو آهي ته مذڪوره شاخ سترهين صديءِ جي وچ ڌاران سڪي وئي هئي”.
درگاهه شيخ ابوتراب جا خليفا توڙي، اتي جا مقامي ماڻهو هڪڙي ڏند ڪٿا به ٻڌائيندا آهن. اها ڏند ڪٿا محترم بدر ابڙو صاحب پنهنجي ڪتاب “ماڻهو” (ص 364) تي هن ريت لکي آهي.“هي هڪ ٻي ڏند ڪٿا به آهي. ٿرڙ ٽڪريءَ جي اوڀر طرف ڪجهه پنڌ تي هڪ ٻي ٽڪري ڏسجي ٿي، جنهن جا چار ئي پاسا اُڀا آهن. اها پري کان هڪ سامونڊي جهاز جو ڏيک ڏئي ٿي. اِن ٽڪري جي مٿين سطح سڌي آهي. مقامي ماڻهو ان ٽڪريءَ کي ٿرڙ ٻيڙي چون ٿا. سندن چوڻ آهي ته هڪ درويش جي ڪرامت سبب اها ٻيڙي پٿر ٿي وئي آهي. ان ٽڪريءَ تي ننڍڙا چقمقي پٿر گهڙيل حالت ۾ موجود آهن. هو چون ٿا، اڳي هتان درياهه وهندو هو”. هن ڏند ڪٿا مان به اهو ثابت ٿيئي ٿو ته ٿرڙي يا درگاهه شيخ ابو تراب جي اوڀر پاسي مان ڪڏهن درياءَ وهندو هو.
محترم ابوبڪر شيخ، ٿرڙي ۽ شيخ ابو تراب بابت پنهنجي لکيل ڪالم ۾ گجو يا ٿرڙي جي پاسي مان درياءَ جي گذر بابت هن ريت لکيو آهي ته “نيرڪس جڏهن هتي (ٿرڙي تي) رڪيو هو تڏهن هن ٻيٽ جي اتر اوڀر ۾ سنڌو درياءَ جي پاڻي جو شور هوندو هو ۽ نظر جي حد تائين ساوڪ نظر ايندي هئي. هي هڪ وڏو پرفضا مقام هو. پرفضا هئڻ جو اعزاز اڄ به هن جبل کي حاصل آهي پر درياءَ جو شور، ساوڪ ۽ ٻيٽ جو اعزاز البته هاڻي هن جبل کي حاصل ناهي رهيو. هتي هاڻي رهجي ويون آهن يوناني سپاهين جون ڪجهه پٿرن تي تراشيل نشانيون جيڪي ان ڏينهن جون يادون تازه ڪن ٿيون. چوندا آهن ته هي يوناني فوج جي مختلف يونٽس جا نشان آهن جيڪي يوناني سپاهين هتي آرام ڪرڻ وارن ڏينهن ۾ پٿرن تي ٺاهيا هئا”.
شيخ صاحب پنهنجي ڪالم ۾ مقامي ماڻهن پاران “ٿرڙ ٻيڙي” بابت ٻڌايل ڳالهين کي هن طرح لکيو آهي ته“توهان اگر ان نشان واري جبل کان اوڀر ڏکڻ واري جبل کي ڏسندا ته هو جبل توهان کي هڪ وڏي پاڻي جي جهاز وانگر لڳندو ۽ ان ئي تصور جي اک، حقيقت، آثارن ۽ منظرن ملي ڪري هي لوڪ ڪهاڻي تخليق ڪئي، جيڪا اڄ تائين ماڻهو وڏي اعتماد ۽ احترام سان ماڻهن کي ٻڌائين ٿا ۽ صدين تائين ٻڌائيندا رهندا.” شيخ صاحب جن نشانن جو ذڪر ڪيو آهي اهي نشان اڄ تائين ٿرڙي جبل تي ظاهر آهن.
ڪتاب “لاڙ جي ادبي ۽ ثقافتي تاريخ” (ص 45) تي ڪلري بابت لکي ٿو ته “ڪلري واھ: هي به درياءَ جو هڪ ڦاٽ هوندو هو. مٿي بيان ڪيو ويو آهي ته ڪلري واھ، مهراڻ جي هڪ مکيه شاخ هوندو هو. اها شاخ گجي ۽ گهاري وٽان لنگهندي هئي. 1758ع واري زلزلي کان پوءِ درياءَ هن شاخ کي به ڇڏي ويو ۽ 1819ع ۾ هن جي حيثيت هڪ واهه جهڙي وڃي رهي. هي واھ، ڏکڻ اولهه طرف وهي، ٺٽي ۽ ميرپور ساڪري تعلقن کي آباد ڪندو هو. پڃاري واهه وانگر هن واهه کي به ڌار ڌار نالن سان ڪوٺيندا هئا. پهرين 26 ميلن تائين هن کي ڪلري واهه چوندا هئا، ان کان پوءِ هيٺ هن کي “ناري ڇڇ” چوندا هئا. هن واهه تي هيٺيان شهر آباد آهن. ٺٽو، ناريجا، گجو ۽ ٻاٻڙا”.
ڪتاب سنڌ جي قديم آثارن جي ڊائريڪٽري (ص 167) تي ڪلري درياءَ جو ذڪر هن ريت لکيو آهي “ساريجي هڪ قديم ماڳ آهي، جيڪو سنڌوءَ جي ڪلريءَ واري وهڪري تي آباد هو. هن وهڪري تي ٻيا شهر ۽ وسنديون مڪلي، ساموئي، هالاٺ، هاليجي، گجو، گهارو ۽ ڀنڀور آباد هئا”.
سنڌ جو برک ڏاهو جناب ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ پنهنجي ڪتاب “سنڌ جا قديم آثار ۽ تاريخ (ص 42) تي ڪلري درياءَ جو ذڪر هن ريت لکيو آهي “درياءَ، اتر ۾ چليا ۽ ڏکڻ ۾ خان سومرا ڳوٺ واري ايراضي مان ڪنهن هنڌان پنهنجي مکيه وهڪري ۾ ڦيرو کائي وڃي ڏاکڻيون پاسو ورتو ۽ اهڙي ريت ٺٽي واري ايراضيءَ جي اڀرندي لڳ ويجهو ٿي وهڻ لڳو. ڏکڻ طرف موڙ واري ور وٽان نديءَ جي هڪ معاون شاخ کانئس ڪٽجي جدا ٿي وئي، جا بعد ۾ انهيءَ پراڻي ڪلريءَ جي خشڪ ڍوري ۾ داخل ٿي وئي (جيڪو اسلامي دور کان گهڻو اڳ هڪ مکيه درياءَ هو). بعد ۾ اها شاخ اڳتي ٻن شاخن ۾ ڦٽي نڪتي. انهن مان هڪڙي شاخ اتر ۾ مڪلي جي ٽڪرين وچان وهندي اڳتي ڏکڻ – اولهه طرف گهاري جي رخ تي وهڻ لڳي، جڏهن ته ٻي شاخ مڪلي واري ٽڪري جي اُڀرندين ڪڇ مان ڦيرا کائي پوءِ ڏکڻ طرف وهڻ لڳي”.
ڪتاب “ساڪرو ان جا ماڳ ۽ ماڻهو” ( ص 56) تي گجو شهر بابت لکيل آهي ته “روايت موجب گجي جي شهر جي چوطرف دريائي وهڪرا هوندا هئا. گجو پهريائين هڪ ڳوٺ هو، هي ڳوٺ ٻيٽاري ۾ هئڻ ڪري گج جي صورت اختيار ڪري ويو هو. ان ڪري ان کي دريائي گج چوندا هئا. ان گج مان ڦري ان تي گجو نالو پيو”.
تحفةالڪرام (ص 89) تي لکي ٿو ته “751هه ۾ محمد شاهه “طغي” نالي غلام جي پويان ٺٽي آيو ۽ ٿرڙي ديهه ۾ درياءَ جي ڪناري منزل ڪيائين.” ٿرڙي اڄ به يونين ڪائونسل گجو ۾ موجود آهي.
ان سڀني ڳالهين کي ذهن ۾ ويهارڻ کان پوءِ اها ڳالهه ته واضع ٿي وئي آهي ته درياءَ جي هڪڙي شاخ موجوده ٺٽي جي الهندي پاسي کان به وهندي هئي.
جڏهن ته ڪلري وٽان ٻي ڇاڙهه موجوده ٺٽي جي اوڀر پاسي کان ٿيندي درگاهه شاهه گوهر گنج وٽان گذري ڪلان ڪوٽ جو پاسو ڏيئي اڳيان درگاهه پيرپٺو جي اوڀر کان ٿيندي اڳيان پيرپٺو- گھوڙاٻاري روڊ تي جتي ڳوٺ سيد علي گوهر شاهه ڀاڏائي (سنڌ جي ناليواري شاعر ۽ مقرر محترم سيد نواز شاهه ڀاڏائي جو ڳوٺ آهي) جي بلڪل قريب مان اتران ٿيندي پوءِ اهو پاسي وٺي اڳيان هلي پهرين ڇاڙهه سان ملي ٻهارن وٽان سمنڊ ۾ ڇوڙهه ٿيندي هئي.
ڪتاب سنڌ عرب دور (ص 324) تي عرب ليکڪ الادريسي جو حوالو ڏيئي لکي ٿو ته “درياءَ جون ٻئي شاخون آخر ۾ منصوره (ياد رهي مون موجوده پيرپٺي کي منصوره لکيو آهي) جي ڏکڻ ۾ ٻارنهن ميلن جي فاصلي تي مليو هڪ وهڪرو بنائي ڇڏين” درگاهه پيرپٺي وٽان هڪ ننڍي ڇاڙهه درگاهه پيرپٺي جي لڳ اتر طرف کان به وهندي هئي ۽ اڳيان هلي وري وڏي ڇاڙه سان ملي ويندي هئي. جيڪا ابن حوقل جي نقشي ۾ صاف ظاهر آهي، پيرپٺي کان ٿوري مفاصلي تي ور نالي هڪڙو شهر آهي جنهن لاءِ استاد محترم محمد مارو خشڪ ٻڌايو ته هتان درياءَ ور مطلب ڦيرو ڪندو هو جنهن سبب ان ماڳ جو نالو ور هو جيڪو هاڻي شهر بڻجي چڪو آهي. پيرپٺي جي اڀرندي پاسي واري دريائي ڇاڙهه جو ذڪر ڊاڪٽر بلوچ صاحب به فتحنامه ۾ لکيو آهي.
درياهه جي متعلق ان لاءِ لکيو آهي ته جيئن توهان کي هن ڪتاب جي سموري تاريخ سمجھه ۾ اچي سگھي. اولهه واري ڇاڙهه جو ذڪر ته ڪافي ٿيندو آهي مون پنهنجي پهرين ڪتاب ۾ به ان جو ذڪر ڪيو هو جنهن درياءَ مان محمد بن قاسم اڪري راؤڙ تي حملو ڪيو اها درياءَ جي الهندي پاسي واري ڇاڙهه هئي. رهي ڳالهه ته اوڀر پاسي واري ڇاڙهه جي. اسان جا ڪجهه محقق ۽ اديب پيرپٺي کي ديبل به چوندا آهن. لازمي ڳالهه آهي ته جڏهن پيرپٺي کي ديبل يعني بندر لکيو ويو آهي ته اتان درياءَ جو گذر ضرور ڏٺو هوندو.
محترم اشتياق انصاري، ڪتاب سنڌ جا ڪوٽ ۽ قلعا (ص 198) تي ڪلان ڪوٽ واري باب ۾ لکي ٿو ته “ڪوٽ جي ڏکڻ ۾ ٿوري فاصلي تي سنڌو جي پراڻي وهڪري جا اوائلي آثار آهن”. ساڳي ڪتاب ۾ ساڳي صفحي تي اڳيان لکي ٿو ته “ڪوٽ جي اردگرد پاڻي جي موجودگي اتي سنڌو جي ڪنهن اوائلي شاخ جي نشاندهي ڪري ٿي.”
مڪلي نامه (ص 685) تي پير حسام الدين راشدي لکي ٿو ته “مون 27 مئي 1956ع تي ڪلان ڪوٽ جو قلعو وزٽ ڪيو.” وڌيڪ لکي ٿو ته “ (ڪلان ڪوٽ قلعي جي) اولهه ۽ اتر ۾ پهاڙ اٿس، سر اتر قلعي جي ديوار سان لڳ ڪشادي ڍنڍ ۽ ڏکڻ کان درياهه هو.”
ٺٽي جا قديم اسلامي يادگار (ص 34) “هيءُ قلعو (ڪلان ڪوٽ) مڪليءَ تي تعمير ٿيل قديم آثارن جي کاتي جي ريسٽ هائوس کان پنج ميل ڏکڻ طرف، پيرپٺي جي درگاهه ڏانهن ويندڙ روڊ کان کاٻي ڌسا تي هڪ ميل کن ڏور ۽ سنڌو درياءَ جي سڪي ويل هڪ واهڙ جي ڪناري تي ٺهيل آهي”.
انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جلد نائون (سنڌ نمبر) ص 282 “ڪوٽ (ڪلان ڪوٽ) جي ڏکڻ ۾ ٿوري مفاصلي تي درياهه جي پراڻي وهڪري جا اوائلي آثار ملن ٿا”.
سنڌ جي قديم آثارن جي ڊائريڪٽري (ص 234) تي لکي ٿو ته “ڪوٽ (ڪلان ڪوٽ) جي ڏکڻ ۾ ٿوري فاصلي تي سنڌو جي پراڻي وهڪري جا آثار آهن”.
لاڙ جي ادبي ۽ ثقافتي تاريخ (ص 42) “ٻي وڏي شاخ، جيڪا هيلاين وٽان ڌار ٿيندي هئي، تنهن کي بگهاڙ شاخ چوندا هئا. هيءَ شاخ پيرپٺي جي درگاهه واريءَ ٽڪري جي اوڀر طرف وٽان ڦري، ميرپور ساڪري ڏانهن رخ ڪندي هئي”.
جڏهن ته نواز شاهه ڀاڏائي واري ڳوٺ وٽان درياءَ جي آثارن جو ذڪر بابا سائين اڪثر ٻڌائيندو رهندو هو پر ان ڳالهه جو پڪو ثبوت ان ڏينهن ملي ويو جڏهن آئون ۽ بابا سائين، نواز شاهه ڀاڏائي جي ڳوٺ وياسين ته واقعي ان ڳوٺ جي پاسي ۾ ڪنهن درياءَ جو پيٽ نظر آيو ۽ جڏهن سائين نواز شاهه سان ذڪر ڪيوسين ته سائين به ان ڳالهه جي تصديق ڪئي. هن تاريخ کي سمجهڻ لاءِ توهان کي دل جون اکيون ۽ ڪن استعمال ڪرڻا پوندا. ڇو ته مسٽر جيمس برنس، اليگزينڊر برنس۽ مسٽر ڪرو کان پوءِ شايد آئون پهريون ماڻهو/ليکڪ آهيان جيڪو ڪلان ڪوٽ کي برهمڻ آباد سمجهان ٿو.
محترم ابوبڪر شيخ، پيرپٺي بابت پنهنجي لکيل ڪالم ۾ پيرپٺي جي پاسي ۾ سنڌو جي اوائلي ڇوڙ بابت هن ريت لکيو آهي ته “مون بدر ابڙو صاحب کان ان باري ۾ پڇيو ته ان حقيقي ۽ خوبصورت جواب ڏنو ته، ان حوالي سان آئون شايد توهان کي ڪو مڪمل جواب نه ڏيئي سگهان، ڇو ته اهو ٺيڪ آهي ته هتان هو قديم ڇوڙ گذرندو هو. هتي هڪ قديم بستي جا آثار به آهن”.
ڪجهه سال پهرين پيرپٺي تي موجود منارو جڏهن ختم ٿيڻ لڳو هو ته ايندومينٽ فنڊ ٽرسٽ ۽ ثقافت کاتي پاران ان جي مرمت ڪرائي تاريخ 27 آڪٽوبر 2016ع تي وزير ثقافت محترم سيد سردار علي شاهه کان افتتاح ڪرايو ويو هو ۽ افتتاحي بورڊ تي ڪجهه هن ريت لکيل آهي “خيال آهي ته هن ماڳ تي عربن جي دور ۾ شهر آر قائم هو. جنهن جا آثار مناري جي اوڀر ۾ هيٺ موجود آهن. عربن جي وقت ۾ پوءِ مغلن جي دور تائين هتان درياهه لنگهندو هو انڪري ڪي صاحب هن مناري کي درياهي بندر جو ٻلاٽو يا لائٽ هائوس به سڏين ٿا.”
اهي سڀئي ڳالهيون ان ڳالهه جو پڪو ثبوت آهن ته سنڌو درياءَ جي هڪڙي ڇاڙهه موجوده ٺٽي يا ڪلان ڪوٽ جي اوڀر مان به گذرندي هئي. اها ٻي ڳالهه آهي ته هر دور ۾ درياءَ پنهنجا رخ تبديل ڪيا آهن جنهن جو ثبوت هن باب جي شروع ۾ مسٽر هينري ڪزنس جي حوالي سان مون ڏيئي ڇڏيو آهي.
درياءَ جا اهي ٻئي وهڪرا آخر ۾ موجوده ميرپور ساڪري وٽ ملي موجوده ٻهارن وٽان سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪندو هو جنهن جو ثبوت ڊاڪٽر بلوچ صاحب فتحنامه سنڌ (ص 386) تي هن ريت ڏنو آهي “بگهياڙ جو قديم پيٽ ميرپور ساڪري تعلقي ۾ نمايان طور موجود آهي، جو هيٺ ميرپور ساڪري ۽ ٻهارن جي شهر وچان اولهه طرف هلي، ٻهارن جي شهر کان اٽڪل 3-4 ميل اولهه طرف ور کائي ڏکڻ طرف وهي سڌو وڃي سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪري ٿو”.