اَ ـ مُهاڳ
سنڌي ڪهاڻيڪارن جي گهڻائي ڳوٺن سان تعلق رکي ٿي، ان ڪري سندن ڳوٺاڻي ماحول جو مشاهدو تيز آهي. سندن ڪهاڻين ۾ روزمرهه جي ڳوٺاڻي زندگي، اتي جي ماڻهن جا ڏک سک، اٿڻي ويهڻي، ڇيڙيون نبيريون، حقيقت نگاري سان پيش ڪيل آهن. ڳوٺاڻي زندگي، اتي جي ماحول جي منظر نگاري، نج سنڌي ٻوليءَ جي حسناڪي، انهن ڪهاڻين جون خاص خوبيون آهن، پر اهي ساڳيا ڪهاڻيڪار جڏهن شهري زندگي جي تناظر ۾ ڪهاڻيون لکن ٿا، ته سندن انداز غير فطري ۽ گهڙيل لڳي ٿو. وري به منهنجي ذهن ۾ نسيم کرل جو نالو اچي ٿو جنهن کي ڳوٺاڻي، توڙي شهري ماحول جي تناظر ۾ ڪهاڻين لکڻ تي دسترس حاصل هئي. ان ڏس ۾ ابراهيم کرل به پوئتي پيل ڪونه ٿوي لڳي. بلڪه هن ڳوٺاڻي ۽ شهري ماحول جي آميزش سان سٺيون ڪهاڻيون لکيون آهن. ”جنڊو پاڙو“، ”موٽي ايندس مان“ ۽ ”مرغو نمبر 5“ اهڙي قسم جون ڪهاڻيون آهن.
”جنڊو پاڙو“ ڪهاڻي ۾ مجبورين جي احساسن ۽ ڪيفيتن جو خوبصورت اسلوب ۾ بيانيه، اثرائتو آهي. ڪهاڻيءَ جي پڄاڻيءَ وارو جملو ”۽ هن جا سڏڪا لٽن جي سٽڪي ۾ دٻجي ويا هئا“ هنيانءَ ۾ چڀي وڃي ٿو.
”موٽي ايندس مان“ ڪهاڻي پڙهي ائين لڳي ٿو ڄڻ ”جنڊو پاڙو“ ڪهاڻي جي ٻي صورت يا Version هجي، ٿوڙي ڦير گھير سان ٻنهي ڪهاڻين جو موضوع ساڳيو آهي. ٻنهي ڪهاڻين ۾ ڳوٺ مان شهر ۾ منتقل ٿيڻ بعد ذهني ۽ معاشرتي بي پاڙي تبديلين کي وائکو ڪيو ويو آهي. اهو هڪ اهڙي صورتحال جو بيانيه آهي، جنهن ۾ فرد خواهشن جي پورائي جي لاءِ مصلحتن جي ڌٻڻ ۾ ڦاسجي، پنهنجين پاڙن کان ته ڪٽجي وڃي ٿو، پر جنهن نئين ماحول کي پنهنجو ڪرڻ چاهي ٿو، سو کيس قبول نٿو ڪري. نتيجي ۾ هو هڪ لحاظ کان اوپرو بنجي رهجي وڃي ٿو. معاشرتي فرق هجڻ سان گڏ، هڪ وڏو سبب اهو به آهي ته وڏن شهرن جو ماحول سنڌ جي تهذيبي ۽ ثقافتي قدرن کان ڪٽيل ۽ ڌاريو آهي. سنڌ جي ڳوٺن سان واسطو رکندڙ نوجوانن جي لاءِ اهو هڪ وڏو الميو آهي، جيڪي من اندر اڻ کٽ خواهشون کڻي حيدرآباد ۽ ڪراچي جهـڙن وڏن شهرن ۾ اچن ٿا ۽ اتي جا ئي بنجڻ جي چڪر ۾ مصلحتن جي بار هيٺان دٻجي پنهنجو پاڻ کي وڃائي ويهن ٿا. ”موٽي ايندس مان“ ٻي لڙي آهي ”جنڊو پاڙو“ ڪهاڻيءَ جي ــــ پر پنهنجي جاءِ تي اها هڪ ڀرپور ۽ اثرائتي ڪهاڻي آهي. هن ڪهاڻيءَ جي وڏي سگهه ان جي ڪردار نگاري آهي، جنهن تي ابراهيم کرل کي دسترس حاصل ٿي چڪي آهي.
موبائيل فون عام ٿيڻ کي ٽيڪنالاجي جي ترقي سڏيو وڃي ٿو، پر ان سان ڳوٺن، توڙي شهرن ۾ زندگيءَ جي معيار تي ڪو فرق نه پيو آهي. معاشرتي ۽ معاشي بدحالي، اها ساڳي آهي، البته معاشرتي بگاڙ ضرور پيدا ٿيو آهي. اخلاقي قدر به بدلجي رهيا آهن. اڻ ڏٺل غير واقف مردن ۽ عورتن جا موبائيل فون تي ڪوڙن سچن عشقن جا داستان ۽ انهن جا اگرا نتيجا ڪڏهن ته پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا تائين پهچي ويندا آهن. ابراهيم کرل جي ڪهاڻي ”مرغو نمبر 5“ ۾ ان نئين حقيقت کي وائکو ڪيو ويو آهي. ڪهاڻي دلچسپ انداز ۾ لکيل آهي جنهن ۾ طنز پڻ سمايل آهي. البت ڪهاڻي جي پڇاڙي ۾ پنهل کي اها ضرورت ڇو ٿي محسوس ٿئي، جو هو پنهنجو موبائيل فون ڪڍي، نسرين جو نمبر ملائي ڏسي ٿو، ان ڳالهه جو ڪو جواز نظر ڪونه ٿو اچي.
عالمي ادب ۾ ناولن جي ٽرائلاجي جو رواج عام آهي. ناولن جي ڀيٽ ۾ اهڙيون ڪهاڻيون جن ۾ ساڳئي صورتحال، ساڳين ڪردارن کي کڻي سلسليوار بيانيه هجي سو تمام گهٽ آهن. مختصر ڪهاڻيءَ جي استاد ڪهاڻيڪار چيخوف جون، ٽرائلاجي ڪهاڻيون لکيل آهن:
1. The Man in a case
2. Gooseberries
3. About Love
ڪن ٻين ڪهاڻيڪارن جون به ڪجهه ٽرائلاجي ڪهاڻيون آهن. سنڌيءَ ۾ ڪهاڻيون ته نه، البت ڪجهه ناول ٽرائلاجي طور لکيا ويا آهن. آئون سمجھان ٿو ته ابراهيم کرل سنڌ توڙي هند ۾ پهريون ڪهاڻيڪار آهي. جنهن ٽرائلاجي طور ڪهاڻيون لکيون آهن. ”ملياڻي حليمان“، ”رحيمان“ ۽ ”صفوران“ ٽي ڪهاڻيون ٽن لڙين ۾ پويل، هڪ ئي موضوع تي ساڳين ڪردارن کي کڻي لکيون ويون آهن. هونءَ ابراهيم کرل چاهي ها ته انهن ٽن ڪهاڻين کي هڪ طويل ڪهاڻي جي روپ ۾ لکي سگهي ها، پر هن هي هڪ تجربو ڪيو آهي، ٽن مختلف ڇوڪرين ملياڻي حليمان، رحيمان ۽ صفوران جا ڪردار هڪ ٻئي سان لاڳاپيل ۽ ساڳئي صورتحال مان گذرندڙ آهن. ”مُلياڻي حليمان“ ۽ ”رحيمان“ ڪهاڻين جا انت، الميه آهن. ”صفوران“ ڪهاڻيءَ جو انت بنهه مختلف ۽ پڙهندڙن جي لاءِ ڇرڪائيندڙ آهي. لفظن جي ڪفايت شعاري تي لکيل ٽنهي ڪهاڻين جو بيانيه دلچسپ آهي. سنڌ جي سڀ کان وڏي روڳ وڏيرڪي نـظام ۾ ماڻهو زندگي ڪيئن گذارين ٿا، ان جو چٽ چٽيل آهي ان ڪهاڻي ٽرائلاجي ۾.
”گلناز“ ۽ ”آخري رات“ وچٿريون ڪهاڻيون آهن.
ملهه سنڌ جي قديم ۽ روايتي راند آهي جنهن کي بدقسمتيءَ سان سرڪاري سرپرستي حاصل نه ٿي سگهي آهي. اهو ئي سبب آهي جو وڏا وڏا ناميارا ملهه، ڪسمپرسي جي زندگي گذارڻ تي مجبور ٿي ويندا آهن ۽ سندن سار لهڻ وارو ڪير به نه هوندو آهي. ابراهيم کرل جي ڪهاڻي ”پهرين ملهه“ ۾ هڪ نامور ملهه جي ذاتي زندگيءَ جي مسئلن، مجبورين ۽ گڏوگڏ ملهه سان سلهاڙيل ملاکڙن ڪرائڻ وارن جي مفادن ۽ مصلحتن کي فنڪاريءَ سان بيان ڪيو ويو آهي. زوردار اسلوب، ملهه سان واسطو رکندڙ اصطلاح ۽ ٻوليءَ جي خوبصورتيءَ سان گڏ ڪردار نگاري، هن ڪهاڻيءَ جون اهم خوبيون آهن. ”پهرين ملهه“ بلاشڪ سنڌي ادب جي هڪ شاندار ڪهاڻي آهي.
ابراهيم کرل ۽ سندس همعصر ڪهاڻيڪارن کي پڙهي لڳي ٿو ته سنڌي ڪهاڻي، جي وهڪري ۾ ڪا به گهٽتائي نه آئي آهي.
شوڪت حسين شورو
• ڄامشورو ــ سنڌُ
23 ڊسمبر 2016ع