ڪھاڻيون

موٽي ايندس مان

هي ڪتاب ليکڪ ۽ ڪهاڻيڪار ابراهيم کرل جي ڪهاڻين جو مجموعو آهي. ابراهيم کرلَ جون ڪهاڻيون ڌرتيءَ جون ڪهاڻيون آهن ۽ ڪردار پڻ مٽيءَ جي خوشبوءَ کي سمائي ديسَ جون وارتائون بيان ڪندي چرپر ڪن ٿا. سماج جا عڪس ۽ اولڙا پسائين ٿا. ڏک ۽ سک پڙهندڙ سان شيئر ڪن ٿا. جنهن مان ابراهيم کرل جي مشاهدي جي پروڙ پوي ٿي. ابراهيم کرل جي ٻولي ڏاڍي وڻندڙ ۽ خوبصورت آهي ائين ٿو لڳي ته ڪردار اسان جي سامهون بيان ڪري رهيو آهي.
Title Cover of book موٽي ايندس مان

جنڊو پاڙو

سندس زندگيءَ جو ڏکن وارو باب هاڻي پورو ٿي چڪو هو. هُو گھوٽ بڻجي ويو هو، تڏهن کان، جڏهن سندس ئي آفيس جي سيڪريٽريءَ پنهنجي وڏوَر ڌيءَ جو سڱ، کيس ڏيڻ جي پڪ ڏني هئي. ڀلا هڪ معمولي ڪلارڪ جي ڇا حيثيت هئي. جيڪو ٽن ماڻهن جي ڊيوٽي ڀريندو هُجي. وڏي صاحب جي ڀاڄي وٺي اڃا مس پهچندو هو ته سيڪريٽريءَ جو سڪيلڌو پٽ اچي هنج ۾ پوندو هئس. جنهن کي آفيس جي باغيچي ۾ کيڏائيندو هو ۽ موڪل ۾ سيڪريـٽريءَ کي گهر ڇڏڻ لاءِ ڊرائيور جي سيٽ به سنڀاليندو هو. اهي سڀ ڪم خوشيءَ سان ڪري ويندو هو. ڇو ته سندس ڄنگهون بابهنس جي گڏههِ هڪلي هڪلي ڪِٺُ جو ٿي پيون هيون، ڀلا کٽيءَ جي به ڪا زندگي! سندس تن ڀل کڻي ڪيڏو به ميرو هجي پر هو ٻين جي ڪپڙن مان مَرُ، پنهنجي من جيان ڪڍي ڇڏيندو هو. هو جڏهن پيءَ کي ڪپڙن جي گڏهه ڀرائي ميرواهه تي ڇڏڻ ويندو هو ته پاڻ کي سپر ايڪسپريس جو ڊرائيور محسوس ڪندو هو. سندس من ۾ اٿاهه خواهشون ڪر کڻي ننڊ ۾ پئجي وينديون هيون، شام جو مُلڪي گهر هُجڻ ڪري در در تان خيرات جي ماني وٺندي، قسمت جي ديوي جاڳي پئي هئس. مئٽرڪ کانپوءِ کيس نوڪري ملي وئي. هن جا ته ڄڻ ڀاڳ کلي پيا، هاڻي هو نه پيءُ جي گڏههِ هڪلائيندو هو ۽ نه ئي شام جو ماني وٺڻ ويندو هو. مهيني جي پگهار مان پنهنجي پورت ڪري ويندو هو. ساڳي زندگي جو بس رخ مٽائي ڇڏيو هيائين. هاڻي هو ننڍڙي ڀاڳل جي بدران عمران کي کيڏائيندو هو. اڳي گڏهه کي هڪليندي پاڻ کي سپر ايڪسپريس جو ڊرائيور سمجھندو هو. هاڻي هو ٽيوٽا ڪرولا ڪار جو ڊرائيور ٿي ويو هو. سيڪريٽري جي زال هاڻ کيس هفتي ۾ خرچي به ڏيندي هئي، جيڪا پنهنجي ماءُ کان ملندڙ خرچيءَ کان ڏهوڻي هوندي هئي. سندس درد جي ڏينهن جو پاڇو اونداهيءَ ۾ گم ٿي ويو هو ۽ هي شهر جي روشنين ۾ رهي پيو هو. زندگيءَ جي ڊوڙ ۾ هو گهڻو اڳتي نڪري چڪو هو. هن جي اڳيان هاڻي پنهنجو ڳوٺ ۽ پنهنجي وڏڙن جو وجود ڪا به اهميت نه پيو رکي.
هڪ ڏينهن جڏهن هو صاحب جي چوڻ تي ڳوٺ آيو هو ته سندس پيءُ کيس سکيو ڏسي گهورُ پئي ويو. سندس اکين ۾ فتح جون مشعلون ٻري پيون هيون ٻه گرم ڳوڙها هيٺ ڪري پيا هئس، گهڻن ڏينهن پُڄاڻان سندس اکين جو ٺار آيو هو. امڙ ته ڄڻ سڏڪيل جيون مان ائين نڪري آئي هئي ڄڻ ڦاسيءَ جي انتظار ۾ ويٺل ڪنهن قيديءَ کي، آزاديءَ جو سنيهو مليو هجي. هن جيڪي ڏينهن پنهنجي پٽ کان ڏور گهاريا هئا، اهي ڄڻ وائيٽو جي ليپ ۾ اچي ويا هجن. سيڪريٽري، هن جي والدين جي اها ڪيفيت ڏسي شهري زندگيءَ جي فلسفي ڏانهن مڙي پيو هو. شهر ۾ سهولتون آهن، رستا آهن، هر شيءِ آهي پر اهڙو پيار ڪٿي به ڪونهي جهڙو واهڻ۾ اڏيل ڪکائن جھوپن ۾ آهي. سيڪريٽري صرف سندن ڪچين سرن مان ٺهيل گهر جو جائزو وٺي رهيو هو. سندس ماءُ جي تن تي پهريل گربيءَ جي سلوار ۽ ململ جي چولي کي جاچي رهيو هو. ڀاڳل جي هٿ ۾ مٽيءَ جي پنوڙن کي ڏسي رهيو هو، هوءَ ڄڻ ماڻهوءَ جي خمير لاءِ مٽي ڳوهي رهي هئي. سندس من اٻاڻڪو ٿي ويو هو. اندر کي ڄڻ پائيندڙ پائي وئي هئس. هن پنهنجي من۾ اٿيل سوالن کي منهن ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي پر فطرت جي لفظن، مک مان ئي سڪ جي توهين ڪندي، کيس چٽو ڪري وڌو. ”مان پنهنجي ڌيءَ هن ماحول ۾ نه ڏئي سگهندس“ ڪراڙي جي منهن تي مايوسيءَ جون ريکائن اڀري آيون هيون. هن ڪجهه چوڻ چاهيو پر لفظ زبان ۾ اٽڪي پيس، چپ ڦڙڪڻ لڳس. ڪراڙي رئي جي ڪنڊ سان پنهنجين ڏار ڏنل اکين جون پُڇڙيون اگھيون جن ۾لڙڪ ڪنهن جوڌي جيان ڄڻ ڦاهيءَ چڙهي ويا هيا ۽ صليب سندس ڳچيءَ ۾ پئجي ويو هجي. هن سڏڪڻ جي ڪوشش ڪئي پر سڏڪي نه سگهي.....
نڙيءَ مان مٿي چڙهندڙ سڏڪو هيٺ لهي ويو، ائين جيئن سانجھيءَ ويل سج ڏسندي ڏسندي کڻي گُهت هڻندو آهي. اها ويل هئي جنهن ويل ڪنهن جي زندگيءَ جو سڄو پورهيو لفظن ۾ لڙهي رهيو هو. سندس پٽ جي مک تي مايوسيءَ جي مرڪ هئي. هن ڦڪي مرڪ کي سيڪريٽريءَ جي لفظن ۾ توريو ڦڪي مرڪ وارو پُڙُ ڳرو هو ٻئي طرف سندس اميدن جي دنيا هئي جيڪا پنهنجا سڀ رنگ کڻي آئي هئي، جنهن ۾ صرف هڪ رنگ ڪونه هو، پيلو جنهن سندس پيءُ، ماءُ جو ساٿ ڏنو هو. سندس مک سج لهڻ جا منظر پيش ڪري رهيو هيو.
هو سيڪريٽريءَ سان ڪار ۾ چڙهي هليو ويو هو. پنهنجي پيءُ ماءُ جي منهن کي رنگن جي بازار مان پيلو رنگ ڏيارائي.
سندس پيءُ ٿڪل قدمن سان ڪپڙن جي گڏهه ڀري زندگي سان وڙهڻ ميرواهه ڏي هوريان هوريان نڪري ويو هو. سندس ماءُ چاڏيءَ ۾ پيل چانورن لپ ڪڍي ڇڄ ۾ وڌي هئي. جيڪي ڌوپڻ کان اڳ لڙڪن سان اڌ آلا ٿي ويا هئا، ۽ هيءُ هيو جو سڪون جي تلاش ۾ سيڪريٽريءَ جي گهر اچي پهتو هو، ندامت جا آثار کڻي. سندس هٿن تي ميندي هڻڻ کان اڳ کانئس ”جنڊو پاڙو“ لکرائي ورتو ويو هو. هن جيون جي راهه ۾ اهو سڀ ڪجهه سکئي گذارڻ لاءِ ڪيو هو. پر سندس هٿن تي مينديءَ جو رنگ نه چڙهيو هو. اهو ئي پيلو رنگ سندس ذهن ۽ هٿن تي چٽجي ويو هو. هن سڄي ماحول کي ڪنهن سانجھيءَ ۾ گم ٿيندي محسوس ڪيو هو. سندس مُکَ ڦڪي ـــ کل سان ڄڻ مذاق ڪري رهيو هو. جنهن به هن تي کلي ڏند پئي ڪڍيا. هو. جڏهن سندس شادي ٿي هئي ته هو ته در ٽپندي ائين محسوس ڪري رهيو هو ته ڄڻ ماءُ ڪراڙيءَ جو لاش ڪمري جي چائنٺ تي پيو هجي، هي هٻڪي پيو پر پنهنجين خوشين ڏانهن اکيون ٻوٽي وڌي ويو هو. سندس خوشيون ڪنهن ڏائڻ جيان هيون جيڪي ڄار ۾ ڦاٿي کانپوءِ ڄڻ کيس کائي وينديون. هاڻ هو پاڻ کي، پنهنجي مٽيءَ جي خمير مان ٺهيل ڀولڙو محسوس ڪري رهيو هو، جنهن کي سيڪريٽري نچائي رهيو هو، پنهنجي لڄ بچائڻ لاءِ......!
هن جي من ۾ سيڪريٽريءَ جا لفظ ڪنهن ڀولڙي جي ڊٻڪيءَ جيان وڄي رهيا هجن ”مان هن ماحول ۾ پنهنجي ڌيءَ نه ڏيندس.“ هن کي محسوس ٿي رهيو هو ته ڄڻ رشتن کي گار ڏني وئي هجي. آدم ۽ حوا جي رشتي جي بي حرمتي ڪئي وئي هجي. زليخان ۽ يوسف جي آدرش جو اپمان ڪيو ويو هجي. هن پاڻ کي هالار جبل تان ڪرندي محسوس ڪيو. پوءِ به پنهنجي پر ۾ هن خوشين جي اچڻ جو انتظار ڪيو، پر هڪ انساني گهٽ وڌائيءَ وارا ويڇا ۽ سيڪريٽريءَ جا لفظ درياهه بڻجي پيا هئا ۽ هي ٻئي زال مڙس ان جا ڪنارا. خوشيون ڪنهن ناوَ ۾ چڙهي هيٺ لڙهنديون ٿي ويون. هي پهچڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو. سندس زندگيءَ ۾ بهار به آئي. هڪ نازڪ ڪلي کلي جنهن جي ايندي هن پاڻ کي وڌيڪَ اڪيلو محسوس ڪيو. هن جي من تي ڀاڳل جا عڪس اچڻ لڳا جنهن جي مُٺين ۾ مٽيءَ جا پنوڙا هئا.
ٻار پيدا ٿئي کانپوءِ هو، ڄڻ ساڳيو پٽيوالو رهجي ويو هو. ڪڏهن باغيچي ۾ ويٺو ريجھائيندو هئس ته ڪڏهن آفيس ۾ ٽائيپ ڪندي هنج ۾، گهر ورڻ تي خبر پوندي هئس، ته ميڊم صاحبه ڪنهن دعوت ۾ ويل آهي. موٽڻ تي موڊ ٺيڪ نه هجڻ جي صورت ۾ کيس ايلاز ڪرڻا پوندا هئس. هاڻي هو پاڻ کي ڪنهن جيل جي ڪوٺڙيءَ ۾ بند ٿيل محسوس ڪري رهيو هو. آفيس جي ڪم ۾ رولو هجڻ ڪري سيڪريٽري صاحب کيس ڪڍي ڇڏڻ ۽ ٻار ٻچا کسڻ جون ڌمڪيون ڏيڻ لڳو هو. ڪڏهن ڪڏهن ته کيس غريب هجڻ تي چئي ڏيندو هئو ته ”تو وٽ ڇا هيو؟ مونکي بلا کاڌو، جو توکي پنهنجي ڌيءُ جي ڪرمن ۾ هنيم“.
هن مرد جي رشتي ۽ حيثيت کي ڪرندي محسوس ڪيو. هن جي اڳيان مثالي زال ۽ مڙس وارو رشتو ٺٺوليون ڪرڻ لڳو. جيڪو ڏکئي وقت ۾ هڪ ٻئي جو ساٿُ ڏيندو آهي.
هُو پنهنجي ماضيءَ کي ياد ڪري سڏڪي پيو. سوچن جي ٻه واٽي تي ٽنگيل رهيو، ڪڏهن سڀ ڪجهه ڇڏي، پيءُ ماءُ ڏانهن موٽڻ جو پئي سوچيائين ته ڪڏهن اولاد جو سوچي لڙڪ لڙي ٿي پيس، وري ڪڏهن زال جا ابتا سبتا طعنا ڪنن ۾ ٻرڻ ٿي لڳس، هو فيصلو نه ٿي ڪري سگهيو ته ڇا ڪري؟!
هن جا قدم بي اختيار ڳوٺ ڏانهن کڄڻ لڳا. گهر اچڻ شرط کٽ تي پيل ماءُ جو مٿو چميائين ۽ پوءِ بي اختيار هلندو ميرواهه تي اچي پهتو هو، جتي سندس پيءُ لٽا پئي سٽيا ۽ پنهنجي دنيا کان بي نياز لٽن جي سٽڪي ۾ مهو هو، هن سڏ ڪندي سڏ ڪيو..... بابا.... بابا.... ب.... ب.... با!!.... ۽ هن جا سڏڪا لٽن جي سٽڪي ۾ دٻجي ويا هئا....!
پاڻيءَ جي وچ ۾ پڻهنس ٻانهون کولي ڄڻ سڏ ڪيس، هي اڻ تارون هوندي به پاڻيءَ ۾ لهي پيو. زندگيءَ جي ڪن مان آزاد ٿي آيو هو. پاڻيءَ ۾ گوپاٽا کائڻ لڳو ته پڻهنس، مٿي ڪري ڀاڪر ۾ ڀري وتس. پڻهنس جو سينو سفينو ٿي پيو هو ۽ هي ان ۾ منهن لڪائي سڏڪي پيو. گهڻي دير کانپوءِ هو پيءَ جي اکين ۾ نهاري ٽب ۾ پيل ڪپڙن ڏانهن وڌيو اجرڪ کڻي، پنوڙو ٺاهي داٻڙي تي سٽڻ لڳو. سندس وات مان شو جو آواز نڪتو. جيڪو آزاديءَ جو آواز هو.