مرغو نمبر ـ 5
”ابول تيل کي به اڄ ختم ٿيڻو هو“.
هن خالي شيشيءَ کي گهروڙي بُجو ڏنو.
سامهون لڳل آئيني ۾ پنهنجي ڪيفيت ڏسي ٿورو مرڪيو ۽ پنهنجي منهن چوڻ لڳو.
”وڏن ماڻهن جيان مان ڀي لڳي ٿو ته نفسياتي مريض ٿي ويو آهيان“.
هل ڙي پنهل اڄ لائيف بواءِ سان ئي لائيف کي اڳتي وڌاءِ.
پنهنجو پاڻ کي جملو چئي هو سيٽي وڄائيندو ٻاهر نڪتو.
جوڻس ڀانان چلهه تي ويٺي ماني پي پچائي. کيس سيٽيون وڄائيندو ڏسي پڇيائين
”خير ته آهي“.
”ها هو رات تيل جو منهن ڪارو تو ڪيو آ“. پنهل مزاحيه انداز ۾ پڇيو.
مان ڪونه ڪيو آ، اهو ماڻهين پي مٿي کي مالش ڪرائي مالش ڪري ڪري هاڻي ته ويڻيءَ ۾ سور ٿي پيو آ. لُولَي کي به زبرو ڌڪ هڻي نٿي سگهان“. اڄ جي مانيءَ جون وٽيون پاسا برابر نه هجن ته منهن ڪنو نه ڪجانءِ“. ڀانان ڪن کڻائيندي چيس.
پنهل جي گول ٿيل چپن وري سيٽي، اُتان ئي وڄائڻ شروع ڪئي جتي ڇڏي هئائين. هن کان اک لڳي وئي.
جوڻس شرمائجي وئي. هن وري ڪو ٻيو اشارو سمجھيو.
پنهل ڪياڙي کنهي ٻاهر اوطاق تي لڳل نلڪي واري دڪيءَ تي پلٿي ماري ويٺو، اتي به هن کي محسوس ٿيو ته ”مان ته صفا سودائي ٿي ويو آهيان“”
زال کي اک هنيم، جيڪا اک هو اڪثر ان مهل هڻندو آهي ”جڏهن سندس موڊ ٺهندو آهي“.
هن کان نلڪي جي ڳن ۾ هٿ وجھندي، کل نڪري وئي. مار ڀڻسان ڪم ته خراب ٿي ويو، هو مرڪيو ۽ نلڪي کي هلائڻ لڳو. جسم تي پاڻي پيس ته ڄڻ ڪرنٽ ڊوڙي ويس“.
هي ڇا اڄ پاڻي به اوپرو اوپرو ٿو لڳي.
هن جلدي جلدي جسم کي صابڻ هنيو. بغلن کي مهٽيو ۽ ڪجهه سرس مهٽيو کيس خبر آهي، ته جڏهن هو گاهه پٺو ڪري موٽندو آهي ته سندس بغلن مان عجيب قسم جي بوءِ ايندي آهي. جنهن جي شڪايت ڀانان به ٻه ٽي دفعا ساڻس ڪئي آهي.
صابڻ کي لاهڻ لاءِ هن وري نلڪي کي گيڙا ڏنا ۽ هٿن سان سڄي جسم کي مهٽيو.
جي تيل هجي ها ته ڪيا بات هي“ ڪم ٿي وڃي هان. ڇو ته سياري جي اچڻ سبب سندس جسم تي ڄڻ اڇي ڪلري ٿي ٿي بيٺي.
”چلو ڪوئي گل نهين“ هن کان وات مان نڪري ويو.
وري هن کان اک لڳي وئي. ۽ هو وري پريشان ٿي ويو ته هي اڄ مون سان ڇا ٿي رهيو آهي.
هن جلديءَ ۾ ڪپڙا پاتا ـــ صابڻ کنيو ۽ گهر ۾ کٽ جو وچ وٺي ويهي رهيو.
کيس ناشتي اچڻ جو انتظار هو.
ڀانان چلهه تان اٿي ۽ مٿس اچي بيٺي ۽ آرس ڀڃڻ لڳي.
”تون به اهڙو آن جو مهل نه موقعو ٿو ڏسين“.
پنهل وائڙو ٿي ويو ته بيگم صاحبه کي ڇا ٿي ويو.
هن اڃان دماغ ۾ ڪجهه ٽلڻ جي ڪئي ته وري کانئس اک لڳي وئي“.
ته ڀانان کي ڄڻ وٿي ملي وئي.
”ته پوءِ تڙ ڪرڻ جي جلدي هيئي ڇا؟“
پنهل کان زري گهٽ ڇرڪ نڪري ويو. پوءِ کيس ياد آيو ته اک غلط ٽائيم تي لڳي وئي آهي.
هن ٻئي هٿ ڪنن ۾ وڌا ۽ نڪ تي آڱر ڦيرائي چيو. بيگم غلطيءَ جي معافي!
ڀانان منهن چٻو ڪري چيو: ”هڻي منهنجو به موڊ خراب ڪري ڇڏيئه“.
ڀانان وئي، مانيءَ تي مکڻ جا ابتا سبتا ليڪا ڪڍي اچي اڳيان رکيائينس!
پنهل پهريان ته مانيءَ کي ڏٺو ۽ پوءِ زال جي منهن کي ڏٺو جنهن تي به ڇار ۽ اٽي جي آٽڻ جا ليڪا نڪتل هئا.
ڀلو ٿيئي هي ڇا؟ مکڻ ڪونهي ڇا جو اڄ ماني کي هڻڻ مهل به بيگر لاٿي اٿئي“. پنهل کيس چتائي ڏسندي پڇيو.
ڀانا موڙا ڏيندي اندر ڪمري ۾ پيل ڪينگر مان وٽو لسيءَ جو ڀري اچي ڄڻ هٿ ۾ ٺوڪيس......
وري به پنهل کان اک لڳي وئي ته ڀانان جو وات ڦاٽي ويو ۽ چيلهه تي هٿ رکي بيهي رهي.
”مکڻ ته مونکان وسري ويو. هاڻي کائيندين يا پوءِ....؟
پنهل پوءِ جو مطلب سمجھي نه سگهيو ۽ مانيءَ جو اڌ ڀڃي وات ۾ ائين وڌائين ڄڻ غريبَ مينهن کان ٽپڙ اندر پيو ڪري!
ڀانان، هونهه ڪري وڃي مانيءَ کي اهڙا ڌڪ هنيا، جو ڄڻ ته پنهل تي پئي چماٽون هلائي.
پنهل وٽو لسيءَ جو منهن تي چاڙهي اک هڻي ڄڻ پنهنجو پاڻ کي پيو چوي ته ”پنهل توائي مانيءَ مان ٿي نڪرئي!
پنهل ماني کائي هٿ آلي، اَنگوشي سان صاف ڪيا ۽ اندر ڪمري ۾ هليو ويو.
هن چارج ۾ لڳل موبائيل ڪڍيو ۽ اسڪرين تي ان باڪس ۾ پيل پيغام کي اسڪرين لاڪ کولي پرهيو.
مٺا سائين جلدي اچڻ جي ڪجانءِ ڇو ته هڪ کان پوءِ گهر ۾ هُل ٿي ويندو آهي. سڀ گهر ڀاتي اچي ويندا آهن.
پيغام پڙهي، هن اسڪرين آف ڪئي ۽ موبائيل کيسي ۾ وجھي مڙيو ته آئيني وري مٿس ڄڻ ٺٺول ڪئي. هن مڙي پاڻ کي آئيني ۾ ڏٺو ۽ اک ڀڳي......
هن پنهنجو پاڻ سان ڳالهايو ”تون ته منهنجي ڪڍ پئجي وئي آهين“
هي در کان نڪتو، ته سامهون جوڻس تي ديد پئجي ويس. جنهن کيس ڏسي منهن بڇڙو ڪيو.“
صبح صبح سان منهن بڇڙو نه ڪندي ڪر! تون اندر هجين ها ته ڪڪڙيون ۽ ڪانءَ اٽو پٽي کائي وڃن هان. ان ڪري رات تائين مهلت!
ڀانان جھٽڪو ڏئي لڪڻ هٿ ۾ کنيو ۽ ڀرسان ايندڙ ڪُڪِڙِ کي اهڙو وهائي ڪڍيائين جو ڪا مهل ته ڪڪڙ سامت ۾ ئي ڪونه هئي. ڪڪ ڪڪ ڪڏوڪ ڪندي مال جي واڙي ۾ وڃي پهتي.
”ڇتي ته ٿي آهي“.... پنهل جملو چئي ٻاهر نڪتو.
پنهل جي ذهن ۾ منظر ڦرڻ لڳا. هي مونسان ڇا ٿي رهيو آهي. مان ڪڏهن کان اهرو ٿي ويو آهيان. ڇورن هڻي منهنجو به مٿو ڦيري ڇڏيو آ، مان اڳ ته اهڙو ڪونه هئس. ايم. اي بين الاقوامي تعلقات ۾ ڪيم، يونيورسٽيءَ ۾ ڇوڪرين جا ٽولا هوندا هئا. پر مونکي ڪا به ڀانءِ نه آئي. هر هڪ کي ادي ڪري آسرو پلائيندو هئس. ڇو ته انقلابي سوچ منهنجي ذهن کي اهڙو ته مٽائي ڇڏيو هو جو اسٽڊي سرڪل ۽ پاڻ! ٻي ڪنهن طرف ڌيان ئي نه ويو. ايم اي ڪري واءِ واز ڏيڻ ويس ته پٺيان چاچو ڀڄندو آيو.
”پنهل ادو الله کي پيارو ٿي ويو“
هي ڇا هاڻي ته گهران آيو آهيان. ابي جي پيرن تي هٿ رکي.
چاچا تون هي ڇا چئي رهيو آهين؟
ها پٽ دل ۾ تڪليف ٿيس. گاڏي ڦيرائي، مس بيهاري سين ته دم نه تو ڏٺو نه مون ڏٺو.“.
اها گاڏي ڪهرائي هت پهتو آهيان“.
بابي سان جَھٽُ ٿي ويو. امڙ جيڪا راڄ ۾ ست لڙهي دهري پائي ڪاڄن ۾ شريڪ ٿيندي هئي تنهن جي ڪنن مان ڪيوٽيون، پڪڙ سان ويڙهه کولي لاٿيون ويون.
ٽيجھو ٿيو، ست جماڻا ٿيا. امان جي سوءَ لٿي ته چاچو در وٺي بيهي رهيو.
”پنهل شآدي ڪر، هيءَ ڍاڳ مينهن جي. گهر جو ڪم ڪار، اٿي ويٺي ڪير سنڀاليندو“.
نوڪريءَ جا خواب لهڻ ڇڏي ڏي.
خاندان بچاءِ. چرخو هلاءِ....
ٽن مهينن ۾ ڪاڄ ٿيو. ڀانان هٿن کي ميندي لاهي اچي پهتي. پوءِ خبر پيئي ته عورت جي خوشبوءِ ڇا هوندي آ. باسمتي چانور جي هُڳاءَ جهڙي، رابيل جي سڳنڌ جهڙي ڀانان سڳي سؤٽ ـــ اچي جو گهر کي سنڀاليائين ته گهر کي ڀاڳين جو گهر ڪري ڇڏيائين. عصر جو اٿي. مال کي ڪونر کارائي چئونري کڻي گوڏن ۾ ڦاسائي پهريون گوهو ڪڍي ته چئونري شوشو جي آواز کان شروع ٿئي ۽ ڪنن تائين گج سان ڀرجي وڃي.
کير مکڻ پنهنجو اڌ پاڙو لسي وٺڻ لاءِ، ٿانءَ جھليو بيٺو هجي. لوٽا ڀريندي ٿانون ۾ وجھندي وڃي بسم الله، بسم الله جا لفظ چپن تي ـــ ڪڏهن به منهن تي گنج ڪونه پيس.
آچر جو ڏينهن ٿئي ته شام سان ئي پاڙي جا جوان ڇوڪرا پنهل جي اوطاق ۾ منڊلي مچائي ويهن.
هاڻي تون ڪهڙي ڪلاس ۾ ٿو پڙهين؟ پنهل.
بي ايس سي ۾؟ ڇوڪرو!
۽ تون دلاور؟ پنهل
آءِ آر ۾؟ ٻيو ڇوڪرو.
اڙي يار امانُ ڀٽي خوش آ.....
ها پنهل صفا ڀڙ لڳو پيو آ.....
اڃا ڊريسنگ ٺيڪ ٺاڪ اٿس يا.....
بابا اسان کي به ماري ٿو وڃي!
پنهل ٿڌو شوڪارو ڀري چوي ٿو يار ماڻهو ته ناهي. مکڻ آ مکڻ....
ائين ڳالهين جا دؤر هلن. ڪچهريون اڌ رات تائين برقرار.....
نوجوانن جي هٿن ۾ وڏا وڏا موبائيل. هر ڪو ڪرت سان لڳو ويٺو هجي.
وڊيو ڪال تي ڪا ڇوڪري ڪنهن نوجوان سان آن لائين ٿئي ته پنهل وڌيڪَ ٽهڪ ڏئي. ابا آئي ٿي هيروئن. اڳي ماڻهو هيروئن ڏسڻ لاءِ سئنيما ويندا هئا. هاڻي هيروئن هٿن ۾ اچي ٿي ٺڪاءُ ڪري.
پنهل تو به ڪو يونيورسٽيءَ ۾ عشق ڪيو؟ نوجوان جو سوال!
نه يار اسان کي عشق ڪرڻ جو وقت ئي ڪونه مليو. شاگرد تنظيمن ايترو ته قابو ڪري ڇڏيو جو ڇوڪرين کي ادي ۽ ڀيڻ چئي جند ڇڏائڻي پئي.
ڀلا هاڻي عشق ڪرڻ جو موڊ اٿئي؟
هن عمر ۾! ابا پڪي گهڙي کي به ڪڏهن ڪَنا پيا؟!
ٽهڪڙو
”پنهل جي ذهن ۾ ڄڻ لائيو پروگرام هلي ويندو هو“
گهر کان ته نڪري آيو ! پر يادن جي ڪوهيڙي ۾ ايترو وٺجي ويو جو ڪجهه سمجهه ۾ نه پيو اچيس ته وڃان ڪاڏي ٿو. گهران نڪتو ڇو آهيان ۽ هي سوچيان ڇا ٿو؟
واٽ تي بيهي سوچيائين. پويان سڀ منظر وري هلڻ لڳا.
دلاور نمبر ڏنو هوس ته ”پنهل ههڙو پکي ڪڏهن ڍنڍن ۽ ڍورن ۾ به نه ڏٺو هوندءِ“. آڙي کان به ڳچي ڊگهي. بخملي بدن ـــ ڳٽي تي هٿ رکئيس ڄڻ مکڻ جي چاڻي تي هٿ رکيئي“.
”ابا منهنجي ڪهڙي ڪم جو“
ڳالهه ٿو ڪرين ڪم ئي تنهنجي جو آ.
دلاور نمبر پنهل جي موبائيل ۾ سيو ڪيو.
هائو ٻيلي ڪنهن نه ڪنهن مهل موبائيل جي رنگ وڳي.
پنهل هلو ڪيو ته پريان عورت جو آواز آيو ـــ
”هي عباس جو نمبر آهي؟“
نه هي پنهل جو نمبر آهي.
نمبر بند ٿي ويو.
ٻئي ڏينهن ڪال آئي نمبر ساڳيو هو.
پنهل ”هي عباس جو نمبر ناهي. توهان کان غلطي ٿي آهي. مون اڳ به وضاحت ڪئي آهي.
”تون پنهل آهين ته مان سسئي آهيان“.
پنهل جلدي ۾ مٽجندڙ اسٽيٽمينٽ کي سمجھي نه سگهيو هو.
مون کي صرف هڪ ڳالهه نه وڻندي آهي ته: ”مونسان ڪو ڪوڙ نه ڳالهائي“. عورت پاڻ ئي وضاحت ڪئي!
مون ڪٿي ڪوڙ ڳالهايو. پنهل ڀي وضاحت پيش ڪئي.
مان هاڻي لاءِ نٿي چوانءِ آئينده توهان کي احتياط ڪرڻو پوندو. ماڻهو عزت جو بکيو هوندو آهي. پئسي جي بک ته مطلبين کي هوندي آهي. مونکي الله تونسان ملايو آهي“.
سو ڪڏهن به مونسان ڪوڙ نه ڳالهائجانءِ.
ڪوڙ مان ڇو ڳالهائيندس! پنهل پاڻ کي آجو ڪندي چيو هو.
تنهنجي شادي ٿيل آهي؟ ڇوڪري
ها شادي ٿيل آهي.... پنهل....
اها سٺي ڳالهه آهي ته تون مونکي ڌوڪي ۾ نٿو رکين؟ گهڻا ٻار اٿئي؟
ٻار ڪونهن وانگار ۾ ٿو هلان.... پنهل
ڇوڪري کان ٽهڪ نڪري ويو.....
توهان کليو ڇو؟ پنهل
توهان جي سچي انداز تي. ڇوڪري!
۽ توهان شادي شده آهيو؟ پنهل
نه مون شادي نه ڪئي آهي.....
شڪر آ. نه ته توهان کي به اهڙي سوال جو جواب ڏيڻو پوي ها!
وري ڇوڪري کان ٽهڪ نڪري ويو وانگار وارو.... سوال ڪرين ها ڇا؟
پنهل کان به ٽهڪ نڪري ويو.
ويڊيو ڪال ڪرڻ ايندي ٿي؟ ڇوڪري!
ها ڇوڪرن سيکاري آهي..... پنهل
توکي ته اولاد ڪونهي ڪهڙن ڇوڪرن سيکاري ٿي. ڇوڪري....
يونيورسٽيءَ ۾ پڙهندا آهن....
اهو شوق به ڪندو آهين ڇا؟
پنهل کان ٽهڪ نڪري ويو. ”الله نه ڪري“.
ڇوڪريءَ جي بي باڪيءَ تي پنهل کي ڏاڍي کل آئي هئي ۽ هن ڪال ڪٽي ڇڏي هئي!
رات جو هاڻي پنهل لاءِ ڄڻ مشغلو ٿي پيو هو ۽ هو تمام گهڻو اڳتي نڪري چڪو هو! پر ان تبديليءَ جو هن ڪنهن سان به ذڪر نه ڪيو هو. ڇوڪرن سان اهي ئي نمان نه مان واريون ڳالهيون؟ اهڙين يادن تي هو ٿورو کليو.
هو هاڻي ڳالهين جي ڳوٺ مان نڪري اچي اسٽاف تي پڳو هو. بس جي انتظار ۾ ويٺو ته وري رابيل جهڙي سڳنڌ کيس ورائي وئي. ۽ ماضيءَ ڏانهن موٽي ويو.
”توهان عشق ڪيو آ، ڇوڪري.
”مون عشق ۾ پير ئي ڪونه پاتو آهي“.
ڇو ڀلا پير ايڏو وڏو ٿي ڇا؟ ڇوڪري.
پير ته ستون نمبر آ پر پير پائڻ جي جاءِ ئي نه ملي... پنهل
تون ماڻهو ڏاڍو دلچسپ آهين؟ پڙهيل گهڻو آن“.
”ايم اي آءِ آر ۾ ڪئي اٿم“. پنهل
”ڪهڙي سال ۾“
2001ع ۾
”هان ڇوڪريءَ کان رڙ نڪري وئي“
”ايترو ننڍو آهين“ ٽهڪ ڏيندي ڇوڪريءَ چيو هئس!
”ها زماني وڏو ڪري ڇڏيو آ“. پنهل
”زمين گهڻي ٿي“.
36 ايڪڙ.... پنهل
سڀ پنهنجي نالي تي اٿئي؟ ڇوڪري.
بابي جي نالي تي آ. بابو گذاري ويو آ. کاتو بدليو ڪونهي“. پنهل
سڀئي آباد اٿئي؟ ڇوڪري.
ها. کجين جا باغ آهن..... پنهل
کارڪون ڪڏهن کارائيندين.... ڇوڪري.
جڏهن حڪم ڪيئي؟..... پنهل
ڏٽو ته ڪونه پيو ڏئين؟ڇوڪري.
تو پهريان ئي چئي ڇڏيو آهي ته ڪوڙ نه ڳالهائجانءِ.... پنهل
واعدو پڪو؟ ڇوڪري.
”ها پڪو واعدو.... پنهل
”دوستي پڪي؟“ ڇوڪري.
”ها سائين“. پنهل
”سائين نه مٺا“ ڇوڪري.
”کارڪن کائڻ کانپوءِ“.... پنهل.
”نه هاڻي سان ئي“..... ڇوڪري
”جي مٺا سائين“.... پنهل
”ڇڏي ته نه ڏيندينءَ“ ڇوڪري.
”توکي ڪو ڪافر ڇڏيندو“. پنهل
”جيڪو ته ڪوڙ ڳالهائيندو“ ڇوڪري
پنهل کان وڏو ٽهڪ نڪري ويو هو. ”وڏي ڪا شودي آن“.
”مان جهڙي آهيان بس اهڙي آهيان“ ڇوڪري.
”سر لڳي“. پنهل
”رک ڏاڙهيءَ تي هٿ“ ڇوڪري.
”مڙساڻو واعدو“ پنهل
بس اچي ٺڪاءُ ڪيو ڪلينڊڙ لسڙاٽ ڇوڪرو هو.
هل وڏا هل ٽائيم ٿيڻ وارو آ“
پنهل جا خيال ٽٽا. هو بس ۾ چڙهندي ڪلينڊر کي اک هڻي ٿو.
استاد ڊبل ڪريس!
ٽئين جنس وارو لڳي ويو آ. ڪلينڊر سندس جذبن کي مجروح ڪندي ڊرائيور کي چيو. پنهل کان، کل نڪري وئي.
الائي ڪيئن بس، واءُ مينهن هڪ ڪري اچي شهر پهتي.
پنهل بس مان لٿو رڪشا ۾ ويٺل هڪڙي گهٽيءَ ۾ رڪشا واري کي هلڻ جو اشارو ڪيائين.
هن موبائيل ڪڍيو ۽ پيغام لکيو ”مٺا سائين مان پهچي ويو آهيان“
پريان پيغام آيو ”امان بيمار ٿي پئي آهي، سڀ اسپتال آهن“.
”پوءِ مان اچان يا واپس ٿيان“ موٽ واري رسيد طور پنهل لکيو.
آيو آهين ته اکين تي“ موٽائيندي مانءِ ڪونه. ڇو ته ڪوڙ پاڻ وٽ آهي ڪونه“.
”مان اچان ٿو“ پنهل
تو وٽ پئسا گهڻا آهن کيسي ۾؟ ڇوڪري!
”پنج ڇهه هزار روپيا هوندا“. پنهل....
اچ اچ گهر ۾ ننڍو ڀاءُ ويٺو آ. اسپتال ڪجهه پئسا موڪليان ۽ هن کي به گهر مان ڪڍان“ ته پوءِ ويهي ڪچهري ڪيون“.
”ڪاڏهون اچان“.... پنهل.
سڌو هليو آءُ، مان ڇوڪرو بيهاريانءِ ٿي“. ڇوڪري.
رڪشو بيٺو ٻاهر ڇوڪرو موجود هو. جيڪو اڳ ۾ ٿي هليو. در جي طاق مان پنهل ڏسڻ جي گهڻي ڪوشش ڪئي پر ڇوڪري اڳ ۾ ئي اندر هلي وئي.
پنهل ورانڊي ۾ پيل صوفه سيٽ تي ويٺو.
ڇوڪريءَ اندران چيو: ”هن کي پئسا ڏي، ته اسپتال وڃي. امان جي دوا وٺڻي آهي“.
پنهل پئسا ڪڍيا. هزار هزار جا پنج نوٽ ڇوڪري جي هٿ ۾ ڏنا.
ڇوڪرو پئسا مٺ ۾ ڪري ٻاهر نڪري ويو.
ڇوڪري ٻاهر نڪتي. پنهل کان رڙ نڪري وئي ”نسرين تون“
نسرين پنهنجو موبائيل هٿ مان لاهي ٽيبل تي رکيو. ”ها مان“
پنهل ڪا مهل کيس ڏسندو رهيو اها ئي نسرين! هن کان هڪ سال جونيئر..... يونيورسٽي ۾ پڙهندي هئي ساڳيو آءِ آر ڊپارٽمينٽ.
جيڪا هميشه ليڊرن تي ڇوهه ڇنديندي هئي، ته ليڊريون مطلب جون آهن. اهي ليڊر يونيورسٽي جا ڀتي خور آهن. قوم جو هنن کي ڪهڙو درد پئسي لاءِ وڏيون وڏيون تقريرون ٿا ڪن ۽ بس جي ڊيزل لاءِ هڙتائون ٿا ڪرائين. ڪڏهن لطيف جي ميلي تي ته ڪڏهن سن جي سائين جي سالگرهه! تي.
”مان چانهه ٺاهي اچان“ تون ويهه باقي سڀ ڪجهه بعد ۾! پنهل گهري سوچ مان ٻاهر آيو.
پنهل جي اک ڦڙڪڻ لڳي.
نسرين ڪچن ۾ وئي. ته پنهل جي ديد ٽيبل تي رکيل، نسرين جي فون تي پئي. فون کي ڏسندي ئي هن کان اک لڳي وئي ۽ سندس زهن ۾ خيال آيو ته ڇو نه چيڪ ڪري وٺان ته نسرين منهنجو نمبر ڪهڙي نالي سان سيو ڪيو آهي!
هن پنهنجو موبائيل ڪڍي نمبر ملايو. نسرين جو موبائيل وائبريشن ڪرڻ لڳو.
پنهل موبائيل هٿ ۾ کنيو جنهن جي اسڪرين تي اکر چمڪڻ لڳا ۽ لکيل هو.
مرغو نمبر 5..........