ڪھاڻيون

موٽي ايندس مان

هي ڪتاب ليکڪ ۽ ڪهاڻيڪار ابراهيم کرل جي ڪهاڻين جو مجموعو آهي. ابراهيم کرلَ جون ڪهاڻيون ڌرتيءَ جون ڪهاڻيون آهن ۽ ڪردار پڻ مٽيءَ جي خوشبوءَ کي سمائي ديسَ جون وارتائون بيان ڪندي چرپر ڪن ٿا. سماج جا عڪس ۽ اولڙا پسائين ٿا. ڏک ۽ سک پڙهندڙ سان شيئر ڪن ٿا. جنهن مان ابراهيم کرل جي مشاهدي جي پروڙ پوي ٿي. ابراهيم کرل جي ٻولي ڏاڍي وڻندڙ ۽ خوبصورت آهي ائين ٿو لڳي ته ڪردار اسان جي سامهون بيان ڪري رهيو آهي.
Title Cover of book موٽي ايندس مان

واليون

سوڍو رڳو نالي جو وڃي سوڍو بچيو هو
سڄو ڏينهن پير کاٽ ۾!
هُنَ چنبو هنيس ته وري ڪٿان بُجو مليس.
سندس ڪم ئي اهڙا هئا، گُهري عزت لهرائيندو هو.
”ڪنهن کي دم ته ڪنهن کي دلاسو“.
ڪنهن کان ويهه ورتا، ته ڪنهن کي پنجاهه جي چوٽ
صبح جو سوير وڃي، خير شاهه جي مَڪان تي پاسو جھلائبو ۽ جُوا جي ٽِڪري تي ويهي، پڙ پالو ڪري، ڪڏهن ٻه چار روپيه کٽندو ته واهه واهه، نه ته هميشه ملڪ ميدان ڪري، انگوشو ڇنڊي.، ڪلهي تي رکندو هو.
”ڪڏهن ڪڏهن ته انگوشو به ماڻهو کسي وٺندا هئس“.
سوڍو هڪ ڀرپور بجو، پنهنجي منهن تي ملي چوندو هو ”سوڍا ٿُڪ ٿئي! جي جوان هوندين، ته سڀاڻي کان هن پِڙَ تي پير ئي نه رکندين“.
ڪيئي سج اڀري لهي ويا پر سوڍي جي ڪرت ساڳي، مجال آ جو سوڍو جُوا کان باز اچي، عادت سوڍي جو عضوو ٿي وئي هئي!
جوا نه کيڏي ته چينَ سان نه سمهي سگهي!
چئي! ”ته هنن هڏن کان هاڻي ٻيو ڪهڙو ڪم ٿيندو؟“
چَمُ چيو ئي نٿو ڪري، تڳاري مونکان کڄي ڪونه ٿي ٿورو وزن کڻي پنڌ ٿو ڪيان ته اُڀ ساهي وٺي ٿي وڃي.
اُهو مُئو گولڊ فليڪ سگريٽ پي، پي، هڻي ڦڦڙن جو منهن ڪارو ڪري ڇڏيو اٿم!
دوا به ڪٿان وٺان، جڏهن کان يوناني ڊاڪٽر ٻه هڪڙآ ڪک ڪاغذ ۾ ويڙهي ڏنا ۽ چيو ته، سوڍل جيڪي ڏينهن جيئرو رهين غنيمت اٿئي، باقي تنهنجي گارنٽي ختم کيل ختم پئسا هضم“.
خبر ٿئي ڇا چيم ان حجم ڊاڪٽر کي، ڪوڙو ڪوڙي جو پٽ! چيومانس ته ”حڪيم صاحب حياتي ڇڏي ڪو به ڪونه مرندو جيڪي ڏينهن جيئرو هوندس اهي تون ڪونه وٺي ڏيندين“.
خبر ٿئي ڇا چيائين،
”چيائين ته ڪڏهن زندگي به جوا جيان هارائي ڇڏيندين“.
چيومانس.
وائڙيءَ جا اهي تو وارا ڪک منهنجي زندگي بچائيندا زندگي به منهنجي ته هارائيندس به مان“.
سوابا، ڏاڍو انگوشو ڇنڊي، شهپر کي تريءَ سان مهٽو ڏئي ڊاڪٽر جي اکين ۾ چتائي ڏٺم ته ڊاڪٽر چيو: ”ماڻهو مون به ڏٺا پر تو جهڙا گهٽ“.
ٻئي ڪک ڪاغذ کولي اتي هاريامانس ۽ پوءِ موت سان مهاڏو اٽڪائي نڪري آيس“.
سوڍو به سوڍو ته مومل به مومل.....
هڪڙي، هيڪل جندڙي جبل جيڏي گهر سان منهن ڏيڻ، جڏهن ته مڙس جا افعال اِهي. نه لهڻي ۾ نه ليکي ۾! گهر جو ڪم ڪار راڄ جي اٿي ويٺي، سَڏُ، صلح، اصل مڙس ماڻهو ٿي منهن ڏيون پئي اچي. لَکائي ڪونه، ته ڪو مڙس ڪمائي ڪونه ٿو، سڄو ڏينهن جوا جي ڪڍ آ، ڇوٽ ڇُوٽِ ۾ گهڻو مٿو هنيائين پر جبل سان مٿو ڪير هڻي“.
سوڍو نه سڌرڻو هو سو نه سڌريو“.
”مومل پيڪن کي دانهن ڏني“
” رسي وڃي گهر ويٺي پر سوڍو چَئُه، جو سڌري، اُهو ئي، خير شاهه جو مڪان ۽ پاڻ“.
مومل رسي وئي ته سوڍو پرچائڻ ڪونه ويس، صرف هڪڙو ڪم ڪيائين جڏهن به ساهراڻي گهر کان لانگھائو ٿيندو هو ته وڏي آواز ۾ ڪلام چوندو هو ته: ”جڏهن هن دنيا مان گذاري وينداسين گهڻن کي اسان به روئاري وينداسين“.
مومل جي هنيانءَ ۾ ڄڻ هٿ پئجي ويندو هو ۽ لڙڪ لاڙي ويهندي هئي، هڪ ڏينهن ته پيءُ سان وڙهي پئي.
چئي ”بابا سوڍو مري ويندو، مون کي ڇڏ ته مان پنهنجي گهر وڃان“
”امان گهر تنهنجو پنهنجو“
ڇڏي تون پاڻ آئي آهين، هاڻي مونکي چو ٿي چوين؟
مان توکي ٻڌي ته ڪونه ويهاريو آ
پڻهنس جو اهو چوڻ ۽ مومل جو ڌيءُ کي ڪڇ تي کڻي نڪرڻ.
ان رات مومل ڏاڍو رني سوڍل جو گوڏو هو، سوڍو هو ۽ مومل جا لڙڪ هئا. سوڍو به روئي ويٺو هو.
چيائين، ”مونسان ايڏي دل به اٿئي پوءِ ڇو ڇڏي وئينءَ“.
مومل لڙڪ اگھي کيس رڳو ڏٺو.
اڙي ائين نه ڏس، مارڻي ڍور وانگر ڪٿي شهيد ڪري نه وجھين، مومل جي مک تي مرڪ تري آئي هئي ۽ هن ڀري مُڪ جو سوڍل جي نڪ تي هنئي ته ”سوڍل جو اڇو پهراڻ رت ۾ ٿي ويو.
مومل ڏاج ۾ ڏنل موٺڙيي وارو رَئو ساڙي کيس خاڪ سنگھائي تڏهن وڃي رت بند ٿي.
ته سوڍل چيس:
ڇو بند ڪيئي اها به مئي نڪري وڃي ها، هن نڪمي جسم مان ته چڱو هو.
مومل مِسڪي پئي ته سوڍل ساڻي ٿيل جسم کي سندس ٻانهن ۾ ڇڏي ڏنو“ اها رات مومل لاءِ سڀاڳي رات هئي جو ورهين پڄاڻا هن کي مڙس جو قرب نصيب ٿيو هو.
مومل اڃا اٿي منهن تي ڇنڊو به نه هنيو هو ته خبر آئي هئي. ته سندس پيءُ، ماءُ، ڀاءُ ۽ ڀيڻ ڪمري جو شهتير ڀڄڻ سبب دٻجي فوت ٿي ويا آهن، اتان ڄڻ مومل نڪرڻ جي دير هئي، مومل خاڪ کڻي مٿي ۾ وڌي ۽ ماتم ڪندي پهتي.
ان ڏينهن مومل اهڙو ماتم ڪيو جهڙو امامن جو ٿيندو آهي، ياحسين! هڪ لمحي جي خوشي سالن جي درد کي ٿالهيءَ ۾ کڻي اچي مومل جي جھولي ۾ وجھي وئي.
”مومل جي ميس ئي مري وئي، دنيا ئي وسري ويس، شاديون ڇٺيون ته ٺهيو پر مرڻي تي به گهران ڪونه نڪري، گهر ۽ پاڻ، رليون ۽ تڏا، درد جو ٽوپو ۽ ڏکن کي وڪڙ“.
مومل جي مک تي مرڪ وري تڏهن وَري جڏهن راڻي سمجهه سان ٿي.
امڙ پڌر جي ٻهاري ته ڏئي وٺ،
اڄ ڀلا ٿانون تي ته هَٿُ ڦيري وٺ،
پڻهين جو پوتڙو ميرو پيو آ، ان کي ته صابڻ جا ٻه گهڪا ڏئي تار تي اُڇل!
مطلب ته هن کي هٿ ونڊرائڻ واري ملي وئي هئي. راڻيءَ کي کلندي ڪم ڪندي ڏسي کيس پنهنجو ننڍپڻ ياد آيو“
ڏاڍي لاڏلي هئي پيءُ جي، ڪلهي تي کڻي گهمائيندو هئس اهي ميلا، ملاکڙا، شاديون غميون.
جيڪو انگل ڪري اهو پورو.
”هڪ دفعي ضد ڪيائينس ته بابا مونکي واليون وٺي ڏي“.
”اڙي بابا ڇا ڪندينءَ تون واليون تون اڃا معصومڙي ڪن ڪچا“
”مان واليون پائيندس“
”ٻار واليون نه پائيندا آهن“.
”پُڦيءَ جو پاتيون آهن“.
”پُڦهين ته وڏي آ نه“.
مان ڪجهه نٿي ٻڌان مونکي واليون گهرجن!
ٻي ڏينهن سورهن واليون اچي ويون.
ڪچڙا ڪن سبيا، ڪارا ڌاڳا پيا، حقي جي پاڻيءَ سان ڌوتا هفتي ۾ ڪن ڇٽي ويا ۽ واليون پائجي ويون.
هُنَ ٻئي ننڍڙيون ٻانهون ڦهلائي پيءُ جي ڪنڌ ۾ ڀاڪُر وڌو ۽ واليون ڏيکاريون ته پڻهنس جي اکين ۾ ڳوڙها تري آيا.
”هاڻي ته خوش“.
”خوش“.
مومل ڪيلي جي وڻ جيان ڄڻ ڇهن مهينن ۾ جوان جماڻ ٿي وئي هئي، سندس شادي سڳي سؤٽ سوڍل سان ٿي. هن کي خبر ٿورئي هئي ته قسمت ايترو جلدي پلٽو کائيندي شهزادين وانگر پليل، ڪنهن جي آڏو ائين مجبور ٿي پوندي ۽ هن کي ڪم کائي ويندو. پر هاڻي هوءَ خوش هئي....
ته راڻي راحت بڻجي آئي آهي.
کيس ڏسي اندر ۾ خواهش جاڳي ته جيڪر ڌيءُ جي ڪنن ۾ واليون وجھان.
پر ڪيئن ڪريان؟ ڪنهن کي چوان؟
سوڍي کي ڪيئن ڏيان، ڪٿي جوا ۾ نه هارائي اچي....
ڪئي ڪمائي نه لوڙهي ڇڏي!
ڌيءَ سان صلاح ڪيائين ”امان توکي واليون ٺهرائي ڏيان؟“
راڻي ”ڇو امان؟“
سٺيون لڳندءِ.... مان ته ستن سالن ۾ واليون پاتيون“
هان امان! پوءِ ڀلا ٺهرائي ڏي“
”ڪنهن کي چوان“
”بابا کي“
”پڻهين کي“
”ها ڇو“!
ائين.... هن کي ڪهڙي خبر ته جوا ڇا آهي؟ مومل اندر ۾ ڀڻڪيو. ٻي ڏينهن ننڍي قينچي کڻي ويٺي.
ڌيءُ کان ڪن جھلرائي ويڙه کويندي سورهن ئي واليون لاٿائين“ ڪاغذ ۾ بند ڪري رکيائين، رات جو سوڍل کي منجھي منجھي چيائين.
راڻيءَ لاءِ واليون ته ٺهرائي ڏي.
سوڍل آسمان ۾ ٽمڪندڙ ستارن کي ڏسي ٽهڪ ڏنو.
کلئين ڇو؟
”تنهنجي خواهش تي کل آئي.“
ڇو؟
تون جيڪڏهن چوين ها ته آسمان مان ستارا لاهي اچ ته شايد مان ڪوشش ڪيان هان“ پر هي ته ممڪن ئي ڪونهي.
مان ٿي ڏيانءِ پنهنجيون واليون، تون رڳو ننڍيون ڪرائي نئين ڊزائين ٺهرائي ڏي“.
سوڍل پاسو ورائي سندس اکين ۾ ڏٺو، جن ۾ والين وارو خواب ڪرموڙي رهيو هو“.
”هُنَ ها ڪئي“
”مومل کي ڄڻ اوندهه ۾ ڏيئو نظر آيو“
صبح ٿيو. سوڍل انگوشو مٿي سان ٻڌو ۽ شهپرن کي تيل هنيو. آئيني ۾ منهن ڏٺو ته مومل اچي پنو هٿ ۾ ڏنس!
پريان راڻي مرڪي ڏٺس، هن آئيني تي آخري نهار وڌي ته ٻاهران در تي سڏ ٿيو.
”هن آئينو کٽ تي اڇليو. والين وارو ڪاغذ کيسي ۾ وڌو ۽ ٻاهر نڪتو“.
”ٻاهر نڪتو ته سامهون خدو بيٺو هو“.
پٽ گهڻا ڏينهن ڏٽا ڏنا اٿئي ”اڄ پئسا ڏيڻا پوندئي.
سوڍل جي نڙي خـشڪ ٿي وئي هن کيسي کي مضبوطيءَ سان پڪريو....
”ڇا ٿو لڪائين“
”ڪجهه به نه“
”هيڏي ڪر“
”ادا خدن مون وٽ هن مهل ڪجهه به ڪونهي، مان تنهنجا پئسا جيءُ جيءُ ڪري ڏيندس“.
”نه مون کي پئسا هاڻي کپن“
”ڳالهاءَ ته مومل ۽ راڻي سري اچي در جي اوٽ ۾ بيٺيون“
”ڀاءُ منهنجا مان پئسا توکي هفتي ۾ ڏيندم“.
خدن هڪ به نه ٻڌس، اڳتي وڌي کيسي ۾ هٿ وڌائينس.
ته سوڍل پوري طاقت سان کيس پري ڌڪو ڏنو....
خدن ڪاوڙ ۾ آيو ۽ چماٽ هنيائينس.....
”سوڍل واليون ڪڍي مٺ ۾ ڪيون“
خدن لت هنيس ته ڪري پيو.....
ٻه.... ٽي چار..... لتون پيٽ تي هنيائيس ته سوڍل کان دانهن نڪري وئي.
راڻي ڀڄندي اچي پيءُ کي چنبڙي ”بابا کي نه ماريو“
خدن گهڻي ڪوشش ڪئي پر ڀيڪوڙيل مٺ نه ڇڏائي سگهيو.
راڻي کي روئيندو ڏسي سوڍل اڃا ڀي مٺ ڀيڪوڙي ڇڏي.
خدن بدنامي کان بچڻ لاءِ آخري زوردار لت سندس پيٽ ۾ اهڙي هنئين جو سوڍل کي اڀ ساهي ٿي پئي.....
خدن نڪري ويو.....
مومل مٿان آيس ته اعتبار قائم رکڻ لاءِ مٺ کولي مرڪي ڏنائينس ۽ آخري هڏڪي ڏنائين........
واليون جرڪي رهيون هيون......