ٻي لڙي : رحيمان
روشن جي پرڪارن جي راڄ کي خبر هئي ته، هو مولوي بدر الدين جو پٽ ضرور هو پر اٿڻ ويهڻُ، لچن لوفرن سان هئس، مامن سان ڪونه رهائي هئائين باقي راڄ سان ڪهڙو روح رلائي هان! سڄو ڏينهن اوتاري تي ڀلاري ۽ دادن سان پيو لپڙي جي لونجهه تي ٽهڪا هڻندو هو ۽ سلفيءَ مان سوٽا ڀري اکيون ڳاڙهيون ڪري رت سان راند کيڏندو هو. انهيءَ راند ۾ هن مُلياڻي حليمان جو به سر کنيو. چڱن ٿو ٿو ڪئي ۽ مِڙي ربن جي اوطاق تي وڏيري کي ڪجهه ڪرڻ لاءِ زور ڀريو.
ربن مٿي کي هٿ ڏيئي، گهڻي سوچ کان پوءِ چيو ته ”ادا ڪهڙو ڪارو منهن ڪجي، ڪنهن سان ڇا بيان ڪجي، هٿ جي وڍي آهي ڪهڙيون مَلمُون لائجن ڪهڙا ٽاڪا هڻجن“ وڏو آهي بدر الدينُ، ان جي صلاح کانسواءِ ڇا ٿو ڪري سگهجي؟
مير محمد جيڪو توائي ۾ تتو پيو هو تنهن ڀڙڪو کائي باهه ڪڍي، ”اهڙي سوئر کي سڌيون گوليون هڻجن، اهو ڏوهه بخشڻ جهڙو ناهي“.
ادا مير محمد برابر صحيح ٿو چوين. ڇوڪَرِ اسان جي نياڻين کي خدا جو ڪتاب پڙهايو، دين ڏانهن راغب ڪيو، اڄ اسان جي گهرن ۾ خداءِ جو ذڪر ٿئي ٿو ته اهو نينگر حليمان جي ڪري.“ وسائي اکين ۾ پاڻي آڻيندي چيو.
ايتري ۾ بدر الدين به اچي پهتو، جنهن جو چولو رت ۾ ڀريو پيو هو! اکين مان نير جاري هئس. ”ادا ربن مونسان ناحق ٿي ويو. منهنجي قيامت ڪاري ڪري ڇڏي روشوءَ، منهنجي هيءَ دنيا به وئي ته هوءَ دنيا به“.
مير محمد ماڻهن کي پري ڪندي اڳتي آيو ۽ چيائين ته: ”بدر الدين مون توکي اڳ ۾ ئي چيو هو ته ان بي بڻيادي مان سرهي ڪانه ٿيندءِ ڀاڻيجو اسان جو به آهي پر نانگن کاڌو آ، ادا! نانگ کي ڪيترو به کير پيار پر هڪ ڏينهن ڏنگُ ضرور هڻي“
پر اهو سڀ ڪجهه ٿيو ڪيئن ڪا خبر ته پوي ربن ماڻهن کي ماٺ ڪرائيندي پڇيو!
بس ادا، ٻه ڏينهن اڳ گهر ۾ ڀنڊڻ ڪيائين ته ماڻهو طعنا مهڻا ٿا ڏين ته ڪنواري ڇوڪريءَ کان ملائپ ٿا ڪرايو. حرام ٿا کائو. سو مون وڃي مولوي عبدالحق سان بيان ڪيو، جنهن به اهو چئي ٽاري ڇڏيو ته ادا تون ڄاڻ تنهنجو ڪم، باقي ڇوڪري اٿاري ڇڏ ته ڀلو آهي“، سو مون اچي نِڀاڳَي سان صلاح ڪئي. ان تي اهو مسئلو ويو وڌندو“ بدر الدين سسڪين ۾ پئجي ويو.
”اڇو ٿس منهن“، ڪو اهڙين ڳالهين تي گهر جو ڀاتي ماربو آهي عبدالرزاق جملو ڇڏيو.
ادا بدرالدين پيرائتي ڳالهه ڪر! جي ڪا ٻي اهڙي ڳالهه آهي ته ٻڌاءِ سڀاڻي، پوليس آهي، قانون کي منهن ڏيڻو پوندو، ائين نه ٿئي جو هڪڙو ظلم ٿيو آهي ۽ وري اچي ٻي مصيبت ۾ پئون. ربن وضاحت گهرندي چيو:
ادا، مون پهريان گهر واريءَ سان صلاح ڪئي ۽ پنهنجي ڀائيٽي ڀلاري جو نالو کنيو ته جيڪر ڀائر ڳنڍجي وڃئون، گهر جو مسئلو، گهر ۾ رهي، تنهن تي گهر واري راضي نه ٿي ته اسان جي ڇوڪري پڙهي لکي، روزي نماز جي پابند، ۽ ڀلاري جي توهان سڀني کي خبر آهي“. بدر الدين سڏڪندي احوال ڪيو.
مير محمد هڪل ڪري چيو ته: ”ان ۾ ڪو شڪ آهي، اديءَ صحيح چيو....
ربن پڇيو، پوءِ ادا بدر الدين ڇا فيصلو بيٺو“.
ادا پوءِ ڳالهه آئي مير محمد جي ڇوڪري عطا محمد تي، منهنجيءَ گهر واريءَ چيو ته جي تون چاهين ته مان ادي سان ڳالهائيان ڏي وٺ ڪيئون!
جنهن تي مون مڙئي پٽ. جي ڪري ٿورو..... رَئُه رکيو. ڳالهه رڪجي وئي.... مون کي ڪهڙي خبر ته روشو مونسان ائين ڪندو“. بدر لدين وڌيڪَ تفصيل پيش ڪيو.
وسائي چيو ته وڏيرا ”بدر الدين اتي به صحيح هو، ڇو ته روشن ۽ مير محمد وارا پاڻ ۾ پاسيرا آهن“.
ادا ڇڏ انهيءَ ڳالهه کي، اصل ممڙ ڇاتي متو! ربن ڳالهه ختم ڪرڻ چاهي! بدر الدين گوڏن ڀر وڏيري جي اڳيان ويهي رهيو. ”ادا مونکي ڪهڙي خبر ته روشن ڀيڻ کي گهلي مون آڏو وٺي ايندو، منهنجي نياڻي نماز پڙهي رهي هئي. بدر الدين ڍنڍڪرن ۾ شروع ٿي ويو.
”ادا مون اهڙي ڳالهه نه اڳ ڪئي آهي ۽ نه هاڻي ئي راضي آهيان جو منهنجو نالو ورتو ٿو وڃي“! مير محمد وضاحت ڪندي چيو!
بدر الدين ته آخر ڇوڪر ڪهڙي ڏوهه ۾ ماري وئي! ربن مٿان جملو چيو! ”ادا مون چيو نه ته ڇوڪر ڀلاري لاءِ صاف انڪار ڪيو ته مون نالو مير محمد جي ڇوڪري عطا محمد جو کڻڻ چاهيو، جنهن تي ڇوڪر صرف ايترو چيو ته ڀلي ڪنهن سان به ڪرايو.... ”پر.....“
جنهن تي روشوءَ جي مِتِ منجھي ۽ دير ئي نه ڪيائين! بدر الدين ٻئي چنبا پنهنجي منهن ۾ هنيا!
چئبو ته روشن اهو غلط سمجھيو يا شڪ ڪيو! بدر الدين پَڪَ ڪرڻ چاهي.
مير محمد ڪاوڙ ۾ باهه ٿي ويو. ”نالو به پاڻ کڻن ۽ خون به پاڻ ڪن، ان ۾ منهنجو ڪهڙو ڏوهه!؟“
عبدالرزاق وراڻيو. ادا مير ممد به چوي ته سچ ٿو، باقي جي اهڙي ڪا ثابتي آهي ته کڻي نروار ڪن! ڇو ته ننهن جي ڇنيءَ کي، ڪاتيءَ سان ڇو ڇنجي.“
بدر الدين، مٿي منهن ڪري چيو ته، ”ادا مٿان وري اُهو چئي ويو ته ڪير ڇوڪرِ کي تڙ به نه ڏي ۽ تڏو به نه وڇائي!“
وسائي، وارو سمجھندي ٻه لفظ اڇليا ته ”چئبو ته من ۾ مير هُيس ني جو اهڙا لفظ اڇلي ويو“.
”سڀني جا منهن لهي ويا، ڪير ڪڇي جي ڪڇي ته ڪافر“.
مير محمد جي ڌيءَ سفوران پيرين اگھاڙي ڀڄندي اچي رحيمان جي گهر پهتي وڏيري ظلم ٿي ويو پڦاٽِ حليمان قتل ٿي وئي!.
سفوران جي واتان اهي لفظ ٻڌي رحيمان جي هٿن مان چانهه جو ڪوپ ڪري پيو، وات مان هان! جو لفظ نڪتو، ۽ هوءَ سن ٿي وئي!
”خداءِ خانو خراب ڪيو روشن جو جنهن ڪهاڙيون هڻي قرآن کي ڪٺو!“ سفوران پاراتو ڏنو.
رحيمان سامت ۾ آئي هن جي نڙي مان اٽڪيل لفظ نڪتا.... پر ڇو.... ڇا تي؟
سفوران سُڏڪندي ٻڌايس ته ”پڦاٽِ ڀلاري سان شادي ڪرڻ کان انڪار ڪيو ان تي“.....؟
انڪار تي قتل!حليمان چڙ ۽ ڏک جي انداز کي گڏائي پڇيو.
ها، وڏيري ماڻهو پنهنجي زندگي پاڻ به جيئي نٿو سگهي.....
مٿان وري مهانڊو چئي ويو آهي ته ڪير به کيس تڙ نه ڏي ۽ نه ئي تڏو وڇائي! سفوران وراڻيو.
ڇا مطلب سفوران تون هي ڇا ٿي چوين؟! رحيمان جھيڻي آواز ۾ پڇيو!
”وڏيري ائين سمجھ ته هن ڪاري ڪري ماري“! سفوران سمجھائيندي چيو!
”شاديءَ جي انڪار تي ڪاري“؟ اهو ڪٿان جو قانون آهي، ڪهڙي قوم جي رسم آهي! دنيا ۾ ڪو راڻو راڻي آهي به يا سڀ مري کپي ويا! رحيمان جي لهجي ۾ غصو هو.
وڏيري سڀ مرد اچي اوطاق ۾ مڙيا آهن خبر ناهي ڇا ٿئي! سفوران ڪنڌ هيٺ ڪيو.
جيڪي ٿيو اهو ڏٺو ويندو، تون مونسان اچ مان ڏيندس حليمان کي ڪفن، مان ميت کي سينگاريندس، جي ڪنهن ۾ همت آهي ته اچي! مونکي روڪي ڏيکاري، مان به ڏسان ته ڪنهن ۾ ايترو دم آهي؟ تون مونسان گڏ هل! رحيمان سينو تاڻي چيو.
”وڏيري مونکي بابا منع ڪئي آهي. اسان انهن جي گهر ۾ نه ويندا آهيون“ سفوران وراڻيو.
توکي مونسان هلڻو پوندو چاچي سان مان پاڻ ڳالهائيندس! رحيمان آٿت ڏيندي چيس.
رحيمان، سفوران سان ملي، طالب ڇُوڪرين جي مدد سان حليمان جو لاش پٽ تان کڻي، کٽ تي رکيو، تڙ ڏياريو، ڪفن جو بندوبست ڪيو ۽ سينگاري ٺاهي، طالبن کي همت ٻڌرائي ته، ”ڀلي ڳوٺ جا ماڻهو پوتيون پائي گهرن ۾ ويهي رهن پر توهان کي سڀ ڪجهه ڪرڻو آهي، سامي ٺهرائڻي آهي، جنازي کي ڪلهو ڏيڻو آهي ۽ حليمان کي لحد ۾ لاهڻو آهي“.
پوءِ سڀني ڳوٺ وارن ڏٺو ته ڪلمه شهادت سان ڳوٺ جون گهٽيون گونجي اٿيون ۽ ماڻهو نڪري پيا، تدفين ٿي، تڏهن وڃي ماڻهن ۾ ساهه پيو ته، بدر الدين به قل پڙهي حليمان جي روح کي بخشيا.....
مئخاني ۾ ڀلاري نعرو هنيو. دم مست قلندر حق حق ”جيڪو ڀلاري جو برو چاهيندو اهو ائين ڪُسندو!، ڀلا ڙي روشن، مڙس جو پٽ آهين! رَنَ کي ڪهڙي بحال جو انڪار ڪري“! اسان دنيا کي ڌوڙ وجھيون مئخاني ۾ هرو ڀرو ويٺا آهيون!
دادن ڀلاري جو دبرڻ ٻڌو ته سلفيءَ مان سوٽو ڀري دونهين کي مٿي ائين اڇليو ڄڻ حقارت کي اندر مان ٻاهر ڪڍي ڦٽو ڪندو هجي.
نه چئه ائين نه چئه! ڪا مهل ڪهڙي ڪا مهل ڪهڙي“.
هن کان وڌيڪَ ڪهڙي مهل هوندي! ماڻهو رڳو مسلماني بچائڻ ۾ پورو آهي. آهي ڪو مٽ مائٽ جو لحاظ.
دادن مان سڳو سئوٽ هئو مانس، اها ملياڻي مون کي ڏسي منهن بڇڙو ڪندي هئي.
”بابا اهو انهيءَ جو وڙ، مئي پٺيان اهڙي پچار نه ڪجي“ دادن وراڻيو.
ڇو دادن مان ڪو ملائپ ڪرڻ کان روڪيانس ها ڇا؟ رهندو مئخانو ۽ مسيت ملي پون ها، ڀلاري اندر جي باهه ڪڍندي چيو!
ڀلا، زور جي ميندي لڳندي آهي ڇا؟ دادن سلفيءَ جو ڪپڙو ٺاهيو ۽ ڀلاري ڏانهن وڌائي.
ڀلاري وڏو دوگاڙو هڻي، دونهون ٻاهر ڪڍيو، ناسن مان وات مان دونهون زور سان لاٽون ٿي نڪتو ڄڻ سندس اندر ٺري پيو.
روشن منهنجو اندر ٺاري وڌو، نه چاچو چڱو نه چاچي چڱي، ٻنهي مان روشن ڪيئن غيرتي پيدا ٿيو. نه ناناڻا نانگ نه ڏاڏاڻا ڏنگا! اصل اصيل ٿي اڀريو. وڃ ڙي روشن! تون ته اوندهه ۾ سوسڙي ٻاري ڇڏي..... ڀلارو دبري دبري وڃي، گوڏن کي انگوشو ٻڌي جھولا ۽ جھوٽا کائڻ لڳو.
روشن ڪهاڙي تان رت لائي نرڙ کي هنئي ۽ ڪي پهر وڏيري ربن جي جھٽي واري مشين بي موڪ ۾ پير لاهي ويهي رهيو ۽ دليل ڊوڙائڻ لڳو ته هاڻي ڪاڏي وڃجي،
”جي بابو ڀاڙي ٿي پيو ته اجھو ٿي پوليس اچي ۽ نوڙي مان نانگ ٺاهي. وڏيرو ربن به راڄ کي ڇڏي منهنجي هروڀرو ڀرڪو نه وٺندو. ٻن چورين جو حساب رهيل اٿس، وارو مليس ته اهڙو ڪٽرائيندو جو ويهي به ڪونه سگهندس!
پاڻيءَ تي پوندڙ سج جي ڪرڻن ۽ ترورن ۾ ذهن تي هڪ ڳالهه چٽي ٿي آيس ته ڇو نه ايم اين اي، اُڌل شاهه جو پاسو ڏجي. اڄڪلهه سندن حڪومت به آهي، ٻڌي ڇوڙي به سندن چوڻ تي ٿئي ٿي. ٽڪيٽون ۽ عهدا به هو ئي ورهائن ٿا، پوليس به پوئواري ڪرين ٿي. ٻيو ته ربن به انهن ڏانهن راغب آهي ۽ ٽڪيٽ جو آسرو اٿس! ٽپ ڏئي اٿيو، ڄڻ جسم ۾ ساهه پئجي ويس!
اڌل شاهه کي به اهڙا ماڻهو گهربل هئا، جن جي دهشٽ ۽ وهشت ماڻهن ۾ هجي لنڊي لوفر سان اٿڻ ويهڻ هجي، اليڪشن ۾ باٺو ۽ داسو وهائي سگهن، ووٽ وٺي سگهن يا ڇني ڇيهه ڪري ڏيکارين اڌل شاهه جي ڊبل ڪئبن تي مٿان سلفي رائيفل کڻي بيهڻ ۾ دهشت به هئي ته دهشت ۽ وحشت به!
اها ئي رات، روشن ڪارا ڪپڙا پاتا! رائيفل ڪلهي ۾ وڌي ۽ صوبيدار جي سامهون ٿيو، جيڪو اڌل شاهه جي آستاني تي، فارمي ڪڪڙ جي ڄنگهه ۾ ائين وات وجھيو ويٺو هو، ڄڻ جھنگ ۾ شينهن شڪار ڪيو هجي. هُن ٽيڏي اک سان روشن کي ڏٺو ۽ ڄنگهه ۾ اهڙو چڪ وڌائين جو هڏي ٽڙڪاٽ ڪيو!
هڏيءَ مان فارغ ٿي، ڪنڌ مٿي ڪري روشن کي چيائين روشن پِيرَ زورا اٿئي نه ته ڪم اهڙو ڪيو ٿي جو ٽي ڏينهن ته ٻٻر جي ڏار ۾ ٽنگيو پيو هُجين ها!“
اڌل شاهه وڏو ٽهڪ ڏنو! ”صوبيدار روشن ٻاٻرو ٽانڊو اٿئي ٽانڊو! هن جي ڄر کان بچجانءِ دکي دکي وري ٻرندو اٿئي!“
صوبيدار ڦڪي کل کلي روشن ڏانهن ڏٺو ته روشن هلڪو شهپر کي هٿ هنيو!
”ڏسنداسين ته ايندڙ اليڪشن ۾ اهي شهپر مٿي ٿا وَرُ کائن يا مورڳو هيٺ لهي وات ۾ ٿا پون!“ صوبيدار ڄڻ ڪاٺي سوري ٽانڊي کي ڀڀڙ ڪرڻ چاهيو!
اڌل شاهه جون اکيون ڳارهيون ٿي ويون! صوبيدار منهنجو ڪم به ماڻهن سان آهي. گدڙن سان ناهي جن جون کلون ڳچيءَ ۾ ماڻهو ڊيڄهڙي کان پائيندا آهن“. جيڪو به فريادي ٿئي، ”اهو گدڙ ڪري مارجانءِ.... ڇو ته شينهنُ، شينهنَ وٽ پهچي ويو آهي. ڪيس لوڙهڻ تنهنجو ڪم، پوسٽنگ جتي چوندين وٺرائي ڏيڻ منهنجو ڪم!
صوبيدار سڌو ٿي ويهي رهيو ۽ پيٽ تي هٿ ڦيرائڻ لڳو.....
”تنهنجو پيٽ هميشه مون ڀريو آهي“ اڌل شاهه پٽاٽي جي ٺهيل چپس مان هڪ فنگر کڻي وات ۾ وڌي!
صوبيدار مرڪيو ۽ اتي بيٺو پاتل پئنٽ کي مٿي ڪري سلوٽ ڪري نڪري ويو.
اڌل شاهه صرف هلڪي نظر روشن تي وڌي، جيڪو جُھڪي بيٺو ته ادل شاهه ڪلهي تي ٺاپي ڏئي چيس! شير يا لوگان.....
”شير سائين شير“! اهي لفظ چئي روشن جي اکين ۾ چمڪ اچي وئي!
ڌيءَ تون سٺو نه ڪيو! هيڏي ڀري راڄ ۾! مونکي ڪنڌ کڻڻ جهڙو نه ڇڏيئي“، وڏيري ربن ميار واري لهجي ۾ رحيمان کي چيو!
ڇو بابا! منهنجو ته ڪنڌ مٿي آهي ۽ هي ڪلهو به شان کان اوچو ٿي پيو آهي، هڪ باحياءَ عورت جي جنازي کي ڪجهه ڏيڻ تي...... رحيمان ڪلهو مٿي ڪندي وراڻيو.
”تون نٿي سمجھين“! ربن وراڻيو.
مان سڀ سمجھان ٿي بابا، مان توهان جي ڌيءَ آهيان، ڳوٺ جي راڄ سان اٿي ويٺي آهيان، عورتن جي درد کي سمجھان ٿي، انهن سان ڀاڱي ڀائيوار آهيان! ”اهو ڪٿان جو اصول آهي ته هڪ باعزت، باوقار ۽ با سيرت عورت کي صرف شادي جي انڪار ڪرڻ تي ڪاري ڪري ماريو وڃي“. رحيمان اکيون اکين ۾ وجھي پيءُ کي چيو.
”اهو انهن جو ذاتي مسئلو آهي“. ربن غصي ۾ وراڻيو.
نه بابا نه، اهو اسان جو اجتماعي مسئلو آهي. اهو ساڳيو عمل منهنجي خلاف ٿئي ها ته پوءِ ڀي بابا اوهان ائين سمجھو ها!
ربن رڳو رحيمان جي اکين ۾ ڏسي ٻاهر نڪري ويو.
اوطاق ۾ اڌل شاهه جو ماڻهو ويٺو هو، جنهن نويڪلائيءَ ۾ ربن سان ڳالهايو ۽ هليو ويو. ربن مٿي کي هٿ ڏئي ويهي رهيو.
سومهياڻيءَ جو جڏهن رحيمان ويلو مانيءَ جو ملياڻي حليمان جي گهر ڏئي موٽي ته ربن پڌر ۾ پي چڪر ڏنا!
پيءُ جي اها حالت ڏسي رحيمان ٿانءَ رکيا ۽ ڀر ۾ اچي بيٺي.
بابا ڇا ٿيو آهي؟
اهو پڇ ته ڇا نه ٿيو آهي؟ ربن جواب ڏنو.
رحيمان ڪنڌ هيٺ ڪري ڇَڏيو!
ربن رڙ ڪري چيو ته ”اهو روشو اڌل شاهه وٽ پهتو آهي، ۽ منهنجي خلاف باهه ٻاري ڏني اٿائين ته ربن جي ڌيءَ، ڪاريءَ کي غسل ڏئي راڄ جي منهن تي دانگي ملي آهي، جنهن جو فيصلو گهرجي“!
ڇا جو فيصلو بابا! بي ڏوهيءَ کي مارڻ جو يا ان کي انسان سمجھي دفن ڪرڻ جو؟ انهن ٻنهي فيصلن مان ڪو به هڪ فيصلو توهان کي ڪرڻو پوندو.
مون توکي اڳ ئي چيو هو ته مردن جي فيصلن ۾ توهان مائين جو ڇا؟ ربن دڙڪي واري انداز ۾ چيو.
واهه بابا واهه! هونئن ته توهان جي گهرن ۾ اسان جي وڏي اهميت آهي. اسان نه هجئون ته هي گهر قبرستان بڻجي وڃن! ۽ فيصلن ۾ وري مائين جو ڇا؟ رحيمان ايترو ئي بس چيو.
بڪواس بند ڪر! ربن انتهائي غصي ۾ ايندي چيو.
”واهه بابا سائين واهه اڄ اهي لفظ به توهان جي زبان تي آيا“ رحيمان وراڻيو.
هي ته رڳا لفظ آهن. ڊڄ انهيءَ ڏينهن کان جو هي هٿ تنهنجي ڳچيءَ تائين پهچن ۽ گهٽو ڏئي توکي پورو ڪن“. ربن صفا باهه ٿي ويو.
مون کي ٻيو ڇا گهرجي! هِڪَ مرد ڀيڻ ماري، ٻيو مرد پنهنجي ڌيءُ ماريندو“ اڄ هو دربدر آهي.... ۽ سڀاڻي.... رحيمان جا لفظ رڪجي ويا.
زوردار چماٽ رحيمان جي ڳل تي لڳي، سناٽو ڇائنجي ويو ٻه ڳوڙها اکين جو بند ڀڄي ڳلن تان ٿڙندا ٿاٻڙجندا هيٺ ڪريا. رحيمان جي وات کي تالو لڳي ويو. شايد ڳالهائڻ ئي ڏوهه هو، زبان ۾ تلخي ڀرجي ويس. جنبش ۽ حرڪت ئي مسئلي جي جڙ هئي. اها زبان چپ ٿي ۽ اهڙي چپ ٿي، جو ڇهن مهينن تائين چپ ئي رهي.
انهيءَ چپ چپات ۾ ئي ربن خان فيصلو ڪيو ته رحيمان جي شادي پنهنجي ڀائيٽي دادن سان صفر جي 14 تاريخ ٿيندي.
سنڌ جي وڏي شاعر شاهه لطيف جو عرس جنهن عورت کي، سورمي ڪري پيش ڪيو. عورت جي عظمت تي شاعري ڪئي. ان کي اتساهيو. سهڻي جو رات جي اونداهيءَ ۾ ميهار سان ملڻ کي، عيب نه سمجھيو، ان جو محبوب سان ملڻ اهڙو ته بيان ڪيو جو ڏندين آڱريون اچيو وڃن ان جي عرس جي تاريخ 14 صفر، رحيمان ڪو ڪروڌ ڪونه ڪيو، ڪائي بد اخلاقي نه ڪئي، انڪار جي همت ئي ڪونه ساريائين.
دادن موالي ڀلاري جو ڀائي ـــ ڀنگ سندس ڀيڻ، چرس سندس چاچو، رحيمان تي رحم ڪهڙو؟ جي بسم الله! گھوٽ جو خواب، اکين ۾ چمڪ، پنهنجو پاڻ کي ڀانئڻ لڳو.
سفوران جو ساهه سوڙهو ٿيڻ لڳو. هي ڇا، هي ٻيو قهر!؟
ڳوٺ جي مردن ماٺ کڻي ڪئي. وڏيري جو فيصلو پٿر تي ليڪ!
ڀلارو ڀيريون وڄائڻ لڳو! اڄ مئخاني ۾ مراد فقيرَ، شاهه سائين جي ڪافي پي ڳائي ”سرتيون اوهين ته وڃو ڙي وڃو لا منهنجو هي ليک پنهل سان“
ڀلاري بيخوديءَ ۾ حق حق جا نعرا پي هنيا. دادن جي گوڏ جي وَرَ مان ٻه ڳاڙها نوٽ نڪتا مراد فقير تان گھور ڪيائين. ڄڻ شاديءَ جو لاڏو پيو ڳائجي. يا ڪنوار پئي پرڻائجي.
سفوران گهڻو رحيمان جي اڳيان ليلائيو. وڏيري هي ڇا؟
تون ڪڇين ڇو نه ٿي؟ تون لڇين ڇو نه ٿي؟ تون ڊڄڻي آهين تون مرڻ کان ٿي ڊڄين! تون جيئري موت ٿي قبولين! ان کان ته موت ڀلو؟
رحيمان وٽ ڪنهن به سوال جو جواب ڪونه هو، هن کي چپ لڳي وئي ڄڻ سهراب فقير کان آواز رسي ويو هجي. اکين مان پاڻي کٽي ويو هجي ڄڻ مائي جندو قبرن مٿان ويٺي نير هاري رهي هُجي.
ٻُڪي جي رسم، دادن جي گهر دهل جو آواز، سهرن ۽ تاڙين جو ٻٽڪو ـــ ربنُ بوسڪيءَ جو پٽڪو ٻڌي اوطاق ۾ ڪانڀ ڪڍيون ويٺو هو. آئي وئي کي کلي پيو کيڪاري. مئل ۽ ساهه ڇڏائي ويل هٿن تي ميندي جا ليڪا نڪتا. آٽڻ ٻانهن تي مليو ويو. هيڊيون ٻانهون سڪل چپ. رحيمان هڪ نظر گهر تي وڌي.... واش روم ۾ وئي ته..... الٽيون، اوجھڪارا. جسم مان ساهه ڇڏائجي ويس. ڪاري چادر ڪاڏهون آئي. ڪيئن ويڙهيائين. ڪاڏهون نڪتي.... ڪيئن هلي وئي....
ماڻهن ۾ ڦڙ ڦوٽ ”رحيمان ڀڄي وئي“.....
ربن اجھڪو کائي اٿيو ٿڙيو ـــ ٿاٻڙيو حويليءَ ۾ ڪاريءَ وارا ڪک.
وارو وارو ٿي، ماڻهو نڪتا! هٿ بتيون روشن ٿيون، ڪنهن جهڙو پاسو ورتو، ڪنهن ڪهڙو؟
وڏيرو ربن چپ کي چڪ هنيو ڪنوار جي ڪمري ۾ تيستائين بيٺو رهيو جيستائين منشيءَ اچي ڪن ۾ ڀڻڪيس ته، ”پير حويليءَ جي وٽ، مان اتر طرف لڳا آهن“.
اڪيلا آهن يا.......
صرف امڙ رحميمان جا.....!
وڏيرو ربن سٽ ڏئي رپيٽر لاٿو! لوڊ ڪيو ۽ شال جو وَرُ ورائي ڪلهي تي اڇليو. شال ڌوڙ ٿيڻ کان بچي وئي هئي.
پير کڻندا، جھاڙون ڏيندا، بتيون هڻندا، ڪڏهن ڀاڄ ته ڪڏهن ڊگَ! هي ٿا وڃن! هتي ڊُڪَ جا پيرَ آهن، هتي ڪِري آهي.
هن ڪوشي مان، هن لنگهه کان، تان اچي درياءُ تي پهتا ـــ اڀ ڪپرو درياءُ، ڪپر تان گيهو، هيٺ جتيءَ جو پادر!
ربن جُتيءَ جو پادر کنيو، ڦري هيٺ لهي آيو. واريءَ تي هڪ اگھاڙو ۽ هڪ جتيءَ وارو پير..... درياءَ جون ڇوليون.... رحيمان جو نه اتو نه پتو......
ربن هٿ ۾ جھليل پادر گوڏي تي وهائي ڪڍيو.
”رحيمان سهڻي جيان درياءَ حوالي“.