آخري رات
نڪي غم ٿو وڃي نڪي دم ٿو وڃي
ريڊيو تان، رات جي وڳڙي ۾ ڪلام گونجيو ته سندس جان ۾ هڪ لهر ڊوڙي وئي.
رات جي ان ويل هو جاڳي رهيو هو، توڙي جو سياري جي رات، هي ڪو گهڻو ٽائيم نه ٿيو هو. نائين کان ڏهين واري پروگرام جو هي آخري ڪلام هلي رهيو هو، سندس گهر جا سڀ ڀاتي ورانڊي ۾ اگھور ننڊ جي ور چڙهي چڪا هئا. سندس گهر ڪچي جي ايراضيءَ ۾ ٻيلي جي اوڀارين مهڙ وٽ آهي، سندس گهر کان صرف ٻه گس نڪرن ٿا. هڪ جھلي بند ڏانهن ۽ ٻيو درياهه جي ڪپ ڏانهن، باقي ٻه پاسا گھاٽو جھنگ ئي جھنگ، جنهن ۾ گھڙڻ کانپوءِ ڪو، سونهون ئي نڪري سگهي ٿو، باقي الله الله خير سلا، ٻيلي جي اولهائين ڇيڙي تي سندس مائٽن جا گهر آهن، جيڪي درياهه جي ڇڏي وڃڻ واري ڍوري کان چڙهنديءَ ۾ آهن، جنهن کي اتان وارا ڇني ڪري سڏيندا آهن، ٻوڏ جي ڏينهن ۾، پهريان هيءَ ڇني جڏهن ڀربي آهي، ته سڄي ڳوٺ جو مال متاع ڌنار، هن ڇنيءَ ۾ لاهي، ڌائي راند کيڏندا آهن ۽ مشڪرين ۾ هڪٻئي کي ڏاڍا گوپاٽا ڏيندا آهن. هتان جو هر رهاڪو ننڍو، جوان ۽ ٻڍو پاڻيءَ جو تارو آهي. باقي عام ڏينهن۾ ڌنار ٻيلي ۾ مال لاهي گس جھلي ويهندا آهن. جڏهن ڀٽاريون چين ڪري موٽنديون آهن ته کين ولو ڏئي اچي وٿاڻين ڀيڙو ڪندا آهن، بجلي نه هجڻ ڪري هر گهر ۾ رات جو دير تائين باهڙي پئي ٽمڪندي آهي، جنهن جو ڏس، سڏ پنڌ تي پيو ملندو آهي ڇو ته عام زمين کان سندن گهر پنجن کان ڏهن فٽن تائين مٽيءَ جي هٿرادو پيل ڀراءَ، تي اڏيل آهن، جن کي پناهه ڪا ورلي هوندي، نه ته مڙئي خير. اهڙيون ئي حالتون ۽ پس منظر هن سان ڀي لاڳو آهي، سندس گهر اڪيلو ٻيلي جي وٽ تي اڏيل آهي. بند کان لهندي سندس ڪانن سان اڏيل جھوپڙي نما سندس گهر، ڪنهن ٿر جي چؤنري جيان لڳندو آهي، گهر جي اوڀارين حصي ۾ ٿوڻين تي ٺهيل ڇپرو، سندس اوطاق آهي، ۽ اولهائين پاسي کان ڪانن سان ٺهيل هڪ ڪمرو جنهن ۾ ڏڪن سان ٺهيل هڪ در جنهن کي ٻن مضبوط ٿلهين ٿوڻين سان ٻڌي ڇڏيو اٿائين ۽ ان کان اڳيان اڌ کليل ورانڊو ٺهيل اٿس، ان جي ڏاکڻي پاسي ٿوري وٿيءَ سان ننڍڙو ڇپرو ٺهيل اٿس، جنهن ۾ هي رات جو جيون جا لمحا گذاريندو آهي، ان جي پويان سندس مال جو منهه ٺهيل آهي. جنهن جو ڳِلو هن جي ننڍڙي ڇپري مان آهي. مال جي سانگي ۽ جوانيءَ جي سرحدن کي لتاڙي اچڻ ڪري، هاڻي صرف مال جي نگهباني ڪرڻ ٻيلي ۾ گهمائڻ ۽ ڪاٺيون ڪرڻ جو شوق وڃي باقي رهيو اٿس.
ڪو وقت هو جو هُو آزاديءَ سان اسر ويل اٿي وڃي، ڇنيءَ کان مال کي لاهيندو هو ۽ نڙ جهڙي مڌر ساز سان ستا جاڳائيندو هو، هاڻي ته نَـڙ وڄائڻ سان دم گهٽجڻ لڳندو اٿس، کنگهه جي هڪ ڊگهي مالها ڳچيءَ ۾ پئجي ويندس اٿس، جنهن مان ڪلاڪن کانپوءِ وڃي جان ڇڏائيندو آهي، ان آزار کان ڪڏهن ڪڏهن دل جي حسرت مارڻ لاءِ نڙ کڻي انگوشي سان ڇنڊي ڦوڪي وري رکي ڇڏيندو آهي.
اهي سندس جوانيءَ جا ڏينهن هوندا هئا، جيڪي اڄ سندس هينئين تي اهو ڪلام ٻڌي هري آيا هئا، هن کان ٿورو اڳ ڇنيءَ جي مٿان ڪلاشن جا برسٽ ٻڌي ننڊ مان ڇرڪ ڀري اٿيو هو. ٿاٻڙندي وڃي ورانڊي ۾ پهتو هو جتي سندس پٽ پنهنجي ونيءَ سان ستل هو، چمنيءَ جي مڌم روشنيءَ ۾ هن پنهنجي پٽ جو حسين چهرو ڏٺو ۽ دل تي هٿ رکي ٿڌو ساههُ کنيو ۽ موٽي اچي چلهه ۾ پيل ڪنڊيءَ جي بنڊن کي ٺاٺوڪا ڏئي باهه کي مچائڻ لڳو، هاڻي هو پنهنجي جسم۾ ڏڪڻي محسوس ڪري رهيو هو، باهه تي هٿ سيڪيندي پلال مان ٺهيل پيڙي تي ويهندي ڀڻڪيو، ”ڌاڙيلن ته اچي ننڊ حرام ڪري ڏني آ، نٿا مَرن نٿي جان ڇٽي، مسڪين ماڻهن جي ته زندگي ويل ڪري ڇڏي اٿئون، وڃئون ته ڪاڏي وڃئون، ڏينهن ڏٺي، مال جا ڌڻ ڪاهيو وڃن، پڇندن، کي گوليون هنيو وڃن، ڄڻ پکي ماريو ڇڏين، وري اَچي آڌيءَ رات دهمان رکن ته ماني کارايو، ڪنهن وٽ هجي ڪنهن وٽ نه هجي، هنن جي پيو پورت ڪري، هڪ غريبي گهٽ آزار هو جو ٻيو هڪ آزار به اچي اسان لاءِ پيدا ٿيو“.
هي اٿيو ۽ ميريءَ سوڙ ۾ سيءَ کان بچڻ لاءِ گهري ويو، پاسو ورائيندي ريڊي جي مٿان وڃي پاسيري چڙهيس. هٿ سان ڪڍي ٻُجيءَ کي ڦيريائين ته اهو ڪلام هلڻ لڳو، ”تنهنجي هجر فراق ۾ ماهه لقا نڪي غم ٿو وڃي نه ڪو دم ٿو وڃي“، سوڙ ۾ سندس گوڏا اُڀا ئي رهجي ويا. هي ڪجهه گهڙين لاءِ بلڪل سن ٿي ويو. جان ۾ پيدا ٿيندڙ ڏڪڻي ڪوهين ڏور هلي وئي هئس. هي جوانيءَ جي انهن لمحن کان ٿيندو پنهنجي جيون ساٿياڻيءَ جي جدا ٿيڻ تائين وقت جي وير ۾ لڙهي ويو. ڇا ته اهي ڏينهن هئا، هن کي اڃا مڇن جي ساوڪ ۽ ريهه ڪري لهندڙ ڏاڙهيءَ جي ڪٽي پشم نما بج، ويڪري پيشاني تي اڀري آئي هئي. وڏا ڪارا گھاٽا وار جنهن ۾ چڱو خاصو تيل هڻي، جڏهن پاسي تي سينڌ ڪڍي، ننڍي چمڪيدار ڪهاڙي کڻي، هو پنهنجي اصل گهر (جيڪو هينئر سندس مائٽن جو ڳوٺ آهي، ان ۾ هوندو هئس) مان نڪرندو هو ته، جوان ڇوڪرين جي دلين ۾ هورا کورا مچي ويندي هئي. سندس پيءُ دشمني سبب، جڏهن هي اڃا پنجن سالن جو هو ته قتل ٿي ويو هو. هي گهر جو اڪيلو سنڀاليندڙ وڃي بچيو هو. هڪ ننڍڙي ڀيڻ ۽ هڪ ماءُ، مائٽن ۾ هجڻ ڪري هن کي ڪڏهن اهو محسوس ڀي نه ڪرايو ويو ته هي ڪو اڪيلو آهي. قتل واري حادثي ۾ مڙس ٿي منهن ڏيڻ واري اکر، سندس پيءُ، کانپوءِ سڄي ڳوٺ وارن جون همدرديون، ساڻس وڌيڪَ هيون. هر ڪو پيو جيءَ ۾ جايون ڏيندو هئس ۽ گھور پيو ويندو هئس. اسماعيل جي ته اهڙي ٿي وئي هئس جو پل ڀي پاڻ کان پري نه رکندو هئس. اسماعيل هڪ سپرونج سگھڙ هيو ۽ ان سان گڏ نڙ تي بيت اهڙا چوندو هو جو ڳوٺ وارن جون دليون مست ڪري ڇڏيندو هو. جڏهن ڪڙمي ڪم ڪار تان ٿڪجي ايندا هئا ته اهڙين دوڪان واري ميدان تي اچي ميڙو ڪندا هئا. حالَ احوال کانپوءِ ڪچهري جو آخري ائٽم نڙ بيت هوندا هئا. اسماعيل نڙ ڀي ڏاڍو سريلو وڄائيندو هو، پر هو ڪچهريءَ ۾ بيت ڏيندو هو ۽ ساڻس نڙ تي سنگت هڪ درويش نما، جانو ڪندو هو، جنهن جي لاءِ اهو مشهور هو ته هو الله لوڪ درويش آهي، جنهن جي بڻ بڻياد کان ته ڪو ڪو واقف هوندو هو، باقي عام ماڻهن کي اها خبر هئي ته اهو ڪرم شاهه بخاريءَ جي درگاهه جو فقير آهي. جيڪا سڏ پنڌ تي ڳوٺ جي اولهه ۾ واقع هئي. جانو درويش نڙ وڄائيندي اکين مان رت روئيندو هو، ۽ اسماعيل سانوڻ فقير جا بيت اکيون بند ڪري پيو وڏي واڪي چوندو هو ۽ سڀ ڳوٺ وارا خاموشيءَ سان ٻڌندا هئا.
هي ڀي اسماعيل جي ڀر ۾ ويٺو بيت ٻڌندو هو ۽ جانو درويش کي چتائي ڏسندو هو، هڪ ڏينهن هن اسماعيل کان پڇيو ته هي درويش نڙ وڄائيندي روئندو و آهي. اسماعيل چيو هئس ته تون اڃا اهي مامون پروڙي نه سگهندين، اهي عشق جون چوٽيون آهن، تون اڃا ٻار آهين. ائين هن ۾ وڌيڪَ تجسس پيدا ٿيو هو هڪ ڏينهن هن اسماعيل کي چيو مان نڙ وڄائڻ سکندس ۽ تو سان سنگت، بيتن تي مان ڪندس. پوءِ پورو هفتو هن ساهه کڻڻ جي مشق، ڪڻڪ جي تيل پاڻيءَ ۾ وجھي پڪي ڪئي هئي ان کانپوءِ اسماعيل کيس انگ ڳڻڻ سيکاريا هئا، جنهن کانپوءِ هوريان هوريان هي سڀ ڪجهه سکي ويو هو. اسماعيل نڙ وڄائيندو هو. هڪ ڏينهن هي موقعو تاڙي ڪرم شاهه پير تي جانوءَ سان وڃي مليو، ۽ کانئس زندگيءَ جي بابت پڇڻ لڳو، پهريان ته جانو هن کي ڪلهي تي ٺاپي ڏني ۽ چيو هو ته گلاب، تون اڃا گلاب آهين، تون ته ٽڙيو ئي مس آهين، تون ڪا، ڪوسي واءُ، (جھولو) به نه ڏٺو آهي. تون جڏهن اهڙي منزل تي پهتين ته تو وٽ اها ڳاڙهاڻ نه رهندي، تون گلاب جي گل جيان پن پن ٿي وکري ويندي، تڏهن توکي انهن رمزن جي ڪل پوندي ۽ تنهنجي نڙ ۾ برهه جون باهيون، اندر جي آواز ۾ سمائجي وينديون ـــ مون کي ائين لڳندو آهي ڄڻ نڙ وڄائيندي منهنجي جسم مان اهو درد ڦوڪ وسيلي ٻاهر نڪرندو هُجي. تون ڇا ڄاڻي ڪندين، هڪ مسافر جي ڪهاڻي جنهن کي اها ڀي خبر ناهي ته هو ڪٿان جو هو ڪٿي آهي، ڪٿي ويندو.
هي ڪجهه دير سن ٿي ويو هو. پر جانوءَ بابت معلومات هٿ ڪرڻ جو هن پڪو پهه ڪري ڇڏيو هو.
هن وري جانوءَ کي التجائن واري نظر سان ڏٺو.... ۽ چيائين..... جانو، مان ڄاڻن چاهيان ٿو اهي رمزون، جيڪي انسان جي اندر کي جھوري وجھنديون آهن.“ جانوءَ.... ڳالهايو ته پوءِ ڪٿي لؤن لائي ڏس.... ۽ ان انتظار جي ڪڙهائيءَ ۾ ڪڙهي ڏس“.
”ڪهـڙي ڪڙهائي“.... گلاب کانئس پڇيو!
محبت جي ڪڙهائي.... عورت جي پهرئين جھلڪ واري ڪڙهائي... ان جي لفظن جي چاشنيءَ واري ڪڙهائي.... مرد مٿان فدا ٿيندڙ ان جذبي جي ڪڙهائي.... گرم گرم ساهن جي ڪڙهائي.... ڊپ ۽ خوف وچان ڌڙڪندڙ دل جي آواز واري ڪڙهائي.... سرد راتين جي انتظآر واري ڪڙهائي ۾ ڪڙهي ڏس گلاب....“ ۽ هو روئي پيو.
گلاب سندس منهن ڏانهن ڏسندو رهيو، جيڪو مڪئي جي سنگ جيان پيلو ۽ ڳاڙهو ٿي ويو هو، ۽ هن موٽ ڪئي هئي اسماعيل ڏانهن.... اندر جي اڻ تڻ سبب هن اسماعيل کان جانوءَ جي باري ۾ پڇيو هو.
اسماعيل هن کي بيقرار ڏسي چيو هو، ”پنهنجي ڀر واري زميندار سچل کي ته سڃاڻين؟“ هن هائوڪار ۾ ڪنڌ لوڏيو.
اسماعيل ڳالهه جاري رکندي چيو، ”هي جانو ان جو سؤٽ اٿئي“.
هن جون اکيون حيرت مان اسماعيل ڏانهن کڄي ويون.
سچل جي پيءُ.... جانوءَ جي ڀاءُ کي زهر ڏئي مارائي ڇڏيو هو. هو هڪ پڙهيل لکيل ماڻهو هو، جنهن نوڪري ختم ٿيڻ کانپوءِ زمين جي سار سنڀال لهڻ لاءِ سچل جي پيءُ کان پنهنجو حصو گهريو هو، ان جي موٽ ۾ کيس حياتيءَ تان هٿ کڻڻو پيو هو. جانو اڃا تن ڏينهن ۾ ننڍو هيو ۽ سندس ماءُ به شهر جي هئي، ان ڪري سچل جي پيءُ جي ساڻن لڳي ئي ڪونه ـــ بي سهارا هجڻ ڪري، هي به چپ چاپ ماني ٽڪر تي پلندا رهيا. سچل جي ڀيڻ سان، جانوءَ جونينهن وارو ناتو ٿي ويو. هڪ گهر ۾ رهڻ ڪري اها ٻاپور سچل کي پئجي وئي. جنهن جانوءَ جي ماءُ کي گهر مان ڪڍي ڇڏيو ۽ جانوءَ کي نيمڪ حرام ڪوٺي گهر مان بي دخل ڪري ڇڏيو ۽ پنهنجي ڀيڻ جو قرآن سان حق بخشرائي ڇڏيو. هاڻي ته جانوءَ جي ماءُ به مري چڪي آهي. ڪڏهن ڪڏهن سچل جي ڀيڻ پير ڪرم شاهه تي زيارت لاءِ ايندي آهي نه ته سالن جا سال جانو ان آس ۾ اتي ويٺو هوندو آهي ته من ڪنهن ڏينهن اچي. ان انتظار جي درد ۾ پچندي ڪڏهن نڙ وسيلي اندر جو بار هلڪو ڪندو آهي ته ڪڏهن ميخاني ۾ لڙڪن جو مينهن وسائي هينئون هلڪو ڪندو آهي.
گلاب ان ڏينهن ئي ڳنڀير حالت ۾ موٽيو هو، سج لهي چڪو هو، ڳوٺ دونهين جي ڪڪرن ۾ گم هو. هرڪو مال جي وٿاڻن تي دونهون ڪري مڇرن جي فوج کي تڙي رهيو هو. لَيُن ۽ ڪنڊين جي وچواري سنهڙي گهٽي ڏيو هر گهر وڃي رهيو هو ته ملوڪان ڇيڻو دکايو گهر وڃي رهي هئي، اوچتو ريشمي ڪپڙن جي سر سر تي هن کان ڇرڪ نڪري ويو هو. ملوڪان ٻرندڙ ڇيڻو مٿي ڪري سندس منهن ۾ تڪيو. ”هيڏو سارو ٻيڙو جوان ڊڄين ٿو“. هن جي دل زور زور سان ڌڙڪڻ لڳي هئي.
ملوڪان وري ڳالهايو.... ”يڪي ڪاٿي هئين، مان ويهي ويهي هاڻي ڇيڻو دکائي موٽي آيس!“.
هن کان لفظ ئي نه اڪليا هئا.
ملوڪان مڪ اولاري، نڪ تي هوريان هڻي چيو هيس، دير تائين ٻاهر نه رهندو ڪر، ڏسين نٿو ته زمانو ڇا لڳو پيو آ“ ۽ پوءِ ريشمي ڪپڙن جو گسڪو سندس پاسي کان ٿيو ۽ هوءَ هلي وئي.
هي بيٺو رهيو هن پاسي جي لڳڻ کي شدت سان محسوس ڪيو. ملوڪان پنهنجي ڳلي تي ڀريل ڇيڻي وارو هٿ لوڏي هلي وئي. هي شرم واري مرڪ مرڪي گهر ڏانهن راهي ٿيو هو. ان ڏينهن کان هن پاڻ کي بدليل بدليل پئي محسوس ڪيو. پوءِ جڏهن به ملوڪان سندس گهران ڇيڻو دکائڻ ايندي هئي ته ڦوڪ ڏئي دونهون هن ڏانهن ڪري مرڪندي، هلي ويندي هئي، جنهن جي خبر هن جي ڀيڻ مٺان کي به پئجي وئي. پوءِ اڪثر ملوڪان ۽ مٺان پاڻ ۾ مذاق ڪندي جھيڙو ڪنديون هيون ۽ هن کي چيڙائينديون هيون. ملوڪان ڪمدار قربان جي اڪيلي ڌيءَ هئي. گهر ۾ پٽ جي اولاد نه هجڻ ڪري هوءَ لاڏلي هوندي هئي نه ڪنهن جي جھل نه پل ـــ هيءُ ۽ ڪمدار ڳوٺ ۾ هڪ ذات ڪري هڪٻئي جي گهر ايندا ويندا هئا باقي مائٽي وارو رشتو ڪونه هئن.
ملوڪان ۽هي پاڻ ۾ ويجھا ٿي ويا، ايترا ويجھا جو رات جو لين ۽ ٻوڙن جي ڪير ۾ هي لوڪ ستي وڃي ملندا هئا. ڪمدار اڪثر مشن تي رهندو هو. تنهن ڪري ملوڪان ماءُ کي سمهاري وڃي هن سان ملندي هئي.
هوريان هوريان سندن نينهن جي ناتي جي خبر پهريان عورتن کي پئي ۽ پوءِ عورتن جي ويجھو رهندڙ مردن کي، جن هن کي هروڀرو جون ڳالهيون ڪري راز ڪڍي ورتو ـــ هي نروار ٿي پيو، اها خبر جڏهن اسماعيل کي پئي هئي ته ان هن کي گهڻو سمجھايو ته ڳوٺ جي ڳالهه آهي توکي ائين نه ڪرڻ گهربو هو، وڌ ۾ وڌ تون ڪمدار ڏي امڙ کي وٺي سڱ لاءِ وڃين ها. اهو بهتر هو، هاڻي جيڪڏهن تون ڪمدار وٽ پڌرو ٿي پئين ته هو سڱ ڏيڻ کان انڪار به ڪري سگهي ٿو ۽ فيصلو به ڇڪائي سگهي ٿو. هن اسماعيل کي منٿون ڪيون ٻيلي منهنجي مدد ڪر، مان ملوڪان کان سواءِ خوش نٿو رهي سگهان، تنهنجي ساڻس لڳندي آهي. تون ئي ڪو بلو ڪر، آخرڪار هڪ ڏينهن هي ٻئي مشين تي ڪمدار سان ملڻ ويا. اتي ڪمدار جو ڀائيٽو به موجود هيو جنهن کي هن ۽ ملوڪان جي ڳالهين جي خبر هئي، اسماعيل سموري ڳالهه ٻڌائي اڃا بس ڪئي ته ڪمدار جو ڀائيٽو اٿيو ـــ چاچا شيءِ توهان جي آ، باقي ڪاري کي سڱ نه ڏبو آ، هن ۽ ملوڪان جون ڳالهيون سڄي ڳوٺ ۾ هُلي ويون آهن.
ڪمدار صفا ڳاڙهو ٿي ويو ـــ ڳالهائي ئي ڪونه سگهيو ـــ اوچتو هيڏي وڏي ڳالهه ٻڌي سن ٿي ويو، اسماعيل گهڻو ئي چيو ته ماڻهن ۽ کوهن جا وات ڪنهن بند ڪونه ڪيا آهن. ڪمدار تون ماڻهن جي ڳالهين تي نه لڳ، هي ڇوڪرو تمام سٺو آهي، اها توکي به خبر آهي ته پڻهنس اکر وارو هو. ان وقت ڪمدار کي ڪجهه به سمجهه ۾ نه پيو اچي ته هو ڇا ڪري آخر ڪاوڙ ۾ مٺيون ڀڪوڙيندي چيو هيائين ته اسماعيل تون آيو آهين نه ته هن مهل الائي ڇا ٿي وڃي ها ـــ باقي هي نه منهنجا مائٽ آهن ۽ نه ئي مان مٽي ڪندس، باقي عزت جو پلئه مان ضرور وٺندس. اسماعيل سڄي واٽ سوچن ۾ غرق رهيو هو ۽ هي ڀي ماٺ ميٺ ۾ گهر اچي سمهيو هو. توڙي جو ملوڪان جو انجام به هئس. صبح اڃا پنهنجو جلوو نه پسايو هو جو ملوڪان ڇيڻو دکائڻ آئي ۽ هن کي منهن ۾ دونهون ڏئي اٿاري ۽ منهن خراب ڪري هلي وئي، هن اهو سڄو ڏينهن سوچن ۾ گذاريو، شام جو هن پنهنجي ماءُ کي سڄو احوال ٻڌايو ته ماڻهنس ڪي پهر ته سوچيندي رهي ڄڻ سڪتو تاري ٿي ويو هئس.
آخر ماڻهنس فيصلو ڪيو ته ڪمدار ڏي نياڻي ميڙ ڪري ويندي، من هو سندس عرض قبول ڪري. پر ڪجهه نه وريو ڪمدار زال کي چئي ڇڏيو ته ان مائي کي چئه ته هتان هلي وڃي منهنجون اکيون رت ٿيون ڇڏين. ٻنهي گهرن ۾ ڄڻ ماتم برپا ٿي ويو. ملوڪان جي ماءُ حيران رهجي وئي. هيڏو ڪجهه ٿي ويو ۽ مون کي ڪا به خبر ناهي، هن ڪمدار جي ڀر ۾ اچي ڀڻڪيو. ڪمدار ٻه مڪون وهائي ڪڍيس هي سڀ ڪجهه تنهنجي ڪري ئي ته ٿيو آهي. چاڙهه پنهنجي ملوڪڙي کي مٿي تي ملوڪان روئي رهي هئي. ان کي اها ته ڪل ئي ڪونه هئي ته انهن معاملن ۾ ڪو ائين به ٿيندو آهي.
اها رات هي سمهي نه سگهيو هو. سڄي رات سوچن جي ور چڙهي وئي هئس. رات جي پوئين پهر هن فيصلو ڪري ورتو هو ته هاڻ هو، ملوڪان کي ڀڄائي ويندو، ٻي رات هو ملوڪان کي ڀڄائي ويو هو. پويان جي ڪا ڪل ئي نه رهي هئس ته سندس ڀيڻ ۽ ماءُ ڪيئن هونديون. هن اهو درد تڏهن محسوس ڪيو جڏهن ملوڪان سندس پٽ کي جنم ڏيندي هن کان هميشه وڇڙي وئي هئي. اها هڪ سرد رات هئي. ملوڪان کي سور ٿيا هئا هوءَ ضد ٻڌي بيٺي هئي ته هڪ دفعو هينئر جو هينئر امڙ وٽ وٺي هل.
هي حالتن کي مجبور ٿي ڳوٺ اچي رهيو هو جو، ان جاءِ تي (جتي هينئر گهر اٿس)، ملوڪان کي پٽ ڄائو هو ۽ ڪجهه پلن کان پوءِ کانئس موڪلائي وئي هئي. هن فيصلو ڪري ڇڏيو هو ته هاڻ هو اتي ئي پنهنجي زندگي جا لمحا گذاريندو. اهي ڏينهن کيس شدت سان ياد اچڻ لڳا. هاڻ ته هو به زندگيءَ جي راند هارائي چڪو هو. پر سندس دشمنيون اڃا ڪمدار جي ڀائٽي جي پٽ سان هلندڙ هيون، جنهن اڃا ڪالهه ئي پٽهنس سان زمين جي مامري تي ڇنيءَ وٽ ڏند ڏنا هئا. پڻهنس جيان پاڻ به ارڏو ٿي پيو هو، هاڻ ته اچي کيس فڪر ورايو هو ته متان ملوڪان جي آخري نشانيءَ جي به هو حفاظت نه ڪري سگهي. ان ڪري هي هي هڪ دفعو وري اٿيو ۽ ورانڊي ۾ سمهيل پٽ کي ڏسڻ ويو. پٽهنس گهري ننڊ ۾ ستل هو. هي موٽي اچي، مٿي کي هٿ ڏئي ويهي رهيو هو. ريڊيو بند ٿي چڪو هو، دير دير سان ٻاهران کڙڪو ٿيو، هي اٿي کڙو ٿيو چوڌاري فائرنگ شروع ٿي وئي، هي پٽ ڏانهن ڀڳو، ورانڊي جي در تي بيهي رهيو. پٽ کي ٻاهر نڪرڻ کان روڪڻ لڳو. اوچتو گوليون سندس سيني مان پار ٿي ويون.
صبح سان هڪ ٻي قبر کنئي وئي. ملوڪان جي ڀرسان کيس دفنايو ويو. اڃا به اتي ٻه قبرون موجود آهن ۽ هڪ گهر ـــ جنهن ۾ اڃا به ڏيئو ٻرندو آهي.