گلناز
هن پنهنجي ڌيءَ کي سڏ ڪيو جنهن کي پڻ يونيورسٽي وڃڻ ۾ دير پي ٿي“.
هنن مان ڏس ڪهڙو سوٽ پايان..... هن منهن خراب ڪندي گڏيءَ کان پڇيو.
”سڀئي سٺا ته آهن.... ڪهڙو به پائي وٺو“. گڏيءَ مٿاڇري نظر وجھي کيس ورندي ڏني.
”ان ڪري ته توکان راءِ نه وٺندي آهيان، سٺي صلاح ڏيڻ جي بجاءِ اندر ساڙي ڇڏيندي آهين“. جي ڪهڙو به پائي وڃڻو هو ته توکان ڇو ٿي پڇان“؟
”مما مونکي يونيورسٽي دير پئي ٿئي، مان وڃان ٿي“. گڏي بڪس کڻي نڪري وئي. ته پٺيان ماڻهنس جملو ڇڏيو ”وڃي ڌوڙ پاءِ“
اهڙي جملي تي گڏيءَ جو موڊ خراب ٿي ويو، جنهن ڪمري جو دروازو زور سان بند ڪيو ۽ ٽپڪ ڏپڪ ڪندي ڏاڪڻين تان لهي هلي وئي.
جنهن تي گلناز بيگم جو اڃا به پارو چڙهي ويو ۽ ”ٻه ٽي ڪچيون گاريون طوفان جيان گڏيءَ جي پويان لڳي پيون“
اِهُو ڪو نئون مسئلو ڪونه هو، بلڪه روز جو معمول هو!
اسڪول جي ماحول، ميڊمن جي طعنن، مهڻن، طنز ميڊم گلناز کي بخيل ڪري وڌو هو! جڏهن کان سندس دوستي اُمِ رباب سان ٿي هئي، تڏهن کان سندس ڦرڪو ڦريو هو، ننڍي وڏي مئڊم سان سندس ٻوٽي ڪونه ريجھندي هئي. هوءَ پاڻ کي ميڊونا کان به مٿانهون سمجھڻ لڳي هئي.
سندس اٿڻ ويهڻ جو طريقو نرالو ٿي ويو هو، مٽن مائٽن ۽ اوڙي پاڙي وارن تي اک نه ٻڏندي هئس. گهر ۾ آمدني چار پئسا هئس، مهيني جي پگهار ستر، اسي هزار، مڙس پاران گهر جو خرچ، ٻارن جي پڙهائي، لٽو ڪپڙو، غمي شادي ماني ڍَوَ تي، مطلب ته ٻئي پاسي جو الُڪو ڪونه هئس، تنهن ڪري مئڊم جون شاهه خرچيون وڌي ويون هيون،ناشتي ۾ مڇي، ٻاڪرو گوشت، ٽفن ۾ بند ڪري جڏهن هاف ٽائيم ۾ اسٽاف روم ۾ وڃي کوليندي هئي، ته مئڊمن جا وات ڀرجي ويندا هئا ۽ پاڻي پاڻي ٿي ويندا هئا، هوءَ اُمِ رباب سان تاڙو ملائي، ناز نخري سان گرهه ڏيکاري ڏيکاري کائيندي هئي.
سندس اهڙي روش، مئڊمن کي بلڪل به نه وڻندي هئي، ٻه ٽي دفعا ته جھيڙا ٿيندي ٿيندي ٽريا هئا. هيڊ مسٽريس کي، هن پنهنجي ڄار ۾ ڦاسائي رکيو هو، هفتي ۾ بيڪريءَ تان ڪيڪ، مهيني ٻئي بنارسي سوٽ، هالا جي ڀرت ڀريل چادر ته ڪڏهن اڌ ڏنڀري جو ڀُڳل، وڃي ٽيبل تي رکندي هئي ته هيڊ مسٽريس جون واڇون وڃي ڪنن سان لڳنديون هُيون ۽ هوءَ ساڻس جھُٽ ٿي وئي هئي!
وري جي امتحان ٿيندا هئا، ته پيپرن کان پوءِ عاليشان پارٽي ڪري ڪلارڪن، پٽيوالن ۽ ايڪسٽرنل کي ڍَوَ تي ماني کارائي ڇڏيندي هئي، تنهنڪري سڄي امتحان ۾ هوءَ واڻڪي ڳئون، وانگر پئي بلاڪن ۾ گهمندي هئي.
اڄ اسڪول ۾ ميلاد هئي ۽ کيس سڄو انتطام سنڀالڻو هو، ڪنهن کي نعت پڙهائڻي آهي، ڪنهن کي گلن جا هار پارائڻا آهن ۽ ڪنهن کي مٿي ويهارڻو آهي، اهو سڄو ڪم سندس بِلي هو، تنهن ڪري هن کي پاڻ کي ڪيئن ٺاهي رکڻو هو، ڪهڙي ڊريس پائي وڃي ۽ ام رباب جهڙي لڳي. ”هن ام رباب کي به مات ڏيڻ ٿي چاهي“
تنهن ڪري فيصلو نه پي ڪري سگهي، ته آخر ڪهڙي ڊريس پائي وڃي.
هوءَ ٻن منٽن لاءِ بيڊ تي سڌي ٿي سمهي پئي.
اهو خيال ايندي ٽَپُ ڏئي اٿي ته کيس سڄو انتظام سنڀالڻو آهي ۽ متان ڪا ٻي مئڊم کانئس گوءِ کڻي وڃي“. جيئن اڳئين ڀيري ٿيو هو
”امتحان جو رزلٽ آئوٽ ٿيڻو هو“ ته صبح صبح جو ماڻس اچي ويهي رهي هئي، ته تنهنجي ننڍي ڀيڻ ليڪا لتاڙي چڪي آهي، مڙس کي ڇڏي انهيءَ ڳالهه تي بضد آهي ته هاڻي هوءَ ان سان نه رهندي، ڪورٽ ۾ طلاق لاءِ درخواست ڏيندي“. ماڻهنس اهي سور کڻي اکين ۾ پاڻي آڻي، اچي صبح جو ٺڪاءُ ڪيو هو ته هوءَ ئي کيس سمجھائي“.
موبائيل فون تي مٿو هڻندي، هن کي دير ٿي وئي ۽ پويان رزلٽ آئوٽ ٿي ويو. انائونسمينٽ جو شرف مئڊم زرينه کي مليو ۽ جڏهن هيءَ اسڪول پهتي ته پروگرام، پوئين پساهن ۾ هيو، هن ڳڻي ڳڻي زرينه کي ته گاريون ڏنيون پر ماءُ، ڀيڻ کي به نه بخشيو. جن جي ڪري ساڻس هي ويڌن ٿي هئي.
سو هاڻي هن اهڙي رسڪ نٿي کڻڻ چاهي.
هوءَ تڙ تڪڙ ۾ واش روم مان ٿي آئي ۽ سفيد ڪپڙا پائي ڊريسنگ ٽيبل جي سامهون ٿي بيهي رهي.
هن فيس تي اسٽڪ هنئي، هڪ هٿ سان منهن مهٽڻ شروع ڪيو ۽ ٻيو هٿ پرفيوم جي باٽل ۾ وڌو ۽ ڪپڙن کي پرفيوم هڻڻ جي ڪئي ته پرفيوم جي باٽل مان صرف هواءِ نڪتي. پرفيوم ختم ٿي چڪو هو. هن جو پارو ويتر چڙهي ويو ”هن کي به هاڻي ختم ٿيڻو هو“.
هن وڌي وڃي ستل پٽ کي ٿڏو هنيو جيڪورات جو ٻي وڳي تائين موبائيل سان کيڏي کيڏي ستو هو!
اٿ چنڊا! هن مهل تائين ستو پيو آهين، ”گاڏي ڪڍي پرفيوم آڻي ڏي“!
منور جو اٿيو، ته سندس ذهن ڪم ئي نه پيو ڪري، اکيون مهٽي پڇڻ لڳو ته ڇا ٿيو آهي“.
”پڻهين مري ويو آهي“ غصي ۾ جواب ٻڌي هو، ويتر وائڙو ٿي ويو.
هزار جو نوٽ ٺڪاءُ ٻوٿ ۾ ٿي ويس، هي وٺ ۽ پرفيوم وٺي آءُ.....
منور هزار جو نوٽ کنيو هيٺ لهي باٿ روم ۾ هليو ويو، ڪچڙي ننڊ مان اٿيل منور جو باٿ روم ۾ ويٺو ته ويٺو ئي رهيو.
مٿان ڏاڪڻ تان سينڊل جو آواز ٻڌي تڙ تڪڙ ۾ باٿ روم مان نڪتو ته گلناز بيگم آڱريون کنڊيري ڀرپور بجو سندس ٻوٿ تي گهروڙي هلي وئي....
”هي اولاد آهي، چنڊي، نڀاڳي، ڪم چئه ته باٿ روم ۾ وڃي ويهي رهيو آهي“.
ميلاد جا مهمان پهچي ويا هئا، مئڊم پريشانيءَ جي حالت ۾ جيئن ئي هال ۾ پهتي، ته زرينه کيس ڏسي مئڊم شاهده کي سرٻاٽ ڪيو. ”لڳي ٿو ته گهران رهڙون کائي پهتي آهي“.
هن کي باهه وٺي وئي، وري جو اڳتي ٿي ته سامهون ام رباب مرڪي چيس:
”نيٺ اڇو وڳو پاتئي نه، مان ان ڪري نه پاتو ته تون ضرور پائي ايندينءَ“
دل چيس ته ميڪ اپ سان ڀريل ٿيلهو وهائي ڪڍيس پر..... سڄو پروگرام خراب ڪرڻ نه چاهيائين ”اڳتي وڃي ڇوڪرين کي هدايتون ڏنائين ۽ پروگرام ۾ لڳي وئي. هيڊ مسٽريس کي مٿي ويهاري ميلاد شروع ڪرايائين، پر زبان سندس ساٿ نه پي ڏنو.... پروگرام جي ترتيب خراب ڪري ويٺي. ام رباب اچي سهارو ڏنس ۽ پروگرام جيئن تيئن ڪري پورو ٿيو. مٺائي ورهائي، هوءَ تڪڙ ۾ اسڪول مان نڪري وئي. پويان هن جملا به ٻڌا ۽ ٽهڪڙو به سندس ڪنن ۾ گونجيو.
گهر اچي هن بيڊ تي ٿيلهو اڇليو ۽ سينڊل کي ائين ئي پيرن سان اڇليو، هڪڙو پادر مٿي وڃي هلندڙ پکي ۾ لڳو. ستل پٽهنس ڪر کڻي اٿيو ته هن ٻيو پادر لاهي کيس وهائي ڪڍيو. ”هن چنڊي جي ڪري منهنجو پروگرام خراب ٿيو.“
مان ڇا ڪيو؟ منور اڃا ايترو وراڻيو ته.....
هن وري پادر کڻي وهائي ڪڍيس......
منور اٿيو ۽ زور سان در بند ڪري ٻاهر نڪري ويو.....
نڪرو منهنجي گهر مان، خداءِ جي ڪا مار پئيوَ.... جيئڻ عذاب ڪري ڇڏيو اَٿَو..... مرو ته منهنجي جند ڇُٽي“.
”سندس اکين مان پاڻي وهي آيو، منهن تي ٻانهن ڏئي سڏڪندي رهي“.
هن کي مڙس تي خار اچڻ لڳا ”ٻار منهنجي مٿي ۾ ٺوڪي، پاڻ وڃي ڪراچيءَ ۾ سمنڊ جون هوائون ٿو کائي“ اڙي ڇا ڪندس، مان تنهنجا اهي رشوت جا نوٽ! ايترا پئسا ته مون وٽ به آهن.... نالي ۾ مڙس ٿيو آهي.... پاڻ وتي ٿو عياشون ڪندو ۽ هتي مان گهر سان به منهن ڏيان، ٻارن سان منهن ڏيان ۽نوڪري به ڪيان ۽ اتي ويٺل ڏائڻين سان به ڏند چڪ ڏيان.“
دل چيس ته هينئر جو هينئر فون ڪري مڙس کي ست سريون ٻڌائي، پر اهو سوچي نه ڪيائينس ته ڀلا جي، منهنجو ڏينهن خراب ٿيو آهي ته هروڀرو ٻئي جو ڇو خراب ڪيان؟
باقي سڀاڻي انهن شودين کي ته مان پاڻ ئي ڏسي وٺندس، ته ڪيئن جملا هڻبا آهن ۽ ڪيئن سرٻاٽ ڪبا آهن، ”اهي پاڻ کي سمجھن ڇا ٿيون“؟
مونکي ڄڻ خبر ئي ڪونهي ته اها زرينه مڙس هٿان روز موچڙا کائيندي آهي، ڪڏهن به سنئين ٻوٿ اسڪول نه آئي آهي.
هوءَ ڊگهي ٻوٿ واري اقبالِ، جنهن جي منهن تي سدائين ڦٽڪار پئي وسندي آهي ويٺي ويٺي اڌ مٿو، اڇو ٿي ويو اٿس پر ڪير قبول ئي نٿو ڪريس، هجنس پرڪار، سٺا ته ڇو نه شادي ٿئيس، وتندي آ رڳو مائين جا مٿا ڏسندي ته اڄ ڪير وهنجي آئي آهي ۽ پوءِ اندر جي باهه کان اچي پاسو وٺندي آهي، ته ڏي خبر اڄ وهنجي آئي آهين ”رات خير ته هيو“؟
ممڙي ائين چئي چئي ويٺي اندر جي اوٻر کي ڇنڊا هڻندي آهي. هوءَ زرينه به ساڻس ٻٽ آهي، جيڪا مڙس جي مڇرجڻ جا قصا ٻڌائي همدرديون حاصل ڪندي آهي“. ادي توسان ته ظلم آهي، مڙس ڇڪي مزاج جو مليو اٿئي“. ائين ڪڏهن نه چيو اٿائينس ته ڪجهه پير سنڀالي کڻ، مئي روز ٿي پادر کائين“ مٿان وري چونديس ته چڱو ٿيو ادي جو منهنجي شادي نه ٿي نه ته مونسان به اهڙي ويڌن هُجي ها“.
هاڻي پُڇيس ته ”کُنڊي توسان شادي ڪندو ڪير“؟
ذهن ۾ دليل وڙهائي وڙهائي پاسا ورائيندي کيس ننڊ اچي وئي....
صبح جو اسڪول لاءِ سنبرندي سندس ذهن ۾ سوين ترڪيبون، خيال اچڻ لڳا ته اڄ انهن شودين جي ڇنڇري لاهڻي آهي، جن ڪالهه مونسان ڪين گهٽايو آهي.
ان اقبالِ جا نَڪَ ۽ چَپَ وڍيندس، ته ”کوڳ عمر اچي سٺ کي پهتي اٿئي، اڃا مٿي ڇانوَ ئي نه ڪئي اٿئي“ پوءِ ڇا پينشن سان لانئون لهندينءَ؟
ان زري کي به بخش ناهي ڪرڻو، جيڪا روز ٿي موچڙا کائي اچي پر، مڙي ڪونه ٿي.
گلناز بيگم آلن وارن کي سُڪايو ئي ڪونه؟ اقبال جي هنيانءَ تي مڳ ڏرڻ لاءِ اِهوُ به سانگ رچايائين ته ڀلي ڏسي ۽ سندس اندر سڙي ۽ کيس اهو احساس به شدت سان ٿئي ته هوءَ اڃان پنهنجي لاءِ وَرُ به ڳولهي نه سگهي آهي.
کيس اها به ترڪيب سُجھي ته هوءَ هاف ٽائيم ۾ ام رباب سان ويهي جڏهن ناشتو ڪندي ته ”رات واري ماجرا وڌائي چڙهائي پيش ڪندي ته ڪيئن اڪبر خان ٽن مهينن کانپوءِ آيو. هن لاءِ ڪهڙيون ڪهڙيون سوکڙيون وٺي آيو.
هالن جي سوسي، ڀرت ڀريل چادر، زري لڳل کُسا، حيدرآباد جي مشهور بيڪريءَ جا ڪيڪ، ٺونٺ جيڏا ٻه موبائيل فون، ٻارن لاءِ ڪپڙا مطلب ته گاڏي سامان جي ڀري آيل، اڪبر لاءِ هوءَ اهڙو ته تاثر پيش ڪندي جوا قبالِ جا ڪارڙا ئي مري ويندا.
هوءَ جڏهن هيٺ لٿي ته بورچيءَ ناشتو تيار ڪري ڇڏيو هو، هن ٽفن چيڪ ڪيو ته ٻاڪري ٻوڙ جو هُڳاءُ هن جي اندر ۾ لهي ويو. هن مرڪندي پنجن سَوَن جو نوٽ پرس مان ڪڍي بورچيءَ جي تريءَ تي رکيو ته ”بورچيءَ جون واڇون ٽڙي ويون، هو ٿئنڪ يو چوڻ کان پوءِ مئڊم سان در تائين گڏيو آيو ۽ گاڏيءَ ۾ ويهڻ تي کيس سلام ڪري، خوشيءَ مان موٽيو.
گاڏي اسڪول جي گيٽ تي پهتي، ته ٻن پٽيوالن دروازو کوليو. گاڏي مڙي اسيمبلي گرائونڊ تي پهتي ته هڪ پٽيوالي مئڊم گلناز جو اچي دروازو کوليو ته ٻئي اچي ڊرائيور کان مئڊم جو پرس ۽ ٽفن باڪس ورتو.
گلناز گاڏيءَ مان لٿي ته هٻڪار ٿي وئي. هن هڪ نظر اسٽاف روم تي وڌي، جنهن ۾ اڄ چهچٽو گهٽ هو. هوءَ مڙي هيڊ مسٽريس جي آفيس ۾ آئي ته مئڊم سورة ”ڪميل“ جو وررد پي ڪيو. هن مسٽررول تي صحيح ڪئي ته مئڊم کيس، عينڪ جي مٿان عجيب نظرن سان ڏٺو. هن مرڪي کيس سلام ڪيو.
”مئڊم ڪنڌ هيٺ ڪري جواب ڏنو“.
هوءَ آفيس مان نڪتي، سامهون پٽيوالو هٿ ۾ سامان جھليون بيٺو هو سندس منهن لٿل هو. کيس ڳالهه سمجھه ۾ نه آئي. هوءَ تڪڙي ٿي اچي اسٽاف روم ۾ پهتي جتي ٽيچرس سُس پُس واري انداز ۾ ڳالهائي رهيون هيون هن کي ڏسي چپ ٿي ويون، هن پنهنجو سامان ڪنڊ واري ٽيبل تي رکيو ۽ مٿي تان رئو هٽائي وارن کي ڇنڊڪو ڏنو ته آلن وارن مان پاڻيءَ جون ڦينگون ويٺل ٽيچرس کي لڳيون، ڪو به ريمارڪس نه آيو، ته هن ڀر ۾ ويٺل ام رباب سان وڃي پاسو هنيو. صوفي جي ٻانهيءَ تي هٿ رکيو، ته ام رباب سندس هٿ تي هٿ رکيو، اڄوڪو رکيل هٿ تاڙي ۽ خوشيءَ وارو ڪونه هو.
گلناز بيگم، ام رباب جي اکين ۾ ڏٺو جتي چمڪ بدران نمي هئي.
هن کان رهيو نه ٿيو ”ڇا ٿيو آهي“
ام رباب جي ڏڪندڙ چپن مان نڪتو اقبالِ شادي ڪري ڇڏي“
اڙي واهه! اها ته خوشيءَ جي ڳالهه آهي“
زرينه اٿي اچي سندس ڀر ۾ ويٺي ۽گلناز جو ٻيو هٿ پڪڙيو...... ”هن ادا اڪبر سان شادي ڪئي آهي.....“
گلناز بيگم جي جسم مان ست نڪري ويو.
سندس ٻنهي هٿن تي هٿ ڦرندا رهيا ٻه ڦڙا وارن بدران اکين مان ڪريا جيڪي هٿن تائين پهتا.