ڪھاڻيون

موٽي ايندس مان

هي ڪتاب ليکڪ ۽ ڪهاڻيڪار ابراهيم کرل جي ڪهاڻين جو مجموعو آهي. ابراهيم کرلَ جون ڪهاڻيون ڌرتيءَ جون ڪهاڻيون آهن ۽ ڪردار پڻ مٽيءَ جي خوشبوءَ کي سمائي ديسَ جون وارتائون بيان ڪندي چرپر ڪن ٿا. سماج جا عڪس ۽ اولڙا پسائين ٿا. ڏک ۽ سک پڙهندڙ سان شيئر ڪن ٿا. جنهن مان ابراهيم کرل جي مشاهدي جي پروڙ پوي ٿي. ابراهيم کرل جي ٻولي ڏاڍي وڻندڙ ۽ خوبصورت آهي ائين ٿو لڳي ته ڪردار اسان جي سامهون بيان ڪري رهيو آهي.
Title Cover of book موٽي ايندس مان

پهرين ملهه

هو سوچي ٿو، سڀاڻي واري ملاکڙي ۾ کيس ڪهڙيءَ ريت ملهه وڙهڻي آهي. رڳو وڙهڻي نه آهي، پر کٽڻي به آهي“. هو وڌيڪَ سوچي ٿو. ”سندس مقابلو ڪهڙن ملهه پهلوانن سان ٿي سگهي ٿو، جي علينواز ڦل سان ٿيو ته هائو ٻيلي علي نواز به ٺاهوڪو ملهه آهي، جهڙو قد ڪاٺ ۾ آهي اهڙو وري داءَ جو به ڀلو آهي. ڦنڊي يا اندرئين مان ڪو نه ڄاڻي، هٿ ڦٻائي چاڙهي وجھندو ۽ پوءِ مُٺين جي زور تي سامهون واري کي ڀاڙي ڪيو ڇڏي. ها، جائي، هو ارباب ڀٽي به ته آهي نه.... مڙس ٻيلي زور آور آهن. چوندا آهن ته داـءُ دشمن جو به نه وڃائجي.“
حاڪم شاهه پٽ واري جو ميلو هجي، ميلي ۾ اعواڻ ملههَ، مَلهن کي راتاها ڏيئي ڇڏيا هُجن. هر هر ڪڏي ميدان ۾ پي آيو. اچي پڙهو گهمرائيائين، ”آهي ڪو نَـرَ سنڌيءَ جو ٻچو، جو ميدان ۾ لهي اچي، آئون چار ملهه ماري هاڻي پڙ پالو ڪيون ٿو وڃان.“
”هاءِ ڙي ارباب ڀٽي هاءِ!“ اصل ڪاوڙ ۾ڳاڙهو ٿي ويو. ڪکين تي هٿ رکي پڙهو ٻڌي ميدان ۾ وڃي نروار ٿيو. مرشد شمن شاهه کي پيرن تي هٿ رکي چيائينس، ”قبلا پاڻي سِرَ کان مٿي چڙهي ويو، هاڻي دل سان موڪل ڏي ۽ دعا ڪر ته ان اعواڻ جي ٻچڙي کي سنڌين جو رت ڏيکاريان“.
”ڀٽي، ملهه جوش سان نه پر هوش سان وڙهبي آهي.“ شمن شاهه اکين ۾ اکيون وجھي چيس.
”ملهه مولا جي راند آ ۽ علي جي اولاد کان ئي اجازت ۽ دعا وٺڻ آيو آهيان“. ارباب هيٺاهين وٺندي چيس!
”بابا ٿڌو ٿي، تڪڙ نه ڪر.“ سيد سمجھائيس!
”نه قبلا، اعواڻ، اعواڻ جو پٽ سڄي سنڌي قوم کي ٿو للڪاري؟“
”نه بابلا ائين نه، تون وڙهيس ڀلي پر عقل سان وڙهجانس. هر داـءَ تي ڌيان ۽ نظر رکجانءِ، ڇو ته هن وٽ هر داءُ آهي. منڙيءَ جو ته ماهر اٿئي. ٻيو ته لوسي داءَ اندرئين مان به نه مڙندو اٿئي.“ شمن شآهه پڪو ڪري لاهڻ چاهيس!
”سائين مون کي سڀ خبر آهي، بس بابو ٿيءُ، اجازت ڏي ته اهي منڙيون ٻنڙيون سڀ ٿو وساريانس.“ ارباب سينو اڳتي ڪري هام هڻندي چيس!
”ها سائين.“
”ته پوءِ مولا عليءَ جو نالو وٺي وڃي سندرو ڇڪيس، ڌڻي ڪندو ته سوڀارو ٿيندين.“ سائين دعا ڪيس؟
پٺي ٺپرائي ارباب ميدان ۾ لٿو ته، ٻانهين مان تاڙيون وڄي ويون. هر ڪو ايئن پيو چوي، ”واهه ڙي ارباب واهه، سنڌين جو نڪ مٿي ڪري ڇڏيئي.“
”ڇا ٻلي ڇا جلاب، اعواڻ ٿي، سڀني سنڌين کي چئلينج ٿو ڪري؟“مدن جملو اڇليو!
”همٿ ڪر، ٻيلي ڪو ميدان ماري، سنڌين جي نڪ تان، اها مَرَ لاهه!“
”هاءِ ڙي ڀيڻان، ارباب هاءِ، تنهنجي ملهه.“ مختلف آوا.ز
پوءِ جڏهن ٻنهي سندرا سنڀاريا ته مڙسن ڏهه منٽ ته رڳو هڪ ٻئي جا پاڻي ڪڇيا ۽ پوءِ اندريون، جانٺا، مُٺين جا مروٽا، گوڏا کوڙ، لڳي پئي هئي. پر ڪير ڪنهن کي جاءِ ئي نه پيو ڏي.
پوءِ اعواڻ ڄنگهه ويجھي ڪئي ته ڀٽي، پٽي جانٺو وهائيس، ڄڻ هٿوڙو وهائي ڪڍيائينس. اعواڻ جي ڄنگهه لڏي وئي ۽ اهل ڪري بيٺي. ڀٽي پير پختو ڪري ٺڪاءُ جو ٻي ڄنگهه ۾ جانٺو هنيس ته اعواڻ جا هوش خطا ٿي ويا. مٿو مٿي سان ملائي، اتي وڃي. ٽوڙيائينس، جتي سڪي پٽڻ هئي.
ٻانهين ۾ ڪوڪرا پئجي ويا. لائوڊ اسپيڪر واري رڙ ڪري چيو، ”کڻ پنهنجي ڀاءُ کي. هيئن هوندو اٿئي سنڌين جو ڌڪ“.
”ابا پٽين جو همراهه کي ته همراهه ريهان کنئان لڳو پيو آ.“ ڪنهن چيو. ”هي ڪيئن ماريئي لعل جوان“
ڪو ڪلهن کان پيو زور ڏئيس ته ڪو مٿو پيو دٻائيس ته ڪو پيرن جون تريون پيو مهٽيس. کڻي وڃي ٻانهين وٽ رکيائونس. ماڻهن جون جھمريون لڳل هيون. ارباب اولهاهين پاسي کان جو پئسا وٺڻ بيٺو ته ڪلاڪ رڳو پئسا پي ورتائين. پورو پوتڙو پئسن سان ڀري ڳنڍ ڏئي رکيائين. واندو ٿي اچي مٿان بيٺس، ”ڪندين ٻي؟“
اعواڻ ڪنڌ کڻي هيٺ ڪيو.
شمن شاهه بادشاهه هر هر ڦري ارباب جي پٺي پيو ٺپي.
”واهه ڙي ارباب تنهنجي ملهه.“
”سو اهڙو ڪو ملهه لڳي ويو ته ڇا ٿيندو؟ اسان جا ته ”ويهه به ويا ته ڇويهه به ويا“. هڙ هلي ويندي. منهنجن ته خوابن تي به پاڻي ڦري ويندو. ننڍڙي نهال جو ڇا ٿيندو؟ سندس سالياني في ۽ هاسٽل جو خرچ ڪٿان ايندو؟
”مڙئي بابو به آ بادشاهه ماڻهو، هاڻي اچي پوٽن کي پڙهائڻ جو شوق ٿيو اٿس. اسان کي پڙهڻ جو شوق هو ته پڙهايائين ڪونه. تنهن دور ۾ وري ملهه جو خفت هئس.
ملهه ڇا وڙهيس، اصل ڪڍ پئجي ويو ته ڇڏ پڙهڻ کي. تون ملهه ٿي. مون کي پهلوان ڪرڻ لاـءِ سچي گيهه جا ٽين گهرائيندو هو. ۽ داءَ پيچ سيکاريندو هو.
”پاڻ ته پٽڪو ٻڌي ميدان جي وچ تي هلي ويهندو هو، پر زور ته اسان کي ڏيڻا پوندا هئا نه. وري جي دسجي پوان ته هفتو، هفتو ڳالهائي نه. چئي، منهنجون محنتون اجايون ويون، هي خرچ خفا سڀ ساڀ نه پيا. ڇورو حرام ٿو ڪري.“ وري جي ڪجهه چويس ته ڄڻ ڇتيءَ ککر ۾ کڙو هَنيَئي.
”اهي به ڪهڙا ڏينهن هيا. جو مهينو، مهينو گهر واريءَ جي ويجھو وڃڻ نه ڏيندو هو. پڌر جي وچ تي پنهنجي کٽ رکي پيو چؤنڪي ڏيندو هو. چئي، اڙي حرام ملاکڙي تائين نه ڪر. حرام ڪرڻ سان ڄنگهه جي طاقت ختم ٿي ويندي آهي ۽ ملاکڙو کٽڻ لاءِ ڄنگهه جو بچاءَ ضروري آهي. هوڏانهن مون واري زال وري وَرَ تي رسو ڀڃندي هئي. سامهون نه ته اوٽائتا ڌڪ پئي هڻندي هئي. چئي، ”تنهنجي اها زورآوري منهنجي ڪهڙي ڪم جي.... وتين ٿو مرد دسيندو“. اصل ٻن باهين ۾ هوندو هئس“.
”هاڻي وري بابي جو سڄو ڌيان پنهنجي پوٽن تي آهي، ”ڪيئن به ڪر. ڪجهه به ڪر، پر ننڍڙن کي پڙهاءِ.“ الائي ڪٿان اچي اهو جن مٿي ۾ ويٺو اٿس. هڪ کي ڊاڪٽر ڪرڻو اٿئي، ٻي کي فوج ۾ ميجر ڪرائڻو اٿئي.
”ڄڻ منهنجي وس ۾ هجي. پنهنجي پٽ کي ملهه ڪري پاڻ ملهائيائين. پر هاڻي اسان جي مٽي پليت ڪري ڇڏي اٿائين.
نهال کي هاسٽل جو خرچ ڏيڻو آهي، في مهيني سر پهچائڻي آهي. ان جا ڪتاب، ڪاپيون، لٽا ڪپڙا ڇا ڇا نٿو ڪرڻو پوي.
هي کٽ جو ٽڙڪو ماري اٿي ٿو.“
ڦري پيءُ جي کٽ جي مٿي کان اچي بيهي ٿو، جيڪو اگھور ننڊ ۾ ستل آهي، پڻهنس جي وات ۾ ڏند نه هئڻ سبب نڪرندڙ هوا ڦوڪٽ ٿي ٻاهر نڪري ٿي.
”هاڻي نٿو پهرو ڏئين، ته متان وڃي زال سان ملان.“ هي دل ئي دل ۾ جڪون کائي ٿو.
”جڏهن پنهنجو شوق هيئي ته سڄي سڄي رات جاڳي پهرا ڏيندو هئين ۽ هاڻي وري سڄو خيال پوٽن ۾ اٽڪيو اٿئي.“ هي هوريان اهي لفظ اچاري اڳتي وڌي ٿو ته پٺيان پڻهنس کي سڌير ٿئي ٿي،
”ابا، ننڊ نٿي اچئي ڇا؟“
”نه بابا، ننڊ وري ڪٿي.“ هي بي دليو جواب ڏئي ٿو.
”پٽ چپڙي ڪري سمهي پئه، هروڀرو ٻين جي ننڊ به ٿو ڦٽائين.“
ها بابا سمهان ٿو.“ اهو چئي، اچي کٽ تي ويهي ٿو، مٿن کان چئونري کير جي اڃا ڀري پئي اٿس. چئونري تان تسري پري ڪري کير کي ڏسي ٿو ۽ وري کسڪائي تسري ڏئي ڇڏي ٿو.
ڪا شيءِ نٿي وڻيس. اندر ۾ عجيب قسم جي بيچيني محسوس ڪري ٿو. وارن ۾ هٿ ڦيري، وري اٿي گهر واريءَ جي کٽ مٿان بيهي ٿو جيڪا ننڊ ۾ هڪ ٻانهن ڪنڌ هيٺان ڏيو ۽ ٻي ٻانهن، ڀر ۾ ستل ننڍڙيءَ بختاور جي مٿان ائين واريو ستي پئي آهي ڄڻ ڪڪڙ باز کان چوزو لڪايو هُجي.
”ننڊ به اچي منهنجي ڦٽي آهي، هي سڀ سڪون سان ستا پيا آهن. ها پر وڙهڻو به ته مونکي آهي نه هنن کي ڇاهي؟ کين هر ڪا شيءِ گهر ويٺي ملي ٿي نه! ڀوڳيون ته اسان ٿا.“ سوچي ٿو.
سدائين ميلن جي تاريخن ۾ ديد. انتظار، ڏينهن پيا ڳڻبا، ته ڪڏهن ٿو ميلو اچي، ته هرک واري اڇي سلوار کي ڪلف هڻائي استري ڪرائي، اڳٽ وجھي ڪليءَ ۾ ٽنگجي، گهر وارن کي به پوءِ وڃي آٿت ٿيندو ته هاڻي، هي کاٽو پٽ، پڙ تي وڃي لهندو ۽ ٻه چار سئو ڪمائي آڻيندو. کين اها خبر ئي ڪونهي ته انهن ٻن چئن سئون جي ڪري پاڻ کي ڪيترو تسيو ٿو ڏيڻو پوي. خوراڪ جو خيال الڳ، کير جو بل الڳ، وري ميلا ڪميٽيءَ وارن کي سائين ميان الڳ ڪرڻي ٿي پوي.
وري جي، ڪنهن پهلوان جي پاڙي جو ميلو آهي ته اهو الڳ ڪاوڙيو ايندو، ”ٻيلي منهنجيءَ عزت جو مسئلو آهي، منهنجو تَرُ آهي، پهرين ملهه تون ڀلي کڻ پر پوئين ملهه مون کي ڏيڻي پوندئي.“
”نسورو ناحق، سڏائين ٿو پهلوان ڪرين ٿو اِٽڪيون ٻِٽڪيون، تنهنجي ته هتان گهران، هتان نڪران.“ پاڻ سان وڙهي پوي ٿو.
”ڪجي ڇا؟ انهن يونين وارن به هڻي اصل خانو خراب ڪري ڇڏيو آهي، مردانگيءَ کي به ڪاروبار ڪري ڇڏيو اٿن. ويٺا صلاحون ڏيندا ته پهلوانو، پاڙي جي لڄ رکڻي اٿو، تر جي پهلوانن کي مڙئي ٽيڪو ڏيڻو اٿو. هاڻي جي ڪيون ٿا انڪار ته مورڳو ميلي ۾ سڏائڻ کان به پيا لنوائيندا. تنهنڪري هٿ وات تي به ته هيٺ به.
”وري جي داءُ ڪري داد وٺڻ ٿا وڃون ته اتي به چاپلوسيءَ مان ڪم ٿو وٺڻو پوي. لائوڊ اسپيڪر واري جي، ڏهڙي الڳ. سامهون ويٺل ڀوتار کي سائين ميان ڌار. ٻانهين ۾ بيٺل ماڻهن کي سلام جدا، ڄڻ ملهه نه وڙهي سين، خيرات ٿا وٺئون. اڄ جو شوقين به مجال آهي جو کيسي ۾ هٿ وجھي، مسخري جيان ڄڻ کيسي ۾ نانگ ويٺو اٿس. بس رڳو چتائي ڏسڻ تي به واهه، واهه ۽ واهه پهلوان تنهنجو داءُ، جوان جو پٽ آهين، الله الله خير سلا.“ وري هو پورن ۾ وڪوڙجي وڃي ٿو.
”هاءِ ڙي دنيا، تنهنجا رنگ، ڪٿي چور سڃا ته ڪٿي ڍور سڃا.“ وري کٽ تان اٿي گهڙامنجيءَ ڏانهن وڃي ٿو ۽ اتي پيل ڪُٽ جي وٽي ۾ پاڻي اوتي ٻه ڍڪ ڀري خار مان پاڻي هيٺ هاري بڇان ۾ چوي ٿو، ”خداءِ جي مار پوندن، کير ته پيئن ٿا پر اها تميز ڪونه اٿن ته ٿانءُ کڻي ڌوئي ڇڏين.“
هن کي کير کان ڄڻ، الرجي ٿي پئي هجي. انهيءَ کير کان جنهن کيس پالي تاتي وڏو ڪيو ۽ اهڙو پهلوان بڻايو، جو ميدان ۾ لهڻ کانپوءِ ماڻهن کان ڪوڪرا ۽ رڙيون نڪري وينديون هيون. آواز ايندا هئا، ”ادا لٿو آ نواب پهلوان.“
”هاءِ ڙي هاءِ نواب پهلوان تنهنجي نوابي.“ هي پنهنجي منهن ڀڻڪي کٽ تان اٿي ٿو ته کٽ مان ٽڙڪاٽ نڪري ٿا وڃن.
پڻهنس ڪنڌ مٿي ڪري پڇي ٿو، ”اڙي نواب ڇا ٿيو اٿئي، دل ۾ ڪو گدڙ ويٺو اٿئي ڇا؟“
”خير آ، خير آ، ساهه نه وڃئي، هاڻي مان، پاڻ ئي سڀ ڪجهه سمجھان ٿو. پوڙهو ته ڏس اڃان چؤنڪيون نٿو ڇڏي. هروڀرو اچي ڍٻي اڏي ويهي ٿو رهي. جڏهن ته مون کي خبر آهي ته سڀاڻي چوٽيءَ جا ملهه اچي پڙ ۾ لهندا، اهو ميدان هن ميدان کان وڌيڪَ آهي. هيءَ ته پنهنجي کيتي آهي جنهن مهل کيڙيس.“ ايئن چئي هو زال ڏانهن ڏسي ٿو، جنهن جا سنگ اڃان پڪل آهن. جوڻس ڪَر ڀَڃي کيس سڌير ۾ هجڻ جو ڏس ڏئي ٿي ۽ پاسو ورائي ڍونگل وهائي ٿي ڪڍيس، ”مڙسالو ته ڏس، اڃان پاڻ کي 25 سالن جو ٿو سمجھي. اڇو مٿو، اٽو خراب، اهي طاقتون پاڻ وٽ سنڀالي رک ته متان ڪو پهلوان هڻي جانٺو، ڄنگهه نه ڀڃي وجھئي!.“
”مار، مائي اصل اندر ۾ کوري جيان ٿي ٻري.“ اندر ۾ ڀڻڪي ٿو پر باهه بيهڻ ڪونه ڏنس ۽ جملو وهائي ڪڍيائينس، ”اندر ۾ ته پڄرين ٿي پئي، پر وس ڪونه ٿو پڄئي.“
”ڪونه ٿي پڄران ۽ نه ئي ڪا پرواهه اٿم..... ٽي ٻچڙا ٿيا..... وار اچي اڇا ٿيا، هاڻي ڇا پڄرنديس.... جنهن عمر ۾ پڄرڻو هو، ان۾ به ٿڌو گهـڙو پاڻيءَ جو هاريم، هاڻي ڇا جا ٿو حساب پڇين؟“
”چڱو چڱو، هاڻي سکڻي ڪُني جيان نه اڀام، چپ ڪري سمهي پئه، نه ته بابو، وري اچي، وجھئي نه کٽ وچ ۾!“
”کٽ نه وجھي کڻي لوڙهو ڏئي، منهنجو ڇا؟“
”مار، رن تنهنجي فوقيت“. اهو چئي هي اٿي اندر ڪمري ۾ آيو. بلب ٻاري، آئيني جي آڏو بيهي پاڻ کي جاچڻ لڳو. ساڍا ڇهه فوٽ قد، منهن موڪرو، ڪلها ڀريل، نڪ چوپو، ڀرؤن ڊگها ٿلها، وڏا پوپٽ، وار وڏا پوئتي ورايل، منهن کان ٿي هيٺ ديد ورائيائين، پيٽ هاڻي ڪنٽرول کان ٻاهر، دُن ڄڻ چدن کيڏڻ واري گهچي. گوڏ، هر هر پيٽ تان کسڪي هيٺ لهندڙ. هڪ نظر پاڻ تي وجھي ڦوڪٽ ٿو ڀري، ”هاءِ ڙي نواب، جواني!“.
ذهن جي اسڪرين تي گلان تري ٿي اچيس. گلان جيڪا اڌڙوٽ عمر ۾ به هٿن، پيرن کي ميندي هڻي، ڪارا ڪپڙا پائي، جڏهن امام علي شاهه جي پڙ ڏانهن ويندي هئي ته رستا صاف ٿي ويندا هئا. ايرو غيرو پاسو وٺي مائي گلان جي حسن کي ڊڄڻن وانگر ڏسندو هو ۽ سندس لک لهندڙ لوڏ، ماڻهن تي ڄڻ اسم اعظم پڙهي ڇڏيندي هئي. ان گلان هڪ ڏينهن مڙي چيو هئس، ”ڇورا، مان به مان آهيان“ ”پر تون به تون آهين“. ”هڻي گهڻن جا وضوع ٽوڙي ڇڏيا اٿئي“، ”ٻيو ته ٺهيو پر اڄ گلان به....“ گلان لفظ کائي وئي هئي.
”هاءِ ڙي گلان، تنهنجي جواني.“ گلان، نواب جي نيڻن ۾ نهاري نونڌ ڪندي به نواب کي نوائي نه سگهي. هو ٿڌو شوڪارو ڀري آئيني کي ڏسي، ڏورن کي هٿ لائي ٿو ڏسي، جن جي کل هاڻي لڙڪڻ لڳي آهي هو مرڪي پوئتي موٽي ٿو ۽ چوي ٿو، ”ويندڙ وهي ۽ لهندڙ سج کي ڪير سلامي ڪندو.“
”اها خبر ته سڀاڻي پوندي ته هن جسم ۾ ڪيترو دَمُ آهي؟“
ٻاهر اچي کٽ تي آهليو ئي مس ته وري ذهن جي اسڪرين تي، پير هوٿي نوٿيءَ جو ميلو تري آيس، ”هاءِ ڙي سائين شمن شاهه بادشاهه، ملهه ته تنهنجي! ”شمن شاهه بادشاهه ۽ سرور جتوئي ملهه نه هئا.... هَتِ....“ ذهن ۾ ان ميلي کي فوڪس ڪري ٿو.
”ابول، ملهه ته نه هئي پر باهه ۽ پاڻيءَ جو مقابلو هو، شمن شاهه بادشاهه جوشيلو ۽ جذباتي، هوڏانهن وري سرور جتوئي ماٺيڻو، برجستو ۽ اونهو.“
”آئون هٿ پئجي ويا آهن.... آئون ڇڪ ڇڪان ٿي آ، ته اڌ ڪلاڪ ته رڳو همران هڪٻئي جا پاڻي ڪڇيا.
خلق جو ڏسو ته اچي بيزار ٿي، چئي هيءَ به ڪا ملهه آهي. اڌ ڪلاڪ ٿيو آهي بيٺا هڪ ٻئي رڳو زور ٿا ڏين، داءُ ته ڪير ڪري ئي نٿو.“ چوڌاري آواز، ”مرشد ملهه ڏيکار.“
اؤن مرشد ٿوري تڪڙ ڪئي آ ۽ سرور جي اري ۾ آيو آ. ”ابا جتوئي پهرين ملهه مرشد کي هڻي ويو.“ ٻانهين ۾ ڄڻ راڪاس گهمي ويو. سائينءَ جو تَرُ، هيڏو وڏو ملهه دسجي پيو! سرور ڪُڏَ ڏيندو وڃي ٻانهين ۾ پيو. مٺيون پئسن جون وٺي اچي پڙ ۾ پهتو ئي مس ته شمن شاهه وڃي سندري ۾ هٿ وڌس، تاڙيون وڄي ويون. سيد جي اکين ۾ رت لهي آيو. لائوڊ واري دهل واري کي بس ڪرائي اعلان ڪيو، ”هن ملهه تي پنج هزار انعام رکيو ويو آهي، جيڪو ماريندو ان کي اهو انعام ڏنو ويندو.“. سنها ٿلها ملهه پاسو ڪري ويا ۽ سڀني ويهي آخري ملهه ڏسڻ چاهي.
سيد بادشاهه هٿ وجھندي ئي اچي سرور کي پٽيو آهي. گهمائي گهمائي هيٺ لاٿائينس ته سرور پير مضبوط ڪري ويو. وري اکري مهري ڪري داءُ ڪيائينس پر اهو داءُ به سرور بچائي ويو. وري ڇڪي جانٺو هيائينس، ته به سرور جانٺو ڪڍرائي ويو. اؤن ڪٿان سرور ڍاڪ تي ٿو چڙهي وڃيس، شمن شاهه بادشاهه ٻوڙي لاٿس، پٽي وڃي جو پٽڻ تي هنيائيس ته سرور جتوئي ٿيڙ کائي اٿيو.
ٻانهين مان ڪوڪرا نڪري ويا، ماڻهن کيس دل کولي داد ڏنو ۽ کيسا کولي پئسا ڏنا، ايترا پئسا پيس جو سيد اصل وٺڻ ۾ آزرتو. اصل پوتڙو پئسن سان ڀرجي ويس، ڳنڍ ٻڌي اچي ميدان ۾ رکيائين. پر اهڙو پهلوان به حرام کان بچي نه سگهيو ۽ جڏهن ڄنگهه جي طاقت ختم ٿي ته ماٺڙي ڪري وڃي رڳو ٻي ملهه وڙهڻ لڳو.
آهي دارومدار پهلوان جو پاڻ تي. يا پنهنجي جان جي حفاظت ڪري يا وري چقمقي دنيا ڏانهن ڇڪجي وڃي. ڇو ته دشمني جواني سان ٿيندي آ پوڙهائپ ته پاڻ دشمني آهي.
هي سڀاڻي واري ملاکڙي کي ٽلي ٿو ته ڪيئن ان ۾ سوڀ ماڻڻي آهي؟ جڏهن ته ماڻهن جا هُشام هوندا. اهي جھمريون، مڱڻهار فقيرن جي وڄ وڄان، دهل تي ٽاهو، پر اهي سڀ کيل تماشا کٽڻ واري جي لاءِ هوندا آهن... هارائڻ واري لاءِ رڳو ندامت ۽ شرناءِ جو رينگو، شرناءِ به ڄڻ هار تي ماتم ڪندي آهي. خبر ناهي منهنجي داءَ تي شرناءِ ڪهڙي وڄي؟
”بس داءُ هڪڙو ڪندم، جي لڳي ويو ته ”لائي، نه ته ڇائي“ اصل استاد ابراهيم ڦلپوٽي واري ملهه وڙهبي. کپائي جانٺو هڻبو ۽ مٿان ٻيو جانٺو هڻبو پوءِ کٽائي قسمت.
انهيءَ ٽل اچڻ سان ڄڻ کيس ذهني سڪون ملي ويو ۽ هي پاسو ورائي ستو ته ننڊ کڻي ويس.
صبح ٿيندي ئي اٿي کڙو ٿيو، وهنجي سهنجي، ڪپڙا پائي بوڇڻ ڪلهي تي رکي، پٽڪي جا ور ڏيڻ شروع ڪيائين پر ٽي وَرَ ڏئي، هٿ رڪجي ويس، گمان ٿيس ته پٽڪو صحيح نه پيو ٻڌجي. ور کولي وري ٻڌڻ شروع ڪيائين پر پوءِ به اطمينان نه ٿيس.
”ڇا ٿيو اٿئي نواب، اڄ پٽڪي جا وَرَ نٿو ڏئي سگهين؟“ پنهنجو پاڻ کان سوال ڪيائين.
پڻهنس اهو لقاءُ ويٺي ڏٺو. سو اٿي آيو ۽ پٽڪي جا وَرَ ڏيندي چوڻ لڳو، ”نواب اولاد ڪيتري به وڏي ٿي وڃي پر وڏن اڳيان هميشه ٻار ئي رهندي آهي. هن ڏنل ورن جو مانُ رکجانءِ. مان ڏسان ٿو ته تون ٻن ٽن ڏينهن کان سوچ ۾ ٻڏل آهين. سوچ ئي پهلوانيءَ جي پُڄاڻي هوندي آهي. ڏوهه منهنجو به آهي، جو مان تومان هٿ ڪڍي ويو آهيان. مان به ڇا ڪيان؟ هي تنهنجا پٽ هاڻي ايڏا پهلوان ٿي ويا آهن جو تنهنجي پهلواني هاڻي لهندڙ سج جيان محسوس ٿي رهي آهي. هو ٻڌو نه اٿئي ته ميلي جي موٽ ڏاڍي ڏکي ٿيندي آهي.“
نواب چتائي پيءُ جي چهري کي ڏسي ٿو جنهن تي پيل گهنج اڃان به گهرا ٿي ويا آهن. پيرن تي هٿ رکي چويس ٿو، ”بابا دعا ڪجانءِ“.
”پٽ، الله جي دعا اٿئي.“
هي بوڇڻ سان بوٽ کي ڇنڊڪو ڏيئي گهر مان نڪري آيو.
سڄي رستي ۾ پيءُ جي لفظن جا پڙاڏا، سندس ذهن ۾ گونجندا رهيا. تان جو ميلو اچي ويو. هر طرف رڙيون ئي رڙيون، هوڪا ئي هوڪا،
”هلي آ ميلي جا مور هيڏانهن هلي آءُ“.
هي پهريان درگاهه تي حاضري ڀرڻ لاءِ وڃي ٿو. بوڇڻ سان پير سائين جي دروازي واري چائنٺ ڇنڊي اندر وڃي ڪنڊ ۾ ويهي، قل پڙهي، اولياءَ کي بخشي ٿو. ٻئي هٿ مٿي ڪري، اکين ۾ لڙڪ آڻي دعا گهري ٿو. ”اي الله جا پيارا، منهنجو حال توکي معلوم آ، منهنجي اندر متل هن طوفان کي تون کي ڄاڻين ٿو. جڏهن ته هي سارو لوڪ اهو ٿو چوي، ته نواب ۾ هاڻي اها رت ناهي رهي. مڃان ٿو اهو جوانيءَ وارو دم ناهي رهيو پر اڃان جذبو جوان آهي، مان پاڻ مان مايوس ناهيان، پر صرف مايوسي، اولاد جي مستقبل جي باري ۾ ٿي رهي آهي. نهال جي اسڪول جي في، گهر جو خرچ، اٿي ويٺي، ٻيو ڪو حيلو وسيلو ڪونهي، اوهان اوليائن جون درگاهون حيلو وسيلو آهن. اڄ ڪا واهر ڪر.“ ائين چوندي هن پاڻ کي بيوس ۽ لاچار سمجھيو. سندس اکين مان لڙڪ وهي پيا. ايتري ۾ بيا ملهه به اچي دعا گهرڻ لاءِ روضي ۾ پهتا. هي انهن کان ڳوڙهن کي لڪائڻ لاءِ بوڇڻ سان جلدي منهن اگھي ٿو. سڀ ملهه کيس جھڪي، ”پهلوان“ چئي ملن ٿا. هي سڀني جي پٺي ٺپي، پوئين پير روضي مان ٻاهر نڪري ٿو. ٻاهر نڪرڻ کانپوءِ کيس ائين ٿو لڳي ته سندس سينو ويڪرو ٿي ويو هجي.
سڀئي پهلوان گڏجي، ميلي ۾ لڳل بازارِ مان آستاني ڏانهن وڃن ٿا. کين پهريل ويڪريون هرک جون شلوارون کَڙ کَڙ ڪنديون ڄڻ سندن ڪڍ لڳيون ٿيون وَتن. ماڻهو ۽ دڪاندار کين جھڪي سلام ٿا ڪن ۽ مٺائيءَ وارا، هوڪن سان گڏ کين مٺائي کائڻ جي سکڻي صلاح ڪن ٿا. پر هي صرف هٿ مٿي ڪري ”مهرباني“ چوندا اڳتي وڌندا وڃن ٿا.
هي پنهنجو دٻدٻو ۽ شان ڏسي، اهو سوچي ٿو، .هي سمورو ڪرشمو اولياءَ جو آهي.“ اهو سوچي، سندس ذهن مان گذّريل سڀ وارتائون نڪري وڃن ٿيون. ائين اچي هي پِڙَ تي پهچن ٿا. چؤطرف ماڻهن جون ٽوليون ڪي گلمن تي ته ڪي تڏن تي ۽ ڪي رلين تي پنهنجيءَ پنهنجيءَ ڪرت ۾ لڳا پيا آهن. ڪي ڪونڊي ۽ ڏنڊي جي رڳڙي ۾ قابو ته ڪي سلفيءَ مان نڪرندڙ دونهين کي ڏسي مست لڳا پيا هئا ته ڪي وري تاس جي پتي کي ڌڪ هڻي پنهنجي ڪاوڙ لاهي رهيا هئا. هي چوڌاري نظر ڦيرائي مَنَههَ ۾ اچي بوڇڻ وڇائي ويهي ٿو. ايتري ۾ ميلا ڪميٽيءَ جو هڪ ماڻهو اچي کيس ڪن ۾ چوي ٿو.
”پهلوان هي ميلو استاد عبدالقادر جي پاڙي جو آهي. ان ڪري پهرين ملهه تنهنجي ۽ پوئين ملهه استاد عبدالقادر جي.“
اهو ٻڌي هي ارهو ٿي وڃي ٿو ۽ جذباتي انداز ۾ چوي ٿو، ”اڄ ڪا به سوديبازي نه ٿيندي، جي هن جي عزت جو سوال آهي ته منهنجي به زندگي ۽ موت جو سوال آهي. هر ڪنهن کي پنهنجي ٿي سُجھي، پر ٻئي جو خيال ڪنهن کي به ڪونهي؟“ هن جي تپي ڳالهائڻ تي ماڻهو جمع ٿي وڃن ٿا ۽ اهو همراهه کسڪي وڃي ٿو.
”افسوس آهي، هاڻي هن راند ۾ به سفارش ڪاهي پئي آهي، ملهون به وڪرو ٿيڻ لڳيون آهن. طاقت به پئسي ۾ خريد ڪئي وڃي ٿي. پوءِ هروڀرو ڇو ٿا ڌوڙ پايو، پئسي جي طاقت تي ميدان ماريو، ڇا جي پهلواني، ڇا جا داءَ؟“ ملهن جا پول کلڻ لڳن ٿا ته سڀئي پهلوان سري اچي کيس سمجھائڻ لڳن ٿا، ڇو ٿو وائکو ڪرين؟ هي اسان جي ٻچن جي روزي آ، ماڻهن کي خبر پوندي ته ڪير اعتبار ڪندو اسان تي، ڪير انعام اڪرام ڏيندو، ٻيلي ڏاهو ٿيءُ.“
ايتري ۾ ميدان مان ٽاهو وڄڻ جو آواز اچي ٿو ۽ شرناءِ مئل ڪوڪ ڪري مٿي وڄي ٿي. سڀئي ملهه بوڇڻ ڇنڊي اٿن ٿا. گهڻن ملهن جا منهن لٿل آهن. ميدان تي ٻانهيون ٻڌجي چڪيون آهن. پهلوان ٻانهيون چيري اندر ميدان ۾ داخل ٿين ٿا. بوٽ لاهي مٿن بوڇڻ رکي ويهي رهن ٿا.
ملهه شروع ٿي ٻه ٽي سنها جوڙ وڙهيا، ٻوڙ ٽوڙ شروع ٿي. اوچتو اعلان ٿيو، ”هاڻي چوٽيءَ جي ملهه ٿيڻ واري آهي. اوهان جي سامهون ٻه چوٽيءَ جا ملهه سندرا ساهيندا. استاد عبدالقادر ۽ نواب پهلوان. هاءِ ڙي نواب تنهنجي ملهه. ادا نواب به نواب آ، پر وري استاد عبدالقادر به عبدالقادر آهي. اڄ ميدان تي اهو فيصلو ٿيندو ته زورآور ڪير آهي؟“ اهو ٻڌي نواب جذبات ۾ اچي اٿڻ چاهيو ته چڪر اچي ويس. هي ٿاٻو سنڀالي اٿيو. قميض لاهي بوٽ جي مٿان رکيائين ۽ پٽڪو قميض جي مٿان رکي سندرو کڻي وچ ميدان تي آيو.
عبدالقادر ميدان تي پهتو ته تاڙيون وڄي ويون. ڇو ته اهو سندس تَرَ جو ميلو هيو.
نواب چتائي تاڙيون وڄائيندڙن کي ڏسي ٿو. هڪ دل چيس، ”جيڪر گاريون ڏيئي تاڙيون وڄائيندڙن کي چپ ڪرائي ۽ کين ٻڌائي ته جنهن لاءِ تاڙيون ٿا وڄايو اهو توهان جو پيءُ مونکان چڙهندو به صحيح.“ پر وري سوچي زهر جو ڍڪ ڀري کڻي ماٺ ڪيائين.
ايتري ۾ لائوڊ اسپيڪر تي اعلان ٿيو، ”هن ملهه تي ڏهه هزار رپيا انعام رکيل آهي، جيڪو پهلوان اها ملهه ماريندو ان کي اهو انعام درگاهه جو سجاده نشين پنهنجي هٿن سان ڏيندو.“ پوءِ هڪل ڪري دهل واري کي چيائين، ”ان خوشيءَ ۾ ٽاهو وڄاءِ.“ دهل واري دهل کي ڏونڪو هيو ته سڄي خلق وٺي تاڙيون وڄايون.
هن کي ياد آيو ته هي اهو ساڳيو ميدان آهي، جتي شمن شاهه بادشاهه سرور جتوئي کي ملهه ماري پاڻ ملهايو هو. اڄ اهو ساڳيو ميدان آهي. ماڻهن جا هشام، ڏهه هزار انعام، اڄ وارو اٿئي نواب، جي هيءَ ملهه ماريئي ته تنهنجي هاڪ هنڌين ماڳين هلندي. ۽ ٻچڙن جي اسڪول جي في به اڳڙي پوندي.
هٿ وجھندي ئي، هن، کڻي عبدالقادر کي گهمائڻ شروع ڪيو. گهمائي گهمائي جنهن مهل هيٺ لاٿائينس ته پڻهس جا چيل جملا ياد آيس، ”هن پٽڪي جي ورن جي لڄ رکجانءِ.“
دل ۾ آيس ته اٻهرائپ ڪرڻي ناهي. سو وري داءُ رکي عبدالقادر جو پاڻي ڪڇڻ لڳو. عبدالقادر جانٺو هنيس ته ڪڍرائي منڙي ڏنائينس، عبدالقادر ٿيڙ کائي پاڻ سنڀالي ويو. وري اچي ڄنگهه ۾ وچڙيس. هن ٽل ويڙهائي ته ڇو نه ٻي ڄنگهه ۾ جانٺو هڻي ڇڪي وڃي هڻانس. هي اڃان انهي ٽل ۾ هو ته عبدالقادر ڦٻائي جانٺو هڻي مٿو مٿي سان ملائي ٻوڙي لاٿس. پٽ تي ڪرڻ مهل هن رڳو شرناءِ جو آواز ٻڌو ۽ ماڻهن جون تاڙيون. هن ڪلهن ۽ ڄھنگهن کي زور ايندي محسوس ڪيا. هن پنهنجو پاڻ کي ڏسڻ جي ڪوشش ڪئي پر ڌنڌلائپ سبب پنهنجو پاڻ کي به ڏسي نه سگهيو.......