سفوران : ٽئين لَڙهي (ڪَڙي)
ربن ٿاٻو کاڌو، حسوءَ بسم الله چئي هٿ وڌس ته سٽ ڏئي ٻانهن ڇڏائي سڌو حويلي طرف پاچا ڪنجيندو نڪري ويو. حويليءَ ۾ دهل وڄڻ بند ٿي ويو هو. زائفون وات ۾ آڱريون وجھيون بيٺيون هيون. سهرن وارين مايُن دهل کي ڪپڙي ۾ پئي ٻَڌو.
امان الله خير ڪري!
وڏيريءَ، الائي ڪاڏي منهن ڪيو.
ربن ڪمري ۾ ويو جتي ڳاڙهو رئو پلنگ تي پيو هو. سونهري سئنڊل اونڌو لڳو پيو هو. جيڪو هُنَ سکر مان ساڍي ٽي هزارين آندو هو ـــ هو اڃا ٻاهر نڪتو ته سامهون سفوران نظر تي چڙهيس. هڪڙي دل چيس ته ٻئي هٿ ڳچيءَ ۾ وجھي کيس پورو ڪري، پر پڪ ڪرڻ تائين ارادي کي ٽي وي چئنل جيان مٽائي ڇڏيائين! هو وڌي وڃي واش روم تائين پهتو ته حسو اليٽري کڻي اچي واش روم ۾ هنئي. واش روم جو وڏو روشندان کليل هو. ربن روشندانُ ڏسي، پوئتي موٽ کاڌي ۽ ڪوٽ جي وٽ وٺي، گٽر جي دڪيءَ تائين پهتو، جنهن ۾ پلاسٽڪ جا پائيپ لٿل هئا. ۽ مٿان ٽانڪيءَ مان لوهه جون ٻه نڙيون هيٺ اچي رهيون هيون.
ڪمدار حسوءَ اليٽري هنئي ربن پائيپن ۽ لوهي نڙين کي ڏسي وري پوئتي موٽ ڪئي.
”اعتماد وارا ماڻهو ڪڍ....“!
”پيرا کڻو!“
ربن جي آواز ۾ لرزش به هئي ۽ ڏهڪاءُ به
حسو ڀڄي وڃي اوطاق ۾ پهتو، جتي ٻاٻرا ٽانڊا آخري پساهن ۾ هئا.
دير ئي ڪونه ٿي، بندوقون نڪري آيون، پنج ست ڄڻا اليٽريون هڻندا اڳتي نڪري ويا.
ربن جي هٿ ۾ دونالي بندوق اچي وئي، جنهن جا ڪارتوس چيڪ ڪري ربن بندوق بند ڪئي.
حسوءَ سان وسايو ۽ مير محمد گڏ گڏ هلڻ لڳا، ربن اڳيان هلڻ لڳو.
هڪ جاءِ تي ربن بيهي رهيو ۽ مير محمد ڏانهن منهن ڪري، ٻرندڙ اکين سان ڏٺو.
مير محمد جو ساهه سڪي ويو.
حسوءَ اک جو اشارو ڏنو ته مير محمد موٽ کاڌي.
حسو، وسايو ۽ ربن اڳيان ڀاڄ ويندڙ، همراهن جي ڪڍ لڳي پيا.
ٻُوڙن، ڪانڊيرن سان سٿيل رستو. جھنگ ۾ ٻرندڙ لائيٽون، سناٽو، ربن جي اندر ۾ ٻرندڙ باهه کي ڄڻ ٻَلُ ڏئي رهيو هو!
اڳيان ويندڙ همراهن، هِيڏي هِيڏي چئي ڪري رستو مٽايو. رستو درياءَ جي اڀ ڪپر تي اچي کٽو ـــ همراهن جمپ ڏئي پاڻ کي هيٺ لاٿو. روشنيون بند ٿي ويون اوندهه ڇائنجي وئي. ربن جون اکيون ٻرڻ لڳيون. هن حسوءَ کي رهڙ ڏني. ”بيٽري سامهون هڻ“ ــ ”ايڏانهن پنهنجي ماءُ کي ٿو ڳولهين ڇا“؟
بيٽري سڌي ٿي ربن ڄڻ ڊڪ ڀري ۽ ٻي لمحي هو ٽئي درياءَ جي اڀ ڪَپَرَ تي هئا.
هيٺان رحيمان جي گهر واري چمپل جو هڪ پادر کڻي ڀلارو مٿي چڙهيو.
”هي پادر ۽ رئو مليو آهي“. ڀلاري ربن کي ٻُڌايو.
ربن پادر ورتو ۽ گوڏن ڀر ويهي ٻنهي سٿرن تي هنيو.
هيٺان ماڻهو مٿي چڙهي آيا.
”وڏيري درياءَ حوالي ٿي وئي“ حسوءَ ڪنڌ جھڪائي روئڻهارڪي انداز ۾ چيو.
ربن اٿيو، بندوق جي سيف چاڙهي هن صرف هڪڙو فائر فزا ۾ ڇڏيو.
شڪر ٿيو. پير هڪڙو ئي هيستائين آيو نه ته هي ٻئي ڪارتوس پنهنجي سيني ۾ هڻان ها“.
ماڻهن جا ڪنڌَ هيٺ جھڪي ويا. سڀئي هارايل جوارين جيان پوئتي موٽيا.
رستي ۾ ڪنهن به ڪجهه نه ڳالهايو.
اوطاق ۾ کٽون اونڌيون ٿي چڪيون هيون.
ربن جيئن ئي اوطاق ۾ ٽپيو ته کٽون اونڌيون ڏسي ڪاوڙ ۾ لال ٿي ويو.
ماءُ مري وئي اَٿَوَ ڇا جو کٽون اونڌيون ڪيون اٿوَ“
منٽ ۾ کٽون سڌيون ٿي ويون، ربن ٻئي منڊا ملائي پٺيان ويهاڻو رکي کَٽَ تي ويهندي سوچ ۾ ٻڏي ويو.
ماڻهو ماحول ڏسي هوريان هوريان اوطاق مان نڪرندا ويا.
اڌ ڪلاڪ تائين ربن پاسو نه ورايو.
ڪمدار، حسوءَ جو ڪنڌ جھڪيل رهيو.
ربن رهڙ ڏيندي چيس ته: ”متان صبح سان ماڻهو وٺي درياءَ تي ويو آهين“.
”رحيمان ڄڻ ڄائي ئي ڪونه هئي“.
جملي تي حسوءَ صرف نظرون کڻي ربن کي ڏٺو، جيڪو اڃان آسمان ۾ نظرون وجھيون ساڳي حالت ۾ تارا تڪي رهيو هو!
صبح تي ربن مير محمد کي گهرايو.
مير اڄ کانپوءِ منهنجي نظر تي نه چڙهجانءِ..... سٺو اٿئي ته ٽپڙ کڻي ڪو ٻيو ڳوٺ وساءِ.
”مير محمد جي پيرن هيٺان زمين نڪري وئي“.
اڃا مير محمد خشڪ نڙي کي آلو ڪري ڪجهه چوڻ چاهيو ته سامهون اوطاق جي در تي اچي ڊبل ڪئبن بيٺي، جنهن مان اڌل شاهه لٿو. روشن جمپ ڏئي پٺيان گاڏيءَ مان لٿو ۽ اڌل شاهه جي ڪڍ. ربن تائين پهتو. روشن اتي بيٺل مامي کي نفرت ڀري نگاهه سان ڏٺو ۽ ربن سان نوڙي هٿ ملايو. ربن سندس ڪلهي تي هٿ رکي مير محمد ڏانهن ڏٺو.
اڌل شاهه ساڳي کٽ تي ويهي ربن جو هٿ پنهنجي هٿن ۾ ورتو.
”مهلون مڙسن تي اينديون آهن“ ڪني مڇي ڪُتي جو ڪُوت هوندي آ، ان کي جھير ڏئي لوڻ نه وجھڻو پوندو آ“. ان ڪري چوندا ـآهن ته مڇيءَ جي ذات ۾ ڏنڀرو ڀلو پوءِ به نَرُ ته آهي نه“.
اهي لفظ چئي اڌل شاهه روشن ڏانهن ڏٺو، جنهن شهپرن کي هلڪو هٿ هنيو. ”وڏا مون اڳ ۾ ئي هٿ ڌوئي ڇڏيا هئا ته جنهن ڪاريءَ کي تَڙُ ڏنو اها درياءَ ۾ لڙهندي“.
روشن جي جملي تي ربن کي جَڪَ ته گهڻا آيا پر ڪڇي نه سگهيو.
مير محمد، روشن کي ڏٺو، جنهن جي واتان ڳوٺ جي ابي امان جي لاءِ اهڙا لفظ نڪتا هئا!
اڌل شاهه وچ ۾ جملو اڇليو ڪو سمجھي ته ربن تون هن راڄ جو ابو امان ۽ لجپال آهين.
ربن شوڪارو ڀريو ”جنهن جي لڄ ته نه رهي هئي رڳو پال وڃي رهيو هو“
قبلا! اسان جو لڄپال تون آهين ربن ڌڪ بچائيندي جملو اڇليو.
اڌل شاهه ربن جي هٿ تي ٻيو هٿ رکي چيو ”ربن تڏهن ته وير ئي نه وڌم“ روشوءَ کي چيم ته سڄڻن تي ڪڪر جو پاڇو آيو آهي متان کنوڻ جو خوف ڪري“. گجڻُ ۽ وسڻُ ڇڏي ڏئي هل ته هلئون.
”کنوڻين جا خوف انهن کي ٿين جن جا ڪوٽ ڪچا هجن“. منهنجي پڪي ٻانهين تون ويٺو آهين، هاڻي کنوڻيون نه هجن يا گجگوڙيون ٿين. ربن ڪر کڻي جملو اڇليو.
”باقي منهنجون ٻه ڳالهيون“ روشن مهل تي جملو اڇليو.
ربن ڪنڌ مٿي ڪري مير محمد ڏي ڏٺو ــ ”ميروءَ کي ته مان هاڻي هاڻي چيو آهي ته پنهنجا ٽپڙ کڻ“
اڌل شاهه موقعو ڏسي وار ڪيو ”ربن مير محمد سڄي عمر تو وٽ رهيو آ، ابا ڏاڏا هڪ مقام ۾ دفن ٿيل اٿس. تون هن جو ڪعبو قبلو. ڪعبي کي پٺي ڪير ڏيندو“.
مير محمد سوچ ۾ پئجي ويو ۽ جملي تي غور ڪرڻ لڳو.
ربن ”قبلا سٺو اٿس ته هتان هليو وڃي. مون هن جي ڪري روشن کي پوئتي ڪيو. ان جو سِلو اُهو ڏنائين ته ”منهنجي ڌيءُ کي گهران نڪرڻ ۾ به هٿ هن جي گهر جو ٻڏل مليو“. ربن ڄڻ ميار ڏنس.
مير محمد وائڙو ٿي ويو.
ربن ڳالهه ته وڏي ڪري ڇڏيئه. ”مون اجايو توکي پارت ڪئي“ اڌل شاهه ٻيو وار ڪيو.
مير محمد جون ٻه به ويون ته ڇهه به ويون“. گوڏا کوڙي اڌل شاهه جي اڳيان ويهي رهيو.
بابا سائين مون وڏيرڪي در جو ٽڪر کاڌو آهي. مون کي اڪيلو نه ڪيو مان ابن ڏاڏن جا گهر ڪيئن خالي ڪيان؟“.
مان ڪاڏي دربدر ٿيندس؟
اڌل شاهه مير محمد کي ڄار ۾ ڦاسندو ڏسي. يڪدم کيس ٻانهن کان وٺي مٿي اٿاريو.
مير محمد توکي اسان اڪيلو ڪونه ڪنداسين، تون اسان جو حصو آهين!
اڌل شاهه ربن ڏانهن منهن ڪندي چيو. ته مير محمد سان ڳالهيون ڪر مان پاڻ انهن ڳالهين ۾ هوندس اسان مير محمد جي پاران ذمو ٿا کڻون ته جيڪي مٿس ڳالهيون بيٺيون انهن جو حساب هي ڏيندو ضامن مان آهيان.
هڪ ئي ڌڪ ۾ اڌل شاهه ٻه شڪار ڪيون گاڏيءَ ۾ چڙهيو هليو ويو.
دادن ويڻيءَ ۾ ٻڌل ست رنگي ڳاني کي سٽ ڏئي ٻرندڙ باهه ۾ وڌو، جيڪو سڙي خاڪ ٿي ويو. ۽ اها خاڪ ميڙي تماڪ سان مليل چرس سميت سُلفيءَ جي ڦُلَ ۾ وڌي ۽ هنيانءَ جي باهه کان ڀري وزم هنيو ته ڳاني جي خاڪ جو هُڳاءُ سندس اندر ۾ لهي ويو. هن پٽي گار ڀلاري کي ڏني. جوءِ جا..... تو واري نڀاڳ منهنجو به گهر خاڪ ڪري ڇڏيو.
ڀلاري وڏو ٽهڪ ڏنو.... تو وٽ گهر هيو ڪاٿي؟ پڻهين جي ملڪيت ربن هٿ ڪئي. ڳوٺ جو وڏيرو ٿي ويهي رهيو. تون سدائين اسان جي ڳچيءَ ۾ هيڏي ملڪيت هوندي به سدائين پوتڙو ڪلهي تي ۽ وزن اسان تي.
دادن کي جواب ذهن تي چڙهيو. پر اکين اڳيان صرف دونهون نظر آيس!
چاچو به ڇا ڪري؟ هو ته مونسان سچو آهي. خداءِ سان گڏ قلندر ڪو پُڄي رحيمان کي، جيڪا جڳهو ئي مسيت ڪري وئي.
اڙي مئخانو چئه مئخانو ٻڌئي نه ڪو ڪَٽڙُو.ڀلاري سُلفيءَ جو ڪپڙو ٺاهيندي چيس.
”مئخانو ته پنهنجو ڏاج آ ان کي ڇو ٿو خراب ڪرين؟
چڱو ٿيو جو ٻُڏِي مُئي. هيڏي ڪهڙو تَري هان“ دادن سٽ ڏئي ڀلاري کان سُلفي کَسي.
تون ڪڏهن کان ڪٽڙو ٿيو آهين“ هنيانءَ تي ڇنڊو وجھڻ بدران ٽانڊا ٿو رکين!
ڀلاري جو وزم ويندي ڏٺو ته يڪدم پاسو مٽايائين ”دادن توکي ڌڪ تازو آ مون وارو ته ناسور ٿي ويو آ. مون سان سؤٽِ گهٽ ڪئي. مري وئي وڍجي وئي پر ڀلاري جي ڀر نه ورتائين، نڀاڳ چوٽ چڙهيل هئس.
دادن ٽهڪ ڏنو. ”اڙي ڪڏهن ملياڻيءَ ۽ مواليءَ جو نڪاح ٻڌئي“.
ڀلارو ڪنڌ لاڙي ويهي رهيو ته دادن سلفيءَ جو ڪپڙو ٺاهي. صفا سَرِ ڪري ڦوڪ لاءِ وڌايُس. ڀلاري اهڙا ٻه ٽي دوگاڙا هنيا جو هنياءُ ٺري پيس.
۽ پنڪين ۾ ڪلام شروع ڪيو. ”ڇا وڃي اسان جو زماني سان ـــ سِرُ لڳي پنهنجو مئخاني سان“. زماني جا غم مئخاني ۾ لڳل گوار ٻوٽيءَ جي خاڪ ۾ دفن ٿي ويا. حق حق جا نعرا گونجي اٿيا.
مير محمد سومهياڻيءَ جو گهر آيو ته مِيسَ ئي مئل هئس. جوڻس سري اچي پيراندي ورتي. سفوران جا پيءُ خير ته آهي“
”ڇڏي سگهندينءَ اباڻا ڪک؟“ مير محمد جي اکين ۾ پاڻي ڀرجي آيو.
”هي تون ڇا ٿو چوين“.... ڇا ٿيو آهي؟
وڏيري چيو آهي ته ٽپڙ کڻ....
صابل جي هنيانءَ ۾ هٿ پئجي ويو. ”سفوران جا پيءُ پر ڇو ٽپڙ کڻوڻ؟!“.
اهو سڄو الزام هِن تو واري ڇوريءَ تي لڳو آهي ته رحيمان کي ان ڀڄايو آهي.
آهي ڪا عقل جي ڳالهه ـــ هيءَ ڇو ڀڄائيندس! صابل صفائي ڏيندي وراڻيو.
هڪڙي پاسي عطا محمد وارو الزام لٿو ئي ڪونه ته وري هي ٻيو الزام مان وڃان ته ڪاڏي وڃان.“
توکي خبر ناهي ته عطا محمد تي هنن پنهنجو سر بچائڻ لاءِ الزام هنيو هو نه اسان گهر ڪئي، نه اسان جي مَن ۾ ڪا ڳالهه هئي ـــ اها سڄي تنهنجي ڀيڻ جنهن ناحق نالو کڻي اسان کي آزار ۾ وڌو.
هن کي ڪهڙي خبر ته هي ”لانگھڙ لاهه ٿي بيهندا“ مير محمد ڪاوڙ ۾ جواب ڏنو!
مون کي جي لَڏڻو پيو ۽ هي گهر ڇڏڻو پيو ته ڇڏيندس، پر انهن جا منصوبا مٽيءَ ۾ ملائيندس! صابل پنهنجو فيصلو ٻُڌايو.
ڪاڏي اباڻا ڪک ڇڏي دربدر ٿينداسين. ابو هتي امان هتي. ڀائر هتي دفن ٿيا. هجئون هندو ته رک کڻي هلي درياءَ ۾ وجھون! مير محمد لاچاري ڏيکاري.
هي ڪهڙي مسلماني. هي ڪهڙو دين ايمان، جو ناحق ويٺا چٽيون ڀريون، صابل نڪ ۾ لهي ايندڙ پاڻيءَ کي رئي جي ڪنڊ سان صاف ڪيو.
ٿوڻين تي ٺهيل ورانڊي ۾ سفوران ڪَنُ ڏئي ماءُ پيءُ جي گفتگو ٻڌي رهي هئي!
ڀلا جي چٽي پئي ته ڀرينداسين. پر پنهنجن کان ڪونه ڇڄنداسين. پنهنجا ماري ڇانوَ ۾ ته ڦٽو ڪندا. مير محمد فيصلو ٻڌايو.
اها ڪهڙي ڇانوَ جيڪا مُئي کان پوءِ ملي. صابل جي اکين جا ڇپر ڳورا ٿي ويا.
مان ته هي گهر ڪونه ڇڏي سگهندس!
خبر ٿئي مان ڏهن سالن ۾ هي گهر ٺاهيو هو. صرف ان ڪري ته هتي امان مرحيات مون کي ڄڻڻ مهل سور کاڌا هئا. ۽ منهنجي اورَ هتي پوري هئي“. مير محمد سبب ٻُڌايو.
ٻه سال ته مان ڀي گڏ هن جيان مٽي ڍوئي هي ڍورو ڀريو هو، جتي اڄ کٽ رکيون ويٺو آهين. الائي ڪيترا ڀيرا ته مونکي ڇڪي پئجي وئي هئي. صابل ڄڻ مٽو مٽ ٿيڻ چاهيو.
بهرحال ڳالهيون رکبيون ـــ فيصلو اڌل شاهه ڪندو. جي برادري ڏنڊ ڏوهه رکيو ته مونکي ڀرڻو پوندو. ائين ڀاڙيو ٿي ڪونه ڀڄندس/لوڪ جا طعنا مهڻا ڪونه کڻندس..... ۽ ها پنهنجي ڇوريءَ کي سمجھائي ڇڏ. ڪير جوئر پوکي يا ڪڻڪ هروڀرو هيءَ کانڀاڻي کڻي واهپ نه ڪري! ائين چئي مير محمد اجرڪ اوڍي ڊگهو ٿي سمهي پيو.
صابل کٽ تان اٿي ته کيس ٿيڙ آيو. ڄڻ گهر جو ٿلهو پرائو ٿي کيس ڌڪي رهيو هو.
هن وَٽي ۾ پاڻي اوتي پيتو ۽ کٽ تي ويهي پوتيءَ سان ڇڪي مٿو ٻڌو.
سفوران جي اکين مان ننڊ ڪارڙي تتر جيان ڀڙڪو ڏئي اڏامي وئي.
هڪڙي هفتي ۾ راڄ مڙيو. ربن جي اوطاق ماڻهن سان سٿجي وئي.
پهريان مولوي بدر الدين جو بيان ٿيو ته ”منهنجي ڇوڪر حليمان الزام تي مُئي. منهنجي پٽ روشن کي شڪ هو ته مير محمد جو پٽ عطا محمد منهنجي ڀيڻ کي پسند ڪندو آهي ۽ ڇوڪريءَ به ان ڪري منهنجي ڀائٽي ڀلاري سان شآدي ڪرڻ کان انڪار ڪيو. جنهن تي قتل ٿي وئي“.
ٻيو بيان ربن جو ٿيو جنهن چيو ته ”حليمان جي قتل وقت مير محمد جي ڇوڪري منهنجي ڌيءُ وٽ پهتي، جنهن کي ورغلائي وٺي وڃي ڪاريءَ کي تڙ ڏياريائين ۽ بغاوت جو ٻج ڇٽيائين. وري مون پنهنجي ڀائٽي دادن کي سڱ ڏيڻو ڪيو ۽ شاديءَ جون تياريون ڪيون. رسمن واري رات مير محمد جي ڌيءَ سفوران لاءِ لوئي کڻي آئي ۽ منهنجي ڌيءُ کي ورغلائي ڀڄڻ تي مجبور ڪيائين. ۽ ڀڄي وڃي درياءَ ۾ ٽپو ڏئي مري وئي“.
مير محمد گهڻو ئي لڇيو ڪڇيو، ڦتڪيو ته مٿس گهر ويٺي الزام لڳايا ٿا وڃن، جن سان سندس ڪو تعلق ناهي پر اڌل شاهه اکيون ڦوٽاري اعلان ڪيو ته سڀئي الزام آخر مير محمد جي ڇوڪريءَ مٿان ڇو لڳا آهن. هوءَ ڏوهارڻ آهي. تنهن ڪري مير محمد پنهنجي نياڻيءَ جو سڱ ڇُوڪرِ حليمان جي قتل ٿيڻ واري چٽيءَ ۾ مولوي بدر الدين جي پٽ روشن کي ڏيندو.
جڏهن ته مير محمد جي ڇوڪري سفوران، شادي کانپوءِ وڏيري ربن جي گهر ۾ رهندي ڇو ته ربن جي گهر کي هلائڻ واري ڇوڪر رحيمان سفوران جي ڪري وسندڙ گهر ڇڏيو ۽ آپگھات ڪيو ۽ ان ڳالهه تي روشن به ارهو نه ٿيندو ـــ هو جڏهن ڳوٺ ايندو ته سفوران کي پنهنجي گهر وٺي ويندو.
اهڙي فيصلي تي ربن جا هيٺ لٿل شهپرڦڙڪڻ لڳا ۽ ڪمدار حسوءَ ڏاڍيان واهه واهه ڪئي ۽ اڌل شاهه جي فيصلي جو دادُ ڏنو. مٺائي ورهائجي وئي. ٻه لڏون مير محمد انگوشي جي ڪنڊ ۾ ٻڌي گهر پهتو.
هڪڙو لڏون صابل کي ڏنائين ۽ ٻيو لڏون سفوران جي وات ۾ وجھي چيائين ته: ”جي توکي پيءُ جي عزت پياري آهي ته پنهنجو وات بند رکجانءِ“.
سفوران اوڪارا ڏئي لڏون ڪڍي ڇڏيو اکيون پاڻيءَ سان ڀرجي آيس“.
هڪڙي مهيني ۾ ئي. سڀئي سانگ رچايا ويا. ڪاڄ ٿيو. ربن جي اوطاق تي شرناءِ وڳي ـــ دُهلَ تي ڌَمالَ لڳي.
مئخاني ۾ ڀلارو ۽ دادن ٻکين پيا. خوشيءَ ۾ کليا جھمريون هنيائون.
مسين ڪا هرڻي ڄار ۾ ڦاٿي هئي.
روشن موڙ ٻڌا. صابل مٿو ڇڪي رئي سان ٻڌو. ڳاڙهي قرآن هيٺان ٽپا ئي سفوران کي روشن جي حوالي ڪيو.
روشن سفوران جي بي سَتي جسم سان سڄي رات، ستو رهيو. جنهن تي خار به ڏاڍا آيس هڪ دل چيس ته ڪهاڙي کڻي جسم کي ٽڪرا ٽڪرا ڪري، ڇڏيانس پر ان ۾ به سندس فتح هئي، ته هن هڪ عورت جي هٺ ۽ غرور کي ٽشو پيپر جيان استعمال ڪري مروڙي ڦٽو ڪيو آهي.
روشن هليو ويو ته سفوران وڏيري ربن جي حويليءَ ۾ آندي وئي، جتي اوطاق جي نوڪرن ڪاراون، ڪمدارن جي ماني پچائڻ لڳي، رات جو ربن کي زور ڏئي. سمهاري پوءِ وڃي چيلهه سڌي ڪندي هئي.
هڪ ڏينهن وڏيري ربن ڪارو پٿر گھوٽي مينديءَ ۾ ملايو ۽ وارن کي ڪلر ڪرڻ لاءِ سفوران کي سڏيو. سفوران وارن کي رنگ ڪيو. ان دوران ربن جون نظرون سندس سڄي جسم جو جائزو وٺنديون رهيون.
سج لڙي، لهي ويو. ربن تڙ ڪري ڪلر لاٿو ۽ چلهه تي ويهي جسم کي سيڪا ڏنا ۽ پاڻ کي گرم ڪندو رهيو، ته اوچتو روشن اچي ٺڪاءُ ڪيو. ٻرندڙ بنڊيءَ تي پاڻي هاري ربن اٿيو ۽ ٿيڙ کائيندو ڪمري ۾ وڃي پلنگ تي ڪريو.
سفوران ڪاري پٿر واري ٿيلهي چادر ۾ لڪائي روشن جي ڪڍ لڳي گهر پهتي، جتي هن پَليءَ جو ساڳُ ٺاهيو. هن مڙس کي ماني کارائي. کير جو وٽو ڀري پياريو. روشن گهڻو خوش هو ته سفوران هاڻي ڌڪ پچائي وئي آهي ۽ سندس رويو درست ٿي ويو آهي. جھٽ کانپوءِ روشن هڪ وڏي الٽي ڪئي ـــ سائي پلي سندس وات سان گڏ ناسن مان به پاڻي ٿي نڪتي.
مولوي بدر الدين پٽ جي اها حالت ڏٺي ته مٿس آية الڪرسي ۽ ياسين جو ورد ڪيو. اڃا صراط مستقيم لفظ تي پهتو ته روشن وڏو اوجھڪارو ڏنو ۽ ٿڌو ٿيندو ويو. سفوران زور سان پير کي زمين تي هنيو ۽ چپ ڀيڪوڙي وڏي گار چپن کان پوئتان موٽائي ڳهي ڇڏي....!