ڪھاڻيون

موٽي ايندس مان

هي ڪتاب ليکڪ ۽ ڪهاڻيڪار ابراهيم کرل جي ڪهاڻين جو مجموعو آهي. ابراهيم کرلَ جون ڪهاڻيون ڌرتيءَ جون ڪهاڻيون آهن ۽ ڪردار پڻ مٽيءَ جي خوشبوءَ کي سمائي ديسَ جون وارتائون بيان ڪندي چرپر ڪن ٿا. سماج جا عڪس ۽ اولڙا پسائين ٿا. ڏک ۽ سک پڙهندڙ سان شيئر ڪن ٿا. جنهن مان ابراهيم کرل جي مشاهدي جي پروڙ پوي ٿي. ابراهيم کرل جي ٻولي ڏاڍي وڻندڙ ۽ خوبصورت آهي ائين ٿو لڳي ته ڪردار اسان جي سامهون بيان ڪري رهيو آهي.
Title Cover of book موٽي ايندس مان

موٽي ايندس مان

رات جا ٻه ٿي ويا آهن پر هن جي نيڻن مان ننڊ اڏامي وئي آهي. ڪمري ۾ پيل بيڊ به هن کان لاتعلق لڳو خاموشيءَ مان لطف اندوز ٿي رهيو آهي. رولنگ چيئر تي ويٺل يعقوب سگريٽ مان وڏو ڪَش ڀري فضا ۾ ڇڏي ٿو ته دونهون ڪنهن تجريدي آرٽ جي اسٽروڪن جيان هيٺ مٿي ڦهلجي وڃي ٿو. سندس پٽ فهيم اڃا تائين دوستن جي ڪچهريءَ مان واندو نه ٿيو آهي جو هن مهل تائين گهر نه پهتو آهي. سندس پٽ جي اها روٽين ٺهي وئي آهي ته هو رات جي ماني کائي ڳٽڪو وات ۾ وجھي. موٽر سائيڪل کي ڪڪ هڻي نڪري ويندو آهي.
پٽ جي ڳٽڪي کائڻ جي خبر جڏهن هن کي پئي هئي ته کيس سمجھائيندي پنهنجي زال جي موجودگيءَ ۾ هن چيو هو:
”فهيم هي تون ڪهڙيون عادتون شروع ڪري ڇڏيون آهن؟ نه تنهنجي بابي گٽڪو کاڌو نه ڏاڏي“
فهيم ڪنڌ هيٺ ڪري وراڻيو هو ته:
بابا سائين مون ڪڏهن توهان کي چيو آهي، ته توهان سگريٽ ڇو ٿا پيئو؟“
هن زال جي منهن ۾ ڏٺو هو: ”جنهن جي چپن تي مرڪ هئي“.
هن جو ڪنڌ ازخود جھڪي ويو هو.
وري جڏهن رات جو دير تائين ٻاهر رهڻ کان منع ڪئي هئائينس ته فهيم هڪڙو ئي جواب ڏنو هئس ته:
”بابا سائين اوهان هروڀرو ٿا ڳڻتي ڪيو توهان ماٺڙي ڪري سمهي پوندا ڪريو مان چاٻي پاڻ سان کڻي ويندو آهيان، در کولي گاڏي اندر ڪندس ۽ سمهي پوندس“. کيس ياد اچي ويو هو ته ڪيئن بابو مرحيات سج لهڻ سان ئي لٺ کڻي نڪري پوندو هو ۽ دوڪان تان اٿاري ماني کارائي سمهاري پوءِ وڃي سمهندو هو“.
هن ڀيري به پٽ جو جواب ٻڌي هو ڪجهه نه ڪڇي سگهيو هو ۽ شڪر ڪيو هئائين ته هن ڀيري سندس سامهون زال سامهون ڪونهَ هئي، نه ته هُنَ جي مرڪَ سندس اندر کي الائي ڪيترا ڏنڀ ڏئي هان!
اهي ٻئي واقعا هن جي ذهن تي ائين تري آيا جيئن سائبريا جا ٻه اڇا پکي سنڌ جي ڪنهن ڍنڍ جي پاڻيءَ تي تري رهيا هجن.
يعقوب اٿيو ته ويلنگ چيئر جي اسپرنگ مان هلڪو آواز آيو.
هو ڪمري مان نڪري در تائين ويو. در بند هو ۽ موٽر سائيڪل ڪونه هئي.
پٽهنس اڃا واپس ڪونه ٿيو هو.
هي اچي بيڊ تي ويٺو ته بيڊ مان ٿورو آواز آيو. ڄڻ بيڊ سندس اچڻ جي آجيان ڪئي هُجي ۽ خاموشيءَ مان تنگ ٿي پيو هُجي.
هن زندگيءَ جا پنجويههَ سالَ هن گهر کي ڏنا هئا. سرديون، گرميون، بهارَ، خزائون ڏٺيون هيون هن نم جي پتن کي پيلو ٿيندي ڇڻندي ڏٺو هو ۽ وري گونج نڪرندي سائو چهچ ٿيندي ڏٺو هو. ٻور کان نمورين ٿيڻ تائين ۽ پڌر ۾ پکڙيل نمورين تي پير اگھاڙي گهمندي پاڻ کي هلندي ۽ پيرين ۾ چڀندي محسوس ڪيو هيائين.
ڀڄ ڀڄان، وٺ وٺان ۽ مشين جيان زندگي، گذاري هئي. هن پوئتي مڙي نهاريو به ڪونه هو ته جنهن گهر کي ڇڏي هي شهر نڪري آيو هو، اتان جي موسم ڇا هوندي اتي گهر جو پڌر ڪيئن هوندو، جنهن تي هن بانبڙا ڏنا هئا. چيڪي مٽي کاڌي هئي ۽ ڀڄندي ڪريو هو ته کاڏيءَ ۾ ٺڪري چڀجي وئي هئس، جنهن کي ماڻس ڇڪ ڏئي ڪڍيو هو ۽ سرمو وجھي سندس رت بند ڪئي هيائين:
هن کي پنهنجي پيءُ جو پيار ياد اچڻ لڳو، جيڪو کيس سڏي ڀر ۾ ويهاريندو هو ۽ زماني جون ڳالهيون ٻڌائيندو هو ته وڏن جو ادب ڪجي کٽ تي انهن جي مٿي کان نه ويهڻ گهرجي، مِٽَ مائٽ اوڙي پاڙي لاءِ اکين ۾ لڄ رکجي، وڏي آواز سان نه ڳالهائجي، ڪو ڪم چوي ته منهن ۾ گُهنڊ نه وجھجي، نوڙي ۽ جھڪي سلام ڪجي. هڪ جيڏن سان گار گند نه ڪڍجي، استاد جي سامهون نه ٿجي، اوطاق تي ايندڙ مهمانن جو خيال رکجي، وڏن جي وچ ۾ نه ڳالهائجي. نه ئي ٻاهر جي ڳالهه گهر ۾ ڪجي ۽ نه وري گهر جي ڪسي پڪي ڪنهن ٻاهر واري سان سلجي“.
اڄ اهي سڀ ڳالهيون کيس ڇو ياد اچي رهيون هيون. هن غور ڪيو شايد ان ڪري ته پٽ سندس پير تي نه هلي رهيو هو، هو شهر جي پڪن رستن تي گاڏي ڀڄائي رهيو هو. هن وٽ موبائيل اچي وئي هئي، جنهن ۾ هو 24 ڪلاڪن مان ويهه ڪلاڪ ويهي، يارن دوستن سان ڳالهيون ڪندو هو. وڏا وڏا ٽهڪ ڏيندو هو ۽ گهر ۾ موجود ڀاتين جو خيال نه ڪندو هو. ۽ نيٽ تي ٿيندڙ فحش حرڪتن کي لائيڪ ڪرڻ لڳو هو. وقت سان گڏ پئسي جو زيان ڪري رهيو هو، جنهن کي حاصل ڪرڻ لاءِ هن ڏينهن رات هڪ ڪري، صرف ان لاءِ گڏ ڪيو هو ته سندس اولاد سُکي رهي. انهن کي هن دؤر ۾ تڪليف نه اچي.
پنهنجي پلان ڪيل زندگيءَ ۾ هن کي مسلسل هار سان منهن ڏيڻو پئجي رهيو هو. يا زمانو بدلجي ويو هو يا هو بدليل حالتن سان ايڊجسٽ نه ٿي رهيو هو. ٻنهي مان ڪا ته ڳالهه هئي جيڪا کيس مسلسل سوچڻ تي مجبور ڪري رهي هئي. ڪو وقت هو ته سندس گهر ۾ گڏيل دستر خوان لڳندو هو. سڀئي گڏجي جڏهن ماني کائيندا هئا ته هڪٻئي جي انداز تي نظر رکندا هئا. هو ٽنهي ٻارن کي ماني کائڻ جا انداز سيکاريندو هو، مانيءَ جو صرف وچ نه کائجي، ڪنا رهائي نه ڇڏجن. چمچي سان گهٽ هٿ سان ماني کائو. هٿ ڌوئي اچو، بسم الله پڙهو. ترين جي ٺيڪ تي نه ويهو. پاڻي وچ ۾ پيئو. مٿان نه پيئو. ڀڄ ڀڄان ۽ وٺ وٺان جي دؤر ۾ دسترخوان وڇائي ماني کائڻ جو رواج نڪري ويو. پراٺن جي جاءِ سلائيز اچي ورتي جئم هنئي هٿ ۾ سلائيز کنئي اسڪول يا ڊيوٽي تي ويندي هلندي سلائيز کاڌي نه کاڌي هرڪو نڪري ويندو هو هو سلائيز جي ٽڪرن کي ڏسي ٿڌو ساهه ڀري نوڪريءَ تي نڪري ويندو هو. ۽ کيس ڳوٺ ياد اچي ويندو هو“. پڻهنس لٺ کٽ جي واڏڻ ۾ وجھي ويٺو هوندو هو. جيستائين ٻار پراٺا وٺي مٿان ڦٽي مکڻ جي رکي لسي جو گلاس ڀري نيرن نه ڪندا هئا تيستائين ويٺو ڏسندو هئن، مجال آ جو بنا نيرن جي ڪو ٻار گهر مان ٻاهر نڪري“.
اهي سڀئي عڪسَ يادون هن جي ذهن جي ڪنڊ مان اڄ اوچتو ڇو اٿل کائي سندس سوچ کي ٻوڙي رهيون هيون. هو پراڻا وَٽَ سنڀالي رهيو هو.
ڪيئن صبح سوير اٿندو هو نماز پڙهڻ کانپوءِ جڏهن، حافظ نور محمد کين سيپارو پڙهائيندو هو ـــ ڳوٺ جا سڀ ٻار ڇوڪرا ڇوڪريون لائين ٺاهي ويهندا هئا ۽ مليل سبق ياد ڪندا هئا ۽ مسجد مان ٻارن جي پڙهڻ ۽ هِجي ڪرڻ جا آواز گهرن تائين پهچندا هئا. رکي رکي حافظ نور محمد جي ڪنهن ٻار کي ڪنڌ نوڙائي ڪنڊي ۾ مُڪَ هڻڻ جو آواز گونجندو هو ته سڀني ٻارن کان ڄڻ ڇرڪ نڪري ويندو هو ۽ هو زور سان پنهنجو سبق پڙهڻ لڳندا هئا.
يعقوب اڪثر پنهنجي سڳي سؤٽ راڻيءَ سان گڏ ويهندو هو، جيڪا وقفي وقفي سان ٺونٺ هڻي اکر اکر تي هٿ رکي ان جي هِجي ڪرڻ بابت پڇندي هئي ۽ هي ڪَن ۾ هوريان کيس اکر هِجي ڪري ٻڌائيندو هو. ٻاهر نڪرڻ مهل راڻي کيس چيڙائيندي هئي ته مونکي ته سبق ياد هو، مان ته هروڀرو پئي پڇانءِ. ۽ هي ان جي ڪڍ پئجي ويندو هو ۽ راڻي ڊُڪي وڃي ماءُ جي ڪڇ ۾ لڪندي هئي. راڻي جيڪا سندس سڳي سؤٽ هئي. هڪ گهر ۾ پلي نپني، کيڏي ڪُڏي، وڏي ٿي هئي.
راڻيءَ کي به ته هي ڇڏي شهر نڪري آيو هو. بلڪه نڪتو ئي راڻيءَ جي ڪري هو. جڏهن گهر ۾ راڻي ۽ سندس لاءِ ڳالهيون هلڻ لڳيون هيون ته هاڻي يعقوب نوڪريءَ سان به لڳي ويو آهي ۽ راڻي به ڪيترو ويهي انتظار ڪندي، هڪ نه هڪ ڏينهن ٻنهي کي شادي ته ڪرڻي آهي. اهي سڙٻاٽ ٻڌي هن جو مٿو چڪرائجي ويو هو. هن کي ڪا ڳالهه سمجهه ۾ نه پي آهي ته هن جو نڪاح راڻيءَ سان ٿيندو جنهن کي هن هميشه ڀينرن جيان ڏٺو آهي. ڀينرن جيان پيار ڪيو آهي. هي پنهنجي اهڙي پيار کي شاديءَ واري ٻنڌڻ ۾ ڪيئن ٻڌي سگهندو؟ ۽ پوءِ جڏهن سوچي سوچي ان هڪڙي ڳالهه تي پڪو پختو بيٺو ته هو راڻي سان شآدي نه ڪندو ته سڀني جي وات ۾ آڱريون اچي ويون هيون. پڻهنس اهڙي جواب تي کٽ جي واڏڻ مان لٺ ڪڍي هئي ان کي به هِنَ اهو چيو هو ته: ”لٺين جا آهوڙا وساءِ پر ادي راڻيءَ سان شادي نه ڪندو مانءِ“ اهڙو جواب ٻڌي پڻهنس کڻي لٺ واڏڻ ۾ وڌي هئي هٿيار ڦٽي ڪيا هئائين ۽ ڀاءُ جي گهر وڃي هيٺ ويهي رهيو هو“. ادا مان تنهنجو ڏوهي جيڪا سزا مقرر ڪرين مان حاضر ڇورو ڀڙ ڪڍي بيٺو آهي ته راڻي منهنجي ڀيڻ آهي“.
هن ان راڻيءَ سان شادي ڪرڻ کان انڪار ڪيو هو، جيڪا قرآن پڙهڻ ويل حضرت يوسف ۽ زليخان جي قصي پڙهڻ وقت يعقوب نالو پڙهڻ ۾ به لڄ ڪندي هئي ته ڪيئن هوءَ پنهنجي ٿيندر مڙس جو نالو زبان تي آڻي. حافظ نور محمد جون مڪون برداشت ڪيو هئائين. پر يعقوب نالو زبان تي نه آندو هئائين! مولوي نور محمد ورجائيندو رهيو هو ته ”يعقوب وَاِز نادا رَبَہُ“ پر هن صرف واِز نادا رَبہُ ئي پڙهيو ٿي. پر يعقوب نٿي پڙهيو.
سبق تان موٽندي هن کيس ڏاڍوپ تنگ ڪيو هو ته توکي يعقوب هِجي ڪرڻ نه پي آيو.
راڻيءَ ڪاوڙ ۾ کيس مڪون وهائي ڪڍيون هيون!
هي راڻيءَ جي اهڙن احساسن کي به سمجھي نه سگهيو هو.
اڄ جڏهن سندس گهر جي ڀاتين هن جي احساسن کي نه سمجي سگهيو هو ته کيس راڻيءَ جا احساس ياد اچي رهيا هئا!
ڇا راڻي مونکي ايترو چاهيو هو، منهنجي تصوير کي ايترو ذهن ۾ سجايو هو.
منهنجي تصور کي ايترو پاڪ سمجھيو هو جو منهنجو نالو به نه کڻي سگهي هئي.
ان جي ڀيٽ ۾ هِنَ گهرواريءَ يعقوب مان يعقو بڻائي ڇڏيو هوس. جنهن سان مون پيار مان شادي ڪئي. جنهن کي مون ايترو چاهيو جو پنهنجن پيار ڪرڻ وارن رشتن کان الڳ ٿي. سندس هر خواهش پوري ڪئي.
ڇا اهي سڀئي قول قرار، قربانيون کانئس وسري ويون. مون گهر ڇڏيو. ابو امان ڇڏيا. ڀائر ڀينر ڇڏيا. اَبُو انهيءَ سور ۾ ٽن سالن اندر وڃي قبر پهتو.
”وصيت ڪري ويو ته يعقوب منهنجو منهن نه ڏسي“.
اهڙي وصيت ٻڌي امان سندس آڏو گڙ گڙايو هو ته يعقوب جا پيءُ هي تون ڇا چئي رهيو آهيين پنهنجي پٽ لاءِ ائين چئي رهيو آهين جنهن کي هنج تي کڻي گهمايو اٿئي، جنهن کي ڀر ۾ ويهاري پيار ڪيو ٿئي. ان پٽ لاءِ تون زبان مان اهڙا لفظ ڪڍيا آهن.
پڻهنس جي زبان بند ٿي ته وري نه کلي ۽ هو موڪلائي ويو.
”اهي لفظ به کيس راڻيءَ ٻڌايا هئا جنهن وقت هو مئل پيءُ جي مٿان پهتو هو“.
سندس پيءُ جي مُئي کانپوءِ راڻيءَ جي شادي طئه ٿي هئي. چاچي ٽانگي تي چڙهي اچي کيس سڏ ٻڌايو هو ته راڻيءَ کي اٿاريان ٿو. راڻيءَ جي خواهش آهي ته تون پنهنجي هن ڀيڻ کي اچي هٿن سان رخصت ڪر“. مان تنهنجي ان قول کي پاڻي ڏيڻ ٿي چاهيان ته تون مونکي پنهنجي ڀيڻ سمجھندو آهين“.
ان ڏينهن ڪيڏو گهر ۾ فساد ٿيو هو. ڪيڏيون تهمتون لڳيون هئس ته اها راڻي اڃان تنهنجي پچر ڇو نه ٿي ڇڏي“. هن پاڻ کي رشتن جي اهڙي ڄار ۾ ڦاسندي محسوس ڪيو هو جنهن ۾ ويساهه جي ڪا به دري لڳل ڪونه هئي جنهن مان نڪري هو پاڻ بچائي سگهي.
راڻيءَ جي شاديءَ واري رات هو، ڀٽائي جي درگاهه تي نڪري ويو هو. فقيرن وائي پي ڳائي ”آيل منهنجو روح اپليو نه ٿئي“”
ٻئي ڏينهن جڏهن هارايل جواريءَ جيان گهر موٽيو هو ته ”طعنن جو هڪ ڊگهو هار سندس ڳچيءَ ۾ پيو هو“ ويو هنئين پنهنجي محبوبه جي شاديءَ ۾“.
ان ڏينهن کيس احساس ٿيو هو ته دنيا وارا ڀيڻن کي به محبوبائن جو لقب ڏيندا آهن“.
هن جسم ۾ ڏڪڻي محسوس ڪئي، در جي آواز تي. هو اٿي کرو ٿيو. هن بيڊ تي پيل اجرڪ جسم کي ويڙهيو ۽ در تائين آيو.
”يوسف تون چئي وڳي موٽيو آهين“.
مان يوسف نه فهيم آهيان“ توهان کي به الائي ڇا ٿي ويو آهي بابا“
نٿا پاڻ ننڊ ڪيو ۽ نه ئي ٻين کي آرام سان گهمڻ ڏيو. فهيم جا لفظ بڙڇي بڻجي ڪنن ۾ گونجيا هئس.
هن کي ياد آيو ته واقعي منهنجو رکيل نالو يوسف ته ماڻهنس ديڳ لهرائي مٽائي ڇڏيو هو.... هاڻي ته هي فهيم آهي!
هي مون کي ڇا ٿي ويو آهي. مان ويهه سال پوئتي ڇو هليو ويو آهيان منهنجي پٽ جو نالو ته ويهه سال اڳ، بيگم صاحبه ان ڪري مٽائي ڇڏيو هو ته انهن نالن جو هاڻي رواج ڪٿي رهيو آهي“.
فهيم در بند ڪري پنهنجي ڪمري ۾ هليو ويو پر هي اتي ئي بيٺو رهيو.
هن هٿ هڻي دروازي جو ڪنڍو چيڪ ڪيو کيس پڪ ٿي ته دروازو بند آهي. هي موٽي اچي ڪمري ۾ پهتو کيس احساس ٿيو ته هي هتي هروڀرو رهيو پيو آهي. هي انتظار ڪرڻ، پنهنجون ننڊون ڦٽائڻ ڪهڙي ڪم جون“ جڏهن احساس مري وڃي، ڪنهن جي هجڻ ۽ نه هجڻ جو احساس ختم ٿي وڃي ته پاڇيءَ ۾ ڇا ٿو بچي؟
ماڻهو ڪڏهن زندگيءَ ۾ ڪاٽو ٿيندو ٿو رهي ڪڏهن رشتن ۾ ونڊجي ٿو وڃي. ڪڏهن ڪو انگ کيس پورو ونڊي ٿو ڇڏي پاڇي ڪجهه به نٿي بچي.
اڄ پٽ جي جملن هن کي سمنڊ ڇڏيو هو.
هن جي دل چيو ته: ”پاڻ کي ڪنهن واهه جي حوالي ڪري ڇڏي. سندس جسم لڙهندو وڃي پاڻيءَ جون بلائون، سندس ماس کي پٽي کائي وڃن“.
”هونئن به روحن کانسواءِ جسم ڪهڙي ڪم جا؟“
هو سڄي رات سوچن سان اڪيلي سر وڙهندو رهيو لڇندو رهيو ڦٿڪندو رهيو.
مسجد مان آزان جو آواز گونجندو رهيو.
”حياعَ الفلاح ــ حياعَ الفلاح“
هن اندر جي سڏ کي سڃاتو. گهر مان ڪجهه نه کنيو اجرڪ ويڙهي رستي تي نڪري آيو، ڄڻ ڪنهن جو روح سڏي رهيو هجيس.
شهر جو روڊ ويران هو ڪوهيڙي جي ڌنڌ ۾ هي اڳتي وڌندو ويو وڌندو ويو سندس پير ڄڻ نشانن تي رکبا اڳتي کڄندا ويا.
هو ڳوٺ جي مسجد وٽ پهتو جتي ٻار وڏي آواز ۾ سبق پڙهي رهيا هئا.
”يعقوب از نادا رَبَہُ“
سڀئي ٻار يعقوب جو نالو وٺي رهيا هئا. ڪو به اهڙو ٻار ڪونه هو جنهن يعقوب جو نالو نٿي ورتو.
هن کي گمان ٿيو ته هو ڪنهن جي ڳوٺ ۾ آيو آهي.
راڻيءَ جو مڙس مسجد مان نڪتو، هن کي ڏسي بيهي رهيو.
”يعقوب تون هتي؟“
هي وائڙو ٿي ويو. کيس پڪ ٿي ته هو پنهنجي ڳوٺ پهتو آهي.
هن جي اکين ۾ پاڻي ڀرجي آيو.
”هيڏي سوير“ راڻيءَ جي مڙس جي اواز تي هي ڄڻ جاڳي پيو.
”ڏاڍي دير ٿي وئي“ هن جي وات مان بي اختيار نڪري ويو.
راڻيءَ جي مڙس کيس ڀاڪر وڌو، ڄڻ ڪنهن پنهنجي جي ڀاڪر ۾ آيو هجي. ڄڻ ڪنهن ڄاتل سڃاتل خوشبوءَ سان واسجي ويو هجي. ڪي ساعتون ته هن ڀاڪر کان جدا ٿيڻ ئي نه پي چاهيو. اکين جا بند ڀڄي پيا. گرم ڳوڙها راڻي جي مڙس جي ڪلهن تي ڪريا.
يعقوب ڄڻ پنهنجي وجود سان ملي رهيو هو.
گهر پهتو ته ڄڻ مٽيءَ جي خوشبوءَ کيس سڃاتو هجي. ڀاڪرن مان واندو ٿي هو پيءُ واري کٽ تي ويٺو جنهن جي واڏڻ ۾ اها ساڳي لٺ اڃا سندس اوسيئڙو ٿي ڪيو.
ڀاڻيجا، ڀائيٽا. اڦراٽن تي مکڻ ڦٽيون رکي ماني کائڻ لڳا. هو مرڪيو.
وري اکين جا بند ڀڄي پيس. ڳوڙها کاڏيءَ کي ڇهندا هيٺ ڪري پيا.
هن جون اکيون ٻوٽجي ويون
جڏهن اکيون کوليائين ته کٽ جي واڏڻ تي راڻي ويٺي هئي. اڇو ململ جو چولو، مٿي تي اڇو رئو. هن جون اکيون جرڪي پيون.
راڻيءَ ڪڇ ۾ ڪيل بار جو ڪپڙو پري ڪيو.
هي ڏس منهنجو ”يوسف“
هن کان رڙ نڪري وئي. منهنجو ”يوسف“
ها يعقوب جو ”يوسف“ جنهن سان ملي کانپوءِ يعقوب جو نور واپس آيو هو هن يوسف کي ورتو. اها ساڳي خوشبوءِ جنهن کي ڇڏي هو شهر ڏانهن هليو ويو.
هن يوسف جي نرڙ تي چمي ڏني.
راڻيءَ جي اکين مان ڳوڙها ڪريا.
ڪيڏو روڪيو مانءِ ”نه وڃ“
يعقوب يوسف کي مضبوط هٿن ۾ جھليو منهن منهن سان ملائي چيائين ”موٽي ايندس مان“.