آتم ڪٿا / آٽوبايوگرافي

ڪيڏي نه مختصر زندگي

عبدالحئي پليجو جي آتم ڪٿا جو ٽيون حصو آهي. هن ٽئين جلد ۾ سندس مئٽرڪ کان 1970ع تائين جو شخصي زندگي ۽ سياسي سرگرمين ۽ معاشقن جو سربستو احوال بيان ڪيل آهي.
عبدالحئي پليجو سنڌي ٻوليءَ جي وڏن اديبن ۾ شامل آهي. سندس شمار انهن ليکڪن ۾ ٿئي ٿو، جيڪي سهڻو ۽ پختو نثر لکندا آهن. جتي سندس شخصيت ۾ سنڌو نديءَ جي ڪچي جي چِيڪي مٽيءَ جو هُڳاءُ آهي، اتي سندس نثر ۾ به سنڌو نديءَ جي رواني آهي. سندس لکڻي سادي، سرل، عام فهم ۽ خوبصورت هجڻ سان گڏ گهِري، روان ۽ معنائن جو ڀنڊار هجي ٿي. سندس لکڻي پڙهي ائين لڳندو آهي، ڄڻڪ هو ڄائي ڄم کان ئي هڪ تخليقڪار آهي.
Title Cover of book ڪيڏي نه مختصر زندگي

مُهاڳ : هَنجَ اُڏارُن جهڙي حياتي

زندگي هڪڙو گونا گون لقاءُ آهي. انهيءَ ۾ مور جي کنڀن جا رنگ آهن، بهار جي مند ۾ ٽڙيل گلن جا هُڳاءَ آهن، سامونڊي وشالتا، گهرائي ۽ عنبيرن جا هٻڪارا آهن، کنوڻين جا تجلا آهن، ميگهه ملهارن جو حسن آهي، اُس جون روپهريون گهڙيون آهن، ڇانءُ جي ٿڌاڻ آهي، ماکيءَ جي مٺاس آهي، مُرڪَ جو نور آهي، ڏکن جون گھنگھور گھٽائون آهن، ٽهڪن جا ٽانگر آهن، سونهن ۽ سَرهائين جون سانوڻيون آهن، عشقَ جون انڊلٺ ريکائون آهن. ان جا هزارين واسَ وَن ۽ ويسَ ورن آهن. اُها سڀني پرين حُسناڪ ۽ سڀني وصفين سهڻي آهي.
انسان زندگي جي انهيءَ حسن ۽ سونهن مان مڌ وٽيون ڀري پنهنجي اندر ۾ اوتيندو رهي ٿو. گڏوگڏ هو انهن سونهن، حسن ۽ خوبصورتيءَ کي شعور، تخليق، ايجاد ۽ عمل جي ڪنهن نه ڪنهن صورت ۾ پنهنجي انداز مان هن دنيا ڏانهن موٽائي سندس حسناڪي ۽ سهنجائيءَ ۾ واڌارو ڪري ٿو. اهڙيءَ ريت مور جي ناچ ۽ هنج جي اڏار وانگر هيءَ حياتي اڳتي وڌندي هلي ٿي. حياتي جو اهو سفر ڪٿي تيز ته ڪٿي ڍرو ضرور ٿئي ٿو، پر اهو بيهي ڪٿي به نه ٿو. اهو بيهي به نه ٿو سگهي. اُنهيءَ جي خوبي ئي هلڻ آهي، هلندو رهڻ آهي. اِنهيءَ ڪري هن دنيا ۾ جيڪي به مڻيادار مانجھي پيدا ٿيا آهن، اهي هلندا، هڪليندا ۽ ٻيلي ساريندا رهيا آهن. انهن هلڻ، هڪلڻ، ٻيلي سارڻ ۽ رُڪ ڀري راند ۾ فرق نه وجھڻ ئي سکيو آهي. اهو ئي مانجھين جو مَرڪُ آهي.
پر جيڪي اهڙا مڻيادار مانجھي هوندا آهن، اُهي هڪڙي ٻي شيءِ پڻ ڪندا آهن. اُها شيءِ آهي زندگيءَ جي سفر تي گهري نِهارَ، پوئتي لنئوڻو، ڪيل سفر جي ڪٿ، حياتيءَ جو حساب ڪتاب. اُهي هڪ ڏاڪي تي پهچي تورَ تَڪَ ڪندا آهن ته اسان ڇا پاتو آهي، ڇا وڃايو آهي؛ ڇا ڪري سگهيا آهيون، ڇا نه ڪري سگهيا آهيون؛ جيون جو سفر ڪيڏو سجايو آهي، ڪيڏو وئرٿ آهي؟ اُهي جانچ پڙتال ڪندا آهن، اوک ڊوک ڪندا آهن، ڪنهن پئماني تي جيون جي پئمائش ڪندا آهن. جڏهن ڪازان زاڪس جهڙو لازوال اديب ۽ ناولنگار پنهنجي جيون جي حساب ڪتاب لاءِ قلم کڻندو آهي ته هو “Report to greeco” جهڙو شاندار ڪتاب لکندو آهي. البت جڏهن شاهه عبداللطيف ڀٽائي جهڙو عظيم شاعر پنهنجي حياتيءَ تي تنقيد ۽ تڪ تور واري نظر وجھندو آهي ته بيساخته چئي ڏيندو آهي ته:
تاڃي توريائون، ته عيب نڪتا اڳيان،
اگلڙي آئون، مون کان ڀِڙا ڀڳا نه ٿيا.
اهو به هڪڙو انداز آهي پنهنجي زندگيءَ تي نظر وجھڻ جو. پنهنجي حياتيءَ جي سفر ۽ جاکوڙ جو حساب ڪتاب ڪرڻ ۽ انهيءَ کي لکت هيٺ آڻڻ واري عمل جو نالو آهي آتم ڪهاڻي. دنيا جي اڪثر ڏاهن انسانن پنهنجون آتم ڪهاڻيون يا آتم ڪٿائون لکيون آهن. جيڪي وري پاڻ پنهنجون آتم ڪهاڻيون نه لکي سگهيا، بعد ۾ ٻين ماڻهن انهن ڏاهن انسانن جون سوانح عمريون لکيون آهن.
هيءَ ڏاڍي دلچسپ ڳالهه آهي ته دنيا ۾ جيڪو ادب سڀني کان گهڻو پڙهيو وڃي ٿو، اهو سوانحي ادب آهي، آتم ڪهاڻي، سوانح عمري، يادگيريون، خاڪا، ڊائري جا ورق، جيل ڊائريون، تاثر، تاريخي ۽ سوانحي ناول سڄي دنيا ۾ تمام وڏي دلچسپيءَ سان ۽ تمام گهڻو پڙهيا ويندا آهن. سوانحي ادب مان دنيا جي دلچسپي ڪڏهن به گهٽ نه ٿي ٿئي.
سنڌي ادب ۾ پڻ سوانحي ادب کي هڪڙو خاص مقام ۽ مرتبو حاصل آهي. ويهين صديءَ جي شروعات کان سنڌيءَ ۾ آتم ڪهاڻيون لکجڻ شروع ٿيون. هاڻي اهو عمل پنهنجي جواڻيءَ تي رسي چڪو آهي. سنڌي ادب ۾ آتم ڪهاڻيون، سوانح عمريون، خاڪا، تذڪرا، تاثرات يادگيريون ۽ جيل ڊائريون هاڻي وڏي پئماني تي سرجن ٿيون. جيتوڻيڪ تاريخي ۽ سوانحي ناول سنڌيءَ ۾ اڃا بانبڙا پائي رهيو آهي، پر سٺي ڳالهه آهي ته ان جو ڄَمُ ٿي چڪو آهي. آتم ڪهاڻين وانگر نيٺ اهو به پنهنجي جُواڻيءَ کي اچي رَسندو.
سنڌيءَ ۾ جيڪي آتم ڪهاڻين جا ڪتاب لکيا ويا آهن. انهن ۾ اهڙا ڪتاب بلاشڪ گهٽ آهن، جيڪي هر دؤر ۾ پڙهيا وڃن. پر اصل ڳالهه ڪنهن صنف جو مروج ٿيڻ، قبوليت ماڻڻ ۽ اڳتي وڌڻ آهي. ڪا به صنف جيئن جيئن اڳتي وڌندي هلي ٿي، تيئن تيئن وڌيڪَ معياري ٿيندي ٿي وڃي. اها ئي ڳالهه سنڌي سوانحي ادب سان به لاڳو آهي. اهو جيترو اڳتي هلندو، معيار ۽ خوبصورتيءَ جون اوتريون ئي نيون دنيائون دريافت ڪندو.
عبدالحئي پليجو سنڌي ٻوليءَ جي وڏن اديبن ۾ شامل آهي. سندس شمار انهن ليکڪن ۾ ٿئي ٿو، جيڪو سهڻو ۽ پختو نثر لکندا آهن. جتي سندس شخصيت سنڌو نديءَ جي ڪچي جي چِيڪي مٽيءَ جو هُڳاءُ آهي، اتي سندس نثر ۾ سنڌو نديءَ جي رواني آهي. سندس لکڻي سادي، سرل، عام فهم ۽ خوبصورت هجڻ سان گڏ گھري، روان ۽ معنائن جو ڀنڊار هجي ٿي. سندس لکڻي پڙهي ائين لڳندو آهي، ڄڻڪ هو ڄائي ڄم کان ئي هڪ تخليقڪار آهي.
سنڌي ادب ۾ عبدالحئي پليجي جي بنيادي سڃاڻپ سفرنامه نگار طور آهي. پليجي صاحب جا سفرناما پڙهندي ائين ڀاسندو آهي، ڄڻ ماڻهو ان سفر ۾ ساڻس گڏ هجي ۽ سمورا منظر ۽ ڏيک پَنهنجين اکين سان ڏسندو هجي. اهڙي خوبي تمام گهٽ ليکڪن منجهه هوندي آهي. ورلي ليکڪ آهن، جيڪي اهڙين خوبين سان سرشار هجن ٿا.
عبدالحئي پليجو جيئن ته هڪڙي ڀرپور زندگي گذّاري چڪو آهي، ان ڪري هينئر جڏهن سندس حياتيءَ تي شام جا پاڇا لڙڻ لڳا آهن، تڏهن هو پنهنجي حياتيءَ جي جمع پونچي ڳڻڻ ويٺو آهي. هن پنهنجي زندگيءَ جو حساب ڪتاب پيش ڪرڻ ۽ تجربا ونڊڻ شروع ڪيا آهن. مطلب ته سفرنامن جو هيءَ راجا راڄ ڌڻي هاڻي پنهنجي آتم ڪٿا تي ڪم ڪري رهيو آهي. ائون هي جيڪي مُهاڳيا ئي ورق لکي رهيو آهيان، اهي سندس آتم ڪهاڻيءَ جي ڪتاب تي ئي ته آهن. هيءُ سندس آتم ڪهاڻيءَ جو ٻيو ڀاڱو آهي. هن کان اڳ ۾ سندس آتم ڪٿا جو پهريون ڀاڱو ڪتابي شڪل ۾ ”اسان پنڌ پرينءَ ڏي“ جي نالي سان ڇپجي چڪو آهي. آئون اهو ڪتاب پڙهي ان جي حُسناڪيءَ تي دنگ رهجي هيس. هن تمام شاندار انداز سان اهو ڪتاب لکيو آهي. پنهنجي ننڍپڻ جون ساروڻيون ساريندي هن لاڙ پٽ جي اپٽار ايڏي ته سهڻي انداز سان ڪئي آهي، جو سنڌو درياهه جي سونهن، ڪچي جا رنگ، پتڻ تي ايندڙ ويندڙ ٻيڙيون، پاڻيءَ تي سونا روپهرا ڪرڻا، زندگي جو ڪار وهنوار، نچندڙ ڪڻڪن جا سونا سنگ، چانڊوڪيون ۽ چيٽ؛ ادبي، سياسي، سماجي ويهڪون، راڳ رنگ جون محفلون، ميلا ملهالا؛ مطلب ته هڪڙو سڄو سارو علائقو، ان جي فطري خوبصورتيءَ ۽ زندگيءَ جا انيڪ گوشا ماڻهو مٿان چٽا ۽ پڌرا ٿي بيهن ٿا. حيدرآباد ۽ ڪراچيءَ جي ان دؤر جي چهل پهل کي پڻ ايڏو سهڻو اپٽاريو ويو آهي، جو ماڻهو موهجيو وڃي. وڏي ڳالهه ته ان ۾ سندس ڪچاٽ وَهيءَ جي پهرئين عشق جي روشني پڻ آهي.
”اسان پنڌ پرينءَ ڏي“ سندس آتم ڪهاڻيءَ جو پهريون ڀاڱو آهي. سندس هيءُ ڪتاب سندس آتم ڪهاڻيءَ جو ٻيو ڀاڱو آهي. جيتوڻيڪ سندس ڪتاب ”سنڌي شاگرد سياست“ پڻ سوانحي ادب جو کي حصو آهي پر اهو هڪڙو سياسي ڪتاب آهي، جنهن ۾ يادگيرين جا رنگ آهن. ڪي ڪي سياسي ڪتاب ڪنهن خاص سياسي موضوع ۽ دؤر جو احاطو ڪندي به پنهنجي انداز ۾ يادگيرين ڀريو يا سوانحي طرز رکندڙ هوندا آهن. ان جي باوجود به اُهي آتم ڪٿا نه هوندا آهن. ”سنڌي شاگرد سياست“ پڻ هڪڙو اهڙو ڪتاب آهي. اهو آتم ڪٿا کان وڌيڪَ تاريخ آهي. جيڪي انهيءَ ڪري ئي ليکڪ ان کي پنهنجي آتم ڪٿا کان ٻاهر رکيو آهي. ان ڪري ”اسان پنڌ پرينءَ ڏي“ کي پنهنجي آتم ڪٿا جو پهريون ڀاڱو ڄاڻائيندي هن هيءَ ٻيو ڀاڱو لکيو آهي. پهرئين ڀاڱي وانگر سندس آتم ڪهاڻيءَ جو هيءُ ٻيو ڀاڱو پڻ پڙهندڙن وٽ جوڳي مڃتا ماڻيندو آئون ڀانيان ٿو ته پڙهندڙ ان جي خوبصورتيءَ جي ڀاڪرن ۾ گھيرجي ويندو.
عبدالحئي پليجي جي آتم ڪهاڻي لکڻ جي انداز جي هڪڙي خوبصورتي هيءَ آهي ته هڪڙي ڳالهه لکندي لکندي وچ ۾ هن جو تصور ڪنهن پکيئڙي وانگر پرڙا ڦڙڪائي ٿو ۽ هو پڙهندڙ کي ڪنهن نئين ڳالهه، ڪنهن نئين واقعي يا ڪنهن نئين خيال جي دنيا گهمائي اچي ٿو. نئين ڳالهه کي سهيڙي هو وري ساڳوڻي ان ڳالهه ڏانهن موٽي اچي ٿو، جتان سندس تصور جي پکيئڙي ڀڙڪو کاڌو هو. اهڙيءَ ريت هو پنهنجي زندگيءَ جا ڪيترائي پاسا ڏيکارڻ سان گڏوگڏ پڙهندڙ کي نين دنيائن سان به شناسا ڪندو هلي ٿو. هو اهڙي ته پياري تسلسل سان لکي ٿو، جو ڳالهيون ڳنڍير جي ڳنڍين وانگر پاڻ ۾ سمويل ڀاسنديون آهن. هو ڄڻڪ هڪڙي سنگھر ٺاهيندو ٿو هلي، جنهن جي ڪڙي ڪڙيءَ ۾ ائين ڀِچيل هوندي آهي، جو ائين لڳندو آهي ته اها ئي ان جي اصل جڳهه آهي.
هن ڪتاب جي هڪڙي خوبي هيءَ به آهي ته اهو فقط عبدالحئي پليجي جي حياتيءَ جو داستان ڪونهي، پر اهو سنڌ جي سياست تي به هڪ تيز نگاهه وانگر آهي. ورهاڱي کانپوءِ سنڌ کي جيڪي وڍ مليا آهن، عبدالحئي صاحب انهن جو پڻ مذڪور ڪري ٿو. خاص طور تي ون يونٽ واري زماني ۾ سنڌ جي زرعي زمينن ۽ قدرتي وسيلن جي جيڪا ڀيل ڪئي وئي، هو ان جا انگ اکر پيش ڪري ٿو. انهيءَ زماني ۾ عبدالحئي شاگرد سياست ۾ سرگرم آهي، ان ڪري هو سنڌ جي مختلف ضلعن جي تنظيمين دؤرن تي پڻ نڪري ٿو. پوءِ هو جنهن جنهن شهر پهچي ٿو، ان تي پنهنجيءَ لکت ۾ طائرانا نظر وجھي ٿو. اها تمام اهم ڳالهه آهي. آئون ان راءِ جو آهيان ته نه فقط آتم ڪهاڻين ۾، پر هونئن به يا وري سفرنامي جي صورت ۾ اسان کي پنهنجن شهرن ۽ علائقن تي لکڻ کپي؛ جيئن هڪ دؤر لکت جي صورت ۾ محفوظ ٿي سگهي. لکيل لفظ جي هڪڙي حيثيت هيءَ به آهي ته اهو تاريخ ٿئي ٿو؛ پوءِ ڀل اهو تاريخ تي لکيل نه به هجي. ان ڪري پنهنجن شهرن ۽ علائقن تي لکڻ معنيٰ انهن جي انهيءَ دؤر کي تاريخ جي روشني هيٺ آڻڻ. ان نقطي نگاهه کان ڏسجي ته اها هن آتم ڪهاڻيءَ جي هڪڙي آتم نگاهه کان ڏسجي ته اها هن آتم ڪهاڻيءَ جي هڪڙي آتم خوبي آهي ته ان ۾ سياست به آهي، تاريخ به آهي، سفر به آهي، واقعا به آهن، دنيا جهان تي نظر به آهي ته هڪڙي پروقار گهڻ پاسائين ۽ متحرڪ زندگي جو تفصيلي وستار به آهي. اهڙيءَ ريت اڳتي وڌندي هيءَ آتم ڪهاڻي پنهنجي دؤر جو آئينو ٿي پوي ٿي. جيڪي انسان پنهنجي ديس کي پنهنجي دل ۾ ڌڙڪندي محسوس ڪندا آهن ۽ جن جون دليون ڌڙڪڻون آزاديءَ جا گيت ٿي پونديون آهن، اهي انسان پنهنجي دؤر ۽ ديسَ جو آئينو هوندا آهن. ديس انهن جي مڌ ماتين، اوجاڳيل ۽ اداس اکڙين ۾ پنهنجا خواب رکي ڇڏيندا آهن. هيءَ آتم ڪهاڻي پڙهندي بيشڪ عبدالحئي پليجو اهڙو ئي انسان ڏسڻ ۾ اچي ٿو.
هر غير معمولي ماڻهو پنهنجي دؤر کان گهڻو اڳتي وڌيل هوندو آهي. پنهنجي دؤر کان اڳڀرو هجڻ سبب دؤر ساڻس همقدم ٿي نه سگهندو آهي؛ بلڪه ڪڏهن ڪڏهن ته اهو سندس وکن ۾ ڏانوڻ ۽ ونگ وجھڻ جي ڪوشش پڻ ڪندو آهي. زماني جي انهيءَ رَوَشَ تي ڪن غير معمولي انسانن کان ڪڏهن ڪڏهن دانهن به نڪتي آهي. بَرصَغِيرَ جي تمام وڏي عالم، اديب، سياستدان ۽ مقرر مولانا ابوالڪلام آزاد جي اهڙيءَ روش جي شڪايت ڪندي ئي چيو هو ته: ”آئون جنهن دؤر ۾ ڄائو آهيان، انهيءَ دؤر جو ماڻهو ناهيان“. ساڳي ڳالهه عبدالحئي پليجي لاءِ پڻ چئي سگهجي ٿي ته هو پنهنجي دؤر جو ماڻهو ناهي. هو هن دؤر کان گهڻو اڳتي وڌيل انسان آهي. اها الڳ ڳالهه آهي ته هو پنهنجي دؤر کان شڪايت نه ٿو ڪري. البت هو پنهنجي دؤر جي مدي خارج، پٺتي پيل ۽ غلط ڳالهين تي وار ضرور ڪري ٿو. محبت انسان جي سڀ کان وڏي اؤوجرَ، سچائي ۽ حاصلات آهي. پر پٺتي پيل سماجن ۾ محبت کي ممنوع قرار ڏئي پابند بنائڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي آهي. پٺتي پيل معاشرا، محبت، آزاديءَ ۽ چڱائين جا ويري ٿيندا آهن. اهڙن معاشرن ۾ بڇڙايون، بديون، بدعتون، بدعنوانيون ۽ ڪوڙ ته سرعام هلندا آهن، پر محبتون ۽ سچ پاڻ لڳائڻ ۽ پاڻُ بچائڻ جا جتن ڪندي ملندي آهن. اهڙي سماج جا ماڻهو پاڻ کي پوتيءَ پاڪ ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا ملندا آهن. ان جي ابتڙ عبدالحئي پليجو پنهنجين محبتن کي لڪائي نه ٿو. هو پنهنجين محبتن کي لکت جي سُهائي هيٺ آڻي ٿو. جتي ماڻهو محبتن لاءِ اونداهيون ڳوليندا هجن، اتي ڪير پنهنجين محبتن کي سوجهري هيٺ آڻي ٿو ته اها تمام وڏي ڳالهه آهي. اها ڳالهه اسان کي عبدالحئيءَ جي آتم ڪهاڻيءَ جي پهرئين ڀاڱي ۾ به ملي ٿي ته ٻئي ڀاڱي ۾ پڻ ڏسڻ ۾ اچي ٿي. هو بنان خوف خطري، بنان مصلحت جي بيباڪ ٿي لکي ٿو. هو مڌ جي خمارن کان وٺي جوڀن جي امنگن تائين زندگيءَ جي انيڪ زاوين جون جھلڪون پسائي ٿو.
اڃا ته سندس آتم ڪهاڻي هلي ٿي، اها اڃا پوري ڪانه ٿي آهي. هيءَ ته فقط ان جو ٻيون ڀاڱو آهي. جنهن ۾ سندس جوانيءَ جو مذڪور ڄڻ ته ڇڙيو ئي مس آهي. اڃا ته تانُ مس کڄي آهي، راڳ ته اڳتي آهي. سو سندس حسناڪ لکڻي، ڪنهن چنچل وينگس جي اک ادا جهڙي بيباڪي، سنڌوءَ جي لهرين جهڙي ٻهه ٻهه ڪندڙ ٻولي ۽ ڳالهه منجھان ڳالهه کڻڻ جي بانوري انداز کي ڏسندي آئون پوري پڪ سان چئي سگهان ٿو ته سندس آتم ڪهاڻي جا ڪتاب سنڌي سوانحي ادب ۾ تمام اهم ۽ مٿڀري جڳهه والاريندا ۽ هيءُ ڪتاب پڻ انهن ڪتابن ۾ امتيازي حيثيت رکندڙ هوندو.
اولهه جي هڪڙي اديب لکيو آهي ته: ”ماڻهوءَ کي پنهنجي زندگيءَ ۾ هڪ ٻار ڄڻڻ کپي، هڪ وڻ پوکڻ کپي ۽ هڪڙو ڪتاب لکڻ کپي.“ ان قول کي جي سامهون رکنداسين ته عبدالحئي پليجو اهو ماڻهو آهي، جنهن ٻار به گهڻيرا ڄڻيا آهن، وڻ به گهڻا ئي پوکيا آهن ۽ ڪتاب به گهڻا لکيا اٿس. اهو سندس ڀاڳوند هجڻ جو اهڃاڻ آهي. واقعي به هن هنجن جي اڏارن جهڙي حياتي گهاري آهي ۽ زندگيءَ جي پلئهُ مان مور جي کنڀن جهڙا رنگ ۽ انڊلٺ جهڙيون حسناڪيون ميڙيون اٿس. يقيناً اُهي سڀ خوبصورتيون سندس لکڻين ۾ به اوتجي ۽ پالوٽجي اچن ٿيون. اُهي رنگ روپ ۽ خوبصورتيون هن ڪتاب ۾ به ائن صاف شفاف، سهڻيون ۽ دلڪش نظر اچن ٿيون جيئن ڪينجهر جي صاف شفاف نيري پاڻيءَ ۾ گلابي بدن نظر ايندو آهي.


[b]نواز خان زئور
[/b]11 فيبروري 2015ع
ميرپور بٺورو