3
بيگم طاهره اعجاز حسين آغا (ميمبر اسيمبلي): ڇا وزير آبپاشي ۽ ڊيولپمينٽ صاحب مهرباني ڪري جواب ڏيندو ته:
(1) غلام محمد (ڪوٽڙي) بئراج آبپاشي اسڪيم ڪڏهن پوريءَ ريت ڪم ڪرڻ شروع ڪندي؟
(2) انهي بيراج تي ڪيترا ايڪڙ زمين آباد ٿيندي؟
(3) حڪومت ان بيراج مان سيراب ٿيندڙ زمين ڪهڙي طريقي سان هارين کي ڏيندي؟
(4) حڪومت اها زمين صرف بي زمين هارين کي ڏيڻ جو ارادو رکي ٿي؟
انهن سوالن جي جواب ۾ واسطيدار وزير قاضي فضل الله جيڪي تفصيل ٻڌايا، انهن مان هڪ جو تعلق الاٽمينٽ سان هو. ٻڌايو ويو ته هڪ لک ايڪڙ زمين فوج وارن لاءِ مخصوص ڪئي وئي هئي، ان مان 25 هزار ايڪڙن کان مٿي زمين الاٽ ڪئي وئي آهي. وزير صاحب جن الاٽين جا نالا ڏنا، اهي هن ريت هئا.
(1) جنرل محمد ايوب خان، 247 ايڪڙ.
(2) ميجر جنرل موسيٰ، 250 ايڪڙ
(3) ميجر جنرل محمد ا برار خان، 246 ايڪڙ
(4) برگيڊيئر سيد غواث، 246 ايڪڙ
(5) ڪرنل مظفر خان، 246 ايڪڙ
(6) ڪرنل حيدر، 246 ايڪڙ
وزير موصوف وڌيڪَ ٻڌايو ته فوجين کان اڍائي سؤ روپيا في ايڪڙ جي حساب سان قيمت وصول ڪئي وئي آهي ۽ پوئين حڪومت هارين لاءِ ٽي لک ايڪڙ زرعي زمين مخصوص ڪري چڪي هئي، ليڪن مغربي پاڪستان حڪومت اڃا تائين ان بابت ڪا به پاليسي جوڙي نه سگهي آهي ۽ اهڙي پاليسي ٺاهي جلد ئي ڪابينا جي آڏو پيش ڪئي ويندي. فوجين کي جيڪا زمين ڏني وئي، ان جي باري ۾ وڌيڪَ جيڪي سوال جواب اسيمبليءَ ۾ ٿيا، اهي به دلچسپيءَ کان خالي ڪونه هئا.
جي ايم سيد وزير موصوف کان سوال ڪيو ته: ”ڇا وزير صاحب جي نوٽيس ۾ اها ڳالهه آندي وئي آهي ته انهن فوجي آفيسرن، جن کي زمين الاٽ ڪئي وئي آهي، مقامي ماڻهن کي پريشان ڪرڻ شروع ڪيو آهي ته جيئن اهي پنهنجا علائقو خالي ڪري وڃن؟
قاضي فضل الله: ”اها ڳالهه منهنجي ڄاڻ ۾ نه آئي آهي. جيڪڏهن منهنجو دوست ڪنهن خاص واقعي جو حوالو ڏئي ته يقيناً ان جي جانچ ڪندس.!
جي ايم سيد: ”ڇا اها حقيقت ڪانه آهي ته انهن ماڻهن جو هڪ وفد پهچي چڪو آهي ۽ معزز وزير سان ملاقات به ڪري چڪو آهي؟“
قاضي فضل الله: جيڪڏهن منهنجي دوست جو اشارو انهيءَ وفد ڏانهن آهي، جيڪو غلام حيدر ڀرڳڙيءَ جي قيادت ۾ آيو آهي ته منهنجو جواب ”هائو“ آهي ۽ پنهنجي درخواست پيش ڪري چڪو آهي. ليڪن مان انهي واقعي جي جانچ ڪري ڪونه سگهيو آهيان“.
جي ايم سيد: ”ڇا مان وزير موصوف کان پڇي سگهان ٿو ته فوجين کانسواءِ ڪنهن ٻئي ماڻهوءَ کي هڪ ايڪڙ به زمين نه ڏني وئي آهي؟“
قاضي فضل الله: ”نه جناب“
جي ايم سيد: ”صرف فوجي آفيسرن کي زمينون ڏيڻ ۽ مقامي ماڻهن کي زمين نه ڏيڻ جا ڪهڙا سبب آهن؟“
قاضي فضل الله: ”منهنجو خيال آهي ته ايوان جي ٻئي پاسي ويٺل کهڙو صاحب ئي ان جو بهتر جواب ڏئي سگهي ٿو“.
م.ا. کهڙو: ”ڇا اها حقيت نه آهي ته سنڌ حڪومت صرف زمين مخصوص ڪئي هئي، مگر ان جي الاٽمينٽ مغربي پاڪستان جي وحدت (One Unit) قائم ٿيڻ کانپوءِ ڪئي وئي آهي“.
قاضي فضل الله: ”نه جناب، ائين نه آهي!“
جي ايم سيد: ”ڇا مان وزير موصوف کان اهو پڇي سگهان ٿو ته مقامي هارين کي اڃان تائين زمين الاٽ نه ڪرڻ جا ڪهڙا سبب آهن؟“
اسپيڪر: ”هن (وزير) جواب ڏئي ڇڏيو آهي. اسڪيم حڪومت وٽ ويچار هيٺ آهي“.
جي ايم سيد: ”ان تي فيصلي ڪرڻ ۾ گهڻو وقت لڳندو؟“
اسپيڪر: ”هن ٻڌايو آهي ته معاملو جلد ئي وزارت اڳيان اچڻ وارو آهي“.
م. ا. کهڙو: ”ڇا اها حقيقت نه آهي ته ٽي لک ايڪڙ زمين مقامي هارين لاءِ مخصوص ڪئي وئي هئي، پوءِ ان کي اڃا ڇو نه ورهايو ويو آهي؟“
قاضي فضل الله: ”جناب، مان ٻڌائي چڪو آهيان ته ڪابينه جي اڳين ميٽنگ ۾ ان بابت آخري فيصلو ڪنداسين“.
خان قيوم خان: ”ڇا توهان ٻڌائيندئو ته هارين لاءِ زمين مخصوص ڪرڻ جو فيصلو ڪڏهن ڪيو ويو هو؟“
قاضي فضل الله: ”اهو فيصلو اڳوڻي سنڌ حڪومت، کهڙي صاحب جي هٿان ختم ٿيڻ کان ڪجهه عرصو اڳ ڪيو هو“.
خان عبدالقيوم خان: مان معزز وزير کان پڇڻ چاهيان ٿو ته اهي ڪهڙيون اڻٽر مجبوريون هيون، جن جي ڪري حڪومت 15 مهينن گذري وڃڻ کانپوءِ به ڪو فيصلو نه ڪري سگهي آهي؟“
مٿين اسيمبلي گفتگو مان جيڪي حقيقتون ظاهر ٿين ٿيون اهي هي آهن:
(1) ڪوٽڙي بيراج جون زمينون سڀ کان اڳ فوجي آفيسرن کي جيڪي اڃا تائين ملامتن تان لٿا ئي ڪونه هئا، گهڻو ڪري مفت الاٽ ڪيون ويون.
(2) انهن فوجي آفيسرن زمين تي قابض ٿيندي ئي پسگردائي ۾ آباد سنڌي ماڻهن کي تنگ ڪرڻ شروع ڪيو هو. سندن رَوَيو مقامي ماڻهن سان ايڏو پريشان ڪندڙ هو، جو مقامي ماڻهن جو هڪ وفد شڪايت کڻي حڪومت وٽ پهچي ويو هو.
(3) مقامي هارين لاءِ به زمين مخصوص ڪئي وئي هئي، پر ڪافي عرصو گذرڻ کانپوءِ به کين الاٽ ڪرڻ جي ضرورت محسوس نه ڪئي وئي.
ڪوٽڙي بيراج ۽ ان کانپوءِ گُڊو بيراج تي جن فوجي توڙي سول آفيسرن زمينون حاصل ڪيون، انهن جو مقامي ماڻهن سان ٽڪراءَ اڻ ٽر هو. سول آفيسر وسيع اختيارن جا مالڪ هئا، جڏهن 1958ع ۾ ايوب خان جي مارشل لا کانپوءِ فوجي آفيسرن کي زمين جي آبادڪاريءَ لاءِ هر طرح جون سهولتون مهيا ڪيون ويون. انهن سهولتن مان انهن جيڪي ناجائز فائدا ورتا، ان سان مقامي آباديءَ ۽ انهن آفيسرن جي وچ ۾ محاذ آرائي جي شروعات ٿي. ڪوٽڙي بيراج ۾ مقامي آباديءَ جي مقابلي ۾ وڌيڪَ زمين ٻاهرين ماڻهن کي ملي، جڏهن ته ظاهريءَ طرح حڪومت اڌواڌ جي اصول تي زمين جي ورهاست جو فيصلو ڪيو هو. 1962ع تائين ڪوٽڙي بيراج جي زمين هيٺئين طرح ورهائي وئي. ٽوٽل ايراضي جيڪا ورهائي وئي، 11,24,250 ايڪڙ، مقامي ماڻهن کي قبضو ڏنو ويو، 2,45,285 ايڪڙ زمين مقامي ماڻهن لاءِ مشيني هارپل لاءِ وڌيڪَ زمين 1,28,000 ايڪڙ ٻين لفظن ۾ سواءِ يارهن لک ايڪڙ ورهايل زمين مان مقامي آباديءَ کي پوڻا چار لک ايڪڙ زمين ڏني وئي.
ڪوٽڙي بيراج جون زمينون، پاڪستان جي سڀني صوبن جي ماڻهن ۾ ورهايون ويون، يعني مهاجرن کانسواءِ ان مان پنجابين، بنگالين، پٺاڻن ۽ بلو0چن سڀني کي حصو ڏنو ويو. بنگالي آبادگارن جي هڪ مختصر جماعت کي، انهيءَ لاءِ سنڌ ۾ آباد ڪيو ويو ته جيئن اهو تاثر ڏنو وڃي ته سڄو ملڪ ورهاست ۾ حصيدار آهي. ڪوٽڙي بيراج جي ڏيڍ لک ايڪڙ زمين، ڪجهه ڪيٽيگريون مقرر ڪري ماڻهن لاءِ مخصوص ڪئي وئي، جيڪي هيٺيون آهن:
(1) سم ۽ ڪلر جا متاثرين، (2) جابلو علائقي جا ماڻهو (3) باراني علائقي جا ماڻهو (4) ڳُتيل آباديءَ جا ماڻهو، جن وٽ زمين گهٽ آهي (5) وچولي طبقي جا ماڻهو. انهيءَ طريقي سان جيڪي زمينون وڪرو ڪيون ويون، تن ۾ پنجاب کانپوءِ ٻئي نمبر تي پٺاڻن زمينون حاصل ڪيون. ڪل زمين جيڪا مخصوص ڪئي وئي.
پنجاب: 1,70000
فرنٽيئر لاءِ: 34000 ايڪڙ.
زمين جو سڀ کان خراب حصو فطري طرح بلوچن جي حصي ۾ آيو، ڇاڪاڻ ته سندن سياسي اقتدار ۾ به حصو سڀني کان گهٽ هو. انهن مان به ڪن ته زمين وٺڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. ڪوٽڙي بيراج جي زمين مٿين ڪيٽگرين کان سواءِ پهلوانن، رانديگرن ۽ گلوڪارن ۾ به عطيي طور ڏني وئي. ڪوٽڙي بيراج تي ٽريڪٽر اسڪيم تحت به زمين الاٽ ٿي. ان جو چڱو خاصو حصو به سول ۽ فوجي آفيسرن جي هٿ لڳو. دليل اهو ڏنو ويو ته انهن ماڻهن وٽ زمين جي درستيءَ لاءِ پيسا موجود آهن. اهڙيءَ طرح ٽريڪٽر اسڪيم مان سرڪاري آفيسرن دل کولي جاوا ڪيا، تن ۾ اعليٰ فوجي آفيسر، نيويءَ جا آفيسر، پوليس آفيسر، سيشن جج، انجنيئر، ريلوي جا ملازم ۽ ڪيترائي ٻيا شامل هئا. انهن نه رڳو پنهنجن نالن تي زمينون الاٽ ڪرايون، پر پنهنجن عزيزن جي نالي تي به زمينون الاٽ ڪرايون. اسان صرف اهڙن آفيسرن جا نالا عهدن سميت ڏيون ٿا، جن 1962ع تائين ٽن سؤ ايڪڙن کان مٿي زمين الاٽ ڪرائي. سول ۽ فوجي آفيسرن جي انهيءَ لٽ مار کي ڏسندي، هڪ اسيمبلي ميمبر حسرت مان چيو ته: ”وزير (خزانه) صاحب! هروڀرو زمين جي جھڳڙي ۾ ڇو پيو آهين، اسان وٽ سنڌ ۾ ايتري زمين پئي آهي، جو جيڪڏهن توهان سرڪاري ڪامورن ۽ فوجين کي زمين نه ڏيو ته اسان پوري مغربي پاڪستان جي هارين کي اها زمين ڏئي سگهون ٿا.
نالو ۽ عهدو ڪُل زمين جيڪا حاصل ڪئي وئي
(1) ميجر ايوب احمد خان (پروفيسر KEMC) 500 ايڪڙ
(2) ڪرنل ضياءُ الله 500 ايڪڙ
(3) ڪرنل نور الاهي 497 ايڪڙ
(4) ڪرنل اختر حفيظ (سيالڪوٽ ڇاوڻي) 397 ايڪڙ
(5) ڪيپٽن فيروز خان 352 ايڪڙ
(6) ميجر امير گلستان (پيءَ ۽ پٽ) 342 ايڪڙ
(7) ليفٽنينٽ ڪرنل بشير 500 ايڪڙ
(8) ميجر ظفر احمد 289 ايڪڙ
(9) گروپ ڪيپٽن اي. ايم. مراد 496 ايڪڙ
(10) ڪمانڊر ايم افضل خان 303 ايڪڙ
(11) ڪرنل يعقوب 487 ايڪڙ
(12) ميجر غلام فاروق (زال جي نالي) 458 ايڪڙ
(13) ميجر محمد لطيف 500 ايڪڙ
(14) عباد الله رحمان خان 484 ايڪڙ
(ڊپٽي سپرنٽينڊنٽ ڊسڪٽرڪٽ جيل ملتان)
(15) ڊاڪٽر جي. اي اصغر 401 ايڪڙ
(دماغي اسپتال حيدرآباد)
(16) صبح صادق (سرڪاري ملازم جو پٽ) 401 ايڪڙ.
ٽريڪٽر اسڪيم هيٺ جيڪا زمين الاٽ ڪئي وئي، ان تي پهرين مقامي آبادي هارپ ڪندي هئي، پر هن اسڪيم هيٺ چيو وڃي ٿو ته اٽڪل چئين لکن سنڌي هارين کي بيدخل ٿي بيروزگاريءَ جو مُنهن ڏسڻو پيو. هڪ اهڙي صوبي ۾ جتي لکن جي تعداد ۾ بي زمين هاري هڪ هنڌ کان ٻئي هنڌ ڌڪا کائيندا وتن ۽ انهن جو ڪو حال ڀائي نه هُجي، اتي ٻاهرئين ڪنهن شخص کي زمين الاٽ ڪرائڻ جو ڪو اخلاقي جواز نٿو جُڙي. باقي رهيو فوج يا سول آفيسر شاهيءَ جي ماڻهن کي بيراج وارن علائقن ۾ زمين ڏيڻ، اها ڳالهه اڃا به وڌيڪَ نندڻ جوڳي آهي، جيئن هڪ اسيمبلي ميمبر مغربي پاڪستان اسيمبليءَ ۾ سوال ڪيو ته: ”جيئن ته فوج جي جرنل جو ڪل وقتي ڪم آهي ۽ زمينداري به ڪل وقتي ڪم آهي، مهرباني ڪري ٻڌايو وڃي ته اهي ٻئي ڪم سرڪاري ڪامورا ڪيئن ڪندا؟“ جنرلن ۽ سرڪاري آفيسرن کي ملازمن دوران پگهار ملندي آهي ۽ رٽائير ٿيڻ کانپوءِ پينشن به کڻندا آهن، پوءِ انهن کي زمين جي خيرات سان نوازڻ جو ڪهڙو جواز آهي؟“
دراصل پاڪستان جي ٺهڻ کانپوءِ فوجي ۽ سِول آفيسر جهڙي ريت ملڪ جي ڦرلٽ ۾ شريڪ ٿي ويا، ان جو هڪ مثال سنڌ جي بيراجي زمينن تي قبضو پڻ آهي. انهن جهڙي نموني زمين حاصل ڪئي ۽ ان کان پوءِ مقامي ماڻهن سان جهڙو رويو رکيو ۽ نفرت جو ٻج پوکيو، ان جو فصل هاڻي پچي تيار ٿي چڪو آهي. پنجاب جي خلاف اڄ سنڌ ۾ جيڪا نفرت ۽ ڪاوڙ موجود آهي، ان جي ذميواري سڀ کان وڌيڪَ فوجَ ۽ سول آفيسر شاهيءَ تي عائد ٿئي ٿي، جيڪي زمين جي زوال حرص ۾ مبتلا رهيا. ڪوٽڙي بيراج تي بهترين زمينون فوجين کي الاٽ ڪرڻ کانپوءِ 1959ع ۾ گهڻي خواريءَ کانپوءِ هارين کي به ڪجهه زمين الاٽ ڪئي وئي. جيڪا زمين انهن لاءِ مخصوص ڪئي وئي، ان جي ايراضي اڳ مخصوص ڪيل ايراضيءَ کان گهٽ هئي. گهڻو ڪري آخر ۾ ڏنل اها زمين اڳ الاٽ ٿيل ايراضي کان بيڪار، اڻ سڌريل، ڀِٽن ۽ دڙن تي مشتمل هئي. واهن جي پڇڙيءَ تي هجڻ ڪري، اتي پاڻي دير سان پهتو ٿي ۽ گهٽ به هو. ڪوٽڙي بئراج تي جن هارين کي زمين الاٽ ڪئي وئي، تن جي مسئلن جو پڙاڏو 1986ع تائين ٻڌڻ ۾ آيو. انهيءَ سال ڏيڍ لک ايڪڙ هارين جي زمين رد ڪئي وئي. غير سنڌي آبادڪارن بلڊوزرن جي اسڪيم هيٺ جيڪو قرض ورتو هو، اهو هارين تي وڌو ويو ۽ نه ڏيڻ جي صورت ۾ سندن زمين رد ڪئي وئي. سنڌ هاري ڪميٽيءَ جي ڪوششن باوجود فيصلي تي عمل ٿي نه سگهيو. ڪوٽڙي بئراج تي 24 هزار ايڪڙ زمين نيلامن ذريعي وڪري لاءِ مخصوص ڪئي وئي. مقامي هاري يا غريب ماڻهو ان قابل ئي نه هو ته اها زمين خريد ڪري سگهي. پنجاب جي ڪيترن ئي ضلعن ۾ سنڌ جي ڀِٽ ۾ هڪ ايڪڙ جا وڌيڪَ يونٽ مقرر ڪيا ويا، ان ڪري پنجاب ۾ ڪيترن هنڌن تي ماڻهن پنهنجون زمينون وڪڻي، ان جي ڀيٽ ۾ ڪيئن ڀيرا وڌيڪَ زمينون سنڌ ۾ نيلامن رستي اچي خريد ڪيون. ڳوٺن جا ڳوٺ پنجاب مان لڏي اچي سنڌ ۾ آباد ٿيا. ان ڪري فوجي ۽ سِول آفيسرن جيڪا زمين حاصل ڪئي، اها به گهڻو ڪري پنجابين جي حصي ۾ آئي ۽ نيلامن واري زمين پڻ. زمين وٺندڙن ضرورت آهر هاري به پنجاب مان گهرائي ورتا. ان ڪري سنڌ ۾ پنجابين جو ۽ (ڪنهن حد تائين پٺاڻن جو) تعداد ڏينهون ڏينهن وڌڻ لڳو. (ڪيا هم اڪٺي رهه سڪتي هين. پروفيسر عزيز الدين صفحو 88 کان 91).
اهي حالتون ڏسي، اسان ڪوشش ڪئي ته ڪنهن طريقي سان سنڌ کي ون يونٽ جي پنجوڙ مان آزاد ڪرائجي، ته جيئن سنڌ جي وسيلن کي ڌارين جي ڦرلٽ کان بچائي، سنڌي ماڻهن لاءِ استعمال ڪري، کين جديد زندگيءَ ۽ سائنس جي نعمتن ۾ ڀاڱي ڀائيوار ڪري سگهجي. ان لاءِ اسان ون يونٽ کي ٽوڙائڻ لاءِ اسيمبليءَ کان ٻاهر ڪا عوامي تحريڪ هلائڻ بدران اسيمبليءَ ۾ آئيني طريقي سان جدوجده ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. ان سلسلي ۾ آئون (جي. ايم. سيد) ڪجهه ساٿين سميت مغربي اسيمبليءَ ۾ چونڊجي ويس. ان وقت ريپبليڪن پارٽي مغربي پاڪستان جي اقتدار ۾ هئي ۽ مسلم ليگ مخالفت ۾ . اسان جي پوزيشن (Balance Power) واري هئي ۽ جنهن طرف به ووٽ ڪيوسين ٿي ته ٻي ڌُر اقليت ۾ تبديل ٿي وئي ٿي. مون ۽ منهنجن دوستن، اسان جي ان پوزيشن کي ون يونٽ جي خاتمي ۽ سنڌ جي مفادن لاءِ استعمال ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ۽ ان سلسلي ۾ مسلم ليگ اسيمبلي پارٽي، جنهن کي اڪثريت جي باوجود وزارت ۾ اچڻ کان محروم ڪيو ويو هو، ان اسان جي ڌُر کي اسيمبليءَ ۾ توازن جو حامل سمجھي، اسان سان وزارت ڌُر (اقتدار ۾ آيل حڪومت) خلاف ڳالهيون شروع ڪيون.
سنڌ جي زمينن جيان سنڌ اندر نوڪرين ۾ به پٽيوالي کان ويندي سنڌ جي گورنر تائين سڀ غير سنڌي ملازم مقرر ڪيا ويا. اهي گهڻو ڪري سڀ پنجاب مان ڀرتي ڪيا ويا هئا. اسان جي ننڍڙي ڳوٺ ٻني ۾ به پوليس ٻيلي کاتي ۽ اسپتال ۾ سڀ ملازم غير سنڌي مقرر ڪيا ويا. اهڙيءَ طرح ضلعي هيڊ ڪوارٽرن ۾ پڻ ڊي سي، ايس پي، ڊي ايس پي، اي ڊي سي، ڊي ايف او، سيشن جج، سِول سرجن وغيره مطلب ته اسي سيڪڙو ملازم پنجابي پهچي ويا ۽ ائين 1947ع کانپوءِ هنن ڪارن انگريزن اچي حڪومت سنڀالي. ڪراچيءَ ۾ ڏسندي ڏسندي لکن جي تعداد ۾ پٺاڻ اچي ويا، جيڪي اڄ سنڌ اسيمبليءَ جا ميمبر ۽ وزير ٿي ويا آهن. جڏهن سنڌ جو وزير تعليم مروت پٺاڻ هو ته هو ڪيترا سال انهيءَ عهدي تي رهندي، سنڌي ادبي بورڊ جو چيئرمين به ٿي رهيو. اها ڪيڏي نه افسوس جي ڳالهه آهي! اهڙي سنگين صورتحال هوندي به سنڌ جو عوام انهن سڀني ڳالهين کان لا تعلق ۽ بي خبر ٿو لڳي. سواءِ چند سنڌي شاگردن، اديبن، ڪامورن ۽ سياستدانن جي ٻيو مڙئي ٿيو خير! جيڪڏهن اها صورتحال اڃان به ٻيا پنجاهه سال رهي ته پوءِ سنڌين کي سڄي سنڌ اندر ٻيو نمبر شهري ٿي رهڻ کان ڪير به روڪي نٿو سگهي. گهڻو ڪري هر سنڌيءَ کي سياست ڪرڻ جو شوق هوندو آهي، پر اها صرف پنهنجي مفاد ۽ مطلب لاءِ.
سياست ٻن قسمن جي ٿيندي آهي، هڪ پنهنجي ديس ۽ ديس واسين جي لاءِ ۽ انهيءَ لاءِ واسطيدار نظريي سان محبت جي لاءِ، جنهن لاءِ اِنسانَ کي تمام وڏيون قربانيون ڏيڻيون پونديون آهن ۽ سوين تڪليفون ڏسڻيون ۽ سَهڻيون پونديون آهن. ان لاءِ پنهنجي ذات کان سواءِ پنهنجي ملڪيت ۽ اولاد کي به قربان ڪرڻ کان ڪونه ڪيٻائبو آهي ۽ قدم قدم تي پنهنجن ۽ پراون کان هر وقت مخالفت، تڪليف ۽ مقابلي جو مُنهن ڏسڻو پوندو آهي. ان ۾ جيل، ڪوڙا، ڏنڊ وغيره جون سزائون سدائين سِرَ تي کڻڻيون پونديون آهن. روپوش ٿيڻ، گهرن جا جھاڙو، مال ملڪيت جون نيلاميون ۽ ٻيا ڪيترائي اذيتناڪ ڏک ڏسڻا پوندا اهن، جيڪي اسان جو سياستدان قطعن برداشت ڪرڻ لاءِ تيار نه آهي.
ٻي سياست خود مطلبي واري سياست، جيڪا پنهنجي ذات، پنهنجي پيٽ ۽ ذاتي مفادن لاءِ ڪجي ٿي. ان ۾ وزارتون اسيمبليءَ جون ميمبريون، چيئرمينيون، وڏن سرڪاري ادارن ۾ تمام گهڻي رشوت وارا وڏا وڏا عهدا، ڊائريڪٽريون وغيره ماڻڻ لاءِ ماڻهن کي موڳو ڪندڙ سرسبز باغ ڏيکاريندڙ سياست هوندي آهي. اهڙي سياست ڪرڻ سان هر طرف کان هر قسم جي مادي فائدن لاءِ دروازا کليل رهندا آهن. اهڙن سياست ڪارن جي زرعي فارمن تي سرڪاري ريسٽ هائوس، پڪا رستا، غير قانوني واٽر ڪورس ڏسڻ ۾ ايندا. کين سرڪار طرفان وڏيون عزتون، اعزاز ۽ تمغا عطا ٿيندا اهن. اهو سڀ انهيءَ لاءِ ته پنهنجي ديسَ جي مفادن ۽ خوشحاليءَ يا بامقصد نظريي ۽ مسڪين مارو ماڻهن جي ڇوٽڪاري ڀلائيءَ ۽ امن امان جي ڳالهه به ڪرڻي ناهي. پوئين قسم جي سياست جو وجود آڳاٽي زماني ۾ سڄي دنيا ۾ ڏسڻ ۾ اچي ٿو، پر اڄ اهو دنيا جي اڪثر ملڪن مان پنهنجي بڇڙائين ۽ مَڪارين سبب ختم ٿي چڪو آهي ۽ اڃا تائين ان سياست جو وجود ٽئين دنيا جي غريب ملڪن ۾ ڏسڻ ۾ اچي ٿو، جتي اهو ڦرمار واري صورت ۾ پنهنجا آخري پساهه کني رهيو آهي. اسان جو ملڪ، خاص ڪري اسان جي پنهنجي ڌرتي سنڌ امڙ انهيءَ مدي خارج ۽ پنهنجي پيٽ ڀرڻ واري سياست ۾ وڪوڙيل آهي. ان جو مرڪز ڪردار ويڪو ڪامورو ۽ ويڪو وڏيرو آهي. اسان جو ويڪو وڏيرو انهيءَ ڦرلٽ ۾ ڌارين سان هر دؤر ۾ گڏ نظر اچي ٿو. ”مون پڪ سڃاتا پنهنجا هئا، ڪي ڌارين سان گڏ ڌاڙي ۾“ ابراهيم منشي.
ويڪو وڏيري کي سنڌ جي مفاد ۽ سنڌ غريب مسڪين ماڻهن جي لاءِ ذري برابر به عزت ۽ احساس نه آهي ۽ نه ئي مخصوص طبقي جي حيثيت ۾ پاڻ ۾ مُتحد آهي. پنهنجي مفادن لاءِ وڏيرن کي سدائين پاڻ ۾ وڙهندو ڏٺو ويو آهي، جيئن ڪنهن ڍونڍ تي ڳجھون. سنڌ ۽ سنڌي غريب مسڪين ماڻهن جو پُٺ تي پوڻ جو وڏي ۾ وڏو سبب اهي ئي وڏيرا آهن. اهي ماڻهو علم ۽ ادب کان پري رهڻ ڪري بالڪل اڻڄاڻ آهن. کين نه دنيا جي ڄاڻ، نه ملڪ جي خبر، نه سنڌ جي تاريخ جو پتو ۽ نه ئي ڪا جاگرافيءَ جي ڄاڻ آهي. هنن کي جيڪڏهن ڪا ڄاڻ آهي ته هيءُ ته ڪراچيءَ جي بنگلن جي مسواڙ ۽ قيمت، ڪارن موٽرن جي ماڊل جي ۽ انهن جي قيمت جي، ڪراچيءَ جي پلاٽن جي اگهن، ايئر ڪنڊيشن ۽ ولائتي وِسڪين جي نالن جي، سٺن هوٽلن ۽ سٺن درزين جي کين ڀلي ڀَتَ خبر آهي. پيرس ۽ بئنڪاڪ جو احوال ائين ٻڌائيندا، ڄڻ ته سندن ڳوٺ هجي، پر سندن اباڻي ڳوٺ جي پاڙن جا نالا به ڪونه ايندن. جيڪڏهن اسيمبليءَ جا ميمبر چونڊجي ويا ته آڱرين تي ڳڻن وارن کان سواءِ ٻين کي اسيمبليءَ جي لفظ جي هِجي به ڪانه ايندي. کين اسيمبلي جي ڪارگذاريءَ کان اڻ ڄاڻائيءَ سبب ان ۾ ڪا به دلچسپي ڪانهي نه کين بجيٽ جي خبر نه G.N.P، I.M.F، ايشيئن بئنڪ، ورلڊ بئنڪ يا ملڪي اقتصاديات بابت ڄاڻ. کين صوبن ۾ فنڊن جي ورهاست انفليشن، امپورٽ ۽ ايڪسپورٽ واپار جي به خبر ڪانهي، نه ڪسٽم ڊيوٽي جي ڄاڻ اٿن، نه ئي ان کي ڄاڻن جي ڪا سُڌَ اٿن. ويچارن انهن وڏيرن مان ٻن ٽن ميمبرن کان سواءِ کين اسيمبليءَ ۾ ڳالهائڻ جي به خبر ڪانهي، پر وزارت لاءِ هر ڪو اميدوار ٿيندو، ڀلي ته انگريزيءَ جي ABC جي به واقفيت نه هجي! کين تڏهن اڻڄاڻائيءَ جو احساس ٿئي ٿو، جڏهن هوائي اڏي تي ٻاهرين ملڪن جي وفدن ۽ اخباري نمائندن کي مُنهن ڏيڻُ ٿو پوين. ملڪ کان ٻاهر وڃڻ جو، خاص ڪري سرڪاري سلسلي ۾ ته سوال ئي پيدا نٿو ٿئي. هنن صاحبن جون اسلام آباد ۽ ڪراچيءَ ۾ جيڪي مصروفيتون آهن، انهن کان هاڻي سنڌ جو هر ڪو ماڻهو واقف آهي. عيش عشرت آ۽ ذاتي مفادن کان سواءِ وٽن ٽائيم نه آهي. سندن تڪن جا ماڻهو، سوين هزارين روپيا خرچ ڪري جڏهن انهن شهرن ۾ پهچندا آهن، تڏهن ڪم ته ڪم جي ماڳ، پر ساڻن ملڻ لاءِ به تيار نه هوندا اگهن. انهيءَ وڏيرڪي طبقي جي وڏيرڪي سياست جي ڪري سنڌي عوام کي جيڪو نقصان رسيو آهي، ان جو ڪو ڪاٿو ئي نٿو ڪري سگهجي. وطن سان ڪهڙا ويل وهيا. ڌرتيءَ تي ڪيئن ڪالونائيز ڪيو ويو، ٻوليءَ سان ڪيئن ٺٺوليون ڪيون ويون، اسان جي تهذيب کي گڏهن چارڻ وارن جي تهذيب ڪوٺيو ويو. اسان جي ئي شهرن ۾ سنڌي ماڻهن جو رهڻ حرام ڪيو ويو. اسان جي مائرن ۽ ڀينرن کي شهرن ۾ پنهنجن اباڻن گهرن ۾ گهڙي بي عزت ڪيو ويو ۽ شَهرن ۾ سَوَن جي تعداد ۾ سنڌي ماڻهن کي شهيد ڪيو ويو. هزارين سنڌي ماڻهو جيڪي سوين سالن کان اتي آباد هئي، سي پنهنجا اباڻا گهر ڀڳڙن جي مٺ تي وڪڻي شهر مجبوراً خالي ڪرڻ لڳا. سـَوَن جي تعداد ۾ شهرن اندر قائم سنڌي ڳوٺ نيست و نابود ڪيا ويا ۽ انهن مٿان هيليڪاپٽرن سان بمباريون ڪيون ويون. سَوَن جي تعداد ۾ سنڌي سياسي ڪارڪنن کي ڦٽڪا هنيا ويا. ڪيترائي ڳڀرو جوان، ڌارين جي هٿان گولين جو بَکُ ٿي شهيد ٿي ويا، جيل ڀرجي ويا ۽ سياسي قيدين کي جيلن ۾ جيڪي اذيتون ڏنيون ويون، تن جو ذڪر ڪندي اکيون رت ٿيون ڳاڙين.
روئندي روئندي نير کُٽي ويو، لهو اچي ويو لڙڪن ۾
آئون ڪيئن کِلندي کير پيان، مُنهنجي سنڌڙي آهي سُڏڪن ۾
مهينن جا مهينا بند وارڊن ۾ سوگھا، هٿن ۾ هٿڪڙيون، چيلهه ۽ پيرن ۾ ڏنڊا ٻيڙيون، صبح شامَ مٿن ڪوڙن جا وَسڪارا، سَڄو بدن زخم ۽ رت، نه ڌڻي نه سائين ۽ نه علاج جي سهولت جيڪڏهن انهن حالتن جي خلاف بک هڙتال ڪن ته ڳُجھن عضون ذريعي سُيون هڻي کين مفلوج ڪن.
رسالا ۽ اخبارون اهڙيون خبرون شايع ڪرڻ کان مجبور. ايڏن ڏکن ۽ سورن کان پوءِ به انهن جا جذبا وڌيڪَ جوان آهن.
هي ماڻهو وِههِ جو ڍُڪ ٿيا،
جيئن لُڪَ لڳي، تيئن رُڪ ٿيا.