4
سنڌي وڏي توڙي ننڍي زميندار جو، سندس هاري ۽ ڪُڙمي طبقي سان ليکو چوکو بلڪل غلط ۽ ظالماڻو آهي. هي ڪو به حساب لکيت پڙهيت ۾ ڪونه ڪري. جيڪو رهيو کهيو زميدار ڪجهه ليکو ڪري ٿو ته اهو به هارپ جي قانون مطابق ڪونه ٿو ڪري. جيڪڏهن ڪو هاري حساب ڪرڻ لاءِ چوي ٿو ته زميندار کي اها ڳالهه بالڪل ڪانه ٿي وڻي. انهيءَ ڪري اهڙي قسم جي هاريءَ تي واسطيدار زميندار جي هر وقت ڪرڙي نظر رهندي آهي ۽ وقت اچڻ تي کيس تنگ ڪندو آهي، جيئن ته هو ويچارو اڳتي ڪڏهن به اهڙي قسم جو مطالبو ته پنهنجي ماڳ، پر انهيءَ ظلم خلاف ٻڙڪ به ٻاهر ڪڍي نه سگهي. وڏيرو ۽ ٿاڻي جو پوليس وارو جنم جنم جا ساٿي آهن. پنج ٻڌائڻ ۽ ڇوڙائڻ وڏيري جي شان ۽ شوق جي شيءِ آهي. پوليس ڪاموري جي عزت سندس نس نس ۾ سمايل آهي. پوليس واري جي عزت پنهنجي پيءُ کان به وڌيڪَ ڪندو آهي. انهيءَ ڪامياب نسخي سبب چور ۽ ڌاڙيل سندس طاقت جو سرچشمو آهي. ڪنهن غريب مسڪين کانئس ڪنهن حق جو مطالبو ڪيو ته راتو رات سندس ڪُنڍي مينهن غائب، جنهن جو کير سندس بيمار پيرسن پيءُ ۽ ٻار پيئندا هئا. مطلب ته تر جي پوليس ۽ چور، وڏيري جون ٻه مضبوط ٻانهون آهن. انهن تي ڪنٽرول ئي سندس شان ۽ دٻدٻي جي نشاني آهي. هن جي سياست جو دارو مدار پڻ انهن ٻن مضبوط ٿنڀن تي آهي. جيڪو به وڏيرو انهيءَ اصول تي عمل ڪري ٿو، اهو ڪامياب ۽ ڪامران آهي، باقي جيڪو غريب ۽ مسڪينن جي ڳالهه ڪري ٿو ۽ ساڻن هر غم ۾ ٻانهن ٻيلي آهي، اهو انهيءَ جي تر جي سياست ۾ گهڻو وقت هلي نه سگهندو. خود ننڍا وڏيرا ۽ ڪامورا سندس ويري ٿي ويندا. پوءِ کيس يا ته اهڙيون حرڪتون ڪرڻيون پونديون جيڪي وڏيرن کي پسند هجن، يا پنهنجي فيوڊل ڪلاس جي ماڻهن ۽ سندن ڇاڙتن جي سخت مخالفت برداشت ڪرڻي پوندي. سنڌ جي ميرَ، پِيرَ، مُرشدَ، وڏيري، ڪاموي، ٺيڪيدار ۽ وڏي زميندار تي اهو نفسياتي اثر ويٺل آهي ۽ آئون ٻين کي دٻائي ۽ هيسائي پنهنجو مانُ مٿانهون ڪريان ۽ پاور تي قابض رهان، نه ته منهنجو جيئن هن انڌي معاشري ۾ جنجال ٿي پوندو ۽ هر طرف کان اڪيلو ٿي پوندس. ڪنهن وٽ به منهنجي ڪا نه هلندي، تنهنڪري ننڍي وڏي جو آسانيءَ سان کاڄ ٿي ويندس. اها غلط سوچ کيس هزارين بُڇڙا ڪم ڪرائي ٿي. انهيءَ ڪري هو پنهنجي ديس ۽ ديسَ واسين تي ڌارين جا ڪَٽَڪَ آڻيو مڙهي. هي ڌارين جو پڇ لٽڪائو ٿي، پنهنجي قوم جي محبت وطن ماڻهن تي چغلخور بنيو بيٺو آهي. اها سوچ سندس ڪِريل ڪردار، بي همتيءَ ۽ جهالت جو کُليل ثبوت آهي. سندس اها سوچَ تڏهن تبديل ٿيندي، جڏهن هو نظرياتي تعليم کان واقف ٿيندو ۽ پنهنجي مِٽيءَ ۽ ماروئن سان مثبت رشتو قائم ڪندو. انهيءَ احساس سبب هُو هميشه چڙهندڙ سِجَ جو سلامي ۽ وقت جي حاڪم ۽ حڪومت جي حضوري ڪندو رهي ٿو. پاڻ کي وقت جي حڪومت کان ٻاهر ائين ٿو سمجھي، جيئن پاڻيءَ کان ٻاهر مڇيءَ جو حالُ هوندو آهي. نه رات جي ننڊ هوندي اٿس، نه ڏينهن جو آرام، پنهنجي وجود کي ٽُٽندو، سُسَندو ۽ ڳَرندو محسوس ڪندو آهي. تنهن ڪري هو نه پاڻ سان سچو ۽ نه ٻئي ڪنهن سان. انهيءَ ئي طريقي تي عمل ڪندي، پارٽيون بدلائڻ ۽ حاڪم پارٽيءَ ۾ شامل ٿيڻ سندس شوقَ جو شغل آهي. ڪجهه وقت اقتدار کان ٻاهر به ڪنهن پارٽيءَ ۾ هوندو آهي، پر اها پڪ هوندي اٿس ته اها پارٽي جلدي پاور ۾ ايندي، پوءِ سڀ لُڙهه لهي ويندا. جنهن به پارٽيءَ جي سياست وطن ۽ وطن جي غريب عوام لاءِ هوندي، تنهن کي ويجھو به ڪونه ويندو. سڄو ڏينهن ان کي ويٺو گاريون ڏيندو. ديس سان محبت رکڻ وارين سياسي پارٽي، سندن ڪارڪُنن ۽ انهن جي جلسن ۽ جُلوسن کان کيس باهه هوندي آهي. اهو وڏيرڪو طبقو، جنهن ۾ مير، پير، مرشد، مخدوم مَلڪ، ڄام، ڄاموٽ، رئيس، خان، صاحب، ارباب، سيٺيون، زميندار، وڏا واپاري، ٺيڪيدار، وڪيل ۽ ڪامورا شامل آهن، انهيءَ طبقي ۾ ڪي اهڙا ماڻهو به آهن، جن پنهنجي ديس ۽ ديس واسين لاءِ بيشُمار قربانيون ڏنيون، جيل، ڪوڙا، ڏنڊ ۽ پنهنجي سرن جون قربانيون به ڏنيون آهن. انهن مان شهيد الله بخش سومرو، شهيد فاضل راهو، ٽوڙيءَ جي سهيدن ۽ ٻين قومي تحريڪ جي اڳواڻن ۽ ڪارڪُنن شهيدن جا نالا اسان لاءِ مٿال رهندا. ون يونٽ جي خلاف هلچل ۾ به وڏيري طبقي جا چند اهڙا شخصَ جيڪي ملڪ جا هڏ ڏوکي هُئا، شاگردن، هارين ۽ مزدورن ساڻ، ان جدوجهد ۾ شامل نظر اچن ٿا. ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ پهرين آڪٽوبر 1988ع جي واقعن ۾ پڻ اهڙآ چند ماڻهو نظر اچن ٿا. خود شهيد فاضل راهوءَ کي سندس تَرَ ۾ اڄ ائين ”وڏيرو فاصل“ جي نالي سان ياد ڪيو وڃي ٿو، پر هو پاڻ پنهنجو سِر، پنهنجي وطن ۽ وطن جي مسڪين ۽ مجبور ماڻهن تان قربان ڪري، پنهنجي ساک رکي، سنڌ جي سينڌ کپي پنهنجي لال لهو سان سينگاري ويو!
اي سنڌو توکي ڀيٽ ڏنا، ڪنهن ماڪَ ڦُڙا، ڪنهن لُڙڪَ ڦُڙا،
جن توکي پنهنجون رَتُ ڏنو، سي سَڀُ کان پاڻ ملهائي ويا.
شہیدوں کے مزاروں پر لگینگے ہر برس میلے،
وطن پر مٹنے والوں کا یہی انجام ہوتا ہے!
اختلاف، انهيءَ غنڊاگرديءَ واري ذهنيت سان هئڻ گهرجي ۽ انهن عوام دشمن سياسي قُوَتن سان هئڻ گهرجي، جيڪو ڪردار مجموعي طور مذڪور وڏيرو طبقو ادا ڪري ٿو، جيڪو وطن ۽ ويڙهيچن جو ويري ۽ ڌارين جو دلدل ۽ سندن سرخرو ساٿاري آهي. جيڪو به فرد پنهنجي انهيءَ ظالم طبقي جي عوام دشمن ۽ وطن دشمن سياست کي ڇڏي، سنڌ جي مظلوم عوام جي ڇوٽڪاري لاءِ عوام دوست ۽ وطن دوست سياست کي پنهنجي سياست ڄاڻي ۽ قبول ڪري ٿو ته پوءِ هو هن سنڌي سماج جو ڪارگر حصو آهي، نه ڪي اڳوڻو ڪردار رکندڙ وڻ ويڙهي، هونئن به اڄ جي سنڌي سماج جي اها اشد ضرورت آهي ته سنڌ امڙ جا سڀئي ٻچا، پاڻ ۾ متحد ٿي، وطن جي دشمنن طرفان ٿيندڙ حملن ۽ هلائن کان، ان کي محفوظ رکن ۽ مضبوط بنائين. جيڪڏهن هن وقت ائين نه ٿي سگهيو ته پوءِ موجوده صورتحال جي پيش نظر، سنڌين جو مستقبل ڏاڍو ڏکيو ۽ تنگ پيو محسوس ٿئي، جنهن لاءِ ايندر نسل، اسان سمورن موجود سنڌين کي، انهيءَ هاڃي ٿيڻ جي معافي ڪڏهن به نه ڏيندا. سنڌ جي هزارين سالن جي تاريخ، جنهن ۾ راءِ گهراڻو، برهمڻ گهراڻو، عرب، ارغون، ترخان، مغل، ڪلهوڙا، ٽالپر، سمان، سومرا ۽ انگريز شامل آهن، انهيءَ سموري ماضيءَ ۾ سنڌ ۽ سنڌي ماڻهو، اڄوڪي تمام ڳنڀير، مُنجهيل ۽ مشڪل، موت ۽ زندگيءَ جي انتهائي ڀيانڪ ۽ ڪشمڪش واري صورتحال ۾ ڦاٿل نظر نٿا اچن، جهڙا اڄ ڏسڻ ۾ اچن پيا. انهيءَ سموري ماضيءَ واري دور ۾ سنڌ ۽ انهن ملڪن ۾ جتان سنڌوندي لنگهي ٿي، ائين نظر نٿو اچي ته سنڌو درياهه تي بند ٻڌي، سنڌوءَ جي پاڻيءَ کي اسان کان کسي پري رکڻ جي ڪوشش ڪئي وئي هُجي. سنڌ جي خوشحاليءَ جو دارومدار زراعت تي ۽ زراعت جو سمورو دارومدار سنڌوءَ جي پاڻيءَ تي آهي،
ڪتاب، ”پاڻيءَ منجهه پساهه“ پڙهڻ گهرجي. پر جنهن رفتار سان پنجاب ان تي بند ٻڌي، مهراڻ جي سموري پاڻيءَ جو رُخ پنجاب جي زمين ڏانهن موڙي رهيو آهي، ان جو نتيجو اهو ٿيندو ته سڄي سنڌ جون سون ورنيون زمينون رڻ پٽ ۾ تبديل ٿي وينديون ۽ سنڌ مڪمل طرح پنجاب وٽ هميشه هميشه لاءِ بليڪ ميل ٿيندي رهندي ۽ سندس حيثيت مڪمل طور غلام ملڪ جهڙي ٿي ويندي. سنڌ ۾ پاڻيءَ جي اڳ ۾ ئي کوٽ هئي، پر پنجاب حڪومت، سنڌ حڪومت ۽ وفاقي حڪومت جي اجازت کان سواءِ ئي سنڌونديءَ تي چشما جهلم لنڪ ڪينال ٺاهي، سنڌوءَ جي بين الاقوامي پاڻيءَ جي ورهاست واري معاهدي جي کُلم کُلا خلاف ورزي ڪئي. مٿان وري هاڻ ڪالا باغ ڊيم ٺاهڻ لاءِ پنجاب حڪومت بيتاب آهي. پهرين ته اهو شوشو ڇوڙيو ويو ته ڪالا باغ ڊيم فقط بجليءَ جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ لاءِ قائم ڪيو پيو وڃي، پر جڏهن خان غفار خان سڄي سرحد صوبي جو دورو ڪري اتي جي عوام کي ڊيم جي ٺهڻ کانپوءِ جي خطرناڪ صورتحال کان واقف ڪيو ۽ کين چيو ته جيڪڏهن ملڪ کي بجليءَ جي ضرورتن سبب، ڪنهن ڊيم جي گُهرج آهي ته پوءِ اهو ڊيم ڀاشا وٽ ٺهڻ سان اها ضرورت پوري ڪري سگهجي ٿي. ڀاشا جبلن جي وچ ۾ آهي، اهڙي هنڌ تي واقع آهي، جتان زراعت لاءِ ڪو به واهه کوٽي نٿو سگهجي. انهيءَ نئين راءِ عامه جي پيش نظر، پنجاب پنهنجي ٻولي ڦيرائي چيو ته اسان کي ڪالا باغ ڊيم ٺاهي، پنجاب جي زمين کي آباد ڪرڻو آهي. غفار خان جي هئڻ جي باوجود سموري سرحد صوبي جو دورو ڪري، اتي جي عوام کي، هن ڊيم کان ايتري ته نفرت ڏياري، جو پوري صوبي ۾ انهي منصوبي خلاف گهوڙا گهوڙا مچي وئي ۽ سرحد جي انهيءَ وقت جي وزير اعليٰ، ارباب جهانگير به انهيءَ سلسلي ۾ بيان جاري ڪيو ته: ”اسان وزارتون ڦٽيون ڪري ڇڏينداسين، پر ڪالا باغ ٺاهڻ ڪونه ڏينداسين“. پر افسوس! جو ان وقت بجليءَ ۽ پاڻيءَ واري وفاقي وزير، جيڪو سنڌي هو، تنهن قومي اسيمبليءَ ۾ ڪالا باغ ڊيم جي باري ۾ ٿيندڙ سوالن جا جواب ڏيندي وضاحتي بيان ڏنو، جيڪو 16 جون 1987ع واري ”هلال پاڪستان“ اخبار ۾ شايع ٿيو سو هن ريت آهي ته: ”ڪالا باغ ڊيم ٺهڻ سان، صوبي سرحد جي 38 هزار، ست سؤ ايڪڙ زمين جي ڀيٽ ۾ پنجاب صوبي جي اوڻهٺ هزار، اٺ سؤ ايڪڙ زمين پاڻيءَ ۾ ٻُڏي ويندي.“ پر وزير موصوف اهو ڪونه ٻڌايو ته انهيءَ ڊيم ٺهڻ سان، پنجاب جي چاليهه لک ايڪڙ زمين آباد ٿيندي، پر سرحد صوبي جو هڪڙو ايڪڙ زمين به آباد ڪونه ٿي سگهندو. اها ڳالهه وڌيڪَ افسوس جي آهي ته انهيءَ وزير صاحب پاڻ سنڌي هئڻ جي باوجود، سنڌ جي زمينن سان جيڪا قيامت ٿيڻ واري هئي، تنهنجو ذڪر ڪرڻ به مناسب نه سمجھيو. اهي آهن اسان جي وڏيرن وزيرن جا حال، جو اهڙن اهم مسئلن بابت ڪجهه به نٿا ڪُڇن، سي ٻين عام مسئلن تي ڇا ڳالهائيندا؟! منهنجي خيال ۾ مٿئين مسئلي کي به جيڪو مسئلو وڌيڪَ خطرناڪ آهي، سو آهي ڌارين ڪٽڪن جي يلغار ۽ آباد ڪاري. هئي به هڪڙي تاريخي حقيقت آهي ته سنڌ جي ماڻهن پنهنجي مادر وطن کي، ايڏي وڏي تعداد ۾ ڪڏهن به نه ڇڏيو، جيتي تعداد ۾ پاڪستان جي قيام ۽ هندستان جي ورهاڱي وقت وطن ترڪ ڪيو. انهيءَ وقت پندرهن لک سنڌي پنهنجي وطن مان مجبوراً بيدخل ٿي، خير باد چوندا ۽ روئندا پٽيندا وڃي هندستان جي مختلف رياستن ۾ آباد ٿيا،. اهي سمورا سنڌي هئا، جن ۾ شاهوڪار ۽ پڙهيل طبقي جو تمام وڏو تعداد هو. هينئر سنڌ کي آدمشماريءَ جي واڌ جو جيڪو حقيقي خطرو آهي، سو آهي ٻين صوبن جي ماڻهن جي سنڌ ڏانهن لڏ پلاڻ ۽ٻين ملڪن جهڙوڪ هندستان، بنگلاديش، برما، ايران، افغانستان ۽ ٻيا غير مسلم غريب مُلڪَ، جن جي مسلمان آبادي، غير قانوني طرح پاڪستان ۾ ڌڙا ڌڙ اچي رهي آهي. انهن ۾ خاص ڪري برما، ڪوريا، ٿائيلينڊ، سري لنڪا، ڪمپيوچيا، لائوس، سائوٿ آفريڪا ۽ ڪي ٻيا ملڪ به اچي وڃن ٿا. مهاجرن کي مذڪور ڌارين ماڻهن جي سنڌ ۾ اچڻ تي ڪو به اعتراض نه پر بيحد خوشي پئي ٿئي، ڇو ته کين خبر آهي ته اهي ماڻهو، سنڌ ۾ آباد ٿيندا ۽ غير سنڌين جي آدمشماري وڌندي ۽ سنڌين جي اڪثريت گهٽبي، جنهن مان کين ئي فائدو ٿيندو. ڪنهن مهاجر ليڊر ڪڏهن به انهيءَ ڌارين جي يلغار خلاف ڪو بيان نه ڏنو آهي ۽ نه ئي ڏيندو ته ڪو هن غير قانوني آباديءَ جي واڌ کي هر حالت ۾ روڪڻو آهي. انهيءَ لاءِ گڏيل حڪمت عمليءَ جي ضرورت آهي. انهيءَ کانسواءِ، اسان جي سنڌ جي پنهنجي قدرتي دولت: پيٽرول، گئس ۽ ڪوئلي تي پڻ مڪمل طرح سان ڌارين جو قبضو آهي. وفاقي ۽ صوبائي ڪارپوريشنن، بئنڪن توڙي ٻين سرڪاري ادارن ۽ خانگي ڪارخانن ۽ ادارن جي نوڪرين ۾، اسان جي لاءِ دروازا مڪمل طور بند آهن. اسان جي زبان، تهذيب ۽ قديم آثارن جي حفاظت ۽ واڌاري لاءِ ڪجهه به ڪونه ٿيو ڪيو وڃي. مرڳو هر طرح سان انهن کي نقصان پهچائڻ جون ڪوششون ٿي رهيون آهن. سنڌ جي تعليمي ادارن کي مهينن جا مهينا لڳاتار بند رکيو ويندو آهي ۽ انهن کي ٿاڻن ۾ تبديل ڪيو ويو آهي، ته جيئن اسان جو ايندر نسل هيسيل، ڊِنَل ۽ جاهل هُجي. مطلب ته هڪ سوچيل سمجھيل سازش تحت هر طرف کان، اسان کي ڪيل گھيرو وڌيڪَ تنگ ڪيو پيو وڃي. سنڌ ۽ سنڌي قوم شايد پنهنجي وجود جي آخري ويڙهه وڙهي رهيا آهن، جنهن کي ڪامياب ئي ، اسان جي ايندڙ نسلن کي سلامت رکي سگهي ٿي. ڇوٽڪاري جو ٻيو ڪو به چارو نظر نٿو اچي. تنهن ڪري قومي بچاءَ واري انهيءَ جنگ ۾ اسان کي نهايت عقلمنديءَ سان ۽ ڪاميابيءَ سان اُڪرِي پارِ ٿيڻو آهي. عقل ۽ طاقت کي زيان ڪرڻ کانسواءِ استعمال ڪرڻو آهي. سنڌ جي سڄڻن کي هڪڙي پليٽفارم تي آڻڻو آهي. اهو نه صرف احساس ڏيارڻو آهي، پر ثابت ڪري ڏيکارڻو آهي ته سنڌ ڪنهن هڪ فرد يا ڪلاس جي جاگير نه، پر هن پنهنجي ڪُکِ مان، سڀني ٻچن کي جنم ڏنو آهي. اهي سڀ سندس وارث آهن ۽ مڙني وسيلن جا هڪ جهڙا حقدار آهن. سڀني سياسي پارٽين، گروهن ۽ فردن کي گهٽ ۾ گهٽ سمورن مکيه قومي مسئلن جي حل واسطي ضرور هڪ پليٽفارم تي گڏ ٿيڻو پوندو. سنڌ آهي ته اسان سڀ آهيون. انهيءَ کانسواءِ اسان جو پنهنجو وجود يا سڃاڻپ ئي ڪانهي. وقت گذّرڻ کانپوءِ، هڪ ٻئي کي ڏوراپا ڏيئي پيا ٺهنداسين، سي ڪهڙي ڪم جا ! شيخ اياز چواڻي ته:
”چئو وڃان مان وڃان، ڪيئن مان ڀيرو ڀڃان
سج ويندو لهي، پير ويندا ڊهي“.
اڄ اسان کي هي عهد ڪرڻو آهي ته هاڻي:
1. اسان کي هڪٻئي سان، بيمقصد جنگ ختم ڪرڻي پوندي.
2. اسان کي هڪٻئي تي اعتبار ۽ اعتماد ڪرڻو پوندو.
3. اسان کي هڪٻئي جي عزت ڪرڻي پوندي.
4. اسان کي هڪٻئي جي گريبان ۾ جھلڻ کان اڳ پنهنجي گريبان ۾ ڏسڻو پوندو.
5. اسان کي ايماندار ٿيڻو پوندو.
6. اسان کي آدمشماري وڌائڻي پوندي.
7. اسان کي سخت محنت ۽ پورهيو ڪرڻو پوندو.
8. اسان کي محنتي ۽ قابل شاگرد ۽ استاد ٿيڻو پوندو.
9. اسان کي لائق مائٽ ۽ اولاد ٿيڻو پوندو.
10. اسان کي ايماندار، محنتي ۽ قابل انجنيئر ۽ ٺيڪيدار ٿيڻو پوندو.
11. اسان کي ايماندار، محنتي ۽ قابل ڪاريگر ۽ مزدور ٿيڻو پوندو.
12. اسان کي ايماندار، محنتي ۽ قابل آبادگار ۽ هاري ٿيڻو پوندو.
13. اسان کي محنت ۽ قابليت جو مثال ٿيڻو پوندو.
14. اسان کي ٻه، ٽي، چار يا پنج نه پر سچو اتحادي ۽ ٻڌي ڪري هڪ ٿيڻو پوندو.
15. اسان کي هڪ فرد تي بار نه وجھڻ، پر گڏجي بار کڻڻ جي اصول تي هلڻو پوندو.
16. اسان کي سڀاڻي نه پر سڀ ڪم اڄ ڪرڻ جي اصول تي هلڻو پوندو.
17. اسان کي اونداهيءَ کان ڊڄڻو نه پر ان کي هميشه لاءِ ختم ڪرڻو آهي.
18. اسان کي هر قدم اُٻهرائيءَ سان نه پر بُردباريءَ سان کڻڻو پوندو.
19. اسان کي سچو ۽ ايماندار تخليقڪار ٿيڻو پوندو.
20. اسان کي سچو اديب ۽ سچو رهبر ٿيڻو پوندو.
21. اسان کي بک، باهه ۽ اڃ برداشت ڪرڻ جو عادي بنجڻو پوندو.
22. اسان کي درياهن، جهنگن، جبلن، ٿرن ۽ بَرن ۾ رهڻ جو عادي ٿيڻو پوندو.
23. اسان کي شخصي خود عرضي نيچ سمجھي ترڪ ڪرڻي پوندي.
24. اسان کي انفرادي نه پر اجتماعي يعني گڏيل قومي جنگ وڙهڻي پوندي.
25. اسانکي پنهنجي سنڌُ امڙ تان پنهنجي جان قُربان ڪرڻي پوندي.
26. اسان کي سنڌ جو سپوت پٽ ٿي هن غلاميءَ واري رات کي نيٺ آزادي، پُر امن ۽ روشن صبح ۾ تبديل ڪرڻو پوندو.
سورهيه! مرين سوڀ کي، ته دل جا وهم وسار،
هن ڀالا وڙهه ڀاڪُرين، آڏي ڍالَ مَ ڍارِ،
مٿان تيغ ترار، مار ته متارو ٿئين!
پاڻ هاڻي وري واپس ٿا موٽون ڪوهاٽ، جت اسان کي ڇهن ڇهن ڇوڪرن لاءِ هڪ ننڍو هال ڏِنئون، جنهن ۾ هر ڇوڪري لاءِ جدا پولنگ، ٽيبل، ڪرسي ۽ ننڍي الماري پيل هئي ۽ ننڍي پلنٿ تي بسترو به پيل هو. سڀني بسترن تي صاف سُٿريون سفيد چادرون پيل هيون. هر هڪ هال ۾ اچي ٻُڌائون. اسان شامَ جو ڪوهاٽ شهر گهمڻ وياسين. مون سان گڏ بنگالي ڇوڪرو مسعود به هو. اسان ٽانگو ڪري شهر روانا ٿياسين. شهر پارڪ هوٽل کان ٿورو پرڀرو هو. اسان شهر جي مُک بازار، جيڪا تحصيل گيٽ کان شروع ٿئي ٿي ۽ ڪينٽ وٽ ختم ٿئي ٿي، ات اسان ٽانگي مان لٿاسين. هن بازار کان سواءِ ڪوهاٽ ۾ ميان خيل بازار چرسي بازار، تيره بازار، بنون بازار، صرافه بازار يا بازار زرگران، سيف الله مارڪيٽ، بانو بازار ۽ انارڪلي بازار شهر جون مشهور بازارون آهن. ڪوهاٽ صوبي خيبر پختون خواهه جو هڪ تمام قديم ۽ مشهور شهر آهي. جيئن اسان جي ڳوٺ ”ٻني“ کي چؤطرف مٽي جو ٻنون يا بند ٺهيل آهي تيئن ڪوهاٽ شهر کي وري چؤطرف جَبَلَ ئي جبلَ موجود آهن. تنهن ڪري ئي هن شهر تي ڪوهاٽ نالو پيو. ڪوهاٽ اوڻيهين عيسوي صديءَ ۾ پنجاب جي قبضي هيٺ هو. ان کانپوءِ هي سکن کان انگريزن جي قبضي هيٺ رهيو. آخر ۾ سن 1947ع ۾ انگريزن جو هتان نڪري وڃڻ کانپوءِ هي علائقو ريفرينڊم کانپوءِ پاڪستان ۾شامل ٿيو. ڪشمير جو سابق وزير اعليٰ شيخ عبدالله پنهنجي آتم ڪٿا ۾ لکي ٿو ته سرحد صوبي جي عوام ريفرينڊم ۾ فيصلو پاڪستان جي حق ۾ ڪيو، تنهن کانپوءِ ڪانگريسي ليڊر خان عبدالغفار خان کي ڪا به اهميت ڪانه ڏيندا هئا. هن علائقي جون ٻه مُک قومون آهن، هڪڙي بنگش، ٻي خٽڪ. خٽڪ ست سؤ سال اڳ ڪوهه سليمان مان لڏي اچي هت آباد ٿيا. اهي سڀ سُني آهن. بنگش اٺ سؤ سال اڳ افغانستان جي علائقي گرديز مان لڏي هت اچي آباد ٿيا. بنگش ۽ خٽڪن کان سواءِ هت گيلاني سيد، بنوري سيد، بخاري سيد ۽ پراچا قومون به رهنديون آهن. مزي جي ڳالهه ته هتي جي مڪاني ٻولي هندڪو آهي. هتي جو هندڪو کي هت ”ڪوهاٽي هندو“ چوندا آهن. جيئن لاهور ۽ دهلي پنهنجن گيٽن يعني دروازن جي ڪري سڃاتا وڃن ٿا، تيئن ڪوهاٽ شهر به پنهنجي تحصيل گيٽ، لنگ گيٽ ۽ جنگل گيـٽ جي ڪري مشهرو آهي. هت ڪيلي، سارين ۽ کجيءَ کانسواءِ ٻيون سڀ سنڌ واريون پوکون ۽ هر قسم جو فروٽ ٿئي. جيئن پاڻ وٽ سنڌ ۾ لاڙڪاڻي جا زيتون، ٽنڊي الهيار جا انب، ٽنڊي ڄام جا گلاب، ٺٽي جو ڪيلو ۽ خيرپور جون کجيون مشهور آهن، تيئن ڪوهاٽ جا زيتون مشهور ۽ مٺا آهن. جيڪي سڄي خيبر پختونخواهه صوبي جا سمورا ماڻهو ڏاڍي شوق سان کائيندا آهن. سڄي سرحد صوبي جيان هت به ڪڙهي گوشت ۽ ڀڳل گوشت ڪوهاٽ شهر جي خاص سوکڙي آهي، پر ڪوهاٽ جا ماڻهو پلاءَ ۽ زردو به ڏاڍي شوق سان کائيندا آهن. شامَ جي وقت هت ڏاڍي هلڪي هلڪي ٿڌي هوا لڳي رهي هئي ۽ سڄي جسم کي فرحت ڏئي رهي هئي. پهاڙن جي وادين جي شامن ۾ به دماغ ۾ هڪ نشيلي ڪيفيت طاري ٿي ويندي آهي ۽ اها هڪ پيار ڪندڙ عورت وانگر وڻندڙ لڳندي آهي. هتي جي پهاڙن، وڻن ۽ گلن جي خوشبوءِ ۾ به هڪ عجيب خمار ۽ سرور هوندو آهي، جنهن جو پڻ پنهنجو نرالو سحر هوندو آهي. جبلن جي چوٽين جون شامون، ميدان علائقن کان صفا مختلف هونديون آهن پر وري هر پهاڙ جي چوٽيءَ جي شام ۽ خوشبوءِ به مختلف هوندي آهي، جنهن ۾ زندگيءَ جي پهرئين پيار جهرو مزو هوندو آهي. اسان ڪوهاٽ جي هن مُک بازار ۾ ماني کائي گهمي ڦري واپس پنهنجي هوٽل پهتاسين ۽ ڏٺوسين ته سڀ ڇوڪرا اسٽئڊيءَ ۾ مشغول هئا ۽ هڪٻئي کان سوال جواب ڪري رهيا هئا. اسان به بنا دير هن جوائنٽ اسٽئڊيءَ ۾ ساڻن شامل ٿي وياسين ۽ ڪافي دير کان پوءِ وڃي آرامي ٿياسين. صبح سوير تيار ٿي هڪ تمام وڏي هال ۾ آياسين، جتي اسان جو لِکت جو امتحان ٿيو. تنهن کانپوءِ هڪ گروپ ڊسڪشن، آخر ۾ اسان سڀني کي عليحده عليحده روسٽر تي آڻي ٿوري ٿوري دير لاءِ تقريرون ڪرايائون. ٻئي ڏينهن اسان جي انٽيليجنس ٽيسٽ ورتئون ۽ هڪ ميدان ۾ ڊوڙايائون. انهيءَ ڏينهن شامَ جو هر هڪ جي وري مختصر ميڊيڪل ٽيسٽ ورتائون. رات جو نوٽيس بورڊ تي رزلٽ لڳايائون. اسان ڪل سٺ شاگرد هئاسين، جن مان صرف ڇهه شاگرد پاس ٿيا، تن ۾ منهنجو نالو ڪونه هو، پر منهنجي بنگالي دوست مسعود جو انهي پاس شاگردن واري لسٽ ۾ نالو هو. اسان کي ٻڌايائون ته توهان هاڻ سڀاڻي صبح جو رواني ٿيندڙ ريل ۾ واپس وڃي سگهو ٿا. پاس ٿيندڙ ڇهن ڇوڪرن کي اتي رهائي ڇڏيائون. ناپاس شاگردن کي چيائون ته اوهان ۾ ڪو به شاگرد جيڪڏهن بيمار هجي ته هو ٺيڪ ٿيڻ تائين هت رهي سگهي ٿو. آئون ۽ مسعود وري به گڏجي ڪوهاٽ گهمڻ وياسين، شهر گهمي ڦري، ماني کائي واپس اچي هوٽل ڀيڙا ٿياسين. رات جو هوٽل ۾ آرام ڪري، صبح سوير ريل ۾ چڙهي پهرين راولپنڊي ۽ پوءِ وري شامَ جو حيدرآباد وڃڻ واري ٽرين ۾ چڙهي، سڄي رات ريل ۾ سفر ڪندو، ٻئي ڏينهن به شامَ ڌاري اچي حيدرآباد ۾ مسلم هاسٽل پهتس. ڏاڍو ٿڪ هو، تنهن ڪري سواءِ ماني کائڻ جي سوير ئي سمهي پيس. ٻئي ڏينهن شامَ جو تيار ٿي ڪاليج ويس. انهيءَ زماني ۾ مسلم ڪاليج ۾ شامَ جو ڪلاس ٿيندا هُئا. انهيءَ ڪري اسٽاف به گهٽ ۽ شاگرد به گهٽ هوندا هئا. حيدرآباد جي انهيءَ وقت جي ڪاليجن ۾ سچل ڪاليج، سٽي ڪاليج ۽ گورنمينٽ ڪاليج ڪاري موري ڪافي مشهور هئا. ٻيا به ڪاليج هوندا هئا پر مونکي خبر ڪانه هئ. پبلڪ اسڪول حيدرآباد شايد اڃان چالو ڪونه ٿيو هو. ان جون بلڊنگون ۽ هاسٽلون ٺهي تيار ٿي ويون هيون. ڪيڊٽ ڪاليج پيٽارو حيدرآباد ڪافي پري هوندو ۽ انهيءَ وقت ايتري ٽريفڪ ان طرف ڪانه هوندي هئي، جيتري اڄ اهي. شايد ان طرف وڃڻ وارو رستو جيڪو ڄامشورو، پيٽارو، سن کان ٿيندو سيوهڻ طرف ويندو هو سو شايد ڪچو هو. ان وقت سن اوڻيهه سؤ پنجهٺ ڇاهٺ ڌاري شامَ جو ڇَهين ستين ڌاري ٽنڊي محمد خان کان حيدرآباد وڃڻ لاءِ مشڪل سان ٽِرَڪِ يا ڪا ٻي سواري ملندي هئي. ڪارون موٽرون به روڊن تي ڪي ايڪڙ ٻيڪڙ هلنديون هيون. انهيءَ صورتحال جو توهان کي صرف هڪ مثال ٿو ٻُڌايان ته مخدوم امين فهيم پنهنجي هڪ انٽرويوءَ ۾ چيو ته هالا مٽياري روڊ تي هڪ بس کي هٿ ڏنو ته اها ڪا نه بيٺي ۽ وري ٻي بس ۾ چڙهي جڏهن اسين ٿورو اڳيان وياسين ته ڏٺم ته اها بس، جنهن اسان کي نه کنيو سان اڳيان ڏاڍي بري طرح ايڪسيڊنٽ ٿي پئي هئي. تڏهن مون الله پاڪ جو شڪر ادا ڪيو ته سٺو ٿيو جو اها بس نه بيٺي ۽ اسان بچي وياسين. منهنجي انهيءَ مثال ڏيڻ مان اها مُراد آهي ته انهيءَ وقت سنڌ جا ايڏا وڏا ماڻهو به بسن ۾ سفر ڪندا هئا، جنهن جو اڄ تصور به نٿو ڪري سگهجي. ڪاليج ۾ شبير شيخ ۽ عبدالحميد هاليپوٽو گڏيا. اسان جو انگلش جو ليڪچرار شفيق احمد پراچا هو، جيڪو ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تان مقامي خبرون به پڙهندو هو. اهو پوءِ ڪمشنر ڪراچيءَ ۽ ڊيسي او ڪراچي به ٿيو. اسان شفيق پراچه وارو انگريزيءَ جو پيرڊ اٽينڊ ڪري، پوءِ تلڪ چاڙهيءَ کان هيٺ ايراني هوٽل تي وَڃِي چانهه پيتي. انهيءَ وقت حيدرآباد شهر ۾ جام ايراني هوٽل هوندا هئا، جنهن ۾ ڪيفي اي ون، ڪيفي شيزان، ڪيفي يونيٽي، ڪيفيت آستان، ڪيفي راڪسي، ڪيفي درٻار ۽ ڪيفي جارج مشهور هونديون هيون. انهيءَ کان سواءِ ڪراچي هوٽل، سلطان هوٽل ۽ شيشن محل هوٽل به ڏاڍيون مشهور هيون، پر پوءِ جڏهن حيدرآباد ۾ اورِئَنٽِ هوٽل کلي ته سڄي حيدرآباد جا مُک ماڻهو شامَ جو اُتي نظر ايندا هئا. شبير شيخ، عبدالحميد هاليپوٽو ۽ آئون نور محمد هاءِ اسڪول ۾ به گڏ پڙهندا هئاسين. عبدالحميد ميرپور بٺوري جو هوندو هو. ميرپور بٺورو ۽ ٻنون هڪ ٻئي کان ٿوري مفاصلي تي هئا ۽ ميرپور بٺورو اسان جو تعلقي هيڊڪوارٽر به هو، تنهن ڪري اسان جي هڪٻئي سان اڳ ئي واقفيت هئي، جيڪا پوءِ دوستيءَ ۾ تبديل ٿي ۽ اها سندس وفات تائين قائم رهي. اسان کيس حميد شاهين سڏيندا هئاسين. هو سٺو دوست ۽ سٺو ماڻهو هو. اسان اسڪول جي زماني ۾ مسلم هاسٽل ۾ ڪجهه وقت هڪ ئي ڪمري ۾ رهندا هئاسين، پر پوءِ عبدالحميد هاسٽل ڇڏي وڃي ٻاهر رهيو، باقي شبير شيخ هوٽل شيش محل جي ڪٿ ويجھو رهندو هو. هو شهيد ڀٽي جي دؤر ۾ ڊي ايس پي ۽ پوءِ ايس پي ٿيو. هينئر هي ٻئي دوست وفات ڪري چڪا آهن. عبدالحميد تمام دير سان شادي ڪئي ۽ اولاد به ڪونه ٿيس. اسان ايراني هوٽل تي چانهه پيٽيز کائي، ڪجهه دير ات ويهي پوءِ آئون واپس هاسٽل روانو ٿيس. مون منهنجي پڙهائيءَ واري دؤر جو سربستو احوال منهنجي ڪتاب ”سنڌي شاگرد سياست“ ۾ تفصيل سان بيان ڪيو آهي. تنهن ڪري آئون هت صرف منهنجي شاگرديءَ وارو دؤر اهو احوال بيان ڪندس، جنهن جو ذڪر انهيءَ ڪتاب ۾ بيان ٿيل ڪونهي اهو ڪتاب مون منهنجي شاگرديءَ واري زماني ۾ ئي لکيو هو، جيڪو مون پوءِ 1989ع ۾ سهڻي پريس ۾ ڇپرايو. انهي ڪتاب جو مُهاڳ مرحوم محترم فقير محمد لاشاريءَ لکيو. اهو ڪتاب 172 صفحن تي مشتمل آهي. آئون ڪوشش ڪندس ته انهيءَ ڪتاب ۾ لکيل ڳالهين جو ورجاءُ نه ٿئي ته بهتر. اهو به هڪ قسم جي مُنهنجي اُنهيءَ دؤر جي لکيل آتم ڪٿا ئي ته آهي. انهيءَ حساب سان هي منهنجي آتم ڪٿا جو ٽيون ڪتاب جلد توهان جي هٿن ۾ آهي. بالڪل آخر ۾ ڪوشش ڪندس ته سڀ جلدي گڏي شايع ڪرايان. مون ڏٺو آهي ته سنڌي قوم هميشه جلد بازيءَ ۾ ڏاڍا جذباتي فيصلا ڪيا آهن، جن مان آئون توهان کي صرف ٽي فيصلا ٻڌايان ٿو. هڪ خلافت تحريڪ واري دؤر ۾ سنڌ جا هزارين ماڻهو انگريزن جي حڪومت دؤران پنهنجي فيملين سان گڏ سنڌ ڇڏي افغانستان هليا ويا پوءِ جڏهن افغان حڪومت ۽ انگريزن جو ٺاهه ٿيو ۽ پوءِ جيڪو انهن سنڌين جو حشر ٿيو، تنهن جي به سڄي قوم کي خبر آهي. ٻيو دفعو 1947ع ۾ سڄي هندستان ۾ واحد سنڌ اسيمبلي هئي، جنهن پاڪستان جي حق ۾ قرارداد پاس ڪرائي وئي. پاڪستان ٺهڻ کانپوءِ هندستان مان آيل مهاجرن کي ريلوي اسٽيشنن تي سنڌين پنهنجي هڙان وڙان خرچ ڪري ڪيترن ئي ڏينهن تائين ڀت جون هزارين ديڳيون رڌي کارايون ۽ ٻي به انهن کي هت آباد ڪرڻ ۾ مهاجرن جي هر قسم جي مدد ڪئي. ٽيون دفعو سن 1983ع ۾ ايم آر ڊي تحريڪ دوران به سنڌين جي ڪيل قربانيءَ کي سڄي دنيا ۾ مشهوري ملي. سواءِ سانگھڙ ضلعي ۽ ڪراچيءَ شهر جي، سنڌ جو شايد ئي ڪو ڳوٺ هوندو، جت انهيءَ تحريڪ جو سِڌي يا اڻسڌيءَ طرح اثر نه پيو هوندو. انهن جذباتي فيصلن مان سنڌ کي جيڪو فائدو ٿيو، سو به اسان سڀني جي اڳيان آهي. دنيا ۾ جن به قومن جذباتي فيصلا ڪيا ۽ جن قومن عقلي بنيادن تي فيصلا ڪيا، تنهن بابت سڄي دنيا اندر ڪنئين ڪتاب ڀريا پيا آهن. پر وري به اڄ جڏهن پنهنجي ماضيءَ کي ياد ڪري تاريخ جا ورق ٿا اٿلائجن ته سنڌ بمبئيءَ سان ملائڻ ۽ سنڌ پنجاب سان ملائڻ (يعني مغربي پاڪستان ۾ ون يونٽ قائم ڪرڻ) وقت سنڌي قوم ڏاڍا غلط فيصلا ڪيا.