آتم ڪٿا / آٽوبايوگرافي

ڪيڏي نه مختصر زندگي

عبدالحئي پليجو جي آتم ڪٿا جو ٽيون حصو آهي. هن ٽئين جلد ۾ سندس مئٽرڪ کان 1970ع تائين جو شخصي زندگي ۽ سياسي سرگرمين ۽ معاشقن جو سربستو احوال بيان ڪيل آهي.
عبدالحئي پليجو سنڌي ٻوليءَ جي وڏن اديبن ۾ شامل آهي. سندس شمار انهن ليکڪن ۾ ٿئي ٿو، جيڪي سهڻو ۽ پختو نثر لکندا آهن. جتي سندس شخصيت ۾ سنڌو نديءَ جي ڪچي جي چِيڪي مٽيءَ جو هُڳاءُ آهي، اتي سندس نثر ۾ به سنڌو نديءَ جي رواني آهي. سندس لکڻي سادي، سرل، عام فهم ۽ خوبصورت هجڻ سان گڏ گهِري، روان ۽ معنائن جو ڀنڊار هجي ٿي. سندس لکڻي پڙهي ائين لڳندو آهي، ڄڻڪ هو ڄائي ڄم کان ئي هڪ تخليقڪار آهي.
Title Cover of book ڪيڏي نه مختصر زندگي

7

صبح سوير سواءِ ڪنهن سان ملڻ جي بس ۾ چڙهي دادو روانا ٿياسين. دادو ضلعو سنڌ جو اهو ضلعو آهي جيڪو تقريباً سڄو جابلو علائقي تي مشتمل آهي، جنهن جو درياهه سان ٿورو حصو ڪچي جو ۽ ضلعي جي بالڪل آخر ۾ رائيس ڪئنال جي پاڻيءَ سان ساريون، گدرا، گاهه جا قسم ۽ چيٽ ٿيئي، نه ته باقي ٻيو سڄو ضلعو جابلو ۽ غير آباد لڳو پيو آهي، جتي وڻ به ڪو نالي ماتر نظر اچي ٿو. پر هن ضلعي اندر درگاهه قلندر لال شهباز، رني ڪوٽ، منڇر ڍنڍ، گورک جبل ۽ آمري جي قديم آثارن جي موجودگيءَ سبب، هن ضلعي جي حيثيت تاريخي ۽ سماجي طور سنڌ جي ٻين ضلعن کان ڪنهن به طرح گهٽ ڪانهي. اسان دادو وڃڻ کان اڳ ڪجهه دير لاءِ سيوهڻ ۾ لهي اچي قلندر شهباز جي درگاهه جو ديدار ڪيو ۽ فاتح پڙهي. درگاهه تي فقيرن ۽ ناچڻي فقيرياڻين جا ميلا ته متا پيا هئا. سڄي پاڪستان ۾ پشاور ۽ سيوهڻ قديم ترين شهر آهن، جيڪي اڄ به آباد آهن، نه ته قديم شهر هاڻ گهڻو ڪري رڳو کنڊرن جي صورت ۾ موجود آهن. دنيا جو عظيم سياح محمد ابن بطوطه جنهن کي عام طرح ابن بطوطه جي نالي سان سڃاتو وڃي ٿو، سو جڏهن سيوهڻ شهر پهتو ته کيس شهر ته وڏو لڳو، پر پاڻ لکي ٿو ته: ”هتي گرمي گهڻي هوندي هئي، منهنجا ٻيا ساٿي بدن تي صرف لانگوٽا ٻڌندا هئا ۽ سڄو ڏينهن بدن تي پُسيل ڪپڙا رکندا رهندا هُئا ته جيئن بدن ٿڌو رهي. پاڻ لکي ٿو ته سيوهڻ ۾ سواءِ ڪِرِڙَ جي ٻيو ڪو به وڻ ڪونه هو ۽ هتي جا ماڻهو جوئر جي ماني کائيندا آهن. هتي کير ۽ مڇي تمام گهڻي ٿئي. پاڻ ٻي هڪ ڏاڍي مزيدار ڳالهه لِکيائين ته: هتي جا ماڻهو گِلوئي (جنهن کي پاڻ ”اسقنقور“ لکي ٿو) به کائيندا آهن. هو لکي ٿو ته گلوئيءَ کي ڪُهي ان جي پيٽ مان سمورو گند ڪچرو ڪڍي، صاف ڪري، پوءِ پيٽ اندر هيڊ وجھي اها پچائي کائيندا آهن. اها مون ڪانه کاڌي، ڇو ته مون کي گلوئي ڏسي ڪراهت ٿيندي هئي. پاڻ لکي ٿو ته: عثمان مرونديءَ (قلندر شهباز) جي خانگاهه ۾ مون کي هڪ ماڻهو شيخ محمد بغدادي مليو، جنهن جي عمر 140 سال هئي، پر پاڻ جسماني طرح مضبوط ۽ چڱيءَ طرح سان گهمي ڦري سگهندو هو. اڄ سيوهڻ شهر عثمان مَروندي ڪري سڄي ننڍي کنڊ هند پاڪ ۾ مشهور آهي ۽ سڄي ملڪ مان ماڻهو ان جي درگاهه جي زيارت ڪرڻ لاءِ هتي اچن. قلندر شهباز جي مقبري تي سوني نيل ۽ شهيد ڀُٽي انهيءَ درگاهه کي سون جو دروازو لڳرايو هو. رونا ليليٰ ”سنڌڙي دا، سيوهڻ دا، سخي شهباز قلندر“ گيت ڳائي هن بزرگ کي سڄي جهان ۾ مشهور ڪري ڇڏيو. هن تازو انڊيا، پاڪستان ۽ بنگلاديش جي ٽِه ملڪي ٽورنامينٽ جيڪا ڍاڪا ۾ منعقد ٿي، تنهن جي آخري تقريب ۾ اسٽيڊيم جي وچ ۾ هي گيت ڳائي قلندر شهباز کي ڀيٽا ڏئي هزارين تماشائين کان داد حاصل ڪيو. اهو سڄو پروگرام مون به ٽي وي تي ڏٺو، جيڪو ڏاڍو سٺو پروگرام هو. انهيءَ کي ڏسي مون محسوس ڪيو ته رونا ليليٰ سنڌ ۽ سنڌين کي اڃا وساريو ڪونهي. هوءِ هئي ته بنگالڻ، پر هن جو ننڍپڻ ۽ زندگيءَ جو وڏو حصو سنڌ ۾ گذريو. سندس ننڍي ڀيڻ، دينا ليليٰ جي شادي به سنڌين ۾ ٿي، يعني مخدوم امين فهيم سان، هوءَ 30-35 سال اڳ ڪينسر سبب وفات ڪري وئي. رونا ليليٰ، عابده پروين ۽ آشا ڀونسلي جو گڏيل پروگرام اڄ به هندستان جي سهارا ٽي وي چينل تي هلي رهيو آهي، جنهن ۾ ٽي ڪلاڪار جج طور ويهنديون آهن. رونا ليليٰ ۽ عابده پروين جي خلاف هندستان جا ماڻهو ۽ پريس گهڻي واويلا به ڪري رهي آهي ته پاڪستان جي ڳائڻن ۽ ائڪٽرن کي هندستان ۾ ڪا به جڳهه نه هئڻ گهرجي. هندستان وارن هندستان جي I.P.L ڪرڪيٽ راندين ۾ به پاڪستاني ڪرڪيٽرن کي ڪونه کيڏرايو. هندستان جا اڪثر ماڻهو ائين سمجھندا آهن ته پاڪستان جا ماڻهو موهن جي دڙي واري دؤر ۾ رهندا آهن، پر اهي جڏهن پاڪستان ۽ ان جا شهر ڪراچي، لاهور ۽ اسلام آباد گهمي ڦري ۽ ڏسي ويندا آهن ته پوءِ سندن وات ڦاٽي ويندا آهن ۽ اقرار ڪندا آهن ته پاڪستان جو شهر لاهور دهليءَ کان ۽ ڪراچي بمبئي کان وڌيڪَ خوبصورت شهر آهي. باقي اسلام آباد جو ته ڪو جواب ئي ڪونهي. هيلري ڪلنٽن پنهنجي آتم ڪٿا ۾ سڄي جنوبي ايشيا جي شهرن مان اسلام آباد کي هڪ حسين ۽ جاذب نظر شهر ڪري بيان ڪيو آهي. آئون جڏهن دهلي ويس ته اتي جي سنڌي اديبن مون کان پڇيو ته ڇا توهان وٽ ڪمپيوٽر استعمال ٿيندو آهي؟ ۽ منهنجي جوابن مان مطمئن ڪونه هئا، پر پوءِ جڏهن هو پاڪستان مان گهمي ڦري ويا ته گوبند خوشحالاڻي ڪاوش ۾ ڪالم لکيو، تنهن ۾ لکيائين ته پاڪستان جي گهرن ۾ ڪمپيوٽر جو استعمال هندستان کان به وڌيڪَ ٿئي ٿو. اهڙي نموني سان، اسان سنڌ جا مسلمان، هوشو ۽ هيمونءَ جو نعرو گڏ هڻندا آهيون پر هندستان جي پارليامينٽ بلڊنگ اڳيان صرف هيمون ڪالاڻيءَ جو مجسمو ٺاهيو ويو آهي. چون ٿا ته هندستان سيڪيولر ملڪ آهي، پر جيئن پاڪستان ۾ اسلامي قانون کي پاڪستان جي آئين ۾ تحفظ مليل آهي. مثال هندستان ۾ ڳئون ڪُهڻ جي خلاف Cattle prevent act جوڙيل آهي، جنهن جي ڀڃڪڙيءَ جي سزا پنج سال سخت پورهئي سان جيل جي سزا ۽ ڏهه هزار روپيا ڏنڊ مقرر ٿيل آهي.
پاڪستان غوري ميزائيل ٺاهيو، ته هنن پرٿوي راج چوهان ميزائيل ٺاهيو، ڇو ته ٻنهي جون هڪٻئي سان جنگيون ٿيون هيون. پاڪستان جي ريڊيو تان صبح سوير تلاوت ڪلام پاڪ ٿئي ته هندستان جي ريڊيو تان روزانو صبح سوير ڀڄن وڄن. مسلمانن، ٻُڌن ۽ عيسائين جي عبادت گاهن کي ساڙڻ ۽ ڊاهڻ ته هندستان ۾ روز جو معمول آهي. هندستان جي هڪڙي اڳوڻي وزير خارجه جناح تي ڪتاب لکيو ته کيس BJP مان ڪڍي ڇڏيئون. ڪتاب جو ليکڪ ڪتاب ۾ لکي ٿو ته گانڌي پڪو هندو هو ۽ مقامي سوچ رکندڙ ماڻهو هو، پر جناح لاءِ لکي ٿو ته هو قومي سوچ رکندڙ بااصول سيڪيولر سوچ رکندڙ ليڊر هو. خوشونت سنگهه جيو TV جي حامد مير کي انٽرويو ڏيندي چيو هو ته ڪانگريسي، BJP وارن کان وڌيڪَ تعصبي هندو آهن. اهي ڪڏهن به سونيا گانڌيءَ کي هندستان جي وزير اعظم نه ڪندا ۽ ڪافي سالن کانپوءِ وري جڏهن ڪانگريس چونڊن ۾ کٽيو پر سونيا گانڌيءَ کي وزير اعظم نه بنايو. هندستان جي هڪ وڏي قومي ليڊر عورت سُشما سوراج ته هڪ جلسي ۾ تقرير ڪري هي اعلان ڪيو ته جي ڪڏهن نان هندو ۽ اٽليءَ ڄائي ملڪ جي وزير اعظم ٿي ته آئون پنهنجو مُنهن ڪارو ڪنديس ۽ سڄي زندگي مٿو ڪوڙائيندي رهنديس. نتيجاً سونيا گانڌي پاڻ وزير اعظم نه ٿي سگهي، پر هن به هندستان ۾ پهريون ڀيرو سِکَ کي وزير اعظم بنائي سڄي هندستان جي هندن کي ڇرڪائي ۽ چيڙائي ڇڏيو، پر اهي ڪجهه چئي نه سگهيا. ڇو ته آزاديءَ کان وٺي مسلسل فقط هندو ئي وزير اعظم ٿيندا آيا آهن ۽ هي پهريون دفعو هو جو اڌ صديءَ کان به وڌيڪَ عرصي کانپوءِ ڪو غير هندو وزير اعظم ٿي رهيو هو. شيخ عبدالله سندس آپ بيتيءَ ۾ لکيو آهي ته جناح ويهه سال ڪانگريس ۾ رهيو، پر پارٽيءَ جي هندو ليڊرن هن کي پارٽيءَ ۾ ڪڏهن به اڳيان اچڻ ڪونه ڏنو ۽ گهڻو ڪري کيس گهڻي اهميت ڪونه ڏيندا هئا. انهيءَ ڪري گهڻي عرصي کانپوءِ مجبور ٿي هن ڪانگريس ڇڏي. شيخ عبدالله لکي ٿو ته مولانا ابو الڪلام آزاد کي به ڪانگريس کيس اباڻي شهر ڪلڪتي مان چونڊجڻ لاءِ چونڊ ٽڪيٽ ڪانه ڏيندي هئي ۽ هو هميشه صوبي سرحد مان چونڊ وڙهندو هو. اڄ به هندستان ۾ ٽيهه ڪروڙ مسلمان رهن ٿا، پر ڪنهن به مسلمان ليڊر کي اڳيان نٿا آڻين ۽ ڪشمير کانسواءِ ڪنهن به رياست جو وزير اعليٰ ڪو مسلمان نه ٿي سگهندو آهي، سو هندستان ۾ وزير اعظم ٿيڻ جو ته مسلمان سوچي به نٿا سگهن. سنڌي مسلمانن جو هينئر هندستان ۾ آباد سنڌي هندن سان هاڻ صرف سنڌي ٻوليءَ جي ڪري واسطو آهي، تنهن کان هو هاڻ بالڪل پري ٿيندا وڃن. سندن نئين نسل کي ته اها به خبر ڪانهي ته سنڌ ۾ اسان جي وڏن جو ڳوٺ ڪهڙو يا ڪٿي هو ۽ اسان ڪٿ پيدا ٿياسين. پاڪستان ۾ به سنڌي مسلمانن کي ٽي ٻوليون ڳالهائڻيون ٿيون پون. هڪ گهر ۽ ڳوٺ ۾ سنڌي، شهرن ۾ اردو ۽ ڪورٽ، چٽاڀيٽيءَ جي امتحانن ۾، نوڪريءَ دوران سڄي لکپڙهه، ڪورٽ آفيس ۽ ٻاهرين دنيا ۾ وري انهن ٻولين سان گڏوگڏ انگريزي ٻوليءَ جي ضرورت ۽ اهميت زياده ٿي پوي. تنهنڪري سنڌ ۾ سنڌي هاريءَ کان سواءِ هر ماڻهو زياده تر مذڪور ٽي ٻوليون ڳالهائي ٿو. اهو قلم سنڌ ۾ رهندڙ سڀني هندن سان به لاڳو آهي، پر ٿر جو هندو ته چار ٻوليون ڳالهائي ٿو، يعني 1 ٿري 2 سنڌي 3 اردو ۽ 4 انگريزي. افسوس! جو هندستان ۾ لڏي ويل سنڌي هندو هندي ۽ انگريزي ته ڳالهائي ٿو، پر سنڌي ٻوليءَ کي هن بالڪل خدا حافظ ڪري ڇڏيو آهي. جيتوڻيڪ سنڌ ۾ هندو سنڌيءَ ۾ مسلمان سنڌيءَ وانگر، هندستان ۾ به هندو سنڌي جيڪڏهن چاهين ته پنهنجن گهرن ۾ سنڌي ٻولي ڳالهائي سگهن ٿا، جيڪا ڳالهه هنن لاءِ ڪا ڏکي ڪانهي، پر حقيقت ۾ هُنن سنڌ سان پنهنجا رشتا ناتا هميشه لاءِ ختم ڪري ڇڏيا آهن ۽ پنهنجون راهون جدا ڪري ڇڏيون آهن. هاڻ ته حالت اُت وڃي پهتي آهي، جو هندستان ۾ ڪو سنڌي اديب وفات ڪري ته سندس وفات جي خبر هندستان جي ڪنهن به اخبار ۾ شايع ڪانه ٿئي، پر اها خبر سنڌ جي هر اخبار ۾ شايع ٿئي. هندستان جي ورهاڱي کان اڳ به سنڌي هندو سڄي دنيا اندر واپار سانگي پکڙيل ۽ رهندڙ هئا، پر هو پرڏيهه ۾ فقط هڪڙو گهر هوندي به پنهنجي گهر اندر ۽ پاڻ ۾ صرف سنڌي، پنهنجي مادري زبان ڳالهائيندا هئا، پر اڄ هندستان ۾ آباد چاليهه لک سنڌي هندو پنهنجي سڃاڻپ واري ٻوليءَ تان صفا هٿ کڻي ويهي رهيا. ڳالهه بالڪل سمجھه ۾ نٿي اچي ! قلندر کان ڇڄي ڪٿ پهتاسين ! واقع ! ماڻهوءَ جي سوچ ۽ فڪر تي ڪا به پابندي مڙهي نٿي سگهجي ! ڪِٿ سيوهڻ، ڪٿ سڄي هندستان ۾ پکڙيل سنڌي هندو !قلندر شهباز کي سڄي پاڪستان جا ماڻهو ڪيترن ئي نالن سان ياد ڪن ٿا، مثلاً: (1) سيوهڻ جي سرڪار، (2) قلندر لعل شهباز (3) سنڌڙي دا شهباز وغيره. قلندر شهباز هڪ تمام وڏو عالم اديب ۽ شاعر هو. رچرڊ برٽن سندس (قلندر شهباز) فارسيءَ ۾ گرامر جي ٽن (3) لکيل ڪتابن جو ذڪر ڪيو آهي، جيڪي هيٺيان آهن. (1) ميزان الصرف (2) قسم دويه (3) عقد. رچرڊ برٽن لکي ٿو ته قلندر شهباز جو لکيل گرامر جو ڪتاب ”ميزان الصرف“ اڄ به مدرسن ۾ پڙهايو وڃي ٿو. اهڙي طرح مخدوم محمد هاشم ٺٽوي ۽ ڊاڪٽر هرومل سدا رنگاڻيءَ قلندر شهباز کي فارسيءَ جو پهريون سنڌي شاعر ۽ تمام وڏو شاعر ڄاڻايو آهي. ڊاڪٽر عبدالحميد ميمڻ قلندر شهباز کي بنيادي طرح هڪ ”سياح“ بيان ڪري ٿو، جيڪو سعودي عرب، عراق، ڪيچ مڪران کان ٿيندو سنڌ پهتو ۽ پڻ سڄو هندستان گهمي ڦري ڏٺئين. بکر شهر جي سيد بدر الدين پٽ سيد صدر الدين جي نياڻيءَ سان شادي ڪيائين. پاڻ عمر جي آخري حصي ۾ سنڌ اچي سيوهڻ ۾ سڪونت اختيار ڪيائين ۽ اتي ئي وفات ڪيائين. اسان درگاهه جي ڀرسان ئي هڪ هوٽل تي ماني کاڌي. پوءِ بس ۾ چڙهي دادو روانا ٿياسين. انهيءَ دؤر ۾ روڊ رستن تي اڃا ايتري گهڻي ٽريفڪ ڪانه هوندي هئي، جيتري اڄ آهي، سو اسان کي دادو پهچڻ ۾ دير ئي ڪا نه لڳي. دادوءَ ۾ اسان اعجاز قريشيءَ جي گهر رهياسين. هو سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ مون سان گڏ پڙهندو هو. سندس والد صاحب، علي احمد قريشي صاحب بابا جو ويجهو دوست هو. انهن زندگيءَ جا ڪَنئين سالَ سنڌ هاري ڪميٽي ۽ سائين جي ايم سيد سان گڏجي گذاريا، جنهن جو ذڪر چاچا علي احمد قريشيءَ پنهنجي آتم ڪهاڻيءَ ۾ به ڪيو آهي. رات جو اسان شهر جو چڪر لڳايو، جنهن دوران اعجاز پنهنجن دوستن سان اسان کي مِلايو. صبح جو سنڌ نيشنل اسٽوڊنٽس فيڊريشن جي ميٽنگ اعجاز جي گهر ۾ ٿي، جنهن ۾ فيڊريشن جي دادو ضلعي جي ميمبرن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي. ڪافي نوان شاگرد به فيڊريشن ۾ شريڪ ٿيا. دادو ضلعو ، جنهن علامه آءِ آءِ قاضي، سائين جي ايم سيد، ڊاڪٽر عمر دائود پوٽو، استاد بُخاري ۽ ايم ايڇ پنهور جهڙا عظيم انسان پيدا ڪيا، دادوءَ جي مشهور ڳوٺ پاٽ ۾ همايون بادشاهه راڻي حميده سان شادي ڪئي، جنهن جي مان ئي کيس اڪبر اعظم جهڙو بادشاهه پيدا ٿيو. اهو ذڪر پير علي محمد راشدي سندس جڳ مشهور تصنيف ”اُهي ڏينهن، اُهي شينهن“ جي صفحي 15 تي لکيو آهي. جڏهن انگريزن سنڌ تي قبصو ڪرڻ کانپوءِ ترت سنڌ ۾ ٽي ڪليڪٽوريٽ يعني مکيه انتظامي ڀاڱا ٺاهيا، تڏهن انهن دادو ضلعي کي ڪراچي ڪليڪٽوريٽ ۾ شامل ڪيو. پوءِ جڏهن هُنن لاڙڪاڻي کي ضلعو ٺاهيو ته دادو کي وري ان ۾ شامل ڪيئون ۽ وري ڪيترن ئي سالن کانپوءِ دادو خود هڪ الڳ ضلعو قائم ڪيو ويو. مشرف جي دؤر حڪومت ۾ دادو ضلعي مان تعلقو سيوهڻ، ڪوٽڙي ۽ ٿاڻو بولا خان جدا ڪري، انهن ٽن تعلقن تي مشتمل هڪ ضلعو ”ڄامشورو“ ٺاهيو اٿن، جنهن جو ضلعي هيڊڪوارٽر به ڄام شورو کي ئي بنايو ويو آهي. ٻي ڏينهن صبح سوير اسان لاڙڪاڻي روانا ٿياسين. مون هن کان اڳ لاڙڪاڻو ڪونه ڏٺو هو، پر هيءَ چوڻي ننڍي هوندي کان ٻڌي هُيم ته: ”هُجئي ناڻو ته گهم لاڙڪاڻو.“ لاڙڪاڻي ۾ اسان شاهه محمد شاهه جي هڪڙي دوست جي گهر ٽڪياسين. ڏينهن جو شهر گهمي ڏٺوسين ۽ رات جو شاگردن سان تنظيمي گڏجاڻي ڪئيسين. اتي رات گذاري صبح سوير اسان موهن جو دڙو گهمڻ وياسين، جنهن کي آثارِ قديمه جي ماهر ”مجمدار“ جي هڪ ڇيڻيءَ جي ڌڪ سڄي دنيا جي تهذيبن ۾ وڌيڪَ قديم تهذيب طور ڄاڻائي، سڄي دنيا ۾ مشهور ڪري ڇڏيو. وِلِ ڊيورينٽ سندس ڪتاب Story of Civilization ۾ لکي ٿو ته: سڄي دنيا ۾ قديم ترين تهذيب Indus Civilization يعني سنڌو ماٿريءَ جي تهذيب آهي. وِل ڊيورينٽ مٿيون ڪتاب پنجاهه سالن ۾ لکيو. سرجان مارشل پنهنجي ڪتاب Mohan Jo Daro and It’s Civilization ۾ لکيو آهي ته: ”موهن جي دڙي مان لڌل زيورات ايڏا ته سهڻا آهن جو لنڊن جي زيورن جي مارڪيٽ، بانڊ اسٽريٽ ۾ اڄ به اهڙا خوبصورت ۽ نفيس زيور رکيل ڪونه آهن“. ڪنهن زماني ۾ سڄي دنيا مان سياح وڏي تعداد ۾ موهن جو دڙو گهمڻ ايندا هئا، پر اڄ حالتون اُت وڃي پهتيون آهن جو آئون سمجھان ٿو ته سڄي سال دوران ، موهن جو دڙو گهمڻ لاءِ ڪو هڪ ٻه سياح به مَسَ ايندا هوندا. سياحن هاڻ پنهنجو رُخ ٽيڪسلا ڏانهن ڪري ڇڏيو آهي. ٽيڪسلا تهذيب پڻ سنڌو ماٿريءَ واري تهذيب جو هڪ حصو آهي. موهن جي دڙي جو تفصيلي ذڪر اڳ ۾ ئي سندم ڪتاب ”عجائبات عالم“ ۾ ڪرڻ سبب ان کي هتي دهرائڻ مناسب نٿو سمجھان. موهن جو دڙو گهمي، اسان واپس لاڙڪاڻي ساهه سيباڻي آياسين ۽ اتي ڪامريڊ سوڀي گيانچنداڻيءَ سان ملڻ وياسين. هو ڏاڍي حب ۽ اُڪيرَ سان مليو، بابا جو پُڇئين ۽ گهڻو وقت صرف سياست تي ڳالهائين. سوڀو سڄي زندگي ڪميونسٽ پارٽيءَ ۾ رهيو. اڄ جڏهن سڄي دنيا مان ڪميونزم ختم ٿي ويو آهي، تڏهن به پاڻ چئي ٿو ته آئون ڪالهه به ڪميونسٽ هئس، اڄ به ڪميونسٽ آهيان ۽ باقي زندگي به ڪميونسٽ ئي رهندس. ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي، ڪامريڊ غلام محمد لغاري، ڪامريڊ عبدالقادر انڍڙ، ڪامريڊ تاج محمد ابڙو، جمال ابڙو، ڪامريڊ بخاري لاڙڪاڻي وارو، ڪامريڊ غلام حسين سومرو، شمس الدين سکر وارو وڪيل، قاضي فيض محمد، محمد ابراهيم جويو، مولانا غلام محمد گرامي، ڪامريڊ قادر بخش نظاماڻي، اهي سڀ ماڻهو گهڻو ڪري ڪميونسٽ پارٽي ۽ هاري تحريڪ سان وابستا ۽ ان جا همدرد ٿي رهيا. ابا جو به سڄي زندگي، انهن ئي تحريڪن سان واسطو رهيو، تنهن ڪري اُهي سڀ مون کي پنهنجي اولاد وانگر سمجھندا هئا. ڪامريڊ قادر بخش نظاماڻي پوءِ لنڊن هليو ويو ۽ اُتي آزاد بلوچستان تحريڪ قائم ڪئي باقي سڄي زندگي انهيءَ ڪاز لاءِ ڪم ڪيائين ۽ پاڻ وفات به لنڊن ۾ ڪيائين ۽ دفن به اُت ٿيو. مٿين سڀني بزرگن مان هاڻ صرف سوڀوگيانچنداڻي ۽ سائين ابراهيم جويو وڃي بچيا آهن، شل سدائين خوش رهن ! اسان هت لاڙڪاڻي ۾ هڪ لاهوريءَ جي گهر به وياسين، انهن سان شاگرد تحريڪ جي باري ۾ حالي احوالي ٿياسين ۽ کين سنڌ نيشنل اسٽوڊنٽس فيڊريشن ۾ شامل ٿيڻ جي دعوت ڏنيسين. لطف الله گجراتي ميرن جي دؤر ۾ انگريز فوجين سان گڏ سڄي دنيا گهميو آخر ۾ Autobiography of Lutufullah نالي سان ڪتاب لکيائين. ان ڪتاب ۾ سنڌ واري سير و سفر واري ڀاڱي کي سنڌي ادبي بورڊ وارن ٽي چار دفعا شايع ڪرايو آهي، اهو ڏاڍو دلچسپ ڪتاب آهي. هن ڪتاب جو سنڌي ترجمو ڪامريڊ قادر بخش نظاماڻي ڪيو آهي. ليکڪ لاڙڪاڻي جي باري ۾ لکي ٿو ته: ”اسين 4 مارچ 1839ع ۾ هڪ شاخ الهندو نارو پار ڪري ٻن ڪلاڪن جي پنڌ کانپوءِ لاڙڪاڻي شهر پهتاسين. لاڙڪاڻي ڪچي مٽي سان ٺهيل چوديواري يا ڪوٽ اندر هڪ وڏو ۽ شاهي شهر هو“. مرزا قليچ بيگ پنهنجي ڪتاب ”قديم سنڌ، ان جا شهر ۽ ماڻهو“ ۾ لکي ٿو ته: لاڙڪاڻي تي هي نالو لاڙڪ قوم تان پيو، جيڪي هت آس پاس ۾ رهندا هئا. پر گهڻي تعداد ۾ هت چانڊيا رهندا هئا، جنهن ڪري هن سڄي علائقي کي وري ماڻهو چانڊڪا به چوندا هئا. چانڊين جو سردار ولي محمد، تنهن کي انگريزن وڏي جاگير ڏني هئي. جڏهن نور محمد ڪلهوڙي هن پاسي ملڪ کي وڌايو تڏهن لاڙڪاڻو هڪ وڏو شهر شمار ٿيڻ لڳو ۽ ٽالپرن جي وقت ۾ به لاڙڪاڻو هڪ مشهور شهر هو، ڇو ته ٽالپرن جو اسلحو لاڙڪاڻي ۾ رکيل هو، ج يڪو هڪ پراڻي قلعي ۾ محفوظ رکيل هو. هي قلعو ڪلهوڙن ٺهرايو هو.
انگريزن هت هڪ اسپتال، جيل ۽ هڪڙي چرين جي اسپتال ٺهرائي. سن 1871 ۾ چرين جي اسپتال کي پوءِ حيدرآباد ويجھو گدو بندر ۾ منتقل ڪيو ويو. اها اسپتال اڄ تائين ڏاڍي سٺي حالت ۾ قائم آهي. لاڙڪاڻي کانپوءِ اسان جي منزل سلطان ڪوٽ هو، جيڪو آغا غلام نبي پٺاڻ جو ڳوٺ هو. آغا غلام نبي پٺاڻ ان وقت سنڌ متحده محاذ جو جنرل سيڪريٽري هو. پاڻ پوءِ متحده محاذ ڇڏي وڃي پي پي پي ۾ شامل ٿيو، پر پي پي جي ٽڪيٽ تي به مولا بخش سومري کان اليڪشن ۾ هارائي ويو. آغا غلام نبي پٺاڻ جي پي پي ۾ وڃڻ کانپوءِ رئيس غلام محمد ڀرڳڙيءَ جو پٽ غلام مصطفيٰ ڀرڳڙي سنڌ متحده محاذ جو جنرل سيڪريٽري ٿيو. سائين جي ايم سيد جڏهن به حيدرآباد ايندو هو ته رئيس غلام مصطفيٰ ڀرڳڙيءَ جي هير آباد واري بنگلي ۾ اچي رهندو هو ته اُت رئيس کي ڏسڻ جو ۽ ملڻ جو اسان کي به موقعو ملندو هو. پاڻ ڏاڍو سٺو ۽ نهايت خوش طبع ماڻهو هوندو هو. رئيس غلام مصطفيٰ جو پٽ به انهيءَ بنگلي ۾ رهندو هو، جيڪو CSS پاس ڪري انڪم ٽيڪس ۾ اسسٽنٽ ڪمشنر مقرر ٿيو هو. پاڻ روزانو موٽر سائيڪل تي ڊيوٽي تي ويندو ۽ ايندو هو. ڪارون ان وقت به تمام ٿورن ماڻهن وٽ هونديون هيون.اسان لاڙڪاڻي کان بس ذريعي سلطان ڪوٽ پهتاسين ۽ سڌا آغا غلام نبيءَ جي بنگلي تي وياسين، جت پاڻ ۽ سندس پٽ آغا طارق اڳ ئي موجود هئا. اسان جي هتي سواءِ آغا غلام نبيءَ پٺاڻ سان ملڻ جي، ٻي ڪا به سرگرمي ڪانه هئي. بنگلو ڪافي وڏو هو پر پراڻو هو. ان ۾ ڪو خاص فرنيچر به پيل ڪونه هو، سواءِ پراڻين ڪرسين ۽ کٽن جي. آغا غلام نبيءَ جي شخصيت ڏاڍي شانائتي هئي. پاڻ هڪ دفعو سائين جي ايم سيد سان گڏجي ٻني آيو، پر بابا جي وفات کانپوءِ اسان هتي ماني کائي آغا غلام نبيءَ وارن کان موڪلائي شڪارپور روانا ٿياسين، جت مسرور مغل جي گهر وڃي ترسياسين. مسرور مغل پوءِ ڪراچي ايئرپورٽ تي ڪسٽم آفيسر مقرر ٿيو. مسرور اسان کي هت ڪافي شاگردن سان ملايو ۽ شاگردن جي گڏجاڻي پڻ ٿي. هن اسان کي ڪافي روڪيو ته اڃا ٻه ٽي ڏينهن هت رهو ته توهان کي هندن جون پراڻيون ۽ مشهور جڳهيون ڏيکاريان پر اسان کيس ٻڌايو ته اسانجو پروگرام ٺاهي دوستن کي اڳواٽ خط لکي پوءِ سن کان هن تنظيمي دؤري تي نڪتا آهيون. سڄي سنڌ جو دؤرو ڪري پوءِ متحده محاذ جي حيدرآباد واري آفيس ۾ رپورٽ ڏيڻي آهي ۽ سائين جي ايم سيد به اهي ٻه ٽي ڏينهن حيدرآباد ۾ هوندو. تنهنڪري هنن ٻن ڏينهن ۾ جيترو به شڪارپور جو شهر گهمائي سگهين ٿو اوترو گهماءِ. هن ڀاءُ به اسان کي گهمائڻ ۾ ڪا گهٽتائي ڪانه ڪئي. لطف الله گجراتي پنهنجي ڪتاب ۾ شڪارپور بابت لکي ٿو ته: ”اسان 15 مارچ 1839ع ۾ شڪارپور پهتاسين، شڪارپور سنڌ جو وڏي ۾ وڏو شهر هو، جنهن ۾ پندرهن هزار کن گهر هئا. هتي ڪي جايون ٻماڙ به هيون. شهر کي چوگرد مٽيءَ جو ڪوٽ ڏنل هو. شهر جي ٻاهران هڪ ننڍو قلعو پڻ هو. شهر جي چئين ئي طرفن کان انبن ۽ کجين جا باغ هئا، تنهن ڪري چؤطرف چڱي وڻراهه ۽ خوبصورتي هئي. هتي جي زمين آباد ۽ تمام زرخيز هئي. شهر جا رهواسي اڌ هندو ۽ اڌ مسلمان هئا. شهر جي بازار ڏاڍي سٺي هئي، جيڪا سڄي ڍڪيل هئي. هتي جا واپاري سنڌيءَ سان گڏ فارسي ۽ پشتو ڳالهائڻ ۾ نهايت قابل هئا.“ ۽ پڻ لکي ٿو ته: ”اپر سنڌ ۾ ايڏي ته گرمي آهي جو اسان کي يقين هو ته اسان هت ختم ٿي وينداسين. ائين معلوم ٿيندو هو ڄڻ ته دوزخ جي هڪ دري اسان ڏانهن کليل آهي. اسان جا تازا تڪڙا تنومند عملدار اسان کان هڪ ڏينهن اڳ نڪتا هئا، تن بابت ٻئي ڏينهن خبر پئي ته اهي گرمي ۽ جھولي سبب موت جو بک ٿي چڪا آهن.“
مرزا قليچ بيگ ڪتاب ”قديم سنڌ، ان جا شهر ۽ ماڻهو“ ۾ ل کي ٿو ته: ”شڪارپور شهر سن 1617ع ۾ لکيءَ جي ميرن کي جنگ ۾ شڪست ڏيڻ کانپوءِ دائود پوٽن ٻڌرايو ۽ پوءِ به دائود پوٽن ۽ ڪلهوڙن جو هن شهر تان جھيڙو هلندو رهيو. ميان يار محمد ڪلهوڙي جي ڏينهن ۾ هي شهر پنهورن جي هٿ هيٺ هو. انهن هن شهر جو نالو خدا آباد رکيو. آخر ۾ احمد شاهه دراني هن شهر تي قبضو ڪري اتي هڪ افغان گورنر مقرر ڪري هن شهر کي سيوي پرڳڻي سان مِلائي ڇڏيو. ڀيرو مل آڏواڻي پنهنجي ڪتاب ”سنڌ جي هندن جي تاريخ“ ۾ شڪارپور شهر جي ٺهڻ بابت ساڳيو بيان لکيو آهي. سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن شڪارپور برانچ وارن حبيب الله ڀٽي جي ڇهن مضمونن تي مشتمل هڪ ڪتاب ”سهڻو شهر شڪارپور“ نالي سان شايع ڪرايو آهي. ان ڪتاب ۾ به ڪافي دلچسپ ڳالهيون بيان ٿيل آهن. سٺي ۽ سهڻي اڏاوت ۽ تمام سٺي صفائيءَ ڪري شڪارپور شهر کي ”سنڌ جو پيرس“، ”شهزاده سنڌ“ ۽ ”شڪارپور شهزادي“ سڏيو ويندو هو. هن شهر ۾ سنڌ جا مشهور ماڻهو جهڙوڪ: شيخ اياز، شهيد الله بخش سومرو، اي ڪي بروهي ۽ سر غلام حسين هدايت الله وغيره پيدا ٿيا. اي ڪي بروهيءَ جي حوالي سان، ايم ايڇ پنهور پنهنجي آتم ڪٿا جي ڪتاب ”آپ بيتي، جڳ بيتي“ هڪ ڏاڍو دلچسپ ۽ ڇرڪائيندڙ احوال لکيو آهي. هو صفحي 315 تي لکي ٿو ته اها ڳڙهي ياسين واري علائقي جي ڌاڙيل جي هڪ مزيدار ڪهاڻي آهي، اهو ڌاڙيل نسورو شيطان هو، عورتن جو دلدار هو، ڪراچي، لاهور، پشاور پيو ايندو ويندو هو. ڌاڙو هڻي پيسا غريبن ۽ پنهنجي سنگتياڻين ۾ ورهائي ڇڏيندو هو. سندس هڪ سنگتياڻيءَ کي پوليس ٻڌو ته هُنَ اُنَ سب انسپيڪٽر کي ماري، اُنَ جي سِسِي سکر جي ايس پي کي ڏياري موڪلي. پوليس پوءِ انهيءَ عورت کي يڪدم ڇڏي ڏنو. ان ڌاڙيل کي پوءِ هڪ غريب ڇوڪري ٻڌرايو، جيڪو ڪنهن پوليس جي سپاهيءَ جو پٽ هو. ڇوڪرو پرائمري اسڪول ۾ پڙهندو هو. کيس سندس بيواهه ماسي نپايو هو، جيڪا ان ڌاڙيل جي سريت هئي. هڪ رات وٽس ڌاڙيل آيو ته ماٺ ۾ ڇوڪري کي کڻي ٻئي هنڌ سمهاري ڇڏيائين، پر ڇوڪرو ننڍي وهيءَ ۾ به ڏاڍو چالاڪ هو. اهو سڌو پوليس ڏي ويو ۽ پوليس اچي ان ڌاڙيل کي گرفتار ڪيو. ڪورٽ ۾ ڪيس هليو ۽ ڌاڙيل کي ڦاسيءَ جي سزا آئي. ان ڌاڙيل جي سِرَ تي رکيل انعام پوليس پاڻ کائڻ ٿي چاهيو، پر ڇوڪرو سڌو ڪليڪٽر ۽ ايس پي وٽ ويو، جيڪي ٻئي انگريز هئا، کيس سربستو احوال ڪيائين ته اهو ڌاڙيل مون ٻڌرايو آهي. ڪليڪـٽر ڇوڪري کي ۽ پاڻ کي به ڪو انعام ڏيارڻ ٿي چاهيو، سو هُنَ اُنَ ڇوڪري کي پهرين سنڌ مدرسي ۾ پوءِ ڊي جي ڪاليج ۾ سنڌ لا ڪاليج ۾ داخلا ۽ اسڪالرشپ ڏياري. اهو ڇوڪرو پوءِ پاڪستان جو لا منسٽر، 1953ع جي آئين جو ٺاهيندڙ، ملڪ جو سفير، مشهور قانوندان ۽ اگر تله سازش ڪيس ۾ شيخ مجيب الرحمان جو وڪيل ٿيو. ان ڇوڪري جو نالو هو اي. ڪي بروهي ! اها ڪهاڻي اي ڪي بروهي خود پاڻ بيان ڪئي جنهن جو ذڪر مسٽر ناصر احمد فاروقي 1960ع ۾ پنهنجي ڪتاب Faces of Love and death ۾ ڪيو آهي. سو ذڪر پيو هلي شڪارپور جو. دهلي ۽ پشاور وانگر شڪارپور شهر به پنهنجن دروازن ڪري مُلڪان ملڪ مشهور آهي. انهن دروازن جا نالا هيٺيان آهن: (1) لکي در، (2) هزاري در (3) نوشهرو در (4) هاٿي در (5) خانپور در (6) سيوي در (7) واڳڻو در (8) ڪرن در شڪارپور جون جڳ مشهور سوکڙيون آهن. مٺائي، آچار، ڪُٽ جا ٿانوَ ۽ قُلفيون. اڄڪلهه ڪراچيءَ ۾ به انهن شڪارپورين ڪافي مٺائيءَ جا دُڪان کوليا آهن، جنهن ۾ طارق روڊ تي ”سن شائين سوئيٽس“ ۽ ”ڪلفٽن تي ”سني“ نالي دڪان به شامل آهي. شڪارپور جي مک بازار ڪنهن دور ۾ ايشيا جي مک بازارين مان هڪ هوندي هئي، جنهن جو ذڪر ڪيترن ئي سياحن پنهنجي لکڻين ۾ ڪيو آهي. سنڌ جي سونهن جو ذڪر ڪندي ليفٽننٽ هينري پاٽنجر سندس ڪتاب ”سنڌ ۽ بلوچستان جو سير ۽ سفر“ جي صفحي 440 تي لکي ٿ ته: ”سنڌ جا ماڻهو رنگ جا پڪا، پر مجموعي طور تي انهن کي خوبصورت چئي سگهجي ٿو. قد ڪاٺ ۾ اهي ٻين ايشيائي قومن جي وچولي قد کان مٿڀرا آهن، شڪل شبيه توڙي بدن جي عضون جي بناوت سٺي اٿن. سندن عورتن جي سونهن پهاڪي چڙهيل آهي. ۽ اهي واقعي آهن به انهي تعريف لائق ! ٺٽي ۽ حيدرآباد جي قيام دوران جڏهن اسان گهوڙن تي سواريءَ لاءِ ٻاهر نڪرندا هئاسين، تڏهن اسان کي ڏسڻ جو رواجي موقعو ملندو هو، جيڪي اسان کي ڏسڻ جي شوق کان اوڏانهن ڇڪجي اينديون هيون. پر ناچو ڇوڪرين جي مختلف ٽولين ۾ جيڪي اسان جي اڳيان پنهنجو فن جو مظاهرو ڪرڻ لاءِ مختلف موقعن تي اينديون رهيون، تن ۾ مون ڪا هڪ به اهڙي ڪانه ڏٺي، جيڪا پنهنجي شڪل و صورت جي خوبصورتي يا پنهنجي بدن جي ڊول ڊيل کان نمايان نه هئي ۽ اڪثر حالتن ۾ هنن ۾ سونهن جون اهي ٻئي خوبيون، حيرت انگيز حد تائين گڏيل موجود هيون. شڪارپور شهر تي ڪنئين ڪتاب لکيل آهن، يا وري ڪيترن ئي ڪتابن ۾ شڪارپور جو ذڪر آهي، پر ”سنڌي واپاري“ جي نالي سان هڪ انگريزي ليکڪ ڪارڊو مارڪوئس هڪ ڪتاب لکيو آهي، جنهن ۾ سڄي سنڌ جي هندن جي واپار جو شروعات کان وٺي ذڪر ڪيو اٿس. اهو هڪ لاجواب ڪتاب آهي، جيڪو هر سنڌيءَ کي پڙهڻ گهرجي. ڪتاب ۾ ڪي حيرت انگيز ڳالهيون بيان ٿيل آهن. صفحي اٺين تي پاڻ لکي ٿو ته واپار سانگي سنڌي هندو انهن ملڪن ۽ ماڳن تي وڃي پهتا آهن، جتي هن کان اڳ ڪنهن به هندستانيءَ اڃا پيرَ نه کوڙيا آهن. پاڻ صفحي 162 تي لکي ٿو ته رڳو حيدرآباد ضلعي جي واپارين سال 16-1915ع ۾ واپار سانگي ملڪ کان ٻاهر وڃڻ لاءِ جيڪي سرٽيفڪيٽ ٺهرايا، اهي هيٺين ملڪن ۽ شهرن لاءِ گهربل هئا. (1) ميڊيٽرينين سي ۽ ايٽلانٽڪ اوشن (2) جبرالٽر (3) نيپلز (4) سسلي ڪاٽانيا (5) مصر (6) ٽريپولي (7) تيونس (8) الجزائر (9) سيئوٽا، ملييا ٽيٽئان 01) ڪاسا بِلانڪا (11) ڪَينَرِي ٻيٽ (12) وگو (13) مالٽا (14) ڏور اوڀر جا ملڪ (15) ڊَچِ ايسٽ انڊيز (16) فلپائن (17) اسٽريٽ سيٽلمينٽ (18) جپان (19) چين (20) سائيگان (21) اتر ۽ ڏکڻ آفريڪي ملڪ (22) ايريٽيريا (23) جبوتي (24) ممباسا (25) پورچوگيز اوڀر آفريڪا (26) ڏکڻ آفريڪا (27) سالسبري (28) اولهه آفريڪا (29) سيراليون (30) لاگوس (31) وچ ۽ ڏکڻ آمريڪا (32) پاناما (33) چلي (34) ترنيداد (35) ايراني نار (36) آسٽريليا. اهڙيءَ طرح ساڳوڻي ڪتاب جي صفحي 92 تي پاڻ لکي ٿو ته سن 1890ع ۾ صرف بخارا شهر ۾ سنڌي واپارين جو تعداد ٽن هزارن کي وڃي پهتو هو. توهان ان مان اندازو لڳايو ته سڄي دنيا ۾ سنڌي هندو واپاري ڪيترا هوندا. ساڳئي ڪتاب جي صفحي 370 تي لکيل آهي ته انهن واپاري ۾ اڪثر ٻاهر ڇڙها رهندا هئا. ڪي ايڪڙ ٻيڪڙ پنهنجن مينيجرن جي معرفت فيملين کي پاڻ وٽ گهرائيندا هئا. پوءِ پٺيان سندن غير موجودگيءَ ۾ شڪارپور جي واپارين جون عورتون يار به رکنديون هيون ۽ انهن يارن مان ٻار به ڄڻينديون هيون، جيڪا هڪ عام رواجي ڳالهه هوندي هئي، پر حيدرآباد جي عورتن تي خانداني ضابطو سختيءَ سان لاڳو هوندو هو. هن ڪتاب جو ليکڪ هڪ روسي تاريخدان گنگو فِسڪي جي حوالي سان ڄاڻائي ٿو ته ”شڪارپور جي واپارين ۽ ڀلاوڻن، احمد شاهه ابداليءَ جي فوجي ڪاهن ۾ سندس مدد طور مالي سيڙپ ڪئي هئي“. هي مؤقف پڪ سان چارلس جي سفري يادگيرين تي آڌاريل ۽ 1842ع ۾ ڇپيل ڪتاب مان کنيل هوندو، يا جيڪڏهن هن ڳالهه کي مڃجي ته پوءِ ملتان جي زوال ۽ شڪارپور جي اُڀارَ جي وچ ۾ لاڳاپو ڳنڍڻ تي بحث ڪرڻ وڌيڪَ ڏکيو ٿيندو انهيءَ ڏس ۾ اسٽيفن ڊيل جي ڏنل مؤقف جي ابتڙ هڪڙو جزوي تائيدي دليل هي آهي ته اوڻيهين صديءَ جي پهرين اڌ تائين به ملتاني واپاري استراخان ۾ واپاري سرگرمين ۾ سرگرم رهيا ۽ پنجاب سان پنهنجو ناتو ۽ ڳانڍاپو برقرار رکيائون. هن ڳالهه جي برطانوي اختيارين جي ڄاڻَ ۾ ايندڙ ٻن وڏن جي شاهدين وسيلي تائيد ٿيل آهي.