آتم ڪٿا / آٽوبايوگرافي

ڪيڏي نه مختصر زندگي

عبدالحئي پليجو جي آتم ڪٿا جو ٽيون حصو آهي. هن ٽئين جلد ۾ سندس مئٽرڪ کان 1970ع تائين جو شخصي زندگي ۽ سياسي سرگرمين ۽ معاشقن جو سربستو احوال بيان ڪيل آهي.
عبدالحئي پليجو سنڌي ٻوليءَ جي وڏن اديبن ۾ شامل آهي. سندس شمار انهن ليکڪن ۾ ٿئي ٿو، جيڪي سهڻو ۽ پختو نثر لکندا آهن. جتي سندس شخصيت ۾ سنڌو نديءَ جي ڪچي جي چِيڪي مٽيءَ جو هُڳاءُ آهي، اتي سندس نثر ۾ به سنڌو نديءَ جي رواني آهي. سندس لکڻي سادي، سرل، عام فهم ۽ خوبصورت هجڻ سان گڏ گهِري، روان ۽ معنائن جو ڀنڊار هجي ٿي. سندس لکڻي پڙهي ائين لڳندو آهي، ڄڻڪ هو ڄائي ڄم کان ئي هڪ تخليقڪار آهي.
Title Cover of book ڪيڏي نه مختصر زندگي

9

سنڌ متحده محاذ جي آفيس جي افتتاح ۽ چانهه پارٽيءَ کان پوءِ هيءَ سڄي خلق خير شاهه جي بنگلي ڏانهن رواني ٿي، جتي ان لاءِ مانيءَ جو بندوبست ٿيل هو. نواب شاهه شهر ۽ اردگرد واري علائقي تي سدائين نواب شاهه شهر جي سيدن جو اثر رسوخ رهيو آهي، اهي هن علائقي مان هميشه اسيمبليءَ جا ميمبر چونڊبا اچن. نواب شاهه شهر خود هنن سيدن جي پنهنجي زمين تي ٺهيل آهي. سيد خير شاهه جي بنگلي تي منعقد هن دعوت ۾ پي پي جي اڳواڻن کان سواءِ باقي سڄي نواب شاهه ضلعي جا مُک ماڻهو شريڪ هئا. اسان سڀ شاگرد ماني کائي شام واري متحده محاذ جي اڳواڻن جي مان ۾ ڏنل دعوت جي بندوبست لاءِ دعوت واري هنڌ هليا وياسين، سائين جي ايم سيد ۽ آغا غلام نبي اتي ئي رهيا هئا. حيدرآباد کان آيل ڪافي دوست موڪلائي واپس روانا ٿي ويا. شامَ جو مقامي هوٽل ۾ دعوت ٿي، جنهن ۾ سائين جي ايم سيد، آغا غلام نبي پٺاڻ، عزيز ڀنگوار، شاهه محمد شاهه، مون ۽ ٻين رهنمائن پنهنجي خيالن جو اظهار ڪيو. هن فنڪشن کانپوءِ اسان هت رات رهي صبح جو سوير سائينءَ سان گڏجي حيدرآباد روانا ٿياسين. حيدرآباد ۾ به جاويد منزل گاڏي کاتي ۾ سنڌ متحده محاذ ۽ ان جي شاگرد وِنگ جي آفيس جو افتتاح ٿيڻو هو. حيدرآباد پهچي سائين، رئيس غلام مصطفيٰ ڀرڳڙيءَ جي بنگلي تي رهي پيو، ٻيا سڀ دوست پنهنجي گهرن ڏانهن روانا ٿي ويا ۽ آئون به پنهنجي فليٽ ويس. سنڌ متحده محاذ جي آفيس جو افتتاح ته ٻي ڏهاڙي ٿيڻو هو پر سائين جڏهن به حيدرآباد ايندو هو ته حيدرآباد ۾ انهيءَ جي پسگردائيءَ جي شهرن جا شاگرد، اديب، شاعر، عالم، دانشور ۽ سياسي ڪارڪُنَ وڏي تعداد ۾ صبح شامَ اُت ضرور ايندا رهندا هئا، جِت سائين ترسيل هوندو هو. انهيءَ ڪري ڪافي دوستن سان ملاقات ٿي ويندي هئي. آئون ڏهن ٻارهن ڏينهن کانپوءِ جيئن سن مان روانو ٿيو هئس، سو ان ڏينهن واپس اچي حيدرآباد پهتو هئس. تنهنڪري آئون شامَ جو سائينءَ وٽ ڪونه ويس، پر ڪيڏانهن ٻاهر به ڪونه ويس، فليٽ ۾ ئي آرام ڪندو رهيس. ٻئي ڏينهن صبح سوير اٿي تيار ٿي سڌو سائينءَ وٽ ويس، جتان پوءِ سڀني موجود دوستن سان گڏجي متحده محاذ جي آفيس تي آياسين، جت شيخ عبدالمجيد سنڌي، محمد ايوب کهڙو، ابن حيات پنهور ۽ ڪجهه ٻيا همراهه اڳ ئي موجود هئا. آغا غلام نبي پٺاڻ، اعجاز قريشي، شاهه محمد شاهه، انور بچاڻي، مولا بخش لغاري، اقبال ميمڻ، مدد علي سنڌي، عمر شورو، ابراهيم ڇٽو، ابراهيم خشڪ ۽ ٻيا ڪيترائي شاگرد سائينءَ سان گڏجي هت پهتاسين. سائينءَ رِبِنِ ڪَٽي متحده محاذ جي آفيس جو افتتاح ڪيو، جنهن کانپوءِ اتي ريفريشمينٽ ڪرائي وئي. ڪجهه وقت کانپوءِ سائين ڪراچيءَ روانو ٿي ويو. ته باقي ٻيا به پنهنجي منزل ڏانهن راهي ٿيا. مون ايل ايل بي پاس ڪري، سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ ايم اي پوليٽيڪل سائينس ۾ داخلا ورتي. ان وقت اسان جا استاد هئا: ميڊم چنا، محمد عمر ميمڻ، محمد حسين ڀٽو، ٻيا جن جا نالا في الوقت ياد ڪونه آهن. شاگردن ۾ مونکي پروفيسر لياقت عزيز، خليل بچاڻي، پير مظهر، لياقت جتوئي، ڇوڪرين ۾ صرف هڪڙي شميم جو نالو ياد ٿو اچي. تنهن وقت ۾ شاگردن ۾ قومپرستيءَ جو جذبو عروج تي هو ۽ اڃان ادارن جي اسٽاف ۽ استادن م معتبري، مغروري ۽ تڪبر جو رجحان موجود ڪونه هو، جو ڇوڪرين کي مارڪن لاءِ پنهنجي گهر، يا ڪوارٽر تي گهرائين ۽ پروفيسرس ايسوسيئيشن جا عهديدار، پيسا وٺي شاگردن کي اضافي مارڪون ڏيارين، اڃا شاگرد ليڊرن ۾ ڀتا خوري ۽ دادا گيري پيدا ڪانه ٿي هئي. مون پنهنجي ٻن سالن جي پڙهائيءَ دوران سنڌ يونيورسٽيءَ ڪيمپس ۾ ڪڏهن به گولي يا ڪارتوس ته ٺهيو پر هڪ ڦٽاڪي جو به آواز ڪونه ٻڏو هو. ڪيمپس جو ماحول ڏينهن توڙي رات جو نهايت پُر امن ۽ پُر سڪون هوندو هو. يونيورسٽيءَ جي ڪنهن به ملازم يا چوڪيدار وٽ ڏينهن يا رات جو ڪو به هٿيار ڪونه هوندو هو، نه وري سڄي ڪيمپس ۾ ڪو هڪ به فوجي، رينجرس يا پوليس جو سپاهي رهندو يا ڪٿ نظر ايندو هو. شاگرد استادن جو نهايت گهڻو احترام ڪندا هئا ۽ استاد پڻ شاگردن لاءِ بيحد شفقت جو حقيقي مثال هوندا هئا. يونيورسٽي ڇڏڻ کان پوءِ به شاگرد استادن جو ساڳيو ادب ۽ احترام ڪندا هئا. آئون يونيورسٽي هاسٽل ڄامشوري ۾ نه پر حيدرآباد ۾ پنهنجي فليٽ ۾ رهندو هئس. ان وقت يونيورسٽيءَ ۾ باقاعدگيءَ سان ڪلاس ٿيندا هئا. ڪو به ڇوڪرو بنا موڪل جي غير حاضر ڪونه رهندو هو. ڪلاس ۾ ليڪچر پورو ٿيڻ کان پوءِ ٻاهر لان تي هڪ ڪنڊ ۾ به هڪڙو چانهه بسڪوٽ، پيٽيز ۽ ڪوڪ وارو هوندو هو، جت ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون لان تي ويهي چانهه ڪوڪ پيئندا هئا ۽ هڪ ٻئي سان گپ شپ ڪندا هئا. ڪي شاگرد ۽ شاگردياڻيون لان تي ويٺي به پيا پڙهندا هئا. ان ماحول ۾ ڪو ايڪڙ ٻيڪڙ ڇوڪرو ڇوڪري ڪنهن ڪنڊ پاسي ۾ ٻين سمورن کان بالڪل الڳ ٿلڳ پري ويهي ڪنڌُ جُهڪائي هڪ ٻئي سان ائين پيا ڪچهري ڪندا هئا، ڄڻ ته هو ڪنهن وڏي خزاني کوٽڻ جي خفيه پلاننگ ڪري رهيا هجن، ته جيئن سندن هڪ لفظ به ڪو ٻيو نه ٻُڌي وٺي. اهي به گهڻو ڪري شهرن جا ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون هونديون هيون. يونيورسٽيءَ ۾ ڇوڪريون وڏي تعداد ۾ پڙهنديون هيون، پر سڀني جي مَٿن تي پوتيون يا رَوا هوندا هئا، جن سان اهي پنهنجون ٻانهون به ڍڪيل رکنديون هيون. هي موجوده فيشن سنڌ يونيورسٽي ۾ اسان واري وقت تائين ڪونه پهتو هو. اردو دان ان حقيقت کي سندن چوڻيءَ ۾ هيٺئين طرح بيان ڪرڻ لڳا: فيشن جون جون بڙهتا گيا، ڪپڙه تن سي گهٽتا گيا. يونيورسٽي ڪيمپس اندر اولهه طرف هڪ تمام سٺي ريسٽورينٽ هوندي هئي، جتي کائڻ ۽ پيئڻ جون سڀئي شيون اعليٰ معيار جون ۽ نهايت لذيذ هونديون هيون، پر ٿوريون مهانگيون به هونديون هيون. ان ڪينٽين جي چانهه ۽ پيٽيز جو مزو ۽ سواد مون کي اڄ به ياد آهي. بينظير ڀٽو پنهنجي ڪتاب ”پورب ڄائي“ ۾ لکيو آهي ته مون خواب ڏٺو ته آئون آزاد آهيان ۽ آڪسفورڊ يونيورسٽيءَ جي ريسٽورينٽ ۾ گوشت جو ٽڪرو ۽ کُنڀيون پئي کاوان، نيو انگلينڊ ۾ تازن صوفن جو رس ۽ برمنگھام ۾ ڦودنو لڳل آئيس ڪريم پئي کاوان. (صفحو 349) وڌيڪَ لکي ٿي ته مونکي ڦودنو پيل جوس ڏاڍو وڻندو آهي. سنڌ يونيورسٽيءَ جي سينٽرل لائبريريءَ جو به هڪ پنهنجو معيار ۽ شان هو، جت لکن جي تعداد ۾ ڪتاب رکيل هئا ۽ هڪ ئي وقت دؤران سَوَن جي تعداد ۾ شاگرد ۽ شاگردياڻيون مطالعي ۾ مَحو نظر ايندا هئا. مون هت هاسٽل ۾ ڪمرو ته ڪونه ورتو هو، پر اڪثري ڪري خليل بچاڻي يا الله وسائي راڄڙ جي ڪمري ۾ وڃي رهندو هئس ۽ ڪڏهن ڪڏهن اعجاز قريشي جي ڪمري ۾ به رهي پوندو هئس. مَٿين ٽنهي ڄڻن سان منهنجو اهڙو ئي واسطو ۽ دوستي اهي، جهڙي پڙهڻ دوران هوندي هئي. هنن مان خليل ته مون سان گڏ سياسيات ۾ ماسٽرس ڪندو هو، پر اعجاز قريشي ۽ الله وسايو راڄڙ، ٻئي اِڪانامِڪس ۾ ماسٽرس ڪندا هئا. خليل، الله وسائي ۽ مون بي اي مسلم ڪاليج مان پاس ڪئي. اسان ٽئي مسلم هاسٽل ۾ جدا جدا ڪمرن ۾ رهندا هئاسين، پر يونيورسٽيءَ ۾ به ساڳي دوستي حجت برقرار رهي. خليل ۽ آئون ته 2000ع تائين هم پياله به هوندا هئاسين، پر 2000ع کانپوءِ آئون انهيءَ نعمت کان محروم ٿي ويس، ڇو ته ڊاڪٽرن مون کي صلاح ڏني ته پنجاهه سالن جي عمر کانپوءِ توکي الڪوهل ۽ سيڪس مان ڪا به هڪڙي شيءِ چونڊڻي پوندي، ڇو ته ٻنهي کي گڏ برقرار رکڻ هاڻي ممڪن ئي ڪونهي، تنهنڪري پوءِ مون الڪوهل کي هميشه ل اءِ ترڪ ڪري ڇڏيو ته نتيجتاً ڄڻ ته جسماني ۽ ذهين طرح آئون وري جوان ٿي پيس اڄ ستر سالن جي عمر ۾ به منهنجي چپن تي هي گانو جهونگارجي رهيو آهي: ابهي تو مين جوان هون ! يعني انگريزي چوڻيءَ موجب “Old in year but young in spirit!” ڪارن ڪڪرن هيٺ، پنهنجي گهر جي پارڪ ۾ سهڻن گلن جي وچ ۾ ڇٻر تي هڪڙي بس هلندي هئي، جيڪا وسعين ملوڪ شاهه جي رهاڪو سيد قمبر علي شاهه جي هئي. ان بس جو ڪنڊيڪٽر، ڳوٺ بچل گگي جو جَکُو مينگھوار هوندو هو، اهو وڏي عمر وارن حال حيات ماڻهن کي اڄ به ياد آهي. انهيءَ زماني جي مشهور چوڻي ته: اڪ جي ٽاريءَ تي ۽ قمبر علي شاهه واري لاريءَ تي ڀروسو نه ڪجي. جھونن ماڻهن کي اها ڳالهه به ياد آهي ته جيڪڏهن بس ٻيلي ۾ صادق ڇورئي پَليجي جي ڳوٺ جي ويجھي پنڌ تي خراب ٿي پوندي هئي ته صادق پليجو بس جي سمورن مسافرن کي ماني کارائيندو هو، پر افسوس ! جو مون اها دعوت واري ماني ڪڏهن به نه کاڌي !
انسان ته مريو وڃي، پر سندس ڪيل چڱايون توڙي مدايون ، صدين تائين پيون ڳائجن. قديم عرب دنيا جي مثالي ڪردار جو حامل شخص، حاتم طائي سخاوت جي علامت طور ساري جهان ۾ مشهور آهي. اڄ به سخاوت جي حوالي سان، هر ننڍو وڏو مثال ڏيندي چوي ٿو فلاڻو حاتم طائيءَ جهڙو سخي آهي، يا: تون ته ڪو حاتم طائي ڪونه آهين جو هر سائل لاءِ مراد وند هجين. مسلمانن لاءِ وري ابو جهل هڪ اڻ وڻندڙ ۽ قابل نفرت شخصيت طور سُڃاتو وڃي ٿو. اڄ صادق ڇورئي پليجي جي ڳوٺ وٽان لنگھياسين ته ساڻس وابسته ڳالهيون ياد آيون. اسان بند مٿان هلندي آس پاس جا نظارا ڏسندي پسندي اچي انهيءَ هنڌ پهتاسين، جت ڪوريا جي ڪمپني سنڌو درياهه تي دروازن کان سواءِ پل تعمير ڪري رهي آهي. سنڌو نديءَ تي هن کان اڳ ۾ ٺهيل سمورو بيريجن وارين پلين توڙي غير بيريجي پلين جي ڀيٽَ ۾ هيءَ جهرڪن جي ويجھو ٺهندڙ پل ڊيگهه ۾ سڀني پُلين کان ننڍي آهي، يعني اها فقط 1.2 ڪلوميٽر ڊگهي ٿيندي. هيءَ پل حيدرآباد ڪراچيءَ نيشنل هاءِ وي تي جهرڪ شهر کان ٻه ميل کن ڏکڻ اولهه طرف پري جمارين جي ڳوٺ وٽان درياهه شاهه تي ٺهي پئي. پل جي حقيقي ڊيگهه ٻارهن سؤ ميٽرن ۾ ان جي ٻنهي ڇيڙنم وٽ هڪ هڪ سؤ ميٽر اضافي ڀرائي ڪري ان کي ڪل چوڏهن سؤ ميٽر ڊيگهه واري پل ڪري تيار ڪيو ويندو. هن پل کي نيشنل هاءِ وي سان ڳنڍڻ لاءِ 2.5 ڪلوميٽر ۽ ٽنڊو محمد خان، سجاول روڊ سان ڳنڍڻ لاءِ 22.5 ڪلوميٽر ٻه طرفو عاليشان موٽروي جي تعمير ٿيندي. تعميرات جي ٻئي ڀاڱي موجب، جهرڪ پُل وارو موٽر وي، ماتلي ۽ پوءِ اتان کان چمبڙ تائين ٺهندو، يعني انصاري شگر ملز ماتليءَ کان چمبڙ شگر ملز تائين. چمبڙ شگر ملز جو پهرين بچاڻي شگر ملز نالو هو. اهي ٻئي کنڊ جا ڪارخانا هڪ ئي مالڪ جا آهن. انهيءَ رستي ٺهڻ کانپوءِ هڪ ئي ڏينهن ۾ سڀني لاڙ وارين شگر ملن ۽ ٺٽي جي سيمينٽ فيڪٽرين تان چڪر لڳائي سوير واپس گهر ڪراچي پهچي وڃبو. اسان گاڏين مان لهي هيٺ اڏامندڙ واريءَ تان پنڌ ئي پنڌ هلندا اچي اُت بيٺاسين، جت درياهه جي پيٽ ۾ پل جا لوهي پِلَرَ لڳائي ڇڏيا هُئائون. ڏکڻ طرف کان اٺ پِلر لڳل هئا، جي ڪجهه سُڪي زمين ۾ ۽ ڪجهه پاڻيءَ ۾ لڳل هُئا. جهرڪن واري اترئين پاسي کان ڪيترا ٿنڀا لڳل هئا، اها خبر ڪانه ٿي پئي، ڇو ته پلر اڃا مڪمل تيار ٿي اُڀا ڪونه ٿيا هئا. درياهه جي بچاءَ بند کان ٻاهر ڏکڻ طرف ڪنسٽرڪشن ڪمپنيءَ جي وڏي ڪيمپ لڳل آهي، جنهن ۾ پل ٺاهڻ لاءِ گهربل سامان پيل آهي، جنهن ۾ وڏي هيوي مشينري به شامل آهي. لوهه جا ٺهيل پلر ڪافي تعداد ۾ درياهه جي ڪپ تي، درياهه ۾ پاڻي چڙهڻ سبب ڪم بند هئڻ ڪري ائين ڇڙوڇڙ پيا هئا. درياهه ۾ پاڻي تمام تيزيءَ سان چڙهي رهيو هو ۽ موسم به مڪمل جھڙالي هئي. شامَ جو پهر هو. هن طرف درياهه جي ساڄي ڪپ تي ”جهرڪ“ منهنجي پرينءَ جو شهر، مونکي ڪي پنهنجون ڳالهيون ياد ڏياري، پاڻ ڏانهن ڇڪي رهيو هو. جهرڪن جا ڪجهه بجليءَ جا ٿنڀا ۽ موبائيل فون ڪمپنين جا چور بُوسٽر صاف نظر پي آيا. درياهه ۾ هلندڙ هُڙن ۽ بتيلن جا سِڙهه ڏاڍا خوبصورت هئا ۽ ماحول کي وڌيڪَ رومانوي ڪري رهيا هئا. درياهه ۾ پاڻي تيزيءَ سان چڙهندي هيٺاهان پٽ ٻوڙي رهيو هو. ڪپ جي ويجھو پاڻيءَ جي وچ واريءَ جي هڪڙي وڏي ڊُٻ تي چڙهي، ماحول مان لطف اندوز ٿيندي، اسان ڪافي فوٽو ڪڍيا. انهيءَ دٻ ۾ ٿوري دير ۾ پاڻي چڙهڻ سبب ڏار پوڻ لڳا ۽ جڏهن ڊٻ جي وچ ۾ وڏا ڏار پوندي ڏٺوسين ته ڊٻ تان ڊوڙندا لٿاسين. ڊوڙن دوران هڪ هنڌ منهنجي سڄي ٽنگ گوڏي سوڌيءَ واري ۾ گهڙي وئي، پر ترت ڇڪي ڪڍيم ۽ اسين تڪڙا تڪڙا انهيءَ ڊٻ تان لهي جڏهن پاڻيءَ کان ٻاهر ٿي بيٺاسين ته ٿوري ئي دير اندر ڏسندي ڏسندي اها ڊٻ مومل جي ماڙيءَ وانگر سڄي پاڻيءَ ۾ ٻڏي وئي، ڄڻ ته اُت اڳي ڪا شيءِ ڪانه هئي. اها سڄي ايراضي چؤطرف رڳو پاڻي ئي پاڻي ٿي ويو. اسان جي ڳوٺ ٻني ۾ شهر جي ڀرسان پڃاريءَ ۾ جڏهن به پاڻي ايندو آهي ته آئون انهيءَ ۾ ضرور وهنجندو آهيان. سو هينئر به دل ته ڏاڍو ٿي چاهيو ته وهنجي وٺان، پر ائين ٿي نه سگهيو ڇو ته اتي نه هُئا ڪَڇا ۽ گوڏيون ۽ نه وري ڪي لائيف جيڪيٽس هئا، تنهنڪري منهنجي اها خواهش دل ئي دل نٿي ٿي، پر اسان کي هتان ٿوري ئي پنڌ تي ٻڌڪا ٽڪر به ڏسڻو هو. تنهنڪري هتي فوٽو ڪڍي ۽ مووي ڀري واپس بند تي گاڏين ۾ چڙهي ٻڌڪا ٽڪر وياسين. آئون هت اڳ به ڪافي ڀيرا اچي چڪو آهيان، پر منيٰ، سِپي، فرخ، محبوب ۽ قادر هت پهريون دفعو آيا آهن. اسان ٽڪر تي چڙهڻ جي ڪوشش ڪئي، پر چوڌاري ديوين جا تمام گهڻا وڻ هئڻ سبب چڙهڻ ۾ ڪافي ڏکيائي ٿي ۽ معمول کان وڌيڪَ وقت لڳو. اڳي هتي ديوين جا ايترا گھڻا وڻ ڪونه هوندا هئا، تنهن ڪري چڙهڻ ۽ لهڻ ۾ گهڻي تڪليف ڪانه ٿيندي هئي. خير نيٺ الله الله ڪري وڃي ٻڌڪا ٽڪر جي چوٽيءَ تي پهتاسين. ٽڪر تي مٿي ٻه ٽي قبرون آهن ۽ ٻيو خير يعني اتي ٻيو ڪجهه به ڪونهي. هتي رني ڪوٽ مان لڀندڙ اڌ ڪاٺ ۽ اڌ پٿر جهڙا ڪي پٿر به نٿا لڀن. ڪنهن زماني ۾ هت ڌاڙيلن جو راڄ هوندو هو. ماڻهن جو هِت اچڻ ته پري، پر پنهنجين ٻنين تي ويندي به ڊپ پيو ٿيندو هو. البت هاڻ اها صورتحال مڪمل طور ختم ٿي وئي آهي. هاڻ ماڻهو رات جو ٻارهين بجي به بنا خوف جي هت اچي سگهي ٿو. هتي فرخ، محبوب ۽ سپيءَ چؤطرف نظارن جون موويز ڀريون ۽ فوٽا ڪڍيا. موسم هت به تمام خوشگوار هئي. سنهي بوند ۽ وڻندڙ ڦوهاري وسي رهي هئي. ”ٻڌڪا“ يا ”ٻڌ جو“ ذڪر جو ڪيترن ئي تاريخي ڪتابن ۾ بيان ٿيل آهي، پر آئون ان جو احوال ٻٽن سِٽن ۾ ٻڌايان ٿو. هنن آثارن جي نالي مان ئي ظهار آهي ته اهي سنڌ ۾ ٻڌ ڌرم واري دؤر جا يادگار آهن. هنن آثارن تي تحقيق ڪندڙ مسٽر ڪارٽر هِتِ ٻه ننڍا دڙا ڳولي لڌا. هتان لڌل سرن جي مٿاڇري تي ڪم آيل رنگ، ڪاريگري ۽ لکت کي جانچيندي کيس ٻڌ ڌرم جي ٻن راجائن جا نالا ڏسڻ ۾ آيا، جيڪي راجا ڪنشڪ جي زماني ۾ ٿي گذريا آهن. موجوده وقت ۾ هن ٽڪر تان اهڙيون سرون هٿ اچن ٿيون، جن تي ٻڌ ديوتا جي تصوير چٽيل آهي. ڇمر ڪري سج ته سڄو ڏينهن ڏسڻ ۾ ئي ڪونه آيو، پر اسان هاڻ واپس ورڻ واري ڪئي. بند جي ٻنهي طرفن سڄو ملڪ سرسبز ۽ آباد لڳو پيو هو. اسين انهن سهڻن نظارن مان لطف اندوز ٿيندي آهستي آهستي واپس ڳوٺ ورياسين. ائو ميل جي ڪتاب Dancing Shadow جي سنڌي ترجمي و اري ڪتاب جو نالو ”سنڌو تهذيب ۽ سنڌو ڌرم جا يورپ ۾ قديم آثار“ آهي، تنهن جي صفحي نمبر 24 تي لکيل آهي ته: ”سنڌو تهذيب جا ماڻهو هاري هئا، جن پهريون ڀيرو آبپاشيءَ جو هڪ شاندار ۽ وڏو نظام قائم ڪري ورتو هو، جنهن جو مثال دنيا ۾ اڳي موجود ڪونه هو، جنهن کي اتر کان آرين ۾حمله آورن ڀينگ ڪري ڇڏيو. ان کانپوءِ ساڳين ماڻهن اهو احوال رِگ ويد (500-1000 ق.م) ۾ قلم بند ڪري ڇڏيو، جيڪو سلوڪن جي شڪل ۾ موجود آهي. عام طور تي چيو ويندو آهي ته آريا لفظ جي معنيٰ آهي اوچي نسل جو ماڻهو سر مونيئر وليئمس 1893ع ۾ لکيو هو ته آريا لفظ جي معنيٰ کليل ۽ وسيع ايراضي آهي، جنهن جو اشارو ڌنارن ۽ هارين ڏانهن آهي. سنڌ جا دراوڙ سوٽي ڪپڙو پائيندا هئا. دنيا ۾ تڏهن ڪا ٻي اهڙي قوم موجود ڪانه هئي، جيڪا اهڙو لباس پائيندي هجي (رگ ويد ۾ لکيل آهي ته آريا سوٽي ڪپڙو پائيندا آهن. مترجم) هنن ماڻهن وٽ سون تمام گهڻو هوندو هو، جيڪو هو کاڻين مان کوٽي ڪڍندا هئا. ان کان سواءِ سنڌو درياهه جي واريءَ مان به سوجھيندا هئا. پوکيءَ ۾ هتي ڪڻڪ جَوَ، چڻا، مَٽر، تر، سرنهن، رائي ۽ گدرا به ٿيندا هئا. هن کان علاوه کارڪون به ٿينديون هيون. هتان جي ماڻهن ڪيترائي جھنگلي جانور پالي گهرو بنائي ڇڏيا هئا، جن ۾ ڳئون، سوئر، ڪتا، ٻليون، اُٺ ۽ هاٿي هئا. ان سان گڏ Porcelain جي ٿانون جا مهان ڪاريگر هئا. هيءُ دنيا جي پهرين قوم هئي جنهن وٽ ضرب ٿيل Minted سِڪا هئا. پر ڌاتو جي ڪاريگريءَ جا مثال مختصر آهن. قديم آثارن جي ڪن ماهرن جو چوڻ آهي ته ڌاتُوءَ جا وڏا ڪاريگر ڪونه هئا. پر چَڪَ وسيلي ٺڪر جا ٿانوَ جوڙڻ ۾ ڏات ڌڻي هئا. کين اهڙو ڏانءُ هو جو ڏکيون ۽ منجھيل شيون سولائيءَ سان ۽ سادي نموني جوڙي سگهندا هئا. سنڌو تهذيب وارا علائقي ڏاڍا شاهوڪار هئا. ميسوپوٽيميا ۽ چين جي قديم تحريرن ۾ اهڙيون ڳالهيون نهايت چٽيءَ ريت بيان ڪيون ويون آهن. اڄ جي سنڌ ۽ ماضيءَ جي سنڌو تهذيب جون ڳالهيون ٻڌيون ۽ پڙهيون اکيون آليون ٿيون پيون ۽ دل اُداس ٿيو وڃي. هيڏو سور سهي، ننڊ نه ڪجي نائکا ! پراڻين يادن سان گڏ مون چاهيو ٿي ته توهان کي ڪجهه فِريش ڪرڻ لاءِ ڪا نئين ڳالهه ٻُڌايان، سو ذڪر پي هليو سنڌ يونيورسٽي ۽ منهنجو اُت پڙهڻ ۽ رهڻ جو. اسان دوست اڪثر شامَ جو يونيورسٽي ڪيمپس اندر روڊن تي گهمڻ لاءِ به ضرور ويندا هئاسين. انهيءَ وقت ڄامشورو ڦاٽڪ تي اهڙي گهما گهمي ڪانه هوندي هئي، جهڙي اڄ آهي. خود يونيورسٽي ڪيمپس به اڃان تمام ننڍي ايراضيءَ تي ٺهيل هو. لياقت ميڊيڪل يونيورسٽي ۽ مهراڻ انجنيئرنگ يونيورسٽي اڃان ڪاليج هئا. سنڌالاجي، يونيورسٽي ٽائون شپ ۽ ٻيا ڪيترائي انسٽيٽيوٽ، جيڪي اڄ اُت قائم آهن، تن جو وجود ئي ڪونه هو. سنڌ يونيورسٽيءَ جو ٽائون شِپِ وارو سڄو پاسو صفا رڻ پٽ لڳو پيو هوندو هو. ڪراچي ــ حيدرآباد سپر هاءِ وي اڃان شروع ڪونه ٿيو هو. سيوهڻ روڊ به صفا ننڍو هوندو هو. ماڻهن وٽ ايتريون ڪارون، موٽرون ۽ موٽر سائيڪلون ڪونه هونديون هيون. ماڻهن جي زندگيءَ ۾ اڃان ايڏي خوشحالي ڪانه آئي هئي، جيڪا اڄ آهي. فوجي آمر جنرل ايوب خان جي حڪومت هئي. ان جو سڄو زور اسلام آباد شهر ٺهرائڻ تي هو. اندرا، ٻاهران جيڪا به دولت هٿ ٿي آئي، سا صرف پنجاب ۽ اسلام آباد تائين محدود هئي، باقي سڄو ملڪ خاص ڪري سنڌ جي ٻهراڙين جو ته حال صفا چٽ هو. جنرل ايوب گهڻو ڪري سنڌ ۾ سياري جي مند ۾ صرف ويڪون وڏيرن جي رکائيل شڪار تي ۽ ٽنڊي محمد خان جي ويجھو پنهنجي ”ايوب زرعي فارم“ تي ايندو هو، جنهن جو اڄ مالڪ عبدالرحيم ڪاتيار آهي. يا وري ڪراچيءَ ۾ سندس موٽر فيڪٽري، ”گنڌارا انڊسٽريز“ ڏسڻ لاءِ ايندو هو. جنرل ايوب پاڪستان جو پهريون سربراهه مملڪت هو، جنهن رشوت ۽ ناجائز دولت ڪمائڻ ۾ ڪا به گهٽتائي ڪانه ڪئي. اها صورتحال سنڌ سان سڀني مِلِيٽري ڊڪٽيٽرن جي دؤر حڪومت ۾ ٿي، پر ايوب خان سنڌ مٿان مڙهيل ون يونٽ کي تحفظ ڏيئي، سڄي سنڌ کي هر طرح سان تمام گهڻو نقصان رسايو، انهيءَ جو اڳ ئي تفصيلي ذڪر ڪيو اٿم. هاڻ پاڻ واپس ٿا اچون حيدرآباد. آئون شامَ جو سنڌ متحده محاذ جي آفيس واقع گاڏي کاتي پهتس، جت سچي سنگت اڳئي موجود هئي. ميٽنگ ۾ سڀني دوستن کي پنهنجي پنهنجي حصي جو ڪم ورهائي ڏنو ويو. مون ۽ شاهه محمد شاهه لاءِ اهو حڪم هو ته توهان ٻئي هتان کان جهرڪ، پوءِ سونڊا ۽ ٺٽي جو تنظيمي دؤرو ڪري ڪراچيءَ ۾ سائين جي ايم سيد جي بنگلي حيدرَ منزل تي اچي دؤري جي رپورٽ ڏيو. اسان ٻئي ڏينهن صبح سوير پنهنجي مِشن تي روانا ٿياسين. انهيءَ زماني ۾ سنڌ روڊ ٽرانسپورٽ ڪارپوريشن جون بسون سڄي سنڌ ۾ هلنديون هيون ۽ هر وڏي شهر ۾ انهيءَ ڪمپنيءَ جا وڏا وڏا بس اسٽينڊ هوندا هئا، جتي سندن آفيس کان سواءِ ملازمن جا رهائشي ڪوارٽر به هوندا هئا. اسان صبح سوير بيسنت هال جي پويان موجود سرڪاري بس اسٽينڊ تان گورنمينٽ بس ۾ چڙهي جهرڪ روانا ٿياسين. حيدرآباد کان ڪراچي وايا ٺٽو، نيشنل هاءِ وي ته ننڍو هو پر سٺو هو. اڳئين زماني ۾ روڊن رستن ۽ سرڪاري عمارتن جي تعمير جا ڪم تمام معياري ٿيندا هئا. جيڪر ڪو روڊ ٿورو به خراب ٿيو ته اُنهيءَ ٽُڪري کي هڪدم ٺهرائي ڇڏيندا هئا. هر دفعي مرمت وقت روڊ مٿان پٿر وجھڻ سان هڪ ته روڊ مٿي ٿيو وڃن، ٻيو ته شهرن ۽ ڳوٺن جا گهر روڊن کان هيٺ ٿيندا وڃن. جڏهن ته اڄ به حيدرآباد يا ڪراچيءَ ۾ روڊن کي صرف ڏامر سان ڪارپيٽ ڪريو ڇڏين ۽ وري به جي ٻَٽن سالن کانپوءِ روڊ خراب ٿين ته، کين ٻيهر به صرف ڪارپيٽ ڪري ڇڏين. پر ٻهراڙين ۾ روڊن تي پٿرن مٿان پٿر وجھي هروڀرو خرچ کي وڌايو ڇڏين، چي ٿوري ڪم مان اسان جو هاڻ ته پيٽ ئي نٿو ڀرجي ! ۽ ائين وري وري پٿر وجهڻ سان روڊن کي ٺهڻ ۾ به تمام گهڻو وقت ٿو لڳي. ڪلفٽن ۾ ته ڪرش ۽ مرمت جو ٻيو مٽيريل ڪنهن خلاصي هنڌ تي ٺاهين، پوءِ انهيءَ سان ڏس ته رات وچ ۾ روڊ يا گهٽيون تيار، نه ٽرئفڪ گهڻو وقت بند رهي ۽ نه وري ماڻهو سالن جا سال دربدر ٿي پکڙيل پٿرن مٿان گاڏيون هلائين. يورپ، جِت سڄو سال برساتون پيون پون، پر اُت روڊ اهڙا ته مضبوط ۽ معياري ٺاهين، جو اُهي سالن جا سال خراب ئي ڪونه ٿين. ٻيو ته جيڪڏهن ڪٿي ٿوري به خرابي يا نقص ٿي پيو ته اُهو تُرت ئي ٺاهي ڇڏين، نه ڪي پاڻ وانگر ته پهريون سڄو رستي ڀڄي، اُجڙي ذرا ذرزا ٿئي، تنهن کانپوءِ ئي اهو رستو نئين سر ٺهندو. ۽ وري انهيءَ کي ٺهڻ ۾ به ڪَنئين سالَ لڳيو وڃن. وري جيڪڏهن روڊس جي عملدار کي اها ڳالهه چئبي ته يڪدم وراڻيندا ته اوهان ته بادشاهه ماڻهو آهيو ! اوهان کي ڪهڙي خبر ٽيڪنيڪل ڳالهين جي. اسان ئي انهن معاملن کي سمجھي سگهون ٿا. پوءِ بابا ! هي ڪراچيءَ ۽ فارين جا روڊ رستا به ته توهان ڏسو پيا، ڇو ته توهان پاڻ به ڪلفٽن ۽ ڊفينس ۾ ئي رهو ٿا ۽ هر سال ٻاهرين ملڪن جا چڪر به لڳايو ٿا، سو اهو هتي سڀ ڪجهه ڇو آهي؟ پاڪستان ۾ گذريل 66 سالن ۾ جيڪا رشوت ۾ ترقي ۽ واڌ ويجهه ٿي آهي، ان جو سڄي دنيا ۾ مثال ڪو نه ٿو ملي! ائون سمجھان ٿو ته اهو وقت پري ڪونهي، جڏهن آفيسرن جي پوسٽنگ لاءِ اخبارن ۾ اشتهار ايندا ته فلاڻي فلاڻي جڳهه جي پوسٽنگ لاءِ رشوت جا هيٺان ريٽ آهن. اسان جي ڪو آرڊينيٽر کي پئسا ڏئي جلد آرڊر وٺو، ڇو ته هاڻي خالي جڳهيون تمام ٿوريون وڃي بچيون آهن، تنهنڪري اسان هاڻ هي فيصلو ڪيو ته: ”فرسٽ ڪم، فرسٽ وِن“ جي بنياد تي ئي آرڊر ڏنا ويندا. وڌيڪَ شرط روبرو طئه ڪيا ويندا. فون تي به رابطو ڪري سگهجي ٿو! جنهن ملڪ جي پبلڪ سروس ڪميسن پاس شاگردن کي فيل ڪري، سندن جڳهين تي سفارشي ۽ پئسا ڏيندڙ شاگردن کي پاس ڪيو وڃي ۽ اهڙي ڌنڌي جي خلاف ٿيندڙ انڪوائريءَ کي ڏهه سال لڳيو وڃن، تنهن بابت انهن کان ڪو پڇڻ وارو به نه هجي ۽ اعليٰ عدالتون به مظلومن جي داخل ڪيل ڪيسن جي فائيلن کي بند ڪري، ٻين نان اِشُوز ۽ پبلسٽي ڏياريندڙ سياستدانن ۽ ڪامورن کي هيسائي، ڊيڄاري کين ڪورٽن ۾ گهلي ذليل ڪري، پوءِ پنهنجي ۽ پنهنجي اولاد لاءِ اسلام آباد ۾ پلاٽ ۽ ٻيون ناجائز رعايتون وٺڻ ته پوءِ غريب مسڪين ماڻهو انصاف حاصل ڪرڻ لاءِ ته سوچي به نٿو سگهي ! رڳو هڪڙو راڻا ڀڳوان داس ته سڄي ملڪ جون ڪورٽون ڪونه هلائيندو ! پاڪستان جهڙي ملڪ ۾ دولت جي ڍِڳَ ڏانهن شرافت جو ته ڪو به رستو وڃي ئي ڪونه ٿو. اڳوڻي ايم اين اي سيد قربان شاهه هڪ ٽي وي انٽرويو ۾ ٻڌايو ته ڪجهه رٽائرڊ جنرلن اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ اٽڪل سان اربين روپيا ڪمائي ٻي پبلڪ جو ٻيڙو ٻوڙي ڇڏيو، تنهن کي چوندا آهن ته اسٽاڪ ايڪسچينج ڪِرش ٿي ويئي ! انهيءَ گھوٽالي بابت انهن جنرلن خلاف حڪومت انڪوائري شروع ڪئي ته آرمي چيف آف اسٽاف جنرل ڪيانيءَ حڪومت کي چيو ته توهان ڇڏيو، اسان ٿا انهن خلاف انڪوائري ڪريون. بس پوءِ اهو معاملو ائين ختم ٿي ويو ۽ ڦريل ماڻهن جي ڪا به دادرسي ڪانه ٿي ۽ سندن ٻيڙو ئي ٻڏي ويو. شهيد ڀـٽي وارو ڪيس هلائيندڙ ججن ۾ هڪڙو پشتو ڳالهائيندڙ، جسٽس صفدر شاهه به هو، تنهن کان جڏهن بي بي سي جي نمائندي مارڪ ٽيلي ڀٽي جي ڪيس بابت پڇيو ته پاڻ جواب ڏنئين ته ”يه قتل ڪا مقدمه نهين، مقدمي ڪا قتل هي !“ ۽ پوءِ پاڻ گڏهه تي چڙهي لڪندي لڪندي ملڪ ڇڏي وڃي افغانستان ڀيڙو ٿيو، نه ته سندس حشر به شهيد ڀٽي جهڙو ٿئي ها ! اسان به هاڻ اُت وڃي پهتا آهيون جو، اسان جي واپسي ممڪن ڪانهي. بقول فيض احمد فيض ته:
میں کس کے ہاتھ پے اپنا لہو تلاش کروں،
سارے شہر نے پہن رکھے ہیں دستانے۔
بس حيدرآباد جي ٿڌي سرڪ جي وڏن وڻن هيٺان هلي رهي هئي سن 1965ع واري جنگ ۾ حيدرآباد ڇانوڻيءَ جون سڀ ٽينڪون آڻي انهن وڻن هيٺان بيهاريائون ته جيئن دشمن هوائي جهان کي اهي نظر نه اچن ۽ ٿيو به ائين جو حيدرآباد مٿان دشمن پائليٽ سواءِ ڇانوڻيءَ کي ڪو به نقصان پهچائڻ جي ٺلها چڪر هڻي هليا ويندا هئا. هڪ دفعو ته هڪ هندستاني هوائي جنگي جهاز کي توپ هڻي اڄوڪي گلشن سجاد واري پٽ تي ڪِرائي وِڌائون. انهيءَ ڪِريل جهاز جي پائليٽ جو پيءُ ۽ انهي جنگ دؤران پاڪستان جو صدر جنرل ايوب ورهاڱي کان اڳ لنڊن جي فوجي درسگاهه سئنڊرس ۾ گڏ پڙهيا هئا، تنهنڪري انهيءَ هندستاني پائليٽ کي هت ڪا به سزا ته ڪانه ملي، پر ڪا به تڪليف محسوس ٿيڻ به ڪونه ڏنائونس ! اسين بس ۾ سافر ڪندا ٿڌي سڙڪ وارن وڏن وڻن هيٺان لنگھندا، گدو بندر شهر ڪراس ڪندا، ڪوٽڙيءَ واري جھوني سڄي لوهي پل تان سنڌو درياهه اندر پاڻيءَ جون موجون ڏسندا ۽ درياهه ۾ هلندڙ بيشمار ٻيڙيون ڏسندا درياهه پار ڪري وڃي ڪوٽڙيءَ پهتاسين، جتان هڪ ٻه مسافر ٻيا به بس ۾ چڙهيا. ڪنهن زماني ۾ سيٺ موٽڻ داس جي شراب جي ڊسٽيلري فيڪٽري ڪوٽڙيءَ شهر جي ڏکڻ ۾ واقع هوندي هئي، سا هاڻ آهي يا نه، سا خبر ڪانهي. بس ۾ منهنجي ڀرسان ويٺل هڪ ماڻهوءَ مون کي چيو ته بس جڏهن ٻولهاڙي پهچي ته مونکي ٻڌائج ته آئون اتي لهان. مون کانئس پڇيو ته توهان هن روٽ تي اڳ سفر ڪونه ڪيو آهي ڇا؟ جو مون کان ٿا پڇو؟ تنهن تي پاڻ چئين ته نه ! پوءِ پاڻ مونکي ٻُڌايائين ته آئون ميرپور خاص ۾ رهندو آهيان ۽ مختيارڪار آهيان. ٻولهاڙيءَ جي ڊاڪٽر جي تمام گهڻي تعريف ٻُڌي اٿم، سو انهيءَ کان علاج ڪرائڻ لاءِ وڃي رهيو آهيان. اها ڳالهه ٻڌي مون کي ڏاڍو عجب ٿيو، ڇو ته هي منهنجو هميشه جو گس هو. اسان ٻني کان ٻيڙيءَ ۾ ڏاڏوري پتڻ يا جهرڪ ايندا هئاسين، پوءِ اتان کان بس يا ڪنهن ٻي سواريءَ ۾ حيدرآباد ويندا هئاسين. سو اسان کي هن ڊاڪٽر جي باري ۾ ڪافي ماڻهن جي معرفت خبر هئي هو ڊاڪٽر نه پر هڪ ڪُوئيڪ آهي، پر ڀلي درگاهه وانگر هت به ماڻهن جي ڏاڍي رش لڳل هوندي هئي، ۽ جڏهن به ٻولهاڙيءَ وٽ بس بيهندي هئي ته ان ڊاڪٽر ڏانهن ويندر ماڻهو ٿوري گهڻي تعداد ۾ ضرور لهندا هئا ۽ ڪي اتان موٽندڙ بس ۾ چڙهندا هئا. مون پنهنجي ڄاڻ مطابق انهيءَ شخص کي ٻڌايو ته حقيقت ۾ اهو ماڻهو ڊاڪٽر نه پر هڪڙو ڪوئيڪ آهي ۽ جيڪڏهن پاڻ پڙهيل لکيل ماڻهن به اهڙن نقلي ڊاڪٽرن کان علاج ڪرايو ته پوءِ اڻپڙهيل ماڻهن تي ڪهڙي ميار! ٻيو ته ميرپورخاص ۾ ته سڄي سنڌ جو مشهور هڪ درويش صفت ڊاڪٽر ڊريگو رهندو آهي. انهيءَ جو شفا خانو ته سڄي سنڌ ۾ مشهور آهي. ايتري ۾ بس ٻولهاڙيءَ جي اسٽاپ تي بيٺي ۽ ڪنڊيڪٽر خود وڏي آواز ۾ چيو ته ٻولهاڙيءَ وارا مسافر لهن، ٻولهاڙي اچي ويئي آهي ۽ ڏٺم ته مختيار ڪار سواءِ مون ڏانهن نهارڻ جي تيزيءَ سان بس مان لهي ويو. خير اسان جي بس نئين بارڻ جي پل اڪري دادو ضلعو ڇڏي ٺٽي ضلعي جي حدن ۾ داخل ٿي ويئي ۽ اسان بوتو مڪان، ٻٻرن جي ڳوٺن جا ڪيئي اسٽاپ لتاڙي اچي اونگر پهتاسين. اونگر، جهرڪ، سال، مڪان، ڏاڏوري پتڻ، سونڊا ۽ سن واري علائقي جو آئون ايترو ته واقف آهيان، جيترو پنهنجي ڳوٺ ٻني ۽ اتي جا ماڻهو به مون کي ائين سڃاڻن جيئن ٻني جا ! ان جو سبب سال مڪان ۾ پنهنجي مائيٽن، دل برادري ۾ ننڍي هوندي کان گهڻو اچڻ وڃڻ ڪري ۽ سن ۾ سائين جي ايم سيد جي ڪري پهرين بابا، پوءِ منهنجي اُت گهڻي اچڻ وڃڻ ڪري انهن شهرن ۽ علائقن سان تمام گهڻي ويجھڙائي رهي، جيڪا هاڻ عمر جي تقاضا ۽ سال مڪان ۾ وڏن بزرگن جي وفات ۽ سن ۾ سائينءَ جي وفات کانپوءِ گهٽجي ويئي ۽ هاڻ اهو تعلق نه هئڻ برابر وڃي رهيو آهي. خدا ڪري شل اهي ڏيهه ۽ اُت رهندڙ ڏوٿي سدائين خوش ۽ آباد هجن، جت منهنجي نوجوانيءَ جا ڏينهن گذريا ! سن ۾ سائين جي ايم سيد ۽ سال مڪان ۾ چاچا ارباب جان محمد دل مونکي هميشه پنهنجي اولاد وانگر پيار ڪيو. اڄ به منهنجي دل ۾ انهن بزرگن لاءِ ايتري عزت ۽ احترام آهي، جيترو پنهنجي پيءَ لاءِ آهي. هن موقعي تي چاچا قادر ڏني شاهه شيرازيءَ ۽ سيٺ ٽيون مل جو ذڪر نه ڪرڻ به آئون سمجھان ٿو ته وڏي بيواجبي ٿيندي. پڙهڻ دوران حيدرآباد هاسٽل کان ٻاهر آئون سيٺ ٽيون مل جي گهر ۽ ٺٽي ۾ نوڪريءَ دوران چاچي قادر ڏني شاهه جي اوطاق ۾ رهيس. انهن به مونکي هميشه پنهنجي اولاد وانگر پيار ڪيو ۽ عزت ڪئي. منهنجي دل جي انهن بزرگن لاءِ به اها دعا آهي ته شل الله تعاليٰ کين پنهنجي امان ۽ رحمت ۾ رکي ! اسان جي بس اونگر کان اڳيان جهرڪ سائيڊ، عقيلي فارم کان ٿيندي هاڻ نيشنل هاءِ وي ڇڏي جهرڪ شهر پهچڻ لاءِ لنڪ روڊ تي روان دوان آهي. اسان جهرڪ پهچي سيد قاسم شاهه جي پڇا ڪئي ۽ ڪجهه شاگردن سان ملڻ جي ڪوشش ڪئي، پر نه قاسم شاهه هو ۽ نه وري اسان کي ڪي شاگرد انهي وقت ملي سگهيا. تنهنڪري اسان هت سواءِ وقت شايع ڪرڻ جي ٻي بس ۾ چڙهي سونڊن روانا ٿياسين.