آتم ڪٿا / آٽوبايوگرافي

ڪيڏي نه مختصر زندگي

عبدالحئي پليجو جي آتم ڪٿا جو ٽيون حصو آهي. هن ٽئين جلد ۾ سندس مئٽرڪ کان 1970ع تائين جو شخصي زندگي ۽ سياسي سرگرمين ۽ معاشقن جو سربستو احوال بيان ڪيل آهي.
عبدالحئي پليجو سنڌي ٻوليءَ جي وڏن اديبن ۾ شامل آهي. سندس شمار انهن ليکڪن ۾ ٿئي ٿو، جيڪي سهڻو ۽ پختو نثر لکندا آهن. جتي سندس شخصيت ۾ سنڌو نديءَ جي ڪچي جي چِيڪي مٽيءَ جو هُڳاءُ آهي، اتي سندس نثر ۾ به سنڌو نديءَ جي رواني آهي. سندس لکڻي سادي، سرل، عام فهم ۽ خوبصورت هجڻ سان گڏ گهِري، روان ۽ معنائن جو ڀنڊار هجي ٿي. سندس لکڻي پڙهي ائين لڳندو آهي، ڄڻڪ هو ڄائي ڄم کان ئي هڪ تخليقڪار آهي.
Title Cover of book ڪيڏي نه مختصر زندگي

2

نيٺ جناح صاحب جڏهن واپس ڪراچي ايئرپورٽ تي هوائي جهاز ذريعي پهتو ته اُتان کيس گهر پهچائڻ لاءِ هڪڙي ڀڳل ۽ خراب ايمبولينس گاڏي موڪلي وئي جيڪا رستي ۾ ئي خراب ٿي بيهي رهي ۽ جناح صاحب ڪيترائي ڪلاڪ ان خراب ايمبولينس ۾ پيو هو. جيستائين ٻي ايمبولينس پهتي تيستائين پاڻ شايد وفات ڪري چڪو هو. جناح صاحب سڄي زندگي شهزادن وانگر گذاري، جنهن جو مثال ڪراچيءَ ۾ سندس خريد ڪيل ماهوٽا پيليس آهي. ان محل ۾ پاڻ رهيو ته هڪ ڏينهن به ڪونه هو، ڇو ته ڪراچيءَ پهچڻ شرط پاڻ سڌو ان وقت جي گورنر هائوس هليو ويو ۽ باقي زندگي اتي رهيو. لاهور ۾ سندس گهر انڊيئن آرمي وٽ مسواڙ تي ڏنل هو. پاڪستان ٺهڻ کانپوءِ پاڻ اهو بنگلو پاڪستان آرميءَ کي تحفي طور ڏنو، سو اڄڪلهه ڪور ڪمانڊر لاهور جي رهائش گاهه آهي. (ڏسو جنرل شاهد عزيز جو ڪتاب ”يه خاموشي ڪهان تڪ“ صفحو نمبر 294). جناح صاحب جا دهليءَ ۽ ممبئيءَ وارا گهر ته بالڪل محل ٿا لڳن. انهيءَ کانسواءِ لنڊن ۾ به سندس هڪ لاجواب فليـٽ هو. انهيءَ عظيم شخصيت جي حامل لائق انسان جو لياقت ٽولي ڪو به قدر ڪو نه ڪيو، جنهن کي جناح صاحب خوشيءَ سان پاڪستان جو وزير اعظم مقرر ڪيو. پاڪستان جي سابق اعليٰ ڪاموري روئداد خان 14 مارچ 2006ع تي ARY ٽيليويزن چينل تي انٽرويو ڏيندي چيو ته جناح صاحب آخر ۾ لياقت علي جي رَوَيي جي ڪري ڏاڍو مايوس هو ۽ هڪ دفعو ائين چيائين ته آئون نهروء کي ٿو چوان ته ملڪ تي حملو ڪري. چون ٿا ته اهو ٻُڌي، لياقت علي چيو ته ”اب بُڍي ڪو عقل آئي هي.“ انهي انٽرويو ۾ روئداد خان لياقت علي جي زال رعنا لياقت علي جي باري ۾ کلم کلا چيو ته انهيءَ وقت آئون ڪراچيءَ ۾ نوڪريءَ ۾ هئس. مون پاڻ خود ڪيترين ئي دعوتن ۾ رعنا لياقت علي کي سرعام شراب پيئندي ڏٺو هو. سندس ڪردار به انتهائي خراب هو ۽ڪَئين ماڻهن سان سندس جنسي تعلقات هئا. خير، پاڻ پاڪستان جي اوائلي دور جو ذڪر ڪيو آهي، جنهن د وران لياقت علي خان اچڻ شرط سنڌ ۽ ٻين صوبن جي چونڊيل وڏن وزيرن کي ڊسمس ڪري پنهنجي پسند جي ماڻهن کي وزير اعليٰ طور مقرر ڪندو ۽ انهن کان پنهنجا من پسند قائدا قانون پاس ڪرائيندو رهيو. سندس پهريون حڪم ڪراچيءَ شهر کي سنڌ صوبي کان کسي مرڪزي حڪومت جي حوالي ڪرڻ هو. اهو نهايت جابراڻو حڪم نه مڃڻ سبب، وزير اعليٰ سنڌ، ايوب کُهڙي جي حڪومت ختم ڪئي وئي. لياقت علي خان گڏيل هندستان جي مسلم نوڪر شاهيءَ کي تمام گهڻي تعداد ۾ آڻي پاڪستان جو خود سر حاڪم ڪري ڇڏيو. انهيءَ ظالم نوڪر شاهيءَ نهايت جابر حاڪم طور ايستائين حڪومت ڪئي، جيستائين کيس بيدخل ڪري حڪومت تي فوج اچي قبضو ڪيو. پاڪستان جي سول ۽ فوجي نوڪر شاهيءَ جا مکيه مُهرا هيٺيان هُئا.
1. غلام محمد، گورنر جنرل پاڪستان.
2. جنرل اسڪندر مرزا، اول گورنر جنرل پوءِ صدر پاڪستان
3. چوڌري محمد علي، وزير اعظم پاڪستان
4. محمد علي بوگره، وزير اعظم پاڪستان
5. غلام اسحاق خان، صدر پاڪستان
6. شوڪت عزيز، ڊائريڪٽر ورلڊ بئنڪ، وزير اعظم پاڪستان
7. جنرل ايوب خان، صدر پاڪستان
8. جنرل يحيٰ خان، صدر پاڪستان
9. جنرل ضياءُ الحق، صد رپاڪستان
10. جنرل پرويز مشرف، صدر پاڪستان.
جڏهن ڪي فوجي جنرل ۽ سول ڪامورا رٽائر ٿيڻ کانپوءِ پنهنجيون پنهنجيون سياسي پارٽيون ٺاهي سياست ڪرڻ لڳا ته کين عوام کنگهيو به ڪونه. مثلاً ايئر مارشل اصغر خان، جنهن تحريڪ استقلال ٺاهي، جنرل مرزا اسلم بيگ، جنهن پاڪستان قيادت پارٽي ٺاهي، قدير خان، جنهن پاڪستان استحقام پارٽي ٺاهي، ۽ جنرل پرويز مشرف، جنهن مسلم ليگ (ق) پارٽي ٺاهي. اوائلي سول حاڪمن به پنهجي پسند کانسواءِ ڪنهن به ٻي حڪومت کي هلڻ ئي ڪونه ڏنو. ان جا ڪجهه مثال هيٺ ڏجن ٿا. لياقت علي خان ايوب کُهڙي جي حڪومت ختم ڪئي، غلام محمد پهرين وزير اعظم ناطم الدين خواجه ۽ پوءِ وزير اعظم محمد علي بوگره جي حڪومت ختم ڪئي. مطلب ته اهي سمورا حاڪم حڪومتون ختم ڪرڻ ۾ پورا هئا، جن 1956ع تائين نه آئين ٺاهيو ۽ نه ئي وري ڪا اليڪشن ڪرايائون. انهيءَ مقابلي ۾ هندستان ۾ ترت آئين ٺهيو ۽ پنهنجي مقرر وقت تي چونڊون به ٿينديون رهيون. اهو سلسلو اڄ به برقرار آهي. تنهنڪري هندستان ۾ سول سوسائٽي گهڻي مضبوط ۽ مؤثر ٿي. انهيءَ جي ڀيٽ ۾ پنهنجي ملڪ ۾ ڇا پيو ٿئي، سو به ڪنهن کان ڳُجھو ڪونهي. جنرل ايوب پاڪستان قائم ٿيڻ کان اڳ به فوج ۾ اهم عهدي تي فائز هو ۽ پاڪستان جي قيام کان ترت پوءِ آرميءَ جو ڪمانڊر ان چيف مقرر ٿيو. انهيءَ عهدي تي کيس ٻه ڀيرا ايڪسٽينشن يعني نوڪريءَ جي مُدي ۾ واڌارو پڻ حاصل ٿيو. انهيءَ ڪري نوڪريءَ جي هوندي، ورديءَ ۾ به پاڻ مُلڪَ جو وزير دفاع هو، 1947ع کان 1958ع تائين پاڻ انهن حڪمرانن جو ڪَٽ پتليءَ وارو کيل ڏسندو رهيو ۽ پنهنجي حاڪم ٿيڻ جي موقعي جو صبر جميل ۽ قوي هوشياريءَ سان انتظار ڪندو رهيو. نيٺ جڏهن صدر اسڪندر مرزا مخالف سياستدانن کي سيکت ڏيڻ لاءِ جنرل ايوب کي ملڪ ۾ مارشلا لڳائڻ جو حڪم ڏنو، ته خود حاڪم ٿيڻ لاءِ سالن کان انتظار ڪندڙ جنرل ايوب خوش ٿيندي آڪٽوبر 1958ع ۾ ملڪ ۾ مارشل لا نافذ ڪيو ۽ 15 ڏينهن کانپوءِ آڌي رات جو ٽي جنرل هٿيار بند جٿي سان پريزيڊنٽ هائوس ۾ داخل ٿيا ۽ صدر جي اردليءَ کي حڪم ڏنائون ته صدر کي سندس بيڊ روم مان هيٺ ڊرائنگ روم ۾ وٺي اچ. انهيءَ وقت صدر پنهنجي زال ناهيد خان سان گڏ پنهنجي بيڊ روم ۾ ستل هو. ناهيد خان پهرين هڪڙي ايراني سفارتڪار جي زال هئي، سا پوءِ جنرل اسڪندر مرزا جي زال ٿي. اطلاع ملڻ شرط صدر اسڪندر مرزا نائيٽ ڊريس ۾ ئي هيٺ لهي ڊرائنگ روم ۾ آيو ۽ اتي ويٺل ٽن جنرلن کي ڏسي، انهن کان اوچتو بيگاهه وقت ۾ هتي اچڻ جو سبب پڇيو ته انهن هڪ پنو کيس ڏئي حڪم ڪيائونس ته انهيءَ تي صحيح ڪر. چون ٿا ته جنرلن جا تيور ڏسي پاڻ سواءِ ڪنهن ڪُڇڻ پُڇڻ جي کين انهيءَ ڪاغذ تي صحيح ڪري ڏنائين. پوءِ هڪ برگيڊيئر کيس پاڻ سان وٺي وڃي ماڙيپور هوائي اڏي تان هڪ فوجي جهاز ۾ ڪوئيٽا روانو ڪيو ۽ ٻن هفتن کانپوءِ کيس B.O.A.C جي هڪ پيسينجر جهاز ۾ لنڊن روانو ڪيو ويو، جتي ڪجهه سالن کانپوءِ وفات ڪيائين. الطاف گوهر پنهنجي ڪتاب ”ايوب خان، فوجي راج ڪي دس سال“ جي صفحي 42 تي لکي ٿو ته صدر اسڪندر مرزا ۽ سياستدانن ۾ جڏهن اختلاف وڌي ويا هئا ته صدر، جنرل ايوب کي راولپنڊي مان ڪراچيءَ گهرائيندو هو ته ان کي ڏسي سمورا سياستدان ڊڄي ويندا هُئا ۽ اسڪندر مرزا جي چوڻ پٺيان هلڻ لڳندا هئا.“ هو لکي ٿو ته ايوب خان هميشه گورنر جنرلن جي چوڻ پٺيان هليو ۽ سياستدانن جي چوڻ تي ڪڏهن ڪونه هليو. صدر پاڪستان، اسڪندر مرزا سمجھيو ته ملڪ ۾ مارشل لا نافذ ڪري، فوج جي مدد سان سياستدانن کي ختم ڪري اڪيلو ئي ملڪ تي حڪومت ڪندو رهندس، پر مارشل جي نفاذ کان ويندي سندس جبري استعيفيٰ ڏيڻ تائين جيڪي وچ وارا چند ڏينهن هئا، اهي هن لاءِ ڏاڍا اذيتناڪ گذريا. مثلاً پاڻ صدر هوندي به جنرل ايوب چيف مارشل لا ايڊمنسٽريٽر طور ملڪ ۾ مارشل لا لاڳو ڪرڻ لاءِ ريڊيو پاڪستان تان تقرير ڪئي، جنهن ۾ مارشل لا لاڳو ڪرڻ سان گڏ قومي ۽ صوبائي اسيمبليون ۽ حڪومتون ٽوڙڻ، آئين ۽ سياسي پارٽين کي ڪالعدم قرار ڏيڻ جو اعلان ڪيو پر ان تقرير ۾ ملڪ جي صدر اسڪندر مرزا جو ڪو به ذڪر ڪونه ڪيو. ٻئي ڏينهن صدر اسڪندر مرزا ۽ چيف مارشل لا ايڊمنسٽريٽر جنرل ايوب غير ملڪ صحافين کي خطاب ڪيو، جنهن دؤران جنرل ايوب صاف صاف اعلان ڪيو ته جيڪڏهن صدر مرزا پڻ سياستدانن سان ملي وڃي ٿو، تڏهن به هر فوجي ڪاروائي ڪرن جو اختيار صرف مون وٽ هوندو. ايوب خان جڏهن اوڀر پاڪستان جي دوري تي ويو ته مشرقي پاڪستان ۾ انهيءَ وقت واري گورنر ذاڪر حسين جنرل ايوب جي فوجي ڪارروائيءَ کي انقلاب جو نالو ڏنو ۽ انهيءَ نام نهاد انقلاب برپا ڪرڻ جو سڄو ڪريڊٽ ايوب خان کي ڏنو. ذاڪر حسين طرفان جنرل ايوب جي مانَ ۾ منعقد ڪيل انهيءَ دعوت ۾ صدر پاڪستان وڃڻ کان اڳ جنرل ايوب چيف جسٽس آف پاڪستان ۽ صدر پاڪستان کي گهرائي انهن کان وضاحت طلب ڪئي ته جيئن ته هاڻ ملڪ ۾ مارشل لا لاڳو ٿي چڪو آهي، تڏهن هاڻ صدر جا باقي اختيار ڪهڙا آهن؟ چيف جسٽس منير حسين ڪياني انهيءَ معاملي تي اڃان پنهنجي طرفان وضاحت سروع ڪري، انهيءَ کان اڳ ئي اُت موجود ڪرنل قاضيءَ چيو ته جيئن ته هاڻ ملڪ ۾ مارشل لا نافذ آهي، تنهن ڪري چيف مارشل لا ايڊمنسٽريٽر کانسواءِ ڪنهن به سِول ماڻهو وٽ هاڻ ڪو به اختيار ڪونهي. جنرل ايوب ڪرنل قاضيءَ کي چُپ ڪرائي پر اها ڳالهه ٻڌي جسٽس منير ڏاڍو ڦِڪو ٿيو. ائين ميٽنگ جي ڪارروائي ته ختم ٿي پر نوجوان ڪرنل پنهنجو پيغام اسڪندر مرزا صدر کي ڏئي ڇڏيو. اصغر خان پنهنجي ڪتاب ”اسان تاريخ مان ڪجهه نه سکيو“ ۾ لکي ٿو ته آئون جڏهن ماڙيپور ايئرپورٽ تي پهتس ته اسڪندر مرزا ۽ ناهيد خان اڳيان پيل ٽيبل تي هڪ فوجي ٽنگون رکيو ويٺو هو. پوءِ مان اُنَ کي اُتان هٽائي ڇڏيو.
جنرل ايوب جڏهن مشرقي پاڪستان جي دؤري کانپوءِ واپس ڪراچيءَ پهتو ته هت پهچڻ شرط صدر اسڪندر مرزا کي فوج ڪري زورائتي دٻ پٽي ته تو ايئر ڪموڊور رب کي فون ڪري ڇو حڪم ڏنو ته ٽن جنرل يحيٰ خان، شير بهادر ۽ حميد خان کي گرفتار ڪيو وڃي؟ صدر اسڪندر مرزا جنرل ايوب اڳيان ڏاڍيون وضاحتون ڪيون پر هُنَ صدر مرزا جي هڪ به ڪانه مڃي ۽ کيس چيو ته وري جيڪڏهن اهڙي حرڪت ڪئي اٿئي ته ته تنهنجو خير ڪونهي. هڪ ڏينهن اسڪندر مرزا جنرل ايوب کي گڏجي شڪار ڪرڻ جي دعوت ڏني پر ايوب ڪو بهانو ڪري انهيءَ دعوت ۾ ڪونه ويو. مطلب ته مارشل لا جي اعلان کانپوءِ اسڪندر مرزا جيڪي چند ڏينهن ملڪ ۾ رهيو، اهي هن لاءِ شخصي تذليل ۽ اذيت کان خالي ڪونه هئا. انهيءَ عقوبت جو هو لائق به هو، ڇو ته سندس ظلم ۽ ڪڙڪ طبيعت سبب انگريزن هن کي فوجي سروس مان ڪڍي سول سروس ۾ رکيو هو. انهيءَ سخت گير ظالم طبيعت سبب کيس چنگيز خان چوندا هئا ۽ کيس اوڀر پاڪستان ۾ گورنر ڪيو ويو ۽ پوءِ ملڪ جو صدر به ٿيو. جنرل ايوب کي هڪ آمريڪي ايجنڊا تي ڪم ڪرڻ لاءِ آمريڪي اشاري تي ملڪ جون واڳون سونپيون ويون هيون پر جڏهن جنرل ايوب آمريڪا مفاد جي خلاف روس جو دؤرو ڪيو ته آمريڪا جنرل ايوب طرفان آمريڪي جو رٿيل دؤرو ڪينسل ڪري کيس آمريڪا اچڻ کان روڪيو. سن 1955ع ۾ اسٽيبلشمينٽ پاڪستان ۾ پنهنجا ناجائز مفاد برقرار رکڻ لاءِ سياسي ڍونگ رچائي سنڌ، بلوچستان، خيبر پختونخواهه (انهي وقت صوبه سرحد سڏجندڙ) ۽ پنجاب، چئني صوبن جي صوبائي حيثيت ختم ڪري، انهن کي گڏ مغربي پاڪستان واري اسيمبلي 1958ع ۾ هڪ متفقه قرارداد پاس ڪري چڪي هئي پر اسٽيبلشمينٽ جي مرضيءَ سان ون يونٽ کي برقرار رکڻ لاءِ ئي ملڪ ۾ مارشل لا لاڳو ڪيو ويو ۽ سمورين سياسي پارٽين کي رد ڪيو ويو ۽ سمورين سياسي سرگرمين تي مڪمل بندش وڌي وئي. انهيءَ مارشل لا دوران سنڌ ۾ ڪهڙا ڪهڙا ويڌن ٿيا تنهن بابت ڪَنئين ڪتاب، پمفليٽ ۽ مضمون شايع ٿيا. مون پڻ ون يونٽ جي سموري دؤر ۾ سنڌ اندر مختلف کاتن ۾ جيڪي ڪامورا مقرر ڪري حڪمرانن استحصال ڪيو، انهن جو سربستو احوال They Ruled Sindh for Fifteen Years نالي ڪتابچي ۾ ڪيو آهي. اهو ڪتابچو سنڌي ٻوليءَ ۾ ترجمو ٿيو ۽ انهيءَ وقت جي ڪن اخبارن ۾ به قسطوار شايع ٿيو. پر هينئر به آئون چاهيندس ته توهان کي انهيءَ دؤر ۾ سنڌ تي ٿيل ظلمن جو مختصر احوال عرض ڪريان. پهريون ويڌن سنڌ جي زمين سان ڪيو ويو جن جو سربستو احوال سائين جي ايم سيد پنهنجي ڪتاب ”سنڌ ڳالهائي ٿي“ ۾ ڪيو آهي، جيڪو ڏاڍو دلچسپ آهي. آئون چاهيان ٿو ته توهان به اهو احوال پڙهو. سائين لکي ٿو ته:
”بيراجي زمينون ۽ غير سنڌي آبادگار“ سکر بيراج جي ٺهڻ کانپوءِ سنڌ ۾ ٺهيل ٻه ٻيا بيراج يعني ڪوٽڙي بيراج ۽ غلام محمد بيراج) ۽ گڊو بيراج، هي ٻه بئراج پاڪستان جي وجود ۾ اچڻ کانپوءِ ٺهيا. انهن جي تعمير جي نتيجي ۾ سنڌ تي زمين جي بک ۾ مبتلا غير سنڌين هڪ دفعو وري يلغار شروع ڪري ڏني. هن دفعي ان يلغار ۾ سِول ۽ فوجي آفيسرن جو تعداد اڳ کان وڌيڪَ هو. اهي فوجي ۽ سِول آفيسر پنجابي، مهاجر يا پختون هُئا. شايد ئي ڪوئي جنرل هو، جنهن سنڌ جي مختلف بيراجن تي پنهنجي لاءِ زمين الاٽ نه ڪرائي هُجي. انهن ۾ ايوب خان ۽ موسيٰ خان کان وٺي اصغر خان ۽ ٽڪا خان تائين سياسي ۽ عير سياسي (جنرل) آبادگار شامل هئا. ان باري ۾ اسان وٽ جيڪي انگ اکر آهن، سي بالڪل نامڪمل آهن ۽ ڪيترا سال پراڻا آهن. حقيقت جي صحيح تصوير مستقبل جو ڪو اهڙو مصنف ئي پيش ڪري سگهندو، جنهن جي رسائي سموري سرڪاري رڪارڊ تائين هوندي.
سکر بئراج مان تقريباً 29 لک ايڪڙ زمين آباد ٿي. هيءُ بئراج ان لحاظ کان سنڌ جو سڀ کان وڏو بئراج آهي. سکر بئراج جي زمين جي ورهاست پاڪستان ٺهڻ کان اڳ شروع ٿي چڪي هئي ۽ 1954ع جي آخر (14 آڪٽوبر 1954ع) ۾ جڏهن ون يونٽ قائم ٿيو، تڏهن صرف ت6 لک ايڪڙ زمين باقي بچيل هئي. جڏهن ته ون يونٽ کان اڳ ورهايل 22 لک ايڪڙ زمين جا اسان وٽ انگ اکر موجود ڪونه آهن ته اها ڪنهن کي ڏني ويئي (نوٽ: اها زمين اڪثر پنجابين کي ڏني وئي. جي ايم سيد) ون يونٽ ٺهڻ کانپوءِ جي ٽن سالن ۾ الاٽ ٿيندڙ زمين جو گهڻو حصو غير سنڌين کي ڏنو ويو. 1955ع کان 1958ع تائين غير سنڌين 1,52,620 ايڪڙ زمين صاحب ڪئي. جيئن ته اسان اڳتي هلي ڏسنداسين ته زمين حاصل ڪندڙن ۾ سول ۽ فوجي آفيسر سڀ کان اڳرا هئا. اصلي ڦرلٽ 1958ع جي مارشل لا لڳڻ کانپوءِ شروع ٿي. آڪٽوبر 1958ع کان 1962ع جي عرصي دوران هر سؤ ماڻهن مان زمين حاصل ڪندڙ 75 ماڻهو غير سنڌي هئا. يعني سنڌين کي رڳو 54789 ايڪڙ زمين الاٽ ٿي. جڏهن ته غير سنڌين کي 2,12,679 ايڪڙ زمين ملي.... آمريت تي دؤر ۾ آفيسر شاهيءَ کي تمام سٺو موقعو مليو ۽ انهن ٻنهي هٿن سان ڦرمار ڪئي. 1962ع تائين سکر بئراج جي گهڻو تڻو زمين ڏجي چڪي هئي، ڪل 6 لک ايراضي، جيڪا رهيل هئي، ان مان 467000 ايڪڙ زمين غير سنڌين کي ۽ ان جي اڌ کان به گهٽ زمين سنڌين کي ملي.
پاڪستان ٺهڻ کان ڇهه سال اڳ 1941ع ۾ موجوده پير صاحب پاڳاري جي والد پير صبغت الله شاهه جي قيادت ۾ سنڌ ۾ حُرن انگريزن خلاف جهاد ڪيو. انهن هر هنڌ سرڪاري ملڪيتن کي نقصان پهچايو، خاص طرح ريلوي لائينون سندن ڪارروائين جو نشانو بڻيون. انگريز دشمن سرگرمين سبب حُرَن کي برطانوي حڪومت جي ڏاڍ ۽ ڏمر جو نشانو بڻجڻو پيو. پير صاحب کي بغاوت جي ڏوهه ۾ ڦاسي ڏني وئي ۽ مکي ڍنڍ واري زمين، جتي هو آبادي ڪرائيندو هو، اُها سرڪار ضبط ڪري ورتي هئي. 1947ع ۾ ملڪ آزاد ٿيڻ کانپوءِ، ٿيڻ ته ائين گهربو هو ته پير صاحب جي زمين حر مجاهدن کي واپس ڪئي وڃي ها ۽ وڌيڪَ زمين پڻ کين انعام طور ڏني وڃي ها. مگر انهن جي زمين سابق فوجين جي بحاليءَ لاءِ مخصوص ڪئي وئي آهي. هي اهي فوجي هئا، جيڪي ٻي مهاڀاري لڙائيءَ ۾ برطانوي سامراج جي مفادن لاءِ وڙهيا هُئا. مُکي ڍچنڍ واري اٽڪل ڏيڍ لک ايڪڙ زمين قريباً قريباً انهن سامراج دوست فوجين کي مفت ۾ ڏني وئي، ان مان ائين معلوم ٿي رهيو هو، ڄڻ اهي ڪنهن وڏي خدمت جي صلي ۾ کين انعام طور ڏنيون پئي ويون. ملاحظه ڪريو اهي شرط، جن هيٺ کپين اهي زمينون الاٽ ڪيون ويون هيون.
1. زمين پنجاهه روپيا في ايڪڙ مالڪاڻن حقن سان ڏني وڃي ٿي. قيمت جو چوٿون حصو اڳواٽ وصول ڪيو ويو ۽ باقي 0.75 حصي جي وصول پندرهن هڪ جيترين قسمن ۾ رکي وئي، جيڪي هر فصل تي وصول ڪيون وينديون (يعني پندرهن سالن جي مُدي ۾).
2. زمين حاصل ڪندڙ فوجيءَ کي هڪ فصل مفت کڻڻ جي رعايت ڏني وئي.
3. زمين جي درُستيءَ ۽ سڌاري جو ڪم وزارت دفاع جي ذمي هوندو.
4. زمين کي سراب ڪندڙ اڏون يا ڪَسِيون خريدار پنهنجي خرچ تي ٺهرائيندو.
5. وڏن ڳوٺن ۾ هڪ جڳهه رهائش وغيره لاءِ (چڪڻ جوڙڻ. جي ايم سيد) صوبائي حڪومت ٺهرائي ڏيندي ته جيئن الاٽين کي رهڻ ڪرڻ ۽ سامان وغيره جي سهولت ٿئي. مَٿِيَن شرطن موجب نه رڳو انگريزن خلاف وڙهندڙ (حُرن) جون زمينون کانئن کسي، غير سنڌي فوجين حوالي ڪيون ويون، پر اُٽلندو فوجين جي آبادي جو سمورو خرچ به مرڪزي ۽ صوبائي حڪومت جي سِرَ تي وڌو ويو.
ان دوران حر جماعت مطالبو ڪيو ته مُکي ڍنڍ جي زمين اصلي مالڪن کي موٽائي ڏني وڃي. آخرڪار 1957ع ۾ سنڌ حڪومت فيصلو ڪيو ته حُرن کي به آباد ڪيو وڃي۽ بجاءِ ان جي جو کين سندن “A” ڪلاس زمين واپس ڪئي وڃي، کين ٻئي هنڌ “C” (سي ڪلاس) زمين الاٽ ڪئي وئي، جيڪا بنهه خراب حالت ۾ هُئي. اولهه پاڪستان اسيمبليءَ ۾ 18 جنوري 1957ع تي غلام مصطفيٰ ڀرڳڙيءَ، خزاني جي وزير کان پڇيو: ”ڇا، حڪومت انهيءَ “C” ٽائيپ زمين کي آباد ڪرڻ لاءِ تيار آهي؟“ ته نواب افتخار حسين ممدوٽ جواب ڏنو ته .حڪومت جو اهو ڪم ڪونهي ته غير آباد زمينون آباد ڪندي وتي“. ان تي سوال ڪيو ويو ته ”ڇا فوجين کي ڏنل زمين غير ملڪي امداد سان آباد نه ڪئي وئي آهي؟“ ته حڪومت جي طرفان جواب ڏنو ويو ته ”غير ملڪي امداد فوجين کي ملي هئي ۽ زمين آباد ڪرڻ لاءِ جيڪا مشينري آئي هئي، اها به فوجين کي ڏني وئي هئي، ان جو سول انتظاميه سان ڪو به واسطو نه آهي“.
انهيءَ طريقي سان سنڌ جي زمين جو زرخيز حصو صوبائي حڪومت جي خرچ تي يعني سنڌي عوام جي ٽيڪسن مان آباد ڪ يو ويو ۽ ان ۾ ڪجهه مرڪز طرفان غير ملڪي امداد به شامل هئي، جيڪا وياج سميت سڄي ملڪ کي واپس به ڪرڻي هئي. سنڌ جي تمام سٺي زمين آباديءَ جي لائق بنائي فوجين جي حوالي ڪئي وئي ۽ اصل وارثن کي غير آباد زمين مٿي ۾ هنئي وئي.
فوج ۾ سدائين پنجاب جي واضح اڪثريت رهي آهي. مُکي ڍنڍ جي علائقي واري زمين يا سنڌ جي ٻين بيراجن واري زمين انهن ئي پنجابي فوجين حاصل ڪئي. مقامي آباديءَ کان زمين کسي وئي ۽ پنجاب کان اهڙا با اثر ماڻهو آڻي آباد ڪيا ويا، جن جو واسطو آفيسر شاهيءَ سان هو. اهي طاقت جي نشي ۾ مست هئا. پنجاب سان واسطو رکندڙ اهي ماڻهو، پنجاب ۾ پنهنجين ماڻهنس ان جيڪو رويو روا رکيو اچن ٿا، ان مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته اهي سنڌي عوام سان ڪهڙو سلوڪ ڪندا هوندا. انهن ماڻهن نه رڳو ناجائز طريقن سان زمينون حاصل ڪيون، پر انهن کي سرڪاري خرچ تي آباد ڪيو. انهن ماڻهن جا چَڪَ (ڳوٺَ) بجليءَ سان روشن ٿيا ۽ پڪن رستن جو ڄار سندن زمين ۽ ڳوٺن تائين وِڇايو ويو. سندن زمينون سڄو سال نهري پاڻيءَ سان سيراب ٿينديون رهيون، سندن علائقن جي ويجھو کنڊ جا ڪارخانا قائم ڪيا ويا ته جيئن اهي آرام سان پنهنجو ڪمند پُڄائي سگهن. کين قرضن جون سهولتون ڏنيون ويون، جنهن مان هو ٽريڪٽر وغيره خريد ڪري ۽ ڀاڻ ۽ ٻج وقت سر وٺي پئي سگهيا. سندن ڍَڪَنِ ٻاهران سنڌي آباد هئا، پر سندن گهرن ۾ تيل جا ڏِيئا (گاسليٽ جون بتيون) پئي ٻريا. زمين آباد ڪرڻ لاءِ سرڪاري مدد حاصل نه هُئن. رستا ڪچا هئا ۽ نهرن جو پاڻي ڇهه ماهي هو، ڇاڪاڻ ته سندن ڪو هم قوم ماڻهو آفيسر شاهيءَ ۾ موجود نه هو. ان ڪري کين نه قرض جي سهولت حاصل هئي ۽ نه ئي اهي وقت تي ڀاڻ ۽ ٻج حاصل ڪري سگهيا ٿي. انهن سمورين تخليقي صلاحيتن جي باوجود، جيڪي سنڌين ۾ موجود هيون، خارجي حالتون ناسازگار هئڻ سبب اهي سنڌي گهڻي عرصي تائين ترقي ڪري نه سگهيا ۽ پوئتي پيل زندگي گذارڻ تي کين مجبور ڪيو ويو. سنڌين کي هر قدم تي پنجاب مان آيل اهڙن ماڻهن سان معاشي ڊوڙ ۾ مقابلو ڪرڻو پيو ٿي، جتي سندن (سنڌين جون) ڄنگھون اڳي ئي ٻڌل هيون. پوليس آفيسر پنجابي هو، اسسٽنٽ ڪمشنر پنجابي۽ ڊپٽي ڪمشنر پنجابي، مرڪزي حڪومت سان واسطو رکندڙ مختلف کاتن جا عملدار به پنجابي ۽ پنجابين کانسواءِ جيڪڏهن ٻيا ڪي عملدار هئا به ته اُهي مهاجر هُئا. ون يونٽ جي قيام کانپوءِ هر شيءِ جو مرڪز پنجاب ٿي ويو. انتظامي معاملا، نوڪريون، انصاف، مطلب ته هر ڳالهه لاءِ سنڌ لاهور ۾ لڙڪيل هئي. انهن حالتن ڪري سنڌ ۾ پنجاب خلاف نفرت ۽ شديد ردِ عمل ٿيڻ فطري ڳالهه هئي. حيرت ته انهيءَ ڳالهه تي آهي ته انهيءَ رد عمل پيدا ٿيڻ ۾ ايتري دير ڪيئن لڳي!