عبدالحئي پليجو جي آتم ڪٿا جو ٽيون حصو آهي. هن ٽئين جلد ۾ سندس مئٽرڪ کان 1970ع تائين جو شخصي زندگي ۽ سياسي سرگرمين ۽ معاشقن جو سربستو احوال بيان ڪيل آهي.
عبدالحئي پليجو سنڌي ٻوليءَ جي وڏن اديبن ۾ شامل آهي. سندس شمار انهن ليکڪن ۾ ٿئي ٿو، جيڪي سهڻو ۽ پختو نثر لکندا آهن. جتي سندس شخصيت ۾ سنڌو نديءَ جي ڪچي جي چِيڪي مٽيءَ جو هُڳاءُ آهي، اتي سندس نثر ۾ به سنڌو نديءَ جي رواني آهي. سندس لکڻي سادي، سرل، عام فهم ۽ خوبصورت هجڻ سان گڏ گهِري، روان ۽ معنائن جو ڀنڊار هجي ٿي. سندس لکڻي پڙهي ائين لڳندو آهي، ڄڻڪ هو ڄائي ڄم کان ئي هڪ تخليقڪار آهي.
آتم ڪٿا / آٽوبايوگرافي
ڪيڏي نه مختصر زندگي
- 0/5.0
- 2158
- 611
- 3 سال اڳ
- 0
سنڌ سلامت پاران
سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب ”ڪيڏي نه مختصر زندگي“ اوهان اڳيان پيش آهي. هي ڪتاب نامياري ليکڪ ۽ سفرناما نگار عبدالحئي پليجو جي آتم ڪٿا جو ٽيون حصو آهي. هن ٽئين جلد ۾ سندس مئٽرڪ کان 1970ع تائين جو شخصي زندگي ۽ سياسي سرگرمين ۽ معاشقن جو سربستو احوال بيان ڪيل آهي.عبدالحئي پليجو سنڌي ٻوليءَ جي وڏن اديبن ۾ شامل آهي. سندس شمار انهن ليکڪن ۾ ٿئي ٿو، جيڪي سهڻو ۽ پختو نثر لکندا آهن. جتي سندس شخصيت ۾ سنڌو نديءَ جي ڪچي جي چِيڪي مٽيءَ جو هُڳاءُ آهي، اتي سندس نثر ۾ به سنڌو نديءَ جي رواني آهي. سندس لکڻي سادي، سرل، عام فهم ۽ خوبصورت هجڻ سان گڏ گهِري، روان ۽ معنائن جو ڀنڊار هجي ٿي. سندس لکڻي پڙهي ائين لڳندو آهي، ڄڻڪ هو ڄائي ڄم کان ئي هڪ تخليقڪار آهي.
هي ڪتاب مومل پليجو پبليڪيشن، ٻنون پاران ساحل پرنٽرز حيدرآباد وٽان 2015ع ۾ ڇپايو ويو. ٿورائتا آهيون سائين عبدالحئي پليجي صاحب جا جنهن سنڌ سلامت تي اعتماد ڪندي پنهنجا سمورا ڪتاب نئين سر ڪمپوز ڪرائي سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ اپلوڊ ڪرائڻ جي خاطري ڪرائي آهي ۽ ھي ڪتاب بہ ان ئي سلسلي جي ڪڙي آھي جنهن کي پياري دوست آصف رضا نظاماڻيءَ ڪمپوز ڪيو آهي.
اوهان سڀني دوستن، ڀائرن، سڄڻن، بزرگن ۽ ساڃاهه وندن جي قيمتي مشورن، راين، صلاحن ۽ رهنمائيءَ جو منتظر.
[b]محمد سليمان وساڻ
[/b]مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com ڪتاب جو مطالعو ڪريو
ڪتاب تي آيل ريٽنگ ۽ رايا
ھيستائين ڪابہ ريٽنگ ناھي مِلي
ڪتاب تي راءِ ڏيڻ لاءِ مھرباني ڪري لاگ ان ڪريو.
- ليکڪ عبدالحئي پليجو
- ڇپيو ويو 2015
- ڇپائيندڙ مومل پبليڪيشن، ٻنون
- ڇاپو پھريون
- عالمي ڪتاب نمبر
- آن لائين ٿيو 01/Jan/1970
- ترجمو آھي؟ جي نہ
- ٽيڪسٽ ۾ آھي؟ جي ھا
- لاٿو ويو 611 ڀيرا