گهڻو کائڻ ۽ ان جو حرص
[b]پهريون:[/b] دل ۾ صفائي، ۽ دانائي ۾ روشني پيدا ٿئي ٿي، ڇو ته پيٽ ڀرڻ سان طبيعت سست ۽ ڪند ٿئي ٿي ۽ دل جون اکيون انڌيون ٿين ٿيون. جڏهن ذڪاوت يا روشني هلي ويندي، تڏهن الاهي معرفت هرگز حاصل نه ٿيندي.
[b]ٻيو[/b]: دل نرم ٿئي ٿي، دعا ۽ مناجات ۾ مزو اچي ٿو، ڇو ته جڏهن هي توٻرو خالي هوندو، تڏهن پنهنجي مالڪ جي در تي سوال، التجا ۽ دعا ڪرڻ ۾ لطف ايندو. اهڙي طرح خوف ۽ عاجزي به پيدا ٿيندي، جيڪي معرفت جي حاصل ڪرڻ جون ڪنجيون آهن.
[b]ٽيون[/b]: سرڪش نفس ذليل ۽ مغلوب ٿئي ٿو. ظاهر آهي ته جنهن وقت خدا جي دشمن جي هار ٿيندي ۽ غفلت جو دروازو بند ٿيندو، تنهن وقت خدا تعاليٰ جي طرف توجه ۽ ڌيان ٿيندو ۽ سعادت جو دروازو کلي پوندو. اهو ئي سبب آهي، ته جڏهن حضرت رسول ﷺ کي دنيا آڇي وئي، تڏهن پاڻ منظور نه فرمايائون، ۽ هيئن عرض ڪيائون ته “يا خدا! مان گهران ٿو، ته هڪ ڏينهن ڍؤ هجيم، ته شڪر ڪريان، ۽ هڪ ڏينهن بک هجيم ته صبر ڪريان.”
[b]چوٿون[/b]: آخرت جي مصيبتن ۽ عذاب جي تڪليفن جو دنيا ۾ به مزو چکڻ گهرجي، ته نفس ان جي ايذاءَ کان، خبردار ٿي، ڊڄي. ظاهر آهي ته بک کان وڌيڪ، ماڻهو پنهنجي نفس کي ٻيو عذاب نه ٿو ڏئي سگهي. ڇو ته بک جي لاءِ ڪنهن قسم جي تڪليف ۽ سامان گڏ ڪرڻ جي گهرج ڪانهي. جڏهن بک جي ڪري ماڻهو خدائي عذاب هر وقت ڏسندو رهندو. تڏهن خدا تعاليٰ جي بي فرماني جو ان کي خيال نه ٿيندو، ۽ گناهه جي ڪم تي ان کي جرئت نه ٿيندي.
[b]پنجون[/b]: بک سان سڀ شهوتون ڪمزور ٿي وڃن ٿيون، ان ڪري ڪنهن خواهش جي پوري ڪرڻ جي سڌ نه ٿي رهي، ۽ دنيا جي محبت دل مان نڪري ٿي وڃي، حضرت ذوالنون مصري رحمة الله عليه فرمايو آهي: جڏهن به مون پيٽ ڀري کاڌو آهي، تڏهن ضرور مون کان ڪو نه ڪو گناهه صادر ٿي ويو آهي، يا گهٽ ۾ گهٽ گناهه جو ارادو ته ضرور پيدا ٿيو آهي. بيبي عائشه صديقه $ فرمايو آهي: “حضرت رسول مقبول ﷺ کان پوءِ جيڪا پهرين بدعت، پيدا ٿي سا پيٽ ڀري کائڻ آهي.” جڏهن مسلمان پيٽ ڀري کائڻ لڳا، تڏهن سندن نفس کين دنيا جي طرف ڇڪي ويا.
[b]ڇهون[/b]: بک ۾ گهڻي ننڊ نه ٿي اچي، ۽ عبادت ڏکي نه ٿي لڳي، ڇو ته پيٽ ڀري کائڻ سان ننڊ جو غلبو ٿئي ٿو، ۽ ننڊ کان عمر به گهٽجي ٿي. ڇو ته اها خدا جي (1) عبادت ڪرڻ نه ٿي ڏئي. حضرت ابو سليمان دراني رحه فرمايو آهي، ته جن پيٽ ڀري کاڌو تن ۾ ڇهه عادتون پيدا ٿيون : (1) عبادت جو ميٺاج ۽ لذت هلي وئي. (2) حڪمت، فراست، ذڪاوت ۽ معرفت جي روشنيءَ جو حاصل ٿيڻ مشڪل ٿي پيو، (3) خدا جي مخلوق تي ٻاجهه ۽ قياس ڪرڻ کان بي نصيبي ٿي پئي، ڇو ته ڍاول ماڻهو سڀني کي پاڻ جهڙو ڍاول ۽ پيٽ ڀريل سمجهي ٿو. (4) معدو ڳورو ٿي پوي ٿو. (5) نفساني خواهشون وڌي ويون. (6) هيءَ حالت پيدا ٿي پئي ٿي، جو ٻيا مسلمان مسجد ۾ پيا ويندا، ته هي ضرورت جي جاءِ ۾ پيو ويندو.
[b]ستون[/b]: دنيا جا فڪر گهٽ ٿيندا، ۽ روزگار جي ڳڻتيءَ جي بار هلڪو ٿي ويندو، ڇو ته جڏهن بک سهڻ جي عادت پئجي ويندي، تڏهن ٿوريءَ دنيا تي قناعت ڪري سگهندو، ۽ پيٽ جي خواهش پوري ڪرڻ لاءِ ٻين کان قرض نه وٺندو. بلڪه پنهنجي نفس کان قرض گهرندو، يعني ان کي خالي رکندو. شيخ ابراهيم بن ادهم کي جڏهن چئبو هو ته فلاڻي شيءِ مهانگي ٿي وئي آهي، تڏهن هو فرمائيندو هو ته اها شيءِ ترڪ ڪريو، ۽ ان جي خواهش کي ڇڏي ان کي سستو بنايو. ان کان وڌيڪ سستي شيءِ ٻيو ڪيئن ٿي سگهندي، جو ان کي خريد ئي نه ڪجي.
[b]فصل[/b]: جڏهن ته ماڻهن کي پيٽ ڀري کائڻ جي عادت پئجي وئي آهي، ان ڪري ان عادت کي هڪدم ڇڏي ڏيڻ مشڪل ڳالهه آهي. تنهن ڪري مقرر خوراڪ مان روز مره هڪ لقمو گهٽائيندا رهو، ته مهيني ۾ هڪ ماني گهٽ ٿي ويندي، ۽ ڏکيائي به نه ٿيندي، جڏهن ان جي عادت ٿي وڃي، تڏهن مقدار، وقت ۽ جنس جي گهٽائڻ تي ڌيان ڏيو. ان ڪري رفته رفته، اعليٰ درجي تي پهچي ويندؤ. خوراڪ بابت ماڻهن جون طبيعتون ۽ حالتون جدا جدا نمونن جون آهن، انهيءَ ڪري سڀني جي لاءِ هڪ انداز مقرر ٿي نه ٿو سگهي. جيئن ته ڏسڻ ۾ ٿو اچي ته بعضي ماڻهو سير جيترو کائن ٿا، ۽ بعضي ماڻهو پاءَ جيترو به کائي نه ٿا سگهن. ان ڪري هي عام قاعدو ياد رکو، ته جڏهن سچي اشتها پيدا ٿئي، تڏهن کاڌو کائو ۽ اڃا اشتها پوري ئي نه ٿئي، ته کاڌي مان هٿ ڪڍو. سچي بک جي نشاني هي آهي ته جهڙي به قسم جي ماني آڏو اچي وڃي ته ٻوڙ ۽ ڀاڄيءَ کان سواءِ ئي کائڻ جي خواهش ٿئي. ڇو ته جي خاص ڪڻڪ جي ماني ملڻ تي کائڻ جي خواهش ٿئي يا ٻوڙ کان سواءِ ماني کائڻ ڏکي لڳي ته سمجهو ته اها سچي بک نه آهي. بلڪه طبيعت کي لذت ۽ مزي وٺڻ جو اهڙو شوق آهي، جهڙو پيٽ ڀري کائڻ کان پوءِ ڦل يا ميوي جو ٿيندو آهي. ظاهر آهي ته هن حالت جو نالو بک نه آهي، بلڪه تفڪه ۽ تلذذ (ميوو کائڻ ۽ لذت وٺڻ) آهي. حضرت رسول ڪريم ﷺ جن فرمايو آهي ته: “منهنجي امت ۾ تمام بڇڙا اُهي ماڻهو آهن، جن جا بدن عمدين غذائن ۽ لذيذ طعامن سان پاليل آهن. اهڙن ماڻهن جون همتون، صرف طرح طرح جي طعامن ۽ قسم قسم جي پوشاڪن ۾ صرف ٿين ٿيون، اهي فقط وات ڦاڙي ڳالهيون ڪن ٿا ۽ ڪم ڪجهه به نه ٿا ڪن.”