دنيا جي محبت
ياد رکو ته ماڻهوءَ کي معتبرائپ ۽ مال کان سواءِ، زمين جي محبت به ٿيندي آهي، جيئن جائيداد ٺاهي ٿو يا کيتي ڪري ٿو ۽ نباتات جي محبت به ٿيندي اٿس، جيئن جڙيءَ ٻوٽيءَ کي دوائن ۾ استعمال ڪري ٿو. ترڪاريون ۽ ٻيا ميوا کائي ٿو ۽ انهن مان مزو وٺي ٿو ۽ معدني شين جي به محبت ٿيندي اٿس، جيئن انهن مان ٿانو ۽ اوزار جوڙي ٿو يا زيور بنائي ٿو يا نقد جمع ڪري ٿو ۽ ماڻهوءَ کي حيوانات جي به محبت ٿيندي آهي، جيئن شڪار ڪري ٿو ۽ کائي ٿو يا انهن تي سوار ٿئي ٿو ۽ پنهنجي زينت وڌائي ٿو ۽ ماڻهن جي محبت به ٿيندي اٿس، جيئن عورتون نڪاح ۾ آڻي ٿو ۽ خدمتگار بنائي ٿو ۽ مردن کي غلام، نوڪر ۽ خادم بنائي ٿو، انهن شين جي محبت جو نالو نفس جي خواهش آهي، جنهن بابت الله تعاليٰ فرمايو آهي: “جنهن پنهنجي نفس کي خواهش کان روڪيو، ان جي جاءِ جنت آهي.” ياد رکو! ته دنيا جي حياتي محض راند ۽ تماشو آهي، جنهن مان اڪثر دل جون بيماريون پيدا ٿين ٿيون، جيئن غرور، وڏائي، دشمني، ساڙ، رياءُ، فخر ۽ دنيا جي وڌائڻ جو حرص.
جڏهن ماڻهوءَ کي دنيوي حياتي جي بندوبست ۽ سينگار جو شوق پيدا ٿئي ٿو، تڏهن حرفت، صنعت، کيتي ۽ واپار جي بي بقا ڌنڌن ۾ اهڙو ڦاسي وڃي ٿو، جو ان کي اڳ ۽ پوءِ جي ڪجهه ڪل نه ٿي پوي ۽ ان جو ظاهر ۽ باطن ٻئي دنيا ۾ محو ٿي وڃن ٿا. دل دنيا جي محبت ۾ مشغول ٿي وڃي ٿي، بدن ان جي سڌاري ۽ واڌاري ۾ کپي وڃي ٿو، حالانڪه دنيا آخرت جو توشو آهي، ان مان مقصود هي آهي ته، آخرت جا مسافر آسانيءَ سان پنهنجو سفر پورو ڪري سگهن. مگر بيوقوف ۽ نادان ماڻهو ان کي اصلي مقصود سمجهي ويٺا آهن. انهيءَ ڪري طرحين طرحين مشغولين ۽ قسمين خواهشن ۾ اهڙا ڦاسجي ويا آهن، جو ايندڙ وقت کي بلڪل وساري ويٺا آهن. انهن جو مثال هيئن آهي، جيئن ڪو شخص حج جي نيت سان روانو ٿئي ۽ جهنگ ۾ پهچي سواريءَ واري وهٽ جي گاهه، داڻي ۽ ان جي ٿلهي متاري ڪرڻ جي فڪر ۾ لڳي وڃي ۽ رفيقن کان پٺتي رهجي وڃي، افسوس آهي ان جو حال تي جو جهنگ ۾ رهجي ويو ۽ قافلو ڪوچ ڪري ويو ۽ جنهن نيت سان نڪتو هو يعني حج، اهو به گذري ويو ۽ نتيجو هي نڪتو ته، جهنگلي جانورن ان جي ٿلهي، متاري وهٽ کي چيري ڦاڙي ڇڏيو ۽ کيس به پنهنجو لقمو بنائي وڌو.
ياد رکو! ته دنيا آخرت جي کيتي ۽ مسافر خانو آهي ۽ اوهان پنهنجي خاڪي جسم تي سوار ٿي آخرت جو سفر ڪري رهيا آهيو، انهيءَ ڪري اوهان کي گهرجي ته پنهنجي وهٽ جو گاهه ۽ داڻو ڪفايت ۽ پورت جيترو کڻو ۽ سفر جي گهرجن ۾ ڪم اچڻ وارو سامان جمع ڪري اهو ٻج پوکيو، جنهن کي آخرت ۾ لڻو ۽ سدائين جي حياتي آرام ۽ راحت سان گذاريو. جي وهٽ جي پالڻ ۽ متاري ڪرڻ ۾ مشغول ٿي ويندٖؤ ته قافلو ڪوچ ڪري ويندو ۽ اوهان منزل مقصود تي پهچي نه سگهندو.
دنيا ۾ ماڻهن جو مٿال ائين آهي، جيئن ٻيڙيءَ ۾ ڳچ جيترا ماڻهو سوار هجن ۽ اها ٻيڙي ڪنهن ٻيٽ جي ڪناري تي اچي بيهي رهي. ٻيڙيءَ جو ملاح مسافرن کي موڪل ڏئي، ته ٻيٽ ۾ لهي وڃي پنهنجون گهرجون پوريون ڪري اچو. مگر خبرداريءَ سان ڪم ڪجو. جو هي ٻيٽ تمام خطرناڪ آهي، ۽ اڃا سفر به بلڪل گهڻو ڪرڻو پيو آهي. مطلب ته مسافر لهي پيا ۽ ٻيٽ ۾ هيڏي هوڏي ٽڙي پکڙي، گهڻن قسمن ۾ وراهجي ويا:
(1) ڪي انهن مان ضروري ڪمن کان فارغ ٿي، ستت موٽي آيا ۽ اجايو وقت وڃائڻ انهن کي چڱو نه لڳو. ٻيڙيءَ ۾ اچي ڏٺائون ته بيڙي خالي پيئي آهي، انهيءَ ڪري پنهنجيءَ خواهش موافق ٻيڙيءَ مان اعليٰ درجي جي هوادار ۽ ڪشادي جاءِ ڳولي ان ۾ ويهي رهيا.
(2) ڪي انهن مان ٻيٽ جي خوشگوار هوا کائڻ ۽ خوش الحان پکين جي مٺڙين ٻولين ٻڌڻ ۾ لڳي ويا، مخمل جهڙي سائي فرش، رنگارنگي گلن، قسمين قسمين ٻوٽن ۽ طرحين طرحين پٿرن ۽ وڻن جي گلڪارين ۾ مشغول ٿي ويا. مگر پوءِ سگهو ئي هوش اچي وين ۽ جلد ٻيڙيءَ ڏي واپس ٿيا. ٻيڙيءَ وٽ اچي ڏٺائون ته جڳهه تنگ ٿي ويئي آهي ۽ کانئن اڳ آيل ماڻهو دلڪشا ۽ هوا دار جاين تي بسترو وڇائي ويٺا آهن. انهيءَ ڪري اهي پوءِ ايندڙ ماڻهو تنگ جاءِ ۾ تڪليف سان ويهي رهيا.
(3) ڪي انهن مان انهيءَ ٻيٽ جي عارضي بهار تي اهڙا موهجي ۽ ٺڳجي ويا. جو درياءَ جي خوشنما سپن ۽ جبلن جي خوبصورت پٿرن کي ڇڏڻ انهن کي ڏکيو لڳو. پوءِ انهن اهي سپون ۽ پٿر گڏ ڪري، پٺيءَ تي کنيا ۽ سمنڊ جي ڪناري تي پهچي ڏٺائون ته ٻيڙي مسافرن سان ڀري پئي آهي. ان ۾ نه سندن ويهڻ جي جاءِ آهي ۽ نه سندن اجائي بار رکڻ جو ڪو هنڌ آهي. هاڻي حيران آهن ته ڇا ڪن؟ نه بار ڦٽي ڪرڻ سندن نفس کي منظور آهي ۽ نه کين پنهنجي ويهڻ جي جاءِ ٿي ملي. وڃن سو وڃن ڪاڏي؟ مطلب ته: “قهر درويش برجان درويش” واري ڪار آهي. آخر نهايت دقت ۾ مشقت سان تمام تنگ جاءِ ۾ فقط پاڻ مس ماپي سگهيا. باقي بار سو مٿي تي کڻڻو پين. هاڻي انهن جي حالت جو اوهان ئي اندازو ڪريو ته ڪهڙيءَ نه مصيبت ۾ هوندا؟ چيلهه ڌار ڏکندين ۽ ڪنڌ جدا ڀڄندن. جنهن مصيبت ۽ تڪليف سان سندن وقت گذرندو، ان کي سندن دل ئي چڱي طرح ڄاڻندي.
(4) ڪي انهن مان، انهيءَ ٻيٽ جي دل افروز سونهن تي اهڙا عاشق ٿي پيا، جو ٻيڙيءَ ۽ سمنڊ کي بلڪل وساري ويٺا ۽ گلن سنگهڻ ۽ ميون کائڻ ۾ لڳي ويا. ڪا خبر ڪا نه رکيائون ته ڪيڏانهن هلڻو آهي ۽ ڪيڏانهن وڃڻو آهي ۽ هتي رهڻ سان، ڪهڙن ڪهڙن دردندن ۽ موذي جانورن جو کاڄ ٿيڻو پوندو؟ نيٺ سڀني ساٿين کان پوءِ ڀڳيءَ دل سان، سمنڊ جي ڪپ تي آيا ته ٻيڙيءَ ۾ نالي خاطر به جاءِ ڪا نه هئي. انهن جي اچڻ تي ٻيڙي به يڪدم اتان لنگر کڻي، هلڻ لڳي ۽ اهي ماڻهو ڪنڌيءَ تي حسرت ڀريل نگاهن سان پنهنجن سنگتين کي ڏسندا رهجي ويا. آخرڪار نتيجو هي نڪتو ته ٻيٽ جي درندن انهن کي چيري ڦاڙي ماري وڌو، موذي جانورن انهن جي نازڪ ۽ خوبصورت بدن کي ٽڪڙا ٽڪرا ڪري ڇڏيو. اهو ئي حال، بعينه دنيادار ماڻهو جو آهي. هاڻي اوهان غور ۽ ويچار ڪريو ته ڪهڙن ماڻهن تي، ڪهڙو مثال ٺهڪي اچي ٿو؟
[b]فصل[/b]: جنهن ماڻهوءَ پنهنجي نفس جي حقيقت کي سڃاتو ۽ الاهي معرفت حاصل ڪئي ۽ ڪميڻيءَ دنيا جي ماهيت معلوم ڪئي، اهو چڱي طرح سمجهي سگهي ٿو ته آخرت جون جاويد يا دائمي نعمتون حق تعاليٰ جلشانه جي محبت کان سواءِ هرگز ملي نه سگهنديون. حق تعاليٰ جي محبت سان، دنيا جي محبت جو گڏ ٿيڻ ناممڪن آهي. جيسين ماڻهو دنيا کان منهن نه موڙيندو، (جو ان جي فاني لاڳاپن کي ڇني ڇڏي ۽ ضرورت جيتري دنيا تي قناعت ڪري، اطمينان ۽ بي فڪريءَ سان، هر لحظي ۽ هر گهڙي خدا تعاليٰ جي ذڪر ۽ فڪر ۾ مشغول رهي) تيسين حق تعاليٰ جي محبت پيدا ٿيندي. جيڪڏهن اوهان جي اهڙي حالت ٿي پوي ۽ بصيرت جي نور سان اهي راز کلي پون، ته پوءِ اوهان کي ڪنهن جي سمجهائڻ ۽ ٻڌائڻ جي گهرج ئي نه رهندي. جي نه ته شريعت جا تابع ۽ پوئلڳ ٿي ڏسو ته الله تعالٰ دنيا جي ڪيتري قدر نه مذمت فرمائي آهي ۽ ڪيترو نه ان کي ننديو آهي!
قرآن پاڪ جو اٽڪل ٽيون ڀاڱو انهيءَ سبز باغ ۽ قاتل زهر جي براين جي بيان سان ڀريو پيو آهي. جيئن فرمائي ٿو: “جن سرڪشي ڪئي ۽ دنيا کي آخرت تي ترجيح يا فضيلت ڏني، اهي دوزخي آهن.” حضرت رسول ڪريم ﷺ فرمايو آهي: “تعجب آهي انهن ٻانهن تي، جيڪي باقي رهندڙ جهان کي سچو به سمجهن ۽ هن فانيءَ جهان تي ٺڳجي به پون.” پڪ ڄاڻو ته جيڪي ماڻهو دنيا کي مقصود سمجهي ان جي ڪمائڻ ۾ مشغول ٿي وڃن ٿا، اهي سدائين پريشان رهن ٿا. ڇو ته انهن جي طلب ۽ تات ڪڏهن به ختم نه ٿي ٿئي ۽ انهن جو فڪر ۽ ڳڻتي ڪڏهن به نه ٿي لهي. انهن جي آرزو ڪڏهن به پوري نه ٿي ٿئي ۽ انهن جو درد ۽ دک، رنج ۽ غم ڪڏهن به دور نه ٿو ٿي سگهي.
حديث ۾ آيو آهي ته حضور پرنور ﷺ هڪ دفعي حضرت ابوهريره رضه کي هٿ مان ورتو ۽ هڪ ڪن ڪچري جي ڍير تي وٺي وڃي بيهاريو، جتي مڙدن جون کوپڙيون، پليدي ۽ گندگيءَ جا ڍير، سڙيل هڏيون، ڦاٽل ۽ پراڻا ڪپڙا پيا هئا. پوءِ فرمايائون ته: “ڏس ابوهريره! هيءَ آهي دنيا جي حقيقت، هڪڙو وقت اهو هو جو انهن کوپڙين ۾ به اوهان وانگر اميدن ۽ سڌن جوش ماريو ٿي، حرص ۽ هوس سان ڀرپور هيون اڄ ڪهڙيءَ حالت ۾ ڍير تي پيون آهن. جو ٿورن ڏينهن ۾ خاڪ ٿي وينديون، انهن جو نالو ۽ نشان به نه رهندو. هيءَ غلاظت ۽ فضلو، جو تون ڏسين ٿو، سو اوهان جي غذا آهي، جنهن کي پيٽ ۾ وجهڻ وقت، حلال ۽ حرام جي تميز ۽ سمجهه به ڪا نه ٿي پئي. هڪ اهو ڏينهن هو جو اها رنگارنگ طعام بڻجي اوهان جي پيٽ ۾ داخل ٿي هئي، اڄ اهي ساڳيا طعام هتي ڍير تي ڪهڙيءَ نه گنديءَ حالت ۾ پيا آهن! جو ان جو بدبوءِ کان ماڻهو ڀڄن ٿا ۽ ڪراهت ڪن ٿا. ڏس! هي پراڻيون اڳڙيون، ڪنهن وقت اوهان جون سينگار ۽ جنسار واريون پوشاڪون هيون ۽ اڄ هوا انهن کي هيڏي هوڏي اڏائي رلائي رهي آهي. ڪير پڇين به ڪو نه ٿو! ۽ ڏس هي هڏيون، ڪنهن ڏينهن اوهان جي سواريءَ جا وهٽ ۽ چوپايو مال هيون، جن تي توهان جانيون ڏيندا ۽ جنگيون جهيڙا ڪندا هئا. اي ابوهريره رضه! هيءَ دنيا جي حقيقت آهي، جنهن جي عبرت جوڳي پڇاڙي هتي هئي دنيا م پڌري ٿي پئي!! پوءِ جنهن کي روئڻو هجي سو روئي!!”
حضرت عيسيٰ عليه السلام تي هڪ ڏينهن دنيا جي حقيقت کلي پئي، ڇا ٿو ڏسي ته هڪڙي بدصورت پوڙهي عورت، هار سينگار ڪيو، زيور ۽ پوشاڪ پهريو، ٺاه ٺوه سان بيٺي آهي. حضرت عيسيٰ عليه السلام ان کان پڇيو ته، “تو ڪيترن مردن سان شادي ڪئي آهي؟” دنيا جواب ڏنو، ته بي شمار ماڻهن مان.، وري پاڻ پڇيائونس ته: “تنهنجا اهي مڙس مري ويا آهن يا انهن تو کي طلاق ڏيئي ڇڏي آهي؟” دنيا وراڻيو ته، “طلاق جي همت ڪنهن کي ٿي ٿئي؟ مون سڀني کي ماري ڇڏيو آهي.” هي ٻڌي حضرت عيسيٰ عليه السلام فرمايو ته، “تنهنجن هاڻوڪن مردن تي افسوس آهي جو اهي تنهنجي اڳين مڙسن سان عبرت نه ٿا وٺن!”
مسلمانو! خبردار ٿيو، سنڀال ڪيو، دنيا وڏي بيوفا ۽ غدار آهي! ان کان پري ڀڄو، جو هن جو جادو هاروت ۽ ماروت واري جادو کان به وڌيڪ جلد اثر ڪري ٿو. جيڪڏهن پراڻو لوڻ جَون جي مانيءَ سان کائي، ٿلها ڪپڙا ڍڪي، حياتي گذاريندؤ ته گذري ويندي. مگر آخرت جو فڪر ضرور ڪريو، جو اتاهون جي رتيءَ جيتري نعمت به وڏيءَ تڪليف سان ملندي.
[b]فصل[/b]: ڪن ماڻهن کي هي ڌوڪو ٿئي ٿو، ته اسان جو بدن دنيا ۾ ڪيترو به کڻي رڌل آهي مگر اسان جي دل دنيا کان فارغ ۽ خالي آهي. ياد رکو ته اهو شيطاني وسوسو آهي. ڀلا ڪو ماڻهو پاڻي ۾ به گهڙي ۽ ان جا پير به نه پسن! هي ڪيئن ٿي سگهندؤ؟ جيڪڏهن اوهان کي دنيا جي تات ۽ طلب هوندي ۽ اوهان ضرورت کان وڌيڪ دنيا ڪمائڻ جي رٿن ۾ لڳندؤ ته يقيني ڳالهه آهي، ته پريشان گذاريندؤ ۽ دين هٿان وڃائيندؤ. هي به ياد رکو ته دنيا جي طلب ڪڏهن ختم نه ٿيندي ۽ سدائين ان جو حرص وڌندو رهندو. ڇو ته دنيا جو مثال کاري سمنڊ وانگر آهي، جيترو به ان مان پاڻي پيئندؤ، اوتري وڌيڪ اُڃ لڳندي. ڀلا جا شيءِ هڪ ڏينهن اوهان کان جدا ٿيڻي آهي، ان ۾ پابند ٿيڻ ۽ ڦاسڻ رنج جو سامان تيار ڪرڻو نه آهي ته ٻيو ڇا آهي؟ دنيا جو مثال نانگ جيان آهي، جو ڇهڻ ۾ نهايت نرم آهي. مگر وات قاتل زهر سان، ڀريو ويٺو آهي. هن بيوفا جي جدائي يقيني آهي. انهيءَ ڪري هن جي ملڻ تي خوش ٿيڻ ۽ نه ملڻ کان رنج ٿيڻ ٻئي اجايا آهن. دنيا جي مال ۽ زر کي آرام ۽ بي فڪريءَ جو سامان سمجهڻ وڏي بيوقوفي آهي. جتي سدائين رهڻو نه آهي، اتي بي فڪري ۽ آرام ڇا جو؟
دنيا جو مثال ائين آهي، جيئن ڪنهن مهمان نواز پنهنجي جاءِ کي سينگاريو، شيشن ۽ ٻين آرائش جي چيزن سان خوشنما بنايو هجي، مهمانن کي گهرائي ان جاءِ ۾ وهاري. عطرن، سرهاڻين ۽ گلن سان طبق ڀري، انهن جي آڏو رکي. هيءَ ڳالهه ظاهر آهي ته جاءِ واري جو مطلب ايترو آهي ته مهمان طبقن ۾ رکيل گلن کي سنگهن ۽ ڀر ۾ ويٺل ماڻهن ڏي سيريندا وڃن ته اهي به ان طرح سنگهن ۽ دل جي خوشيءَ سان ڀرسان وارن جي سامهون سيريندا وڃن ۽ هي مطلب نه آهي ته سڀني طبقن تي مهمان قبضو ڪري وهن. پوءِ جيڪڏهن مهمانن مان ڪو ماڻهو مجلس جي ادبن ۽ رسمن کان واقف نه هجي ۽ طبقن کي پنهنجو نذارنو سمجهي، پنهنجي بغل ۾ دٻائي ڇڏي ته ان جي هن بيوقوفيءَ تي، سڀئي حاضر مجلس ماڻهو کلندا ۽ ان تي ٽوڪون ڪندا. ان کان پوءِ هي نتيجو نڪرندو ته جاءِ جو مالڪ ان کان طبق زور سان کسي وٺندو ۽ ٻين جي آڏو رکندو.
هاڻي اوهان خيال ڪريو ته، ان وقت ان بيوقوف کي ڪهڙي نه پشيماني ٿيندي؟ اهڙي طرح دنيا به خدا تعاليٰ جي مهمانيءَ جو گهر آهي، ان مان رب تعاليٰ جو هي مطلب آهي ته، آخرت جا مسافر ان ۾ اچن ۽ ضرورت آهر ان مان ان ريت فائدو وٺن جيئن اُڌارين شين مان فائدو وٺندا ۽ پنهنجون گهرجون پوريون ڪندا آهن. ان کانپوءِ دل جي خوشيءَ سان اها ٻين جي حوالي ڪري پنهنجو رستو وٺن ۽ آخرت ۾ اچي پهچن. پوءِ اڌاري شيءِ سان دل لڳائڻ، حقيقت ۾ موڪلائڻ مهل پاڻ کي شرمندو ۽ رنجيدو بڻائڻو آهي.