ڪاوڙ
[b]فصل[/b]: ڪاوڙ جو علاج ٻن طرحن سان ڪرڻ گهرجي: (1) رياضت ۽ مجاهدي سان، ان کي مارڻ گهرجي، مگر مارڻ مان هيءَ مراد نه آهي ته، ڪاوڙ جو بلڪل مادو ئي نه رهي. ڇو ته جي ڪاوڙ جو مادو نڪري ويندو ته ڪافرن سان جهاد ڪيئن ڪبو؟ بدڪار ۽ بدعتي ماڻهن جي خلاف شرعي ڪمن تي ناراضپو ڪيئن ٿيندو؟
ناجائز ڪم ٿيندي ڏسي، ڪاوڙ جو اچڻ ضروري ۽ شريعت جو عين مقصود آهي. ان ڪري ڪاوڙ مارڻ ۽ رياضت ڪرڻ مان هيءَ مراد آهي ته، ڪاوڙ کي مهذب، شائسته سڌريل، عقل ۽ شرع جو پوئلڳ بڻائجي ۽ ائين ڪجيس جيئن شڪاري ڪتو ٿيندو آهي، جو جڏهن کيس مالڪ جيڏانهن ڀڄڻ جو حڪم ڪندو آهي ته، جهٽ پٽ اوڏانهن ڀڄندو آهي ۽ جنهن تي بڇ ڪندو اٿس، ان تي حملو ڪندو آهي. جي نه ته، بس ڪري وهندو آهي. تهڙي طرح ڪاوڙ به هجڻ گهرجي، يعني جي شريعت حڪم ڏئي ۽ ڪاوڙ کي جوش ڏياري ته فورا جوش ۾ اچي وڃي ۽ اهو ڪم ڪري. جي نه ته، صبر ڪري، بي حس بي حرڪت بڻجي وڃي.
ڪاوڙ کي اهڙيءَ سڌريل صورت ۾ آڻڻ جو علاج هي آهي ته، ڪاوڙ جو لغام پنهنجي هٿ ۾ قابو جهلي، بردباري ۽ سهڻ جي عادت اختيار ڪجي. جڏهن ڪو ڪاوڙ ڏياريندڙ واقعو پيدا ٿئي، تڏهن نفس تي زور ۽ دٻاءُ وجهجي ۽ ڪاوڙ کي وڌڻ نه ڏجي، بس هيءَ اها رياضت آهي، جنهن کان ڪاوڙ مطيع ۽ چيو مڃيندڙ ٿي پوي ٿي. (2) ڪاوڙ جي جوش ۾ اچڻ مهل صبر ڪريو، بردبار ٿيو ۽ ڪاوڙ کائي وڃو. ڄاڻو ته ڪاوڙ جو هڪ علاج علمي آهي ۽ ٻيو عملي.
علمي علاج هي آهي ته، ڪاوڙ اچڻ وقت هي خيال ڪريو ته، ‘ڪاوڙ ڇو ٿي اچي؟’ ڪاوڙ ڪرڻ جو ڪارڻ خدائي حڪم ۾ دخل ڏيڻ ۽ دست اندازي ڪرڻ آهي. ڇو ته، ڪاوڙ ڪندڙ ماڻهوءَ جو هي مطلب آهي ته، اهو ڪم منهنجيءَ مرضيءَ موافق ڇو نه ٿيو ۽ خدائي ارادي جي مطابق ڇو ٿيو؟ اوهان ئي ٻڌايو ته اها ناداني آهي يا نه؟ ڇا اوهان حق تعاليٰ جي ارادي کي پنهنجي ارادي ۽ منشا جو تابعدار ڪرڻ گهرو ٿا؟ ياد رکو ته، خدا تعاليٰ جي حڪم کان سواءِ هڪ زور به هلي نه ٿو سگهي. پوءِ اوهان ان ۾ دخل ڏيندڙ ۽ ان کي ناپسند سمجهندڙ ڪير ٿيندا آهيو؟
ٻيو هي خيال ڪريو ته، منهنجو هن ماڻهوءَ تي ڪهڙو حق آهي؟ خدا تعاليٰ جي اوهان سان ڪهڙي روش آهي؟ ۽ اوهان انهيءَ ماڻهوءَ سان ڪهڙي روش هلڻ گهرو ٿا؟ ظاهر آهي ته، جنهن تي اوهان ڪاوڙيا آهيو، ان جا اوهان مالڪ نه آهيو، خالق نه آهيو، اوهان ان کي نڪي اپايو آهي ۽ نڪي نپايو آهي ۽ خدا تعاليٰ جا اوهان تي ڪيترا نه حق آهن، جن جي ڪري اوهان الله تعاليٰ جا محڪوم، مملوڪ ۽ احسان مند آهيو، تنهن هوندي به اوهان پنهنجي حقيقي مالڪ جون رات ڏينهن سوين خطائون بي فرمانيون ڪندا رهو ٿا ۽ انهيءَ احسان ۽ حقداري هوندي اهو رب رحيم اوهان جو سڀ ڪجهه سهي ٿو. جيڪڏهن هڪڙي قصور تي به سزا ڏئي، ته ڪٿي به اوهان کي پناه ۽ امن جي جاءِ نه ملي. اوهان جو ته ڪنهن تي به ڪو حق ڪونهي پوءِ به اوهان جي اها حالت آهي جو، ذري جيتريءَ طبيعت جي برخلاف حرڪت تي ڪاوڙ ۾ اچي، پاڻ کان ٻاهر نڪري وڃو ٿا ۽ انهيءَ ماڻهوءَ کي دنيا مان گم ڪرڻ واسطي تيار ٿي وڃو ٿا. ڇا اوهان جي پيروي ۽ رضامندي خدا تعاليٰ جي حڪم عبادت کان به وڌيڪ ضروري آهي؟
عملي علاج هي آهي ته، جنهن وقت اوهان کي ڪاوڙ اچي ان وقت ‘اعوذُ’ پڙهو. ڇو ته ڪاوڙ شيطان جو اثر آهي، شيطان جي شر يا برائي کان جڏهن رب سائين کان پناه گهربي، تڏهن اهو اثر گم ٿي ويندو ۽ ٻيو ته پنهنجي حالت پڻ بدلائڻ گهرجي، يعني ڪاوڙ وقت جي اوهان بيٺا آهيو ته، ويهي رهو ۽ جي ويٺا آهيو ته، سمهي پئو، جيڪڏهن هن علاج سان به ڪاوڙ نه لهي ته، وضو ڪريو ۽ پنهنجو منهن زمين تي رکو، ته تڪبر ۽ هٺ ڀڄي. ڇو ته عزت وارو عضوو زمين تي رکبو ته نفس مرندو.
حديث ۾ آيو آهي ته، الله وٽ سڀ کان بهتر ڍُڪ جيڪي مسلمان پئي ٿو، سو ڪاوڙ جو ڍُڪ آهي. جناب رسول الله ﷺ فرمايو آهي ته، “جنهن مسلمان کي زال، ٻارن يا اهڙن ماڻهن تي ڪاوڙ اچي، (جن تي هو پنهنجي ڪاوڙ هلائي سگهي ٿو ۽ سزا ڏئي سگهي ٿو) ته اها کائي وڃي ۽ بردباريءَ کان ڪم وٺي ته، حق تعاليٰ ان جي دل امن ۽ ايمان سان ڀريندو.” ياد رکو ته بردباريءَ جي ڪري مسلمان، رات جو جاڳندڙ، روزائت، عابد زاهد جو مرتبو ماڻي ٿو.