ڏاهپ / اخلاقيات

اندر تون اجار

هي ڪتاب اخلاقيات تي مشتمل مضمونن جو مجموعو آھي جيڪي اسلامي دنيا جي فلسفي، داناء، حڪيم ۽ ڏاھي حجة الاسلام امام غزالي لکيا آھن. ماڻهوءَ جي بنيادي انساني اخلاقن کي نهوڙيندڙ ڪڌاين جو تفصيل ۽ دل کي سٺين عادتن سيکارڻ جي واٽ تي وٺي ھلندڙ ھن ڪتاب جو سنڌيڪار دين محمد اديب فيروزشاهي آهي.
اخلاقيات جي موضوع تي هي ڪتاب امام غزالي جي ڪتاب “الاسلام” جو خلاصو آهي. جنهن ۾ هن بهتر انسان ۽ صحيح مسلمان بنجڻ جي لاءِ بنيادي انساني اخلاقن جي اپٽار ڪئي آهي. هن پنهنجي ڪتاب ۾ ماڻهوءَ جي اخلاقن کي نهوڙيندڙ ڪڌاين جي تفصيل ۽ ان جي خرابين سان گڏ انسان کي سٺين عادتن اپنائڻ جي واٽ پڻ ٻڌائي آهي.
  • 4.5/5.0
  • 2505
  • 1066
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • امام غزالي
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book اندر تون اجار

خود پسندي

حق تعاليٰ فرمائي ٿو : “پنهنجي نفس کي پاڪ، صاف ۽ سريلو نه سمجهو.” هي ڪافرن جو شان آهي، جو پنهنجن ڪمن تي، پاڻ کي سريلو سمجهن. حديث شريف ۾ آيو آهي ته، “خود پسندي يا پاڻ کي چڱو سمجهڻ، ماڻهوءَ کي برباد ڪري ٿو. ڇو ته ماڻهو جڏهن پاڻ کي نيڪ بخت سمجهڻ لڳي ٿو، تڏهن بي فڪر ٿي پوي ٿو ۽آخر جي سعادت کان بي نصيب ٿي وڃي ٿو.”
حضرت بشر ابن منصور رحه، هڪ ڀيري نماز دير تائين پڙهي رهيو هو ته، اتفاق سان هڪ شخص ان کي پئي ڏٺو. جيئن ته خود پسنديءَ جي گمان جو موقعو هو، انهيءَ ڪري نماز کان فارغ ٿي، فرمائڻ لڳو ته، “ميان! منهنجي هن حالت کان ڌوڪو نه کائجانءِ، شيطان چار هزار سال عبادت ڪئي هئي. مگر ان جي جيڪا عاقبت ٿي، سا سڀ کي معلوم آهي!” مطلب ته مسلمان جو هي شان نه آهي، جو پنهنجيءَ عبادت کي عبادت ۽ اطاعت کي اطاعت سمجهي. ڇو جو هڪ ته ان جو قبول پوڻ جي خبر ڪانهي، جنهن مان معلوم ٿئي ته عبادت حقيقت ۾ عبادت ٿي يا ائين ئي بيڪار ٿي ويئي؟
ٻيو هي ته اعتبار آهي خاتمي کي ۽ خاتمي جي ڪنهن کي خبر ڪانهي ته ڪهڙي حال ۾ ٿيڻو آهي. خود پسندي به تڪبر جي هڪ شاخ آهي، فرق فقط ايترو آهي ته تڪبر ۾ ٻين ماڻهن کان پنهنجي نفس کي وڏو سمجهيو وڃي ٿو ۽ خود پسنديءَ ۾ ٻين کي گهٽ نه ٿو سمجهيو وڃي. بلڪه پنهنجي نفس کي، پنهنجي خيال ۾ سٺو سمجهڻ ۽ خدا تعاليٰ جي ڏنل نعمتن کي پنهنجو حق خيال ڪرڻ، يعني انهن کي الله تعاليٰ جو فضل ۽ ڪرم نه سمجهڻ ۽ انهن جي گم ٿيڻ کان بي خوف ٿيڻ، خود پسندي ۽ عجب آهي. جيڪڏهن ايستائين نوبت پهچي وڃي، جو خدا تعاليٰ وٽ پنهنجو پاڻ کي مرتبي ۽ عزت وارو سمجهڻ لڳي ته ان کي ناز چئجي ٿو. ان جو اثر هيءَ ٿئي ٿو جو پنهنجي دعا قبول نه ٿيڻ تي تعجب ٿيئس ٿو ۽ سندس موذيءَ دشمن کي سزا نه ملڻ تي کيس حيرت ٿئي ٿي ته اسان جهڙن جي دعا قبول نه ٿي ۽ اسان جا دشمن ناس نه ٿيا!
ياد رکو ته، پنهنجي عبادت تي ناز ڪرڻ، پاڻ کي خدا جي مقبول ۽ پيارو سمجهڻ وڏي بيوقوفي آهي! مگر جي الله تعاليٰ جي نعمت تي خوش ٿيو ۽ ان جي کسجي وڃڻ جو خوف رکيائين ۽ هيترو سمجهيائين ته، هي نعمت الله تعاليٰ جلشانه فلاڻي علم يا عمل ڪري مون کي ڏني آهي، هو مالڪ ۽ مختار آهي ۽ جنهن وقت به گهري ته اها مون کان موٽائي وٺي ته، اها خود پسندي نه آهي. ڇو ته خودپسند ماڻهوءَ کان هي ڳالهه وسري ٿي وڃي ته، نعمت مون کي خدا تعاليٰ کان ملي آهي. بلڪه سڀني کي پنهنجو حق سمجهن لڳي ٿو. عجب ۽ خود پسندي وڏي جهالت آهي، انهي ڪري ان جو علاج ڪرڻ گهرجي.

[b]خودپسندي جو علاج:
[/b]جيڪڏهن غير اختياري خوبين (جيئن قوت، زور يا حسن ۽ جمال) تي عُجب ٿئي ته، هيئن خيال ڪريو ته انهن شين جي حاصل ٿيڻ ۾ منهنجو ڪو دخل ڪونهي، جو ناز ڪريان. حق تعاليٰ جو محض فضل ۽ رڳو احسان آهي، جو هن منهنجيءَ حقداريءَ کان سواءِ مون کي اهي خوبيون عطا فرمايون آهن. ٻيو هي خيال ڪريو ته اهي سڀ خوبيون، گم ٿيڻ جو نشان بڻيون بيٺيون آهن. ٿوري بيماري ۽ ڪمزوري پيدا ٿي ته سڀئي هليون وينديون. پوءِ ٻئي جي بي بقا بخشش تي عُجب ۽ خود پسندي ڪهڙي ڪم جي؟ جيڪڏهن اختياري ڪمن جيئن علم، عمل، زهد، تقويٰ، عبادت ۽ رياضت) تي ناز ٿئي ته، هي ويچار ڪريو ته اهي ڪماليتون ۽ فضيلتون ڪيئن حاصل ٿيون آهن؟ جيڪڏهن الله تعاليٰ سٺو ذهن، طاقت، همت، دماغ، اکين جي روشنائي، قصد ۽ ارادو عطا نه ڪري ها ته ڪو به ڪمال ڪيئن حاصل ٿي سگهي ها؟ ان رب ڪريم جو حڪم هو، جنهن جي ڪري ڪا رڪاوٽ پيش نه آئي، نه ته آءٌ مجبور ۽ لاچار هوس، جو پاڻ ڪجهه به ڪري نه ٿي سگهيس. اها ضرور تسليم يا مڃيل ڳالهه آهي، ته انسان کي اختيار ۽ ارادو ڏنو ويو آهي، جنهن سان هو چڱا يا بڇڙا ڪم ڪري ٿو، مگر اختيار ۽ آزادي جي نعمت به ته خدا تعاليٰ جي ڏنل آهي. پوءِ ڪاميابيءَ جي سڀني اسبابن کي مهيا ڪرڻ ۽ انهن تي ڪاميابي عطا ڪرڻ، مطلب ته اول کان وٺي آخر تائين سڀ خدا تعاليٰ جي وس ۾ آهي.
اهڙي حالت ۾ ناز ڪرڻ ڪيئن درست ٿي سگهي ٿو؟ جيڪڏهن خزاني جي ڪنجي بادشاهه جي هٿ ۾ هجي ۽ اهو خزانو کولي، اوهان کي سونپي ۽ اوهان انهيءَ مان جواهرات سان پنهنجي خواهش موافق پنهنجي جهولي ڀريو ۽ پوءِ ناز ڪريو ته، اسان هيترا رپيا حاصل ڪيا آهن هاڻي ان ڳالهه تي اوهان احمق سمجهيا ويندؤ. ڇو ته جيتوڻيڪ جهولي ۾ جواهرات وجهندڙ اوهان آهيو. مگر خزانو ته بادشاهي هو، ڪنجي به بادشاهه جي هٿ ۾ هئي، انهيءَ اوهان تي احسان ڪيو، جو انهيءَ ڪنجي عطا فرمائي ۽ ان جي اجازت سان خزاني جي ڪوٺيءَ ۾ داخل ٿيو، پوءِ ايتري بي اختياريءَ ۽ بيوسيءَ هوندي به اوهان کي پنهنجي ڪم تي ناز ۽ خودپسندي ڪيئن روا ٿي سگهي ٿي؟
تعجب ته هن تي ٿئي ٿو ته، سياڻا سمجهدار، پڙهيل، لکيل ۽ هوشيار ماڻهو انهيءَ موقعي تي جاهل بنجن ٿا ۽ پنهنجي عقل ۽ علم تي ناز ڪرڻ لڳن ٿا. ڇو ته ڪنهن جاهل يا بيوقوف کي، شاهوڪار ڏسن ٿا ته، عجب ڪن ٿا ته ائين ڇو ٿيو؟ اسان عالم ۽ عاقل مال کان محروم رهون ۽ هيءُ جاهل ۽ نادان، مالدار ۽ شاهوڪار ٿئي! ڀلا انهن کان پڇو ته سهي ته علم ۽ عقل اوهان کي نصيب ٿيو ۽ جاهل انهيءَ نعمت کان محروم رهيا، سو ائين ڇو ٿيو؟ ڇا هڪ نعمت کي ٻيءَ نعمت جو سبب سمجهي پنهنجي حقداري ٻڌايو ٿا؟ جيڪڏهن علم ۽ مال ٻئي اوهان کي ڏنا وڃن ها. جاهل ۽ فقير ٻنهي کان محروم رهن ها ته، هي ڳالهه حقيقت ۾ زياده عجب جي لائق هجي ها! ڇو ته ان صورت ۾ مخلوق مان هڪ قسم کي سڀ ڪجهه مليو ۽ ٻئي کي ڪجهه به نه مليو.
عقل جي هيءَ ڳالهه آهي ته خدائي نعمت تي شڪر ڪريو ۽ سمجهو ته الله تعاليٰ جي وڏي مهرباني آهي جو انهيءَ منڍ ۾ ئي حقداريءَ کان سواءِ مون تي مهرباني فرمائي. عقل ۽ علم جهڙي نعمت بخشي، جنهن جي ڀيٽ ۾ مال کي ڪا به حيثيت ڪانهي. ان کان پوءِ شڪر گذاري ۽ عبادت جي توفيق عطا فرمايائين ۽ ٻين کي انهيءَ کان محروم ڪيائين. حالانڪه اها محرومي به، ڪنهن اڳئين گناه جي سزا يا قصور جو بدلو نه آهي. پوءِ جڏهن اهڙو خيال ڪندؤ ته اوهان کي خدائي خوف پيدا ٿيندو ۽ سمجهندؤ ته، جنهن خدا تعاليٰ بنا حقداريءَ جي انعام ڏنو آهي، اهو جيڪڏهن قصور کان سواءِ اها نعمت واپس وٺي ته ڪو به اعتراض ڪري نه ٿو سگهي ۽ هي به خيال ڪريو ته ممڪن آهي ته، اها نعمت مڪر، ( ) استدراج هجي، جان جي وبال ۽ عذاب جو سبب بنجي وڃي. ڇو ته حق تعاليٰ فرمايو آهي ته، “اسان هنن تي هر نعمت جا دروازا کولي ڇڏيا، تان جو جڏهن خوش ٿيا ۽ خوشيءَ ۾ ماپي نه سگهيا، تڏهن اوچتو انهن کي پڪڙيو ويو.” جڏهن اهي خيال ذهن نشين ڪندؤ، ته پوءِ ڪڏهن به خدا تعاليٰ جو خوف اوهان کان پري نه ٿيندو ۽ ڪنهن به نعمت تي نازان ۽ هٺيلا نه ٿيندؤ، پوءِ اميد آهي ته عُجب ۽ خود پسندي جي بلا کان به آسانيءَ سان نجات حاصل ڪندؤ.