ڏاهپ / اخلاقيات

اندر تون اجار

هي ڪتاب اخلاقيات تي مشتمل مضمونن جو مجموعو آھي جيڪي اسلامي دنيا جي فلسفي، داناء، حڪيم ۽ ڏاھي حجة الاسلام امام غزالي لکيا آھن. ماڻهوءَ جي بنيادي انساني اخلاقن کي نهوڙيندڙ ڪڌاين جو تفصيل ۽ دل کي سٺين عادتن سيکارڻ جي واٽ تي وٺي ھلندڙ ھن ڪتاب جو سنڌيڪار دين محمد اديب فيروزشاهي آهي.
اخلاقيات جي موضوع تي هي ڪتاب امام غزالي جي ڪتاب “الاسلام” جو خلاصو آهي. جنهن ۾ هن بهتر انسان ۽ صحيح مسلمان بنجڻ جي لاءِ بنيادي انساني اخلاقن جي اپٽار ڪئي آهي. هن پنهنجي ڪتاب ۾ ماڻهوءَ جي اخلاقن کي نهوڙيندڙ ڪڌاين جي تفصيل ۽ ان جي خرابين سان گڏ انسان کي سٺين عادتن اپنائڻ جي واٽ پڻ ٻڌائي آهي.
  • 4.5/5.0
  • 2505
  • 1066
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • امام غزالي
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book اندر تون اجار

تڪبر جا سبب

عام طرح چئن ڳالهين ڪري، ماڻهوءَ کي تڪبر ٿيندو آهي. (1) علم، (2) پرهيز گاريءَ (3) حسب ۽ نسب ۽ (4) مال ۽ جمال. جڏهن ته هر هڪ جو علاج ٻيو آهي. ان ڪري اسان سڀني جو علاج جدا جدا تفصيلوار لکون ٿا.

[b]پهريون علم جو تڪبر:
[/b]عالم ماڻهو تڪبر کان تمام گهٽ خالي ٿين ٿا. ڇو ته علم جي برابر ڪنهن به شيءِ جي فضيلت ڪانهي، ان ڪري علم حاصل ڪرڻ کان ٻه خيال پيدا ٿين ٿا: (1) هي ته اسان جي برابر خدا تعاليٰ وٽ ڪنهن جو مرتبو ڪونهي. (2) هي ته ماڻهن کي اسان جي تعظيم ڪرڻ واجب ۽ ضروري آهي. پوءِ جيڪڏهن ماڻهو کين نياز سان پيش نه آيا ته عجب ٿو لڳين.
سندن پهريون تڪبر، ديني آهي ۽ ٻيو دنيوي. اهڙي عالم کي جاهل چوڻ گهرجي، ڇو ته علم جي منشا هيءَ آهي ته ماڻهو، پنهنجي شرير نفس جي حقيقت ۽ پروردگار، جل جلاله جي عظمت ۽ بزرگي معلوم ڪري ۽ سمجهي، ته اعتبار خاتمي کي آهي ۽ خاتمي جو حال ڪنهن کي معلوم نه آهي. پوءِ جيڪڏهن ماڻهو پاڻ کي عظمت ۽ عزت جي لائق سمجهيو ويٺو آهي، سو ڄڻ ته پنهنجي اصليت کان اڻواقف ۽ خاتمي کان بي خوف آهي ۽ اهو وڏو گناه آهي. ڇو ته جاهل ماڻهو جيڪڏهن ڪنهن گناهه ۾ بي خبريءَ ڪري معذور سمجهيو وڃي، ته ڪو عجب ڪونهي. مگر عالم ماڻهو جڏهن ته ڄاڻي ٻجهي گناه ڪري ٿو ان ڪري هو معذور ٿي نه ٿو سگهي. جيئن ته سڀني کي خبر آهي ته قانوندان ماڻهوءَ جو گناه، عام ماڻهن جي گناهه کان وڌيڪ سخت هوندو آهي. پوءِ تعجب آهي ان تي جيڪو عالم بنجي جاهل ٿي پيو، انهيءَ هوندي به پنهنجي جهل ۽ ان ڄاڻائپ کان بي خبر آهي. ان حالت جو نالو آهي: “جهل مرڪب”.
ياد رکو ته جنهن علم مان، تڪبر پيدا ٿئي، اهو علم جهل کان به وڏيڪ بڇڙو آهي. ڇو ته سچو پچو علم، جيتري قدر وڌيڪ ماڻهوءَ کي نصيب ٿيندو، اوتري قدر ان کي وڌيڪ خوف ٿيندو. حق تعاليٰ پنهنجي پياري پيغمبر ﷺ کي هي حڪم فرمايو آهي: “پنهنجي تابعدار مسلمانن سان، نوڙت سان هلو.” حضرت رسول شفيع ﷺ جن فرمايو آهي: “اهڙا ماڻهو به پيدا ٿيندا، جي قرآن پڙهندا، مگر اهو سندن زبانن تي ئي رهندو. نه انهن جي نڙيءَ مان هيٺ لهندو، نڪي سندن دل تائين ان جو اثر پهچندو. اهي ماڻهن کي چوندا، ته اسين قاري آهيون، اسين عالم آهيون ۽ اسان جي برابر ٻيو ڪونهي. ٻڌو! اهي ماڻهو دوزخ جو ٻارڻ ٿيندا.”
سلف صالحن ۽ اڳين بزرگن جا احوال پڙهو. هڪ ڀيري حضرت حذيفه رضه نماز ۾ امام ٿيو، وچ ۾ سلام ورائي چوڻ لڳو ته پاڻ لاءِ ڪو ٻيو امام تلاش ڪريو يا جدا جدا نماز پڙهندا ڪريو. آءٌ امام ٿيڻ جي لائق نه آهيان. ڇو ته هاڻي منهنجي نفس ۾ هي خطرو (خيال) آيو ته جنهن صورت ۾، منهنجي برابر ساري جماعت ۾ ڪو به ڪونهي تڏهن ته مون کي امام ڪيو اٿن. ياد رکو ته ڪو ماڻهو کڻي ڪيترو به وڏو عالم هجي ته به هي ضروري نه آهي ته، ان جو خاتمو ڪو چڱو ٿئي ۽ ڪو ماڻهو کڻي ڪيڏو به وڏو جاهل هجي، ته به ان جي خاتمي جي خراب ٿيڻ جو يقين نه آهي. جڏهن اوهان عالم ٿي ايترو سمجهو ٿا ته پوءِ تڪبر ڪهڙي زور تي ڪيو ٿا؟ ڇا علم تي عمل ڪرڻ، اوهان تي فرض نه آهي؟
حديث م آهي ته: “قيامت جي ڏينهن عالم کي آندو ويندو ۽ دوزخ ۾ وڌو ويندو. ان جا آنڊا ان جي چوڌاري ائين ڦرندا، جيئن چڪيءَ جي چوڌاري گڏهه ڦرندو آهي يا جيئن گهاڻي ۾ ڏاند وهندو آهي. ماڻهو عجب وچان ان کان پڇندا ته، اوهان هتي ڪيئن آيا؟ اهو چوندو ته، آءٌ پنهنجي علم تي عمل ڪو نه ڪندو هوس ۽ ٻين کي نصيحت ڪندو هوس. مگر پنهنجي خبر ڪا نه لهندو هوس. ‘الهم احفظنا منة’ (خدا يا اسان کي ان کان پناه ۾ رک.)
ڏسو بلعم باعور هڪ زبردست عالم هو، ان کي خدا تعاليٰ ان ڪتي جهڙو ڪيو، جيڪو زبان ٻاهر ڪڍي ٿو. يهودي عالمن کي رب تعاليٰ اهو گڏهه ڪوٺيو آهي، جنهن تي ڪتاب لڏيل هجن ۽ هي ان ڪري جو هو نفس جي خواهشن ۾ گرفتار هوندا هئا، تڪبر ڪندا هئا، پاڻ کي وڏو سمجهندا هئا. ٻين کي نصيحت ڪندا هئا ۽ پاڻ غافل رهندا هئا!
انهن واقعن ۽ حديثن تي غور ڪندؤ ته، تڪبر ڇڏي ويندو ۽ جي هن تي به نه ڇڏي ته، سمجهو ته هي بي فائده علمن (منطق، فلسفي، مناظره وغيره) جي پڙهڻ ۽ پڙهائڻ ۾ مشغول رهڻ جو نتيجو آهي يا پنهنجي دلي پليدي جو اثر آهي، جنهن کان، دوا فائدو نه ٿي ڪري. بلڪه اٽلندو نقصان ٿي ڪري، پوءِ انهن جي اثر کي گهٽ ڪرڻ جي ڪوشش ڪريو.

[b]ٻيو سبب:
[/b]تڪبر جو سبب تقويٰ يا پرهيز گاري آهي. جيئن ته ڏسڻ ۾ اچي ٿو ته عابد اڪثر تڪبر ڪن ٿا. ڪن جي ته هيءَ حالت آهي جو ماڻهن جي ايذاءُ پهچائڻ کي پنهنجي ڪرامت سمجهن ٿا. مثلاً، جي ڪنهن ماڻهوءَ کان کين ايذاءُ پهچي ٿو ته جوش ۾ اچي چون ٿا ته الله تعاليٰ ان کي سزا ڏيندو! انهيءَ اسان تي ظلم ته ڪيو آهي. مگر جلد اهڙي سزا ملندس، جا ياد رکندو، هن کان پوءِ پنهنجي بزرگيءَ جي دعويٰ جي ثابتي پيش ڪن ٿا ۽ خوش ٿي چون ٿا ته، “ڏٺو! خدا تعاليٰ جي درويش ٻانهن کي ايذاءَ ڏيڻ جو ڪهڙو نتيجو لڌائين؟”
هن نادان کان ڪو پڇي ته، پيغمبرن عليهم السلام کي ڪافرن هزارين ايذاءَ پهچايا. مگر ڪنهن به پيغمبر وير وٺڻ جو خيال نه ڪيو. نتيجو هي نڪتو، جو تڪليف ڏيندڙ ڪفار، ايمان سان مشرف ٿي پيا. دنيا ۽ آخرت جي ڀلائي سان دامن ڀري ورتائون. جيڪڏهن پيغمبر عليهم السلام پنهنجن دشمنن کان بدلو وٺن ها يا انهن کي موت جو پاراتو ڏين ها ته خدا جي خلق ڪيئن هدايت واري ٿئي ها؟ ڇا ڪو عابد يا ولي، ڪنهن نبي کان بهتر ٿي سگهي ٿو؟ (استغفرالله)
عابد ماڻهو کي ته هر شخص جي آڏو نوڙت ڪرڻ گهرجي. مثلا، جي ڪنهن گنهگار عالم کي ڏسي ته ان جي آڏو علم جي ڪري نمي ۽ ان جي گناهه جو خيال نه ڪري. ڇو ته علم جي وڏي فضيلت آهي. جي عابد ڪنهن بدڪار جاهل کي ڏسي ته هيئن سمجهي ته خدا ڄاڻي، شايد هن جي اندر حالت، مون کان گهڻا درجا بهتر هجي ۽ ان ۾ ڪا چڱي صفت هجي، جا ان جي ظاهري گناهن کي ڍڪي ڇڏي ۽ منهنجي اندر ۾ ڪا اهڙي خرابي هجي، جنهن جي ڪري منهنجون ظاهري عبادتون برباد ٿي وڃن. ڏسو الله تعاليٰ دلين کي ڏسي ٿو ۽ صورت کي نه ٿو ڏسي. ڪنهن جي به دل جو حال علام الغيب کان سواءِ ٻئي ڪنهن کي معلوم نه آهي، پوءِ تڪبر ڇا جو؟
هن کان سواءِ سمجهڻ گهرجي ته خود تڪبر به هڪ اندر جي پليدي آهي. پوءِ ان وقت پنهنجي حالت جو تمام بڇڙو هجڻ، پاڻهي ظاهر ٿي پئي ٿو جڏهن پنهنجي اندر ۾ تڪبر موجود آهي ۽ جيڪو شخص کيس فاسق نظر اچي ٿو سو تڪبر کان خالي آهي. بني اسرائيل ۾ هڪ بدڪار ماڻهو هڪ لڱا هڪ عابد وٽ هن نيت سان اچي ويٺو ته من حق تعاليٰ هن جي برڪت سان مون تي رحم فرمائي. عابد هن کي پاڻ وٽ ويهندو ڏسي، دل ۾ چوڻ لڳو ته مون کي هن سان ڪهڙي نسبت آهي؟ ڪٿي هي ۽ ڪٿي مان؟ ان کان پوءِ هن کي چيائين ته “وڃ! پري ٿي.”
انهيءَ زماني جي پيغمبر تي ‘وحي’ لٿو ته، “انهن ٻنهي کي چئو ته، نئين سر عمل ڪريو. جو سندن پهرين ڪمائي چڱي ڪي مٺي برباد ٿي وئي، جو بدڪار جا گناه معاف ٿيا ۽ عابد جون نيڪيون ناس ٿي ويون! هاڻ آئينده جهڙو ڪم ڪندا، تهڙو ڦل پسندا. اهڙي طرح هڪ گستاخ يا بي ادب ماڻهو عابد جي گردن تي سجدي جي حالت ۾ اچي چڙهي ويٺو. عابد چڙ مان چيو ته، “پري ٿي! خدا تو کي ڪڏهن نه بخشيندو!” ان ويل آواز آيو ته، “اي متڪبر! تنهنجي بخشش ڪڏهن به نه ٿيندي، ڇا منهنجي بخشش، تنهنجي هٿ ۾ آهي، جو قسم کڻي يقين سان اسان جي هڪ بندي کي نااميد ٿو بنائين.”
حضرت عطاءَ سلمي رحه نهايت درجي جو متقي، عابد ۽ زاهد هجڻ هوندي، جڏهن تيز هوا لڳندي هئي ۽ ڪڪر گجندو هو تڏهن هيئن چوندو هو ته، “مون بدبخت جي ڪري ماڻهن تي مصيبت نازل ٿي. جي عطا مري وڃي، ته هنن مصيبتن کان ماڻهن کي ڇوٽڪارو ملي پوي.، ڏسو! هن اخلاق ۽ عبادت جي گهڻائيءَ هوندي به هن کي ڪيتري قدر نه نياز ۽ خدا تعاليٰ جلشانه جو خوف هو. هن زماني ۾ اها حالت آهي جو ٻن چئن ظاهري عملن تي ماڻهو ناز ڪن ٿا ۽ حق تعاليٰ تي ٿورو رکن ٿا. هن جي حڪومت ۽جبروتي سلطنت جي واڳ پنهنجن هٿن ۾ وٺڻ گهرن ٿا، ته جنهن کي وڻين ان کي مارين ۽ جنهن کي وڻين، ان کي جيارين، حالانڪه سندن عبادتن ۾ رياءَ ۽ ڏيکاءَ جو شڪ جدا آهي ۽ خاتمي يا پڄاڻي جو خطرو الڳ.

[b]ٽيون سبب:
[/b]نسب آهي، جو ماڻهو پاڻ کي شريف ۽ عالي خاندان سمجهي، تڪبر ڪن ٿا. ان جو علاج هي آهي ته پنهنجي نسب ۾ ويچار ڪريو ته اهو ڪهڙي شيءِ آهي؟ ظاهر آهي ته سڀ ڪنهن ماڻهوءَ جو نسب، ان جي پيءُ جو ناپاڪ نطفو آهي. سڀ ڪو ماڻهو ان مان پيدا ٿيو آهي. پوءِ ٻين جي عادتن يعني پيءُ ۽ ڏاڏن جي خوبين تي ناز ڪرڻ ڪهڙي نه غلط ڳالهه آهي؟ جيڪڏهن پيئرن، ڏاڏن کي ڳالهائڻ جي طاقت ملي وڃي ته پڪ هو هيئن چون ته، “صاحبزادا! ٻين جي خوبين تي فخر ڪرڻ وارو تون ڪير آهين؟ تون ته انهن جي پيشاب جو ڪيڙو آهين، جن فخر جهڙا ڪم ڪيا هئا. پوءِ پيشاب جي ڪيڙي ۽ ناپاڪ نطفي کي ته پنهنجي اصليت ڏسڻ گهرجي، نه پيءُ ڏاڏن جا تعريف جهڙا ۽ بهادري وارا ڪم، جو چوي ته منهنجو پيءُ اهڙو بهادر هو، ڏاڏو ههڙو سخي هو. جيڪڏهن دنيا وارن جي نسب تي تڪبر ۽ فخر ڪيو وڃي ته اها بيحد بيوقوفي چئبي. ڇو ته اها خبر ڪانهي ته اهي نسب وارا ڪاڏي ويا؟ ممڪن آهي ته دوزخ جا ڪوئلا بنيا ۽ سڌون ڪندا هجن ته ڪاش! جانور هجون ها، ته هنن مصيبتن کان بچي وڃون ها. پوءِ انهن جي حالت ته اهڙي خطرناڪ ۽ سندن صاحبزادا وري دنيا ۾ سندن اولاد هجڻ تي ههڙو ناز ڪن!
جي ديندارن جي نسب تي فخر ۽ ناز ڪيو وڃي ته، اسان فلاڻي بزرگ يا ولي جو اولاد آهيون، ته هن تڪبر ۾ ٻئي قسم جي بيوقوفي سمايل آهي. ڇو ته انهن کي جيڪو شان ۽ شرف مليو هو، ان جو ڪارڻ به دينداري ۽ نياز هو. پوءِ اُهي جڏهن پاڻ، پنهنجيءَ دينداري تي تڪبر نه ڪندا هئا، تڏهن انهن جو اولاد ڪهڙيءَ عزت ۽ شرافت تي تڪبر ڪري ٿو؟ ؟ انهن جو ناخلف يا نالائق اولاد بنجي ٿو. ديندار ابن ڏاڏن جو ته هي حال هوندو هو جو، اهي بعضي خاتمي جي خوف کان ڏڪندا ۽ ڪنبندا هئا ۽ سڌون ڪندا هئا ته، ڪاش! گاهه هجون ها ته ڪو جانور کائي وڃي ها! ڪاش! پکي هجون ها ته، ڪو انسان يا جانور کائي ڇڏي ها! ڀلا جن کي علم ۽ عمل، ٻئي حاصل هئا سي ته تڪبر کان سون ڪوهن تي ڀڄندا هئا ۽ اوهان جيتوڻيڪ انهن ٻنهي صفتن (علم ۽ عمل) کان بي نصيب آهيو ته به فقط انهن جو اولاد ٿي، نسب تي فخر ڪريو ٿا ۽ مغرور بنجو ٿا!

[b]چوٿون سبب:
[/b]مال ۽ جمال آهي. گهڻا ماڻهو پنهنجي مالدار ۽ سهڻي هجڻ تي فخر ڪن ٿا، سو انهن تي به تڪبر ڪرڻ بيوقوفي آهي ڇو ته مال هڪ بي بقا شيءِ آهي. جيڪڏهن ڌاڙو لڳي يا چور اچن ته سڀ مال هليو وڃي. اهڙي طرح جمال يا سونهن به، فاني شيءِ آهي، جو هڪڙي مهيني جي بخار اچڻ سان، سڄو حسن جمال خاڪ ۾ ملي وڃي ٿو. جي چچڪ يا ماتا نڪري، ته صورت جو رنگ ئي بدلجي وڃي. انهيءَ ڪري مال ۽ جمال ٻئي فخر جي لائق ڪيئن ٿي سگهن ٿا؟ سهڻو ماڻهو جيڪڏهن پنهنجي اندرين پليدين تي، ويچار ڪري، ته ڪڏهن به پنهنجي ظاهري سونهن تي فخر نه ڪري.
ياد رکو! جنهن حسن ۽ جمال کي صفائي ۽ سينگار جي گهرج آهي، اهو هرگز فخر جي لائق نه آهي. جيڪڏهن سڀ ڪنهن هفتي غسل نه ڪيو وڃي ته، پوءِ ڏسو! ته بدن جي رنگ ۽ بوءِ جو ڪهڙو حال ٿئي ٿو؟ معلوم ڪريو ته مٽي ميرائي، سنگهه ٿڪ، پيشاب ۽ پائخاني جهڙين پليدين سان سڄو بدن ڀريو پيو آهي، سو پليدي جي ڍير ۽ غلاظت جي گودڙئي کي ڪو سونهي ٿو ته، پاڻ کي سهڻو سمجهي ۽ ان تي ناز ۽ غرور ڪري؟