ڏاهپ / اخلاقيات

اندر تون اجار

هي ڪتاب اخلاقيات تي مشتمل مضمونن جو مجموعو آھي جيڪي اسلامي دنيا جي فلسفي، داناء، حڪيم ۽ ڏاھي حجة الاسلام امام غزالي لکيا آھن. ماڻهوءَ جي بنيادي انساني اخلاقن کي نهوڙيندڙ ڪڌاين جو تفصيل ۽ دل کي سٺين عادتن سيکارڻ جي واٽ تي وٺي ھلندڙ ھن ڪتاب جو سنڌيڪار دين محمد اديب فيروزشاهي آهي.
اخلاقيات جي موضوع تي هي ڪتاب امام غزالي جي ڪتاب “الاسلام” جو خلاصو آهي. جنهن ۾ هن بهتر انسان ۽ صحيح مسلمان بنجڻ جي لاءِ بنيادي انساني اخلاقن جي اپٽار ڪئي آهي. هن پنهنجي ڪتاب ۾ ماڻهوءَ جي اخلاقن کي نهوڙيندڙ ڪڌاين جي تفصيل ۽ ان جي خرابين سان گڏ انسان کي سٺين عادتن اپنائڻ جي واٽ پڻ ٻڌائي آهي.
  • 4.5/5.0
  • 2505
  • 1066
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • امام غزالي
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book اندر تون اجار

رياءُ

حق تعاليٰ فرمائي ٿو ته، “افسوس آهي انهن نمازين تي، جيڪي پنهنجي نماز کان بي خبر آهن، جيڪي رياءُ ۽ ڏيکاءُ ڪن ٿا، سڀ ڪنهن مسلمان تي لازم آهي ته عملن ۾ اخلاص پيدا ڪري، رياءُ ۽ ڏيک کان پنهنجي عملن ۽ عبادت کي بچائي. ڇو ته رياءُ شرڪ اصغر آهي. حديث شريف ۾ آيو آهي ته، “قيامت جي ڏينهن جڏهن الله تعاليٰ ٻانهن کي جزا، سزا ۽ انعام ڏيندو تڏهن رياڪارن کي حڪم ڏيندو ته، انهن وٽ وڃو، جن جي ڏيکارڻ لاءِ اوهان نمازون پڙهندا ۽ عبادتون ڪندا هيؤ. پنهنجي عبادت جو ثواب ۽ اطاعت جو صلو به انهن کان وٺو ۽ ڏسو ته اوهان کي ڇا ٿا ڏين؟”
هڪ ٻيءَ حديث ۾ آيو آهي ته، قيامت جي ڏينهن احڪم الحاڪمين جي شهنشاهي عدالت ۾ غازي، عالم ۽ سخيءَ جي حاضري ٿيندي ۽ ٽنهي مان هڪڙو اسلامي جهاد ۽ ٻيو ديني علم جي خدمت ۽ ٽيون پنهنجي خيرات ۽ سخاوت جو اظهار ڪندو. پوءِ هنن کي حڪم ٿيندو ته، اهي سڀ عمل اوهان جڏهن ته، رياءَ ۽ نالي جي واسطي ڪيا هئا (ته ماڻهو چون ته، فلاڻو ماڻهو، وڏو غازي، عالم ۽ سخي آهي) سو اهي ڳالهيون اوهان کي حاصل ٿي چڪيون، جو دنيا ۾ اوهان کي شهرت حاصل ٿي، ماڻهن اوهان کي غازي، عالم ۽ سخي چيو. پوءِ جنهن مقصود واسطي اوهان عمل ڪيا هئا، سو اوهان کي حاصل ٿي چڪو. هاڻي اوهان جو ڪهڙو حق رهيو؟ اوهان ڇا ٿا گهرو؟ انهيءَ ڪري دوزخ ۾ وڃو.
حضرت رسول مقبول ﷺ فرمايو آهي ته، “جنهن عمل ۾ ذري جيترو به رياءُ هوندو، ان کي حق تعاليٰ هرگز قبول نه فرمائيندو.” حضور ﷺ جن جي هن حڪم کي هوش جي ڪنن سان ٻڌو ۽ عبرت وٺو. حضرت عيسيٰ عليه السلام فرمايو آهي ته، “جيڪڏهن ڪو شخص روزو رکي، ان کي گهرجي ته پنهنجي مٿي، ڏاڙهي ۽چپن کي تيل سان سڻڀو ڪري ته ماڻهو ان کي روزائت نه سمجهن. خيرات ڪري ته هن طرح ڪري، جو کٻي هٿ کي به خبر نه پوي ان ڪري حضرت عمر فاروق اعظم رضه هڪ شخص کي، جو پنهنجو سر جهڪايو ويٺو هو، تنبيهه طرح هينئن فرمايو ته، “ميان! ڪنڌ مٿي کڻ، خشوع دل سان ٿيندو آهي نه ڪنڌ سان.”
رياءَ جي حقيقت هيءَ آهي ته ماڻهن جي دلين ۾، پنهنجي عبادت ۽ نيڪ عمل جي وسيلي، عزت ۽شان پيدا ڪرڻ جي خواهش ڪري. هي خيال عبادت جي غرض جي بلڪل برخلاف آهي. ڇو ته عبادت مان غرض ۽ مقصد، حق تعاليٰ کي راضي ڪرڻ آهي، جڏهن هن مقصد ۾ ٻيو مطلب، يعني خلق کي راضي ڪرڻ ۽ شان جو حاصل ڪرڻ شريڪ ٿي پيو، تڏهن انهيءَ ڪري انهيءَ جو نالو ‘شرڪ اصغر’ آهي. ياد رکو! ته رياءَ ڇهن طرحن سان ٿيندو آهي.

[b]پهريون:
[/b]بدن جي وسيلي سان، مثلا عاجزي يا ضعيفي، ننڊاکرائيءَ ۽ پنبڻين جي چنڀائڻ سان ظاهر ڪجي، ته ماڻهو رورائت ۽ رات جو جاڳندڙ سمجهن. يا مثلا، غمگين ۽ ڏک واري صورت ظاهر ڪري، ته ماڻهو سمجهن ته هن کي آخرت جو وڏو فڪر آهي يا وارن کي پريشان ۽ منجهيل رکڻ ته، ماڻهو سمجهن ته هي دين جي ڪم ۾ ايترو مشغول آهي جو، وارن سينگارڻ جي به فرصت ڪانهيس ۽ نڪي خط ٺهرائڻ جو موقعو ٿو مليس يا هوريان ۽ آهستي آواز ڪڍي ته ماڻهو سمجهنس ته رياضت ۽ مجاهدو ڪندي ايترو ضعيف ٿي ويو آهي جو آواز به نٿو نڪري سگهيس.

[b]ٻيو:
[/b]شڪل جي ذريعي سان، مثلا هلڻ ۾ آهستگي ۽ ضعيفي ظاهر ڪرڻ يا مٿو هيٺ ڪرڻ يا مڇون ڪوڙائڻ. سجدي جو نشان باقي رکڻ، اکيون ٻوٽڻ ۽ اهڙي صورت بنائڻ جنهن مان ماڻهو سمجهن ته هي وجد جي حالت ۾ آهي يا ڪشف ۾ مشغول آهي يا فڪر ۾ غرق ۽ محو آهي.

[b]ٽيون:
[/b]لباس ۾- مثلا، ٿلها ڪپڙا ڍڪڻ، پنين تائين ڪانچ ڪرڻ، ميرا ۽ پراڻا لٽا ڪرڻ ته ماڻهو سمجهن ته هي صوفي صاحب آهي. حالانڪه اصل ۾ اهو ماڻهو تصوف کان ايتري قدر بي نصيب آهي جو، ان جي حقيقت ۽ ماهيت به ڪا نه ٿو ڄاڻي. يا چوغو يا ويڪرين ٻانهن وارو جبو ڍڪڻ ته ماڻهو ان کي عالم سمجهن ته، هي ايتري قدر پرهيز گار آهي جو، رستي جي غبار کان به پرهيز ڪري ٿو. ڇو ته غبار به پرائي ملڪيت آهي پوءِ انهن ۾ ٻن قسمن جا ماڻهو ٿين ٿا: بعضي اهي ماڻهو آهن جيڪي صوفين ديندارن جي دلين ۾ قدر ۽ عزت جا طالب آهن ۽ سدائين انهيءَ نيت سان، پراڻا ۽ ميرا ڪپڙا ٿا پائين ۽ اهڙي حالت ۾ رهن ته، جيڪڏهن انهن کي ڪو اهڙو نئون ڪپڙو ڏنو وڃي، جنهن جو ڍڪڻ شرعا مباح هجي ۽ سلفن به اهڙو ڪپڙو پاتو هجي ته، انهن کي اهو اهڙو ناخوش ٿو لڳي، جو ڄڻ ته انهن کي ڪنهن ڪُهي وڌو.
ان جو سبب هي آهي ته، سٺن ڪپڙن پائڻ سان مطلب فوت ٿي وڃي ٿو. ڇا لاءِ ته ماڻهو جيڪڏهن کين صاف ۽ سٺا ڪپڙا پائيندي ڏسندا ته انهن جو اهڙو قدر نه ڪندا جهڙو ميرن ڪپڙا پائڻ مهل ڪندا آهن. بلڪه هيئن سمجهندا ته صوفي صاحب جن جي زهد ۾ گهٽتائي اچي وئي ۽ تصوف جو رنگ بدلجي ويو.
بعضي ماڻهو اميرن ۽ سوداگرن وٽ عزت حاصل ڪرڻ گهرن ٿا ۽ خيال ڪن ٿا ته، جيڪڏهن ڦاٽل ۽ پراڻا ڪپڙا ڍڪينداسين ته اميرن جي نظر ۾ عزت نه ٿيندي. بلڪه انهن کي پاڻ وٽ، اسان جي ويهڻ کان به نفرت ٿيندي. جي فاخره ۽ عمده لباس ڍڪينداسين ته، ماڻهو زاهد ۽ صوفي نه سمجهندا. انهيءَ ڪري اهي هڪ نئين صورت اختيار ڪن ٿا. يعني قيمتي ۽ باريڪ ڪپڙن کي گيڙو يا آسماني رنگ ڏيارين ٿا. جي انهن جي قيمت ڏسو ته شاهاڻي لباس جي برابر آهي، جي رنگ روپ ڏسو ته درويشاڻو ۽صوفياڻو آهي.
اهڙي طرح پنهنجو مطلب ڪڍن ٿا ۽ رياءَ ڪار بنجن ٿا. جيئن ته انهن کي جيڪڏهن ڦاٽل ڪپڙا پائڻ لاءِ ڏنا وڃن ٿا ۽ چئجين ٿو ته، اهي ڍڪيو ته انهن کي سخت ناگوار ۽ ناخوش لڳن ٿا. ڇو ته اهڙن ڪپڙن جو ڍڪڻ انهن لاءِ اميرن جي نگاهن ۾ ڪري پوڻ جو ڪارڻ آهي. جي پشمي يا بانات جو، ڪو وڏي قيمت وارو ڪپڙو (جو شرعا جائز هجي) انهن کي ڍڪايو وڃي ته، اهو به انهن لاءِ موت کان وڌيڪ ناگوار آهي. ڇو ته ان جي پائڻ سان، ماڻهو انهن کي زاهد ۽ صوفي نه سمجهندا. گويا درويشن جي جماعت مان خارج ٿي ويندا. ان مان معلوم ٿيو ته انهن جو لباس ريا ڪاريءَ جو لباس آهي. الله تعاليٰ شل پناه ۾ رکي!

[b]چوٿون:
[/b]گفتگوءَ ۽ زبان سان رياءُ ٿئي ٿو. جيئن اوهان بعضي دنيا دار واعظن کي ڏٺو هوندو جو، زبان موڙي موڙي مقفيٰ ۽ مسجَع عبارتون بنائي، سلف صالحن جو نقل ڪن ٿا. بعضي فقط ڏيک ويک جي غرض سان، آواز جو لهجو سنهو بنائين ٿا ۽ ڪڏهن ڏک وارو، حالانڪه دل ۾ اثر خاڪ به ڪونهين. صرف بناوٽ ۽ تڪلف ڪن ٿا ته، من ماڻهو سمجهن ته هو وڏو عالم ۽ صوفي آهي ۽ بلڪل سلف جو نمونو آهي.
اهڙي طرح حديث جي ياد ڪرڻ وقت جي مشائخن ۽ علماءَ سان ملاقات جي دعويٰ ڪن ٿا ۽ ظاهر ڪن ٿا ته فلاڻي بزرگ جي اسان زيارت ڪئي آهي ۽ فلاڻي شيخ سان مليا آهيون. يا مثلا، ڪنهن حديث جي ڳالهه ٿيڻ وقت فوراً صحيح يا ضعيف جو حڪم لڳائن ٿا ته، ماڻهو کين محقق سمجهن يا بدڪاري ۽ گناهن جي ڳالهه ٿيڻ وقت زبان مان آه! ۽ هاءِ!! ڪن ٿا ۽ ڏکائتا ٿين ٿا. حالانڪه سندن دل ۾ ڏک يا نفرت جو اثر نالي جو به ڪونهي. بلڪه اهو سڀ ڪجهه ان لاءِ ڪن ٿا ته ماڻهو کين پارسا، خدا وارو ۽ شريعت جو تابعدار سمجهن.

[b]پنجون:
[/b]عمل يا عبادت ۾ رياءُ، مثلا، قيام زياده ڪرڻ، رڪوع ۽ سجدي ۾ دير تائين سر نمائڻ، ڪنهن طرف ڌيان نه ڪرڻ ۽ پنبڻين کي جهڪائڻ وغيره، ته ماڻهو انهن کي عابد، زاهد ۽ پاڪ دامن يا پرهيز گار سمجهن. حالانڪه الله تعاليٰ چڱي طرح ڄاڻي ٿو ته، انهن جي دل، انهن خوبين کان بلڪل خالي آهي ۽ ثابتي هيءَ آهي ته هو جڏهن اڪيلي نماز پڙهن ٿا، تڏهن ڄڻ ته گهوڙو ڇڏي ڏين ٿا. جيڪڏهن خبر پوين ٿي ته فلاڻو سندن نماز ڏسي رهيو آهي، ته يڪدم آرام ۽ وقار سان جهلي جهلي نماز پڙهن ٿا، ته کين ڏسندڙ سمجهي ته ان جي نماز خشوع ۽ خضوع سان ڀريل آهي. اوهان ئي ٻڌايو ته هي رياءُ نه آهي ته ٻيو ڇا آهي؟

[b]ڇهون:
[/b] پنهنجي شاگردن ۽ مريدن جي گهڻائيءَ جو بيان ڪرڻ ۽ پنهنجن مشائخن جو زياده ذڪر ڪرڻ، ته ماڻهو ڄاڻن ته هن جي وڏن وڏن مشائخن سان ملاقات ٿيل آهي. بعضي ماڻهوءَ خواهشون ڪن ٿا ۽ رٿون رٿين ٿا ته ڪنهن طرح بادشاه، امرا، علما ۽ صلحا سندس زيارت ڪرڻ لاءِ اچن، ته من ان جي مشهوري ٿئي ۽ ماڻهو چون ته فلاڻو شخص اهڙو بزرگ آهي جو ان جي خدمت ۾ اهڙا اهڙا وڏا ماڻهو حاضر ٿين ٿا. بادشاه ۽ عالم پڻ ان جي چانئٺ چمڻ کي، پنهنجي عزت سمجهن ٿا ياد رکو! ته هي سڀ دين ۾ رياءُ آهي. ريا حرام ۽ ڪبيرو گناه آهي. الله تعاليٰ شل محفوظ رکي!
فصل: رياءَ جي حرام هجڻ جا ٻه سبب آهن: پهريون هيءَ ته رياءَ سان ماڻهو کي ڌوڪو ڏئي، پنهنجو معتقد ڪيو وڃي ٿو ۽ ڌوڪو ڏيڻ حرام آهي، ايتري قدر جو جيڪڏهن ڪو شخص ڪنهن کي اهڙي طرح رپيا ڏئي، جنهن مان ڏسندڙ هينئن سمجهي ته، ان کي بخشش طور ڏيئي رهيو آهي. حالانڪه هو بخشش نه ٿو ڏئي. بلڪه ان کي قرض ٿو ڏئي ته ان ۾ به جڏهن ته ڌوڪو ظاهر ٿئي ٿو، انڪري هيءُ به گناهه آهي. پوءِ هٿرادو صورت بنائي، ماڻهن جي دلين ۾ هي خيال پيدا ڪرڻ، ته هي نيڪو ڪار ۽ تعظيم جوڳو آهي، ناجائز آهي ۽ اهڙيءَ طرح سان ماڻهن جي دلين تي قبضو ڪرڻ بلڪل خراب آهي، ۽ هن جي ڌوڪي هجڻ ۾ ڪو به شبهو ڪري نه ٿو ڪري سگهي، پوءِ اهڙي مڪار ماڻهو کي، ڇو نه فاسق ۽ بدڪار چئجي؟
ٻيو هي ته رياءُ ڪرڻ حق تعاليٰ جي شان ۾ گستاخي ڪرڻ آهي. ان جو مثال هي آهي ته، ڪو شخص بادشاه جي حضور ۾ خادم بنجي بيٺو هجي ۽ هن بيهڻ مان هن جو غرض، پنهنجو پاڻ کي بادشاهي خدمتگار، ذليل، محتاج ۽ غلام ظاهر ڪرڻ جو نه هجي. بلڪه بادشاه جي غلامن مان ڪنهن غلام جو تڪڻ يا ڪنهن ٻانهيءَ ڏي نظر ڪرڻ جي نيت اٿس، ته اهڙو ماڻهو بادشاهي دربار جو گستاخ سمجهيو ويندو ۽ بي ادب ٺهرايو ويندو.
اهڙي طرح جڏهن ڪنهن کي عبادت مان حق تعاليٰ جي رضامندي جي نيت نه هجي، بلڪه ان جي بندن جي رضامندي گهربل هجيس، ته اُهي هن کي نيڪوڪار سمجهن ۽ هن جا معتقد ٿين ته ان صورت ۾ ان شخص ڄڻ خلق کي خدا جي ڀيٽ ۾ پنهنجي نفعي ۽ نقصان ڏيڻ تي وڌيڪ قادر سمجهيو ۽ دل ۾ بندن جي ايتري قدر وڏائي وهاريائين جو، عبادت انهن جو نذرانو ڪيائين. اهو ئي سبب آهي جو رياءَ کي شرڪ اصغر چيو ويو آهي. پوءِ هن غرض ۽ نيت ۾ جيتري قدر خرابي زياده هوندي، اوتري قدر گناه به سنگين ٿيندو. ڇو ته بعضي رياءَ ڪندڙن جو مقصود فقط هي هوندو آهي ته، ماڻهو اسان جي عزت ڪن ۽ اسان کي اڳواڻ سمجهن. ڪن جو وري هي مطلب هوندو آهي ته، ماڻهو اسان کي ديندار سمجهي، اسان وٽ امانتون رکن ۽ اسان کي پنهنجن وقفن جو متولي بنائين يا يتيمن جي مال جي سنڀال اسان کي سونپين ته انهن کي پنهنجي قبضي ۾ آڻي، خيانت ڪن.
ظاهر آهي ته، هي گناهه پهرين گناه جي بنسبت زياده سخت آهي. ڪن جو هي غرض هوندو آهي ته، اسان کي نيڪ بخت سمجهي، اسان وٽ زالون ۽ ڇوڪرا اچڻ لڳن ته زنا ۽ لواطت ڪرڻ جو بخوبي موقعو ملي يا انهن نرم دل عورتن ۽ ٻارن جو مال اسان جي هٿ ۾ اچي ته ان مال کي بدڪاري، راند ۽ تماشي ۾ خرچ ڪريون، هي ڳالهه به ظاهر آهي ته، انهن جو گناه پهرين ٻن صورتن کان، وڌيڪ سخت آهي. ڇو ته هن ماڻهوءَ الله جي عبادت کي گناه جو هٿيار ۽ جبار، قهار، پروردگار جي مخالفت جو اوزار بنايو. (نعوذُ بالله)
فصل: اهڙي طرح عبادتن ۾ رياءَ ٿئي ٿو، اُهي به مختلف درجن جون آهن، جو انهن مان ڪن جو گناه، ڪن کان وڏو آهي. پهريون درجو، ايمان ۾ رياءَ: جيئن منافق، جو ان جي دل ۾ ايمان ته نالي جو به ڪونهي. مگر انهيءَ پنهنجي صورت مسلمانن جهڙي بنائي آهي، ته ماڻهو ان کي ڪافر سمجهي، سندس مال ۽ جان کي حلال نه سمجهن يا مثلا، مُلحدُ ۽ مُرتد، (جو اسلام ۽ ايمان کان ڦري ويو هجي،) ڪنهن مصلحت جي ڪري پاڻ کي مسلمان ظاهر ڪندو رهي. ان رياءَ جو گناه تمام سخت آهي. جيئن قرآن شريف ۾ آهي ته، “منافق دوزخ ۾ سڀ کان هيٺين طبقي ۾ ويندا.”
ٻيو درجو: اصل عبادتن ۾ رياءُ ڪرڻ آهي. ماڻهن جي آڏو نماز پڙهڻ ۽ زڪواة ڏيڻ، پر جي اڪيلا هجن ۽ وٽن ڪو به شخص نه هجي، ته نه نماز پڙهن، نڪي زڪوات ئي ڏين. انهيءَ مان معلوم ٿيو ته، انهن جي هيءَ عبادت فقط ماڻهن کي ڏيکارڻ واسطي آهي. مگر الله تعاليٰ ته دلين جو مالڪ آهي. دلين جي حالتن کان واقف آهي. اهو چڱي طرح ڄاڻي ٿو ته، اهي ماڻهو ڪهڙيءَ نيت سان، عبادت ڪري رهيا آهن. هن رياءَ جو درجو جيتوڻيڪ پهرئين درجي کان گهٽ آهي، مگر ان هوندي به سخت ۽ شرڪت اصغر آهي.
ٽيون درجو: جو سڀني کان گهٽ آهي. هي آهي ته فرضي عبادتن ۾ رياءَ ڪرڻ ۾ نه اچي. باقي مستحب ۽ نفلي عبادتون، ماڻهن جي ڏيکارڻ واسطي ڪيون وڃن. مثلا، جي ماڻهو، موجود هجن، ته نفل گهڻا پڙهي ۽ فرض به سنڀالي سنڀالي ادا ڪري. جڏهن حج ۽ عاشوري جا ڏينهن اچن، تڏهن انهن جو روزو به ضرور رکي. جيڪڏهن زڪوات جو وقت اچي ته، ماڻهن جي آڏو عمدو ۽ نفيس مال ڏئي ۽ جي سفر وغيره جي حالت يا ڪنڊ پاسي وغيره جو وقت هجي ته، نه نماز چڱي طرح ادا ڪري ۽ نه اهي نفل ئي پڙهي ۽ نڪي نفلي روزا رکي. پر جي فرض نماز پڙهي ته، ڪڪڙ وانگر ٺونگا هڻي.
اهڙي طرح زڪوات ته ضرور ڏئي ٿو پر سِر تان بار لاهڻ واسطي، ردي مال مان ڏئي ٿو. پوءِ هن جو گناه ايمان ۽ فرض ۾ رياءَ ڪرڻ جي گناه کان گهٽ آهي. مگر هي به حرام آهي ۽ دين کي ناس ڪرڻ واسطي ڪافي آهي. هي به ياد رکو ته رياءَ جي نيت ۾، تفاوت هجڻ ڪري، ڪڏهن گناه ۾ زيادتي ۽ گهٽتائي ٿئي ٿي، جنهن جي هڪ صورت هي آهي ته عبادت مان غرض فقط ڏيک هجي، جنهن ۾ عبادت جي نيت جو ارادو ئي ڪو نه هجي، جيئن بناوضو ماڻهن جي ڏيکارڻ لاءِ ، نماز پڙهڻ يا ماڻهن جي ڏيکارڻ واسطي روزو رکڻ، ۽ لڪي ڇپي ماني کائڻ، پوءِ هن جو گناهه به نهايت ئي سخت آهي. هڪ صورت هيءَ آهي، ته عبادت مان عبادت جو مقصد به هجي، ۽ ان سان گڏ رياءَ جي ملاوٽ به هجي، سو هن جا ٽي درجا آهن، پهريون درجو هيءَ آهي، ته مقصود محض عبادت هجي، جنهن جي سڃاڻپ هي آهي، ته جيڪڏهن اڪيلو هجي ها، ته به نماز پڙهي ها، جيئن ماڻهن جي موجودگيءَ ۾ پڙهي ٿو. مگر جڏهن ته ٻين ان کي نماز پڙهندي ڏٺو آهي، انهي ڪري، ان جي طبيعت خوش ٿي ويئي، جنهن کان نماز جو پڙهڻ ان کي ڏکيو نه ٿو لڳي. پوءِ جي هيتري ڳالهه آهي، ته اميد آهي ته الله تعاليٰ ان جي عبادت قبول فرمائيندو، ۽ ان جو ثواب به عنايت ڪندو. باقي هيءَ ٻي ڳالهه آهي، ته رياءَ جي سزا ڏئي، يا ان جي ڪري عبادت جي اجر ۽ ثواب ۾ گهٽتائي فرمائي. ٻيو درجو هيءَ آهي ته عبادت جو قصد گهٽ ۽ رياءَ جو خيال وڌيڪ هجي.
يعني هيءَ حالت هجي، جو جيتري عبادت ماڻهن جي آڏو ڪري ٿو، اوتري خلوت ۽ اڪيلائي ۾ نه ٿو ڪري. پوءِ جنهن عبادت ۾ رياءَ جي اها حالت هوندي، سا ڪنهن طرح به قبول پوڻ جي لائق نه آهي. ڇو ته هن ۾ جيتوڻيڪ عبادت جو به ٿورو قصد ۽ ارادو شامل آهي. مگر ايتري ڪمزور آهي، جو ان جو ڪجهه اعتبار ڪونهي. انهيءَ ڪري، هن کي صريح رياءَ سمجهيو ويندو، ۽ اهڙي عبادت تي، سخت عذاب ملڻ جو خطرو آهي.
ٽيون درجو هي آهي ته، عبادت ۾ رياءُ ٻئي برابر هجي، مثلاً عبادت مان جيتري قدر خدا جي بندگيءَ جو ارادو هجي اوتري قدر ماڻهن کي ڏيکارڻ جو به مقصود هجي. جڏهن ته هيءَ اهڙي حالت آهي، جنهن جو نفع ۽ نقصان ٻئي برابر آهن. انهيءَ ڪري ممڪن آهي ته ان تي نه عذاب ٿئي ۽ نه ثواب. مگر جڏهن ته الله تعاليٰ فرمائي ٿو ته “سڀني شريڪن مان، سڀني کان وڌيڪ شرڪ کان بي نياز، منهنجي ذات آهي.” تڏهن ڪو به عجب نه آهي، ته هن صورت ۾ نقصان کي نفع کان وڌيڪ وزنائتو سمجهي، عبادت کي باطل چيو وڃي. غيب جي خبر ته خدا تعاليٰ کي آهي، ته اهڙي شخص سان ڪهڙو معاملو ٿيندو؟ مگر ظاهر ۾ هي حالت، به گناهه کان خالي معلوم نه ٿي ٿئي.
فصل: رياءُ ڪڏهن ته ظاهر ظهور ٿيندو آهي. مثلا، اڪيلائي جي حالت ۾، اهڙي عبادت نه ٿي ٿئي، جهڙي ماڻهن جي آڏو ٿئي ٿي ۽ ڪڏهن ڳجهو ٿيندو آهي. مثلا، ڪو شخص تهجد هميشه ته پڙهندو آهي. مگر جڏهن وٽس ڪو مهمان ايندو آهي، تڏهن ته ان جي آڏو تهجد پڙهندي، هن کي وڌيڪ خوشي ٿيندي آهي. پوءِ هي به رياءُ آهي. مگر پهرئين جي به نسبت هيءُ وڌيڪ ڳجهو آهي ۽ هن کان به وڌيڪ ڳجهو رياءُ هي آهي، ته ڪنهن جي موجود هجڻ کان خوشيءَ ۾ واڌارو نه ٿئي، مگر عبادت جي وچ ۾ يا عبادت کان واندي ٿيڻ کان پوءِ جيڪڏهن ڪنهن شخص کي هن جي عبادت جي خبر پوي ٿي، ته سندن دل ۾ هڪڙي قسم جي فرحت ۽ خوشي پيدا ٿئي ٿي. هن مان معلوم ٿيو، ته هن جي دل ۾ رياءُ ائين لڪو پيو آهي، جيئن خاڪ ۾ باهه لڪل هوندي آهي. هن کان به وڌيڪ ڳجهو رياءُ هي آهي، ته ماڻهن کي سندس عبادت جي خبر پوڻ تي خوشي نه ٿي ٿئيس. پر هن ڳالهه جو خواهشمند ٿئي ٿو، ته ماڻهو منهنجي تعريف ڪن، ۽ پهرين مون کي سلام پاڻ ڪن، ۽ ڪمن ڪارين ۾ منهنجي رعايت ڪن، ۽ جيڪڏهن ڪو شخص ساڻس برائي ڪري ٿو، ته کيس عجب لڳي ٿو. ياد رکو! ته هي به رياءُ آهي. ڇو ته اهڙي ماڻهوءَ جي انهن خيالن ۽ خواهشن مان هي معلوم ٿيو، ته اهو ماڻهن تي پنهنجي عبادت جو ٿورو رکڻ ٿو گهري. جيتوڻيڪ ماڻهن کان انهيءَ پنهنجو رياءَ لڪايو آهي. مگر هن جو هيترو اثر ته ضرور ظاهر ٿيو، ته اهو عزت ۽ تعظيم جي خواهش رکي ٿو. هن قسم جا رياءَ به (جن کان فقط صديق بچيل آهن) گناهه ۾ داخل آهن. ۽ اهڙن ريائن کان، چڱن ڪمن جي ناس ٿيڻ جو، يعني ثواب نه ملڻ جو انديشو آهي. باقي جي عبادت تي ماڻهن جي واقف ٿيڻ کان، کيس انهيءَ ڪري خوشي ٿئي ٿي. ته الله تعاليٰ جو شڪر آهي، جنهن مون کان چڱو ڪم ظاهر ڪرايو ۽ منهنجي ڪنهن گناهه تي، ڪنهن کي واقف نه ڪيو، ۽ محض پنهنجي فضل سان پنهنجي ستاري ظاهر ڪئي، جو جيتوڻيڪ مون گناهه ۽ عبادت مان ڪنهن جو به پڌرو ٿيڻ نه ٿي گهريو. مگر خير الحمد الله جو ماڻهو چڱي ڪم تي ئي واقف ٿيا ۽ بڇڙي ڪم تي واقف نه ٿيا يا مثلا، هن ڪري خوشي ٿئيس ٿي، ته هن عبادت تي ماڻهن جي واقف ٿيڻ کان هي ڳالهه معلوم ٿي، ته الله تعاليٰ قيامت جي ڏينهن مون سان سٺو سلوڪ فرمائيندو ڇو ته دنيا ۾ سندس ستاري فرمائڻ، هن ڳالهه جي نشاني آهي ته آخرت ۾ به خواري کان بچائيندو.” يا هن ڪري خوشي ٿئيس ٿي ته هن خبر پوڻ کان ٻين کي به همت ٿيندي، ۽ منهنجو هي ڪم ٻين جي عبادت جو سبب بنجي پوندو. ته هن قسم جي خوشيءَ ۾ ڪو نقصان ڪونهي. هن جي نشاني هي آهي، ته ٻئي شخص جي عبادت تي جيڪڏهن اهو ماڻهو واقف ٿئي، ته انهيءَ واقفيت کان به هن کي ايتري خوشي ٿيندي هجي، جيتري سندس عبادت تي، ٻين جي واقف ٿيڻ کان کيس خوشي ٿئي ٿي. ڇاڪاڻ ته ڪنهن جي عبادت ڏسي، ماڻهن جو انهيءَ عبادت لاءِ شوق ۽ همت ڪرڻ هر حال ۾ حاصل آهي، خواه سندس عبادت هجي، يا ٻئي جي. پوءِ جيڪڏهن واقف ٿيندڙن جو انهيءَ عبادت لاءِ شوق ۽ همت ڪرڻ جو خيال، انهيءَ خوشي جو سبب ٿيو هوندو، ته سندس عبادت ۽ ٻئي جي عبادت انهيءَ خوشي ۾ ضرور برابر هجڻ گهرجن. جڏهن ته رياءَ جو مادو نظر کان ڳجهو ٿئي ٿو، ۽ ماڻهن جي دلين تي لڪي، لڪي حملو ڪري، برو اثر ڄمائي ٿو، انهيءَ ڪري متقدمن (اڳين بزرگن) هن بابت تمام گهڻو احتياط فرمايو آهي، ۽ پنهنجين عبادتن کي ماڻهن جي نظر کان بيحد مخفي پئي رکيو آهي. حضرت علي ڪرم الله وجهه فرمائي ٿو، ته قيامت جي ڏينهن خدا تعاليٰ قارين کي فرمائيندو: “اوهان لاءِ دنيا ۾ اسان اگهن ۾ سستائي نه فرمائي هئي ڇا؟ اوهان کي ماڻهو پهرين سلام نه ڪندا هئا ڇا؟ ۽ اوهان جون ضرورتون، ٻين کان اڳي پوريون نه ٿينديون هيون ڇا؟ پوءِ جنهن صورت ۾ اوهان ڪمن جو بدلو دنيا ۾ وٺي چڪا آهيو، انهيءَ ڪري اوهان واسطي هتي ڪجهه به نه رهيو.” پوءِ مسلمانو! جيڪڏهن ڇوٽڪارو گهرو ٿا، ته صرف ڪنهن کي به ڪجهه نه ڄاڻو خدا تعاليٰ جو ڄاڻڻ ڪافي آهي، انهي ڪري پنهنجي عبادت خدا کي ڏيکارجي. ڇو ته خدا تعاليٰ ئي اجر ڏيئي سگهي ٿو ۽ اهو ئي عبادت جو قدر دان آهي. خدا کان سواءِ دنيا ۽ دين ۾ ڪو به اهڙو ڪونهي، جو ڪنهن کي ڪجهه ڏئي سگهي. جيڪڏهن ائين ڪندؤ ته، عبادتن جو ضرور نفعو لهندؤ. جي نه ته سخت ضرورت جي ڏينهن، يعني قيامت جي ميدان ۾ هٿين خالي ۽ سڃا رهجي ويندؤ.
فصل: شايد اوهان کي هي خيال ٿئي، ته هن قسم جي رياءَ کان بچڻ ته محال آهي، البته چٽي پٽي رياءَ کان ماڻهو بچي سگهي ٿو. انهيءَ ڪري خبر نه ٿي پوي، ته ڪهڙي عبادت درست ٿئي ٿي ۽ ڪهڙي ناجائز ٿئي ٿي؟ ان ڪري ان جي سمجهائڻ لاءِ اسين هن جي تشريح ڪيون ٿا.
معلوم ڪيو ته عبادت ۾ رياءُ ٽن قسمن جو ٿئي ٿو:
پهرين صورت هيءَ ته منڍ کان وٺي ئي رياءَ جي نيت هجي، مثلا نماز جو پڙهڻ شروع کان وٺي پڇاڙي تائين فقط ماڻهن جي ڏيکارڻ ۽ نمازي چوائڻ جي خيال واسطي هجي، هيءَ صورت ته نماز لاءِ مفسد يا ڀڃندڙ آهي، جو اهڙي نماز صحيح ئي نه ٿيندي. ڇو ته هن ۾ عبادت جي نيت ئي شامل ڪانهي ۽ بنا نيت جي ڪو به عمل معتبر ۽ صحيح نه آهي. جيڪو شخص نماز اڪيلائي ۾ يا ماڻهن جي روبرو خدا لاءِ پڙهي ٿو. مگر ‘نماز جي پهرئين وقت’ ۾ رياءَ جي نيت سان پڙهي ٿو، ته هن صورت ۾ ظاهري طرح ائين معلوم ٿئي ٿو ته فرض ادا ٿي ويندو. مگر پهرئين وقت جي فضيلت حاصل نه ٿيندي. ڇو ته هن ۾ رياءَ موجود آهي. باقي رهي هيءَ ڳالهه ته رياءَ جي نيت عبادت ۾ شامل ٿي ويئي، سو ان جو گناه جدا ٿيندو.
ٻي صورت هيءَ آهي ته عبادت جي وچ ۾ رياءَ ٿي پوي. جيئن نماز پڙهڻ ۾ ڪا وسريل شيءِ ياد اچي وڃي يا ڪو کيل تماشو ٿيڻ لڳي ۽ دل ان جي خواهش ڪري ته نماز ڀڃي ان ۾ وڃي شامل ٿئي، پوءِ جيڪڏهن اهڙي حالت ۾ آهي جو جيڪڏهن اڪيلائي جو موقعو هجي ها ۽ ڪنهن جو لحاظ نه به روڪي ها، ته ضرور نماز ڀڃي ها. مگر جڏهن ته ماڻهو ويٺا آهن، انهيءَ ڪري انهن جي شرم کان ۽ هن خيال کان ته ڏسندڙ ماڻهو چوندا ته، “اجائي تماشي لاءِ پنهنجي نماز ڀڃي ڇڏيائين، انهيءَ ڪري نماز نه ٿو ڀڃي. پر بي دليائي سان پڙهي ٿو ته هي نماز به باطل ۽ ناجائز رهڻ ضروري آهي. جڏهن ته وچ ۾ رياءَ جي ڪري عبادت جي نيت هلي ويئي، ان حالت ۾ نماز به هلي وئي، يا مثلا، ڪو شخص نماز پڙهي رهيو آهي ۽ ماڻهن کي پنهنجي طرف ڏسندو ڏسي، انهيءَ خيال کان ته هي ماڻهو منهنجي عبادت کان واقف ٿي ويا آهن، هن جي طبيعت کي ايتري ته خوشي ٿي ويئي جو عبادت جي اصل نيت بلڪل ڪمزور ٿي ويئي، ۽ نماز جو ڪو هڪ رڪن اهڙي حالت ۾ ادا ٿيو، جنهن ۾ ماڻهن جي سڌ پوڻ کي زياده دخل آهي ته غالب گمان هي آهي ته هيءَ نماز صحيح نه ٿيندي. ڇو ته هن صورت ۾ جيتوڻيڪ نيت قطع ڪا نه ٿي. مگر ان هوندي به اهڙي ڪمزور ٿي ويئي، جو هن جو هجڻ يا نه هجڻ ٻئي برابر آهن. پوءِ هن نماز کي به باطل چيو ويندو. باقي جي اهڙي معمولي خوشي ٿي هجي، جو اها نيت تي غالب نه پيئي ۽ عبادت لاءِ آماده رهي ته نماز صحيح ٿي ويندي. پر رياءَ جي ارادي جو گناهه ضرور ٿيندو.
ٽين صورت هيءَ آهي ته عبادت کان فارغ ٿيڻ کان پوءِ رياءَ ٿي پوي. مثلا، سندس هن عبادت تي ماڻهن جي واقف ٿيڻ کان کيس مسرت ۽ خوشي ٿي يا ماڻهن سان پاڻ فخر جي نموني تي، ان جو اظهار ڪندو وتي ته، هن کي عبادت جي صحت ۽ فساد (ٿيڻ ۽ نه ٿيڻ) سان ڪو تعلق ڪونهي. ڇا لاءِ ته جنهن وقت رياءَ پيدا ٿيو آهي، ان وقت کان اڳ نماز ختم ٿي چڪي آهي. باقي ان خوشي ۽ اظهار جو گناه جدا ٿيندو. پوءِ هن عبادت جو ظاهر ڪرڻ چٽائي يا اشاري سان، جنهن طرح ۽ جنهن به حيثيت مان هوندو، ان مان ڳجهي ۽ پڌري رياءَ جو اندازو پاڻهي ٿي ويندو. يعني رياءَ جو اظهار جي چٽي طرح ڪري ٿو ته، رياءُ به چٽو آهي ۽ جي رياءَ جو اظهار اشاري سان ڪري ٿو ته رياءُ به ڳجهو آهي.
فصل: رياءُ وڏو مُهلڪُ يا ماريندڙ مرض آهي. ان ڪري ان جو علاج پوري چستي سان ڪرڻ کپي. ياد رکو ته رياءُ جو سبب گهڻو ڪري يا پنهنجي ساراهه جي سڪ ۽ تعريف جي خواهش ٿيندي آهي، يا دنيا جي مال جو حرص ۽ طمع يا بدنامي جو خوف ۽ خطرو ٿيندو آهي. مثلا، ڪو شخص جنگ جي ميدان ۾ هن غرض سان بهادري ڏيکاري ٿو ته ماڻهو انکي پهلوان چون يا هن ارادي سان عبادت ڪري ته ماڻهو هن کي عبادت گذار يا پرهيز گار چون. اها مدح جي علاج ۾ اڳي اوهان ٻڌي آيا آهيو: ته هيءَ شهرت ۽ دنيا جي نيڪ نامي فرضي ۽ وهمي آهي ۽ اعتبار جي لائق نه آهي. ڇو ته جي ماڻهو اڄ مري وڃي ته سڀاڻي سندس ساراهيندڙ، انهن جون تعريفون، قصيدا ۽ سپاسناما اتي جو اتي رهجي ويندا ۽ ڪنهن مان به ڪجهه نفعو حاصل نه ٿيندو. سچو پچو ڪمال اهو آهي، جو مرڻ کانپوءِ به گڏ رهي، يعني خدائي معرفت، جنهن کي ڪڏهن به فنا پهچڻ واري نه آهي. هن کان سواءِ خصوصيت سان هي خيال ڪرڻ به هن بيماريءَ واسطي مفيد آهي ته، اها بهادري ۽ اها عبادت جا اڄڪلهه مون کي ماڻهن کان عابد ۽ بهادر چوائي رهي آهي. سا سڀاڻي قيامت جي ڏينهن حشر جي ميدان ۾ سڄي مخلوقات جي سامهون مون کي خوار ڪرائيندي ۽ سڀ کان وڌيڪ مصيبت هيءَ ٿيندي ته منهنجي سڀ ڪمائي برباد ٿي ويندي. منهنجا اهي عمل، جن کي گهڻي محنت ۽ مشقت سان جمع ڪيو اٿم، سي ضبط ٿي ويندا. پوءِ ماڻهن جي خوشي ۽ دنيا جي هن بي بقا تعريف جي عيوض ۽ الله تعاليٰ جو ڏمر ۽ قيامت جي خواري خريد ڪرڻ ڪيتري قدر نه عقل جي برخلاف آهي؟ هن کان سواءِ هتي دنيا ۾ جو ماڻهن جي رضا مندي گهرون ٿا، جي حق تعاليٰ گهري ته اسان کان انهن کي به ناراض ڪري ڇڏي. تعريف جي بجاءِ اٽلندو اسان جي بدنامي ڪرڻ لڳن. ڇو ته سڀني جون دليون ۽ زبانون خدا جي هٿ ۾ آهن. پوءِ ٻن ٽن ڏينهن جي وهمي ۽ شڪي تعريف، الله تعاليٰ جي رضامندي کان جو سچي سعادت يا سڀاڳ آهي، ڪيئن بهتر ٿي سگهندي؟
اهڙي طرح جيڪڏهن بدنامي جو خوف رياءَ جو سبب هجي ته، دل کي ائين سمجهائڻ گهرجي، ته، جي مان خدا وٽ چڱو آهيان ته ماڻهن جي بدنامي مون کي ڪجهه به نقصان نه ڪندي، پوءِ ڇا لاءِ ڊڄان؟ خصوصا جڏهن ته هي ڳالهه به مخلوق جي هن بدنامي جي وهمي ڊپ کان، حق تعاليٰ کي ناراض رکڻ دنيا ۾ به خوار ڪري ٿو. ڀلا جي اندر جو هي رياءَ (ته مون کي ماڻهن جي بدنامي کان ڊپ ٿئي ٿو ۽ انهيءَ ڪري مان نيڪ بختن جي صورت بنايان ٿو ۽پرهيز گار بنيو ڦران ٿو) ماڻهن کي معلوم ٿي وڃي ته پوءِ هن خوف کان ڪجهه به فائدو نه ٿيندو ۽ جنهن ڳالهه جو ڊپ آهي، سا اڳيان اچي ويندي، جو مڪر ۽ رياءَ جي کلڻ سان بدنامي ٿيڻ لڳندي. ان واسطي جيڪڏهن سچائي سان الله تعاليٰ کي راضي رکڻ واسطي بندگي ڪندس، ته جن ماڻهن جي بدنامي جو مون کي خوف آهي، اُهي به منهنجا دوست بنجي پوندا ۽ خدا تعاليٰ جي خوشي به حاصل ٿي ويندي.
رياءَ جو ٽيون سبب حرص ۽ طمع آهي. جي اهو سبب هجي ته هي خيال ڪرڻ گهرجي ته جنهن شيءِ جي طمع اٿم، ان جو حاصل ٿيڻ هڪ شڪي ڳالهه آهي ۽ انهيءَ رياءَ جي ڪري خدا تعاليٰ جي ڪاوڙ يقيني آهي. پوءِ ڪنهن فائدي جي شڪي اميد تي خدا جو ڏمر سر تي کڻڻ ڪير پسند ڪندو؟ جڏهن ته الله تعاليٰ دلين جو ڦيرائيندڙ آهي. ان ڪري ياد رکو ته رياءَ سان جنهن دنيا جي مطلب واسطي عبادت ڪري رهيا آهيو، اُهو به حاصل ٿي ڪو نه سگهندو. بلڪه مخلوق جي آڏو طمع ڪرڻ سان ذلت ۽ خواري جدا ڏسندؤ ۽ ان جا ٿورائتا الڳ ٿيندؤ. جو هميشه ان جي آڏو اوهان جي گردن جهڪيل رهندي. جيڪڏهن بي طمع رهندؤ، ته حق تعاليٰ اوهان جي سڀني گهرجن جو ضامن ٿيندو ۽ مخلوق پاڻهي اوهان جي مطيع ٿي پوندي ۽ اخلاص ۽ سچائي جي ڪري جيڪي هميشه جون لذيذ نعمتون اوهان کي يقيني ۽ سچين ڳالهين کي ذهن ۾ وهاريو، ته پوءِ رياءَ جو نالو ۽ نشان به نه رهندو ۽ حق تعاليٰ اوهان کي اخلاص ۽ سچائي جي توفيق به بخشيندو.
فصل: هن کان پوءِ اوهان کي گهڻو ڪري هي فڪر ٿيندو ته، رياءَ کان نفرت ته بيشڪ پيدا ٿي ويئي، مگر ڪن عبادتن ۾ ماڻهن جي واقف ٿيڻ سان، جو رياءُ امالڪ پيدا ٿئي ٿو، ان جو علاج ته معلوم نه ٿيو. ان ڪري ان جي تدبير به ڏسيان ٿو. اُها هي آهي ته، جيستائين ٿي سگهي، ڪنڊ پاسي اڪيلائي ۾ عبادت ڪندا ڪريو ۽ پنهنجيءَ عبادت کي اهڙي طرح لڪائيندا ڪريو، جهڙي طرح پنهنجن عيبن ۽ گناهن کي لڪائيندا آهيو. ٻڌو! حضرت ابو حفص حداد رح جي مجلس ۾ ڪنهن شخص هڪ دفعي دنيا ۽ دنيا وارن جي سٺ ڪئي، شيخ ان کي چيو ته، “اسان جي مجلس ۾ اڄ کانپوءِ نه وهندا ڪريو، ڇو ته اوهان هن جي لائق نه آهيو. ڇا لاءِ ته جو ڪم اوهان کي لڪائڻ گهربو هو، ان کي اوهان مجمعي ۾ ظاهر ڪيو.”
ياد رکو! ته عبادت جو لڪائن منڍ ۾ ذرا ڏکيو معلوم ٿيندو، پر ڪجهه وقت ائين ڪندؤ ته اوهان کي ان جي عادت پئجي ويندي، بلڪه خلوت ۽ اڪيلائي جي عبادت ۽ مناجات ۾ اوهان کي لذت اچڻ لڳندي. انهن احتياطن هوندي به هن جو لحاظ رکو ته جنهن وقت به اوهان جي عبادت تي، ماڻهن جو واقف ٿيڻ کان اوهان جي دل ۾ خوشي پيدا ٿئي، تڏهن فورا مٿين سمجهاڻين کي ياد ڪريو ۽ خيال ڪريو ته ڪمزور مخلوق جو منهنجي عبادت کان واقف ٿيڻ منهنجي لاءِ ذري برابر به فائديمند نه آهي. انهيءَ ڪري هن بي سود ڳالهه تي خوش ٿيڻ اجايو ۽ حق تعاليٰ جي ڪاوڙ جو نشان بنجڻ آهي. جنهن وقت اهو خيال ڪندو ته، اها خوشي ۽ مُسرت، ڪراهت سان بدلجي ويندي. جڏهن ڪراهت ۽ مٺيان جو پڙُ ڳؤرو ٿيندو، تڏهن عبادت ان اخلاص جي طرف مائل ٿي ويندي، جيڪو اخلاص گهربل آهي. هن کان پوءِ به، جي خوشي جو اثر دل ۾ باقي رهي ته هيءَ طبعي ۽ بي اختياري ڳالهه آهي. ان جو فڪر ۽ خيال ڪرڻ فضول آهي. ڇو ته اها ڳالهه وس کان ٻاهر آهي. جا ڳالهه اختيار ۽ وس ۾ نه ٿي رهي، ان تي گناه به ڪو نه ٿو ٿئي.
حاصل مطلب ته اوهان جو ڪم صرف ايتري قدر آهي ته اوهان پنهنجي عبادت کي سعيو ڪري ظاهر نه ڪريو ۽ مشهور ڪندا نه ڦرو. جي پاڻهي ماڻهن کي ان جي خبر پئجي وڃي. ان تي اوهان کي خوشي ٿي پوي، ته ان جي ميٽڻ جي ڪوشش ڪريو. امڪان آهر ان کي ڪراهت ۽ مَٺيان سان بدلايو، ته هن خوشي جو اثر ڪنهن ٻئي عمل تي نه پوي. هن کان پوءِ جا حالت رهي ته هاڻي ان جو دور ڪرڻ، جڏهن ته اوهان جي سگهه کان ٻاهر آهي. ان ڪري ان جو بلڪل خيال نه ڪريو.
فصل: هن نيت سان عبادت جي ظاهر ڪرڻ ۾ ڪجهه به نقصان نه آهي ته، ماڻهن کي رغبت ٿيندي ۽ اُهي به مون وانگر الله تعاليٰ جي عبادت ڪرڻ لڳندا.پر نيت جو خالص ۽ صاف رکڻ ضروري آهي. پر جيڪڏهن سرڪش يا اماره نفس هن بهاني سان اوهان کي شڪار ڪرڻ گهري يا هن سان ڪنهن لڪل خواهش جي وڌڻ جو انديشو هجي ته، هرگز ان جي جرئت نه ڪجو. بلڪه پابندي سان عبادت کي مخفي ڪندا اچو ۽ هن جي نشاني هي آهي ته عبادت جي ٻڌائڻ وقت اوهان جي دل جي هي خواهش قائم رهي ته جي ٻيا ماڻهو هي بار کڻن ۽ ڪنهن ٻئي جي عبادت ڏسي ماڻهن کي عبادت جو شوق ۽ رغبت پيدا ٿئي ته تمام چڱو.
انهيءَ ڪري دل کي اٿلائي پٿلائي ڏسو ته منجهس ڪهڙي خواهش آهي؟ ڇو ته جيڪڏهن دل کي هي خواهش هوندي ته فقط منهنجي عبادت ٻين جي عبادت جو ذريعو بنجي ۽ آءٌ پيشوا بنجان ۽ خلق منهنجي پوئلڳ ٿئي ته يقينا هي رياءُ ۽ شهرت جي خواهش ۽ معتبرائپ جي حب آهي. هن صورت ۾ ظاهر آهي ته اخلاص هليو ويو. انهيءَ بنا تي پنهنجن گناهن کي لڪائڻ ۽ ظاهر نه ڪرڻ جائز آهي. بشرطيڪه هن نيت سان هجي ته ماڻهو مون کي فاسق ۽ بدڪار نه چون. گناهن جي ڳجهي رهڻ تي خوش ٿيڻ ۽ ظاهر ٿيڻ تي رنج ٿيڻ ۾ ڪو حرج ڪانهي. پوءِ خواه حق تعاليٰ جي حڪم جي ڪري هجي، جو خدا تعاليٰ گناهَن جي لڪائڻ کي پسند ۽ پڌري ڪرڻ کي ناپسند فرمائي ٿو يا پنهنجي پاڻ تان ايذاءَ پري ڪرڻ جي خيال کان هجي. ڇو ته گناه جي پڌري ٿيڻ تي ماڻهن کي منهنجي برائي ۽ بدنامي ڪرڻ جو موقعو ملندو ۽ هن کان منهنجي دل کي صدمو پهچندو ۽ هي صدمو اختياري نه آهي. بلڪه طبيعت جي خواهش آهي يا حق تعاليٰ جي ستاري ظاهر ٿيڻ تي خوش ٿيڻ جي سبب کان هجي.
بهرحال ڪنهن به نيت کان هجي ته گناهن جي ڳجهي رهڻ تي خوش ٿيڻ حرام نه آهي، مگر عبادت تي هن نيت سان خوش ٿيڻ ته ماڻهو تعريف ڪندا ۽ عابد ۽ پرهيز گار سمجهندا، بيشڪ حرام آهي، ڇو ته هيءَ خوشي، ڄڻ ته عبادت جي اجرت وٺڻ ۽ مخلوق جي ساراه کي پنهنجيءَ عبادت جو عوض بنائڻ آهي: جو ناجائز آهي.
هن مضمون کي ٻئي طريقي سان هيئن سمجهو ته گناهن جي ظاهر ٿيڻ ۾ عموما حياءُ ۽ شرم ٿئي ٿو ۽ حيا جڏهن ته رياءُ نه آهي، انهيءَ ڪري هن خيال سان گناه جو لڪائڻ ۽ ان تي خوش ٿيڻ به حرام نه آهي. برخلاف عبادت جي جو ان جي ظاهر ٿيڻ تي خوش ٿيڻ جو سبب، هن کان سواءِ ٻيو ڪو به ڪو نه آهي، جو خوشي کي عبادت جو وهمي عوض ۽ ڪميڻي دنيا جو فائدو پنهنجي دل ۾ ٺهرائجي ٿو، ٻيو معقول سبب ڪونهي. انهيءَ ڪري حرام آهي. پر رياءَ جي خوف کان عبادت کي نه ڇڏيو. بلڪه عبادت ڪندا رهو ۽ ان ۾ رياءُ پيدا ٿئي ته، ان جي دور ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا رهو. البته جي اهڙا ڪم هجن، جن کي خلق سان تعلق آهي، مثلا، نماز ۽ امام ٿيڻ يا مقدمن ۾ قاضي ۽ امين ٿيڻ ۽ وعظ ڪرڻ، جي انهن ڪمن۾ رياءَ جو غالب انديشو هجي، جو نفس ضرور شرارت ڪندو ۽ نيت ۽ اخلاص بلڪل قائم نه رهندو ته، بيشڪ انهن ڪمن کان ڀڄڻ گهرجي، ڇو ته سلفن جي اها روش هوندي هئي ۽ هن ۾ ضرور بهتري آهي.
باقي رهيا نماز، روزه ۽ زڪوات وغيره جهڙا عمل سو رياءَ جي ڊپ کان انهن کي ڇڏي ڏيڻ جائز نه آهي.
باقي جيڪڏهن بلڪل اخلاص نه هجي ۽ اول کان آخر تائين خدا جي رضا ۽ خدا جي عبادت جي صاف نيت نه هجي، بلڪه پاڻ جهڙي محتاج مخلوق جي ڏيکارڻ واسطي اهي ڪم ڪرڻ ۾ اچن ته پوءِ انهن ڪمن جو ڪرڻ به حرام آهي ۽ ڇڏي ڏيڻ بهتر آهي. جيڪڏهن ڪنهن نيڪ ڪم جا اوهان عادي ۽پابند آهيو ۽ اتفاق سان ماڻهو جمع ٿي وڃن ته، ان مهل رياءَ جي شڪ کان پنهنجي عمل کي ترڪ نه ڪريو، بلڪه عادت جي موافق پنهنجو ڪم ڪريو ۽ رياءُ کي جيستائين ٿي سگهي دفع ڪريو ته، جيئن ويجهو ئي نه اچي.