حسد
ياد رکو ته عام طرح حسد جو سبب يا ته هٺ ۽ غرور ٿئي ٿو، يا دشمني ۽ نفس جي خرابي، جو بنا سبب خدا جي نعمت ۽ ڪنجوسائي ڪري ٿو ۽ گهري ٿو ته، جهڙيءَ طرح مان ڪنهن کي ڪجهه نه ٿو ڏيان، تهڙيءَ طرح الله تعاليٰ به ٻئي کي ڪجهه به نه ڏئي. باقي ٻئي کي نعمت وارو ڏسي، ان تي ريس ڪرڻ ۽ هي خواهش ڪرڻ ته مون وٽ به اها نعمت رهي ۽ مون کي به اهڙي نعمت حاصل ٿئي ته ان کي چئبو آهي ريس. ريس شريعت ۾ جائز آهي. ڇو ته ريس ۾ ڪنهن جي نعمت جي برباد ٿيڻ جي مراد نه هوندي آهي. بلڪه پاڻ لاءِ اهڙيءَ نعمت جي حاصل ٿيڻ جي تمنا ٿئي ٿي ۽ هن ۾ ڪو حرج ڪانهي.
فصل: حسد، دل جي بيماري آهي، ان جو هڪڙو علاج علمي آهي ۽ ٻيو عملي، علمي علاج هي آهي ته، حسد ڪندڙ کي ڄاڻڻ گهرجي ته، سندس حسد کيس ئي نقصان پهچائي رهيو آهي ۽ جنهن تي حسد ڪري ٿو ، ان جو ڪجهه به نقصان ڪو نه ٿو ٿئي، بلڪه ان جو ته پاڻ فائدو آهي، جو حسد ڪندڙ جون نيڪيون مفت ۾ هن کي ملي رهيون آهن ۽ حسد جي ڪري حاسد جي دين جو به نقصان آهي ۽ دنيا جو به.
[b]دين جو نقصان:
[/b]هي آهي ته ان جا ڪيل چڱا ڪم برباد ٿين ٿا، نيڪيون سڙي وڃن ٿيون، ۽ حق تعاليٰ جي غصي جو نشان بڻجي ٿو. ڇو ته الله تعاليٰ جي بي انت خزاني جي بيشمار نعمتن ۾ بخل (ڪنجوسائي) ڪري ٿو ۽ ٻئي تي خدائي مهرباني ٿيڻ نه ٿو گهري.
[b]دنيا جو نقصان:
[/b]هي آهي ته حسد ڪندڙ سدائين رنج ۽ غم ۾ گذاري ٿو ۽ هن فڪر ۾ ڳرندو رهي ٿو، ته ڪنهن طرح فلاڻي ماڻهوءَ کي ذلت ۽ سڃائي نصيب ٿئي. پوءِ جنهن تي حسد ڪري ٿو، ان لاءِ ته خوشيءَ جو ڪارڻ آهي. ڇو ته جنهن کي رنج پهچائڻ گهريائين ٿي، سو بچي ويو ۽ حاسد هميشه جي رنج ۾ ڦاسي ويو. ان ڪري ان جي حسد کان هن جي ڀلائي ٿي ۽ حسد ڪندڙ پاڻ وڏي ڇيهي ۾ رهجي ويو. اوهان پاڻ ويچار ڪريو ته، اوهان جي حسد ڪرڻ سان، اڳلي کي ڪهڙو نقصان ٿيو؟ ظاهر آهي ته هن جي نعمت ۾ ڪنهن به طرح جي گهٽتائي ڪا نه ٿي. بلڪه اٽلندو ان جو فائدو ٿيو. ڇو ته اوهان جون نيڪيون هن جي اعمالنامي ۾ درج ٿي ويون! ڪهڙو نه ابتو قصو ٿيو، جو حاسد گهريو ٿي ته محسود دنيا ۾ سڃو ٿئي، پر نتيجو هي نڪتو ته ان جون نعمتون بحال ۽ برقرار رهيون ۽ دين جي نعمت وڌيڪ فائدي ۾ مليس ۽ حاسد آخرت جو عذاب به سر تي کنيو ۽ پنهنجي قناعت ۽ راحت جي حياتيءَ کي به ناس ڪري، هر وقت جي پريشاني ۽ ڳڻتي خريد ڪئي. هن جو هي مثال آهي جو دشمن کي ڀتر هڻڻ ٿي گهريائين، پر اهو کيس اچي لڳي، جنهن کان سندس اک نڪري پيئي ۽ وڏو عجب هي ته دشمن شيطان کي مٿس کلڻ جو موقعو ملي ويو. خصوصا ڪنهن عالم يا متقيءَ سان هي حسد ڪيو وڃي ته ان جو علم ۽ پرهيز گاري زائل ٿي وڃي، ته هي سڀ کان بڇڙو حسد آهي.
حسد جو عملي علاج هي آهي ته، جنهن صورت ۾ حسد جو مطلب آهي، ته اوهان اڳلي جي عيب جوئي ڪريو، رنج ۽ غم جو زهر ڏينهن رات پيئندا رهو. ان ڪري اوهان نفس تي زور ڪريو ۽ ڪوشش سان ان جي منشا جي مخالفت ڪري، ان جي ابتڙ عمل ڪريو. يعني محسود ( ) جون چڱايون بيان ڪريو ۽ ان جي آڏو تواضع ۽ نياز ڪريو ۽ انهيءَ نعمت تي خوشي ظاهر ڪريو، جا ان کي ملي آهي. جڏهن ڪجهه ڏينهن زور سان ائين ڪندؤ، تڏهن محسود سان اوهان کي محبت ٿي ويندي. جڏهن دشمني هلي ويندي، تڏهن حسد به نه رهندو ۽ انهيءَ رنج، غم کان به اوهان کي ڇوٽڪارو ملي ويندو. جنهن ۾ حسد کان ڦاسي ويا هيئو.
فصل: شايد اوهان کي هي شبهو ٿئي ته، دوست ۽ دشمن ۾ فرق ڪرڻ ته انسان کي طبعي خواهش آهي ۽ هيءَ ڳالهه پنهنجي اختيار ۾ نه آهي، جو جهڙي طرح پنهنجي دوست کي راحت ۾ ڏسندي، خوشي ٿئي ٿي اهڙيءَ طرح دشمن کي به راحت ۾ ڏسي خوشي ٿيندي رهي. جڏهن اها ڳالهه اختياري نه آهي، تڏهن ماڻهو ان جو مڪلف به نه آهي. ان ڪري آءٌ چوان ٿو ته بيشڪ ايتري ڳالهه درست آهي ۽ جي ايتري حد تائين ڳالهه رهي ته گناه به نه آهي. پر ان سان گڏ جيتري ڳالهه اختيار ۾ آهي، ان کان بچڻ جو خيال رکڻ ضروري آهي. ان جون ٻه صورتون آهن.
هڪ، هيءَ ته پنهنجي زبان ۽ ٻين عضون سان اختياري ڪمن ۾ حسد جو اثر ظاهر ٿيڻ بلڪل نه ڏيو. بلڪه نفس تي جبر ڪري ان جي ابتڙ عمل ڪريو. جيئن اسين مٿي بيان ڪري چڪا آهيون. ٻيو، هي ته نفس ۾ جيڪو حسد جو مادو موجود آهي، جيڪو الله تعالي جون نعمتون سندن ٻانهن وٽ ڏسڻ پسند نٿو ڪري ان کي دل سان خراب سمجهو ۽ خيال ڪريو، ته هيءَ خواهش دين کي برباد ڪندڙ آهي. انهن ٻنهي ڳالهين کان پوءِ جيڪڏهن طبعي امر باقي رهي، يعني دل بي اختيار گهري، ته دوست خوش رهن ۽ دشمن پائمال ٿين، ته هن جو ڪجهه خيال نه ڪريو، ڇو ته جڏهن هن جي زائل ڪرڻ جي اوهان کي قدرت ڪانهي، تڏهن ان تي گناه به نه ٿيندو. مگر دل جو ناراضپو ۽ ناخوشي ضروري ڳالهه آهي. هن جي نشانيءَ هي آهي ته، جيڪڏهن اڳلي جي نعمت جي زائل ڪرڻ تي اوهان کي قدرت حاصل ٿي وڃي، ته طبيعت سان اوهان جي هيءَ خواهش ٿئي ته ڪاش! هن جي نعمت هلي وڃي. مگر پنهنجن هٿن ۽ پيرن سان هن جي نعمت وڃائڻ جو بندوبست نه ڪريو. يا مثلا، اڳلي جي نعمت جي قائم رکڻ يا وڌائڻ ۾ جيڪڏهن مدد ڏئي سگهو ٿا ته، دل جي ناخوشيءَ هوندي به ان جي مدد ڪريو. جيڪڏهن اوهان جي اهڙي حالت ٿي وڃي ته، پوءِ سمجهو ته جيترو اوهان جو اختيار ۽ وس هو، اوترو اوهان خدا جي حڪم تي عمل ڪيو ۽ ان کان آزاد ٿيو. اهڙي صورت ۾ طبعي خواهش جو دور ڪرڻ ڪنهن جي وس ۾ نه آهي ۽ اها موجود نه آهي مگر جڏهن ته اختياري ڪمن، ان کي لڪائي ۽ ڇپائي ڇڏيو آهي، ان ڪري ڄڻ ته گم ٿي ويئي آهي.
هي به ياد رکو ته جن جي نظر دنيا جي جهان کان کڄي وڃي ٿي، اهي سمجهن ٿا ته دنيا به بي بقا ۽ ان جون سڀ نعمتون به فنا ٿيڻ واريون آهن، پوءِ جي پنهنجو دشمن آسودو ۽ آرامي آهي ته ڪيترن ڏينهن لاءِ؟ جيڪڏهن بدڪمن ڪري مرڻ کانپوءِ دوزخ ۾ وڃڻو آهي ته ان ڪم نصيب کي هتي جي ٿورن ڏينهن جي آرام مان ڪهڙو فائدو ۽ جي جنتي آهي، ته جنت جي نعمتن کي هن جي بي بقا نعمت سان ڪهڙي مناسبت؟ پوءِ حسد ڪرڻ ۽ دشمن کي ڪنهن دنيا جي خوشيءَ ۾ ڏسي سڙڻ هر حال ۾ سمورو بي سود ۽ عبث آهي. ساري خلق خدا جي پيدا ٿيل آهي ۽ سڀ آدمي پنهنجي پياري خدا تعاليٰ جا غلام آهن، پوءِ محبوب جي طرفان جيڪي انعام ملن، انهن جا اثر ان جي غلامن تي ظاهر ٿيڻ گهرجن. ان واسطي جنهن تي به اوهان جي قدرت واري محبوب جي نعمتن جا آثار ظاهر ٿين، سي اوهان لاءِ خوش ٿيڻ جو ڪارڻ ٿيڻ گهرجي. نه رنج ۽ حسد ڪرڻ جو.