نفس سان مناظرو ڪرڻ
ياد رکو! ته سلوڪ کان روڪيندڙ وڏي شيءِ صرف دنيا جي محبت آهي ۽ انهي خدا جي طرف کان بندي جي دل ۾ غفلت پيدا ڪئي آهي ۽ ڪنهن گهڙيءَ به قيامت ۽ محشر جي ياد دل ۾ اچڻ نه ٿي ڏئي. انهيءَ ڪري روزانو جيڪڏهن صبح جو نماز کان پوءِ جيڪو ذهن جي صفائي ۽ معدي جي خالي هجڻ جو وقت آهي، ڪجهه منٽ اڪيلو ويهي، پنهنجي حال تي غور ڪريو، اڳ ۽ پوءِ تي سوچ ۽ ويچار ڪريو ۽ نفس کان حساب وٺندا ڪريو ته تمام گهڻو نفعو ٿيندو. ان جي صورت هيءَ آهي ته نفس کي خطاب ڪري چوندا ڪريو ته:
“اي نفس! آءٌ مسافر سوداگر آهيان ۽ سدائين جي سعادت ۽ الله جل جلاله جو قرب منهنجو ‘فائدو آهي ۽ سدائين جي بدبختي ۽ حق تعاليٰ کان حجاب مون لاءِ ٽوٽو آهي ۽ منهنجي عمر منهنجي موڙي آهي، جنهن جو هر هڪ پساه بي بها جواهر ۽ ڀرپور خزانو آهي، جنهن سان هميشه جي سعادت ۽ نيڪ بختي حاصل ٿي سگهي ٿي. جڏهن عمر پوري ٿيندي، تڏهن سوداگري به ختم ٿي ويندي. ۽ نااميد ٿيڻو پوندو. اڄوڪو ڏينهن منهنجي سوداگريءَ جو پويون ڏينهن آهي ۽ حق تعاليٰ مون کي وجهه ڏنو آهي ته جيڪڏهن آءٌ گهران ته سوداگريءَ مان فائدو پرايان. جيڪڏهن الله تعاليٰ مون کي دنيا مان گهرائي وٺي ته هوند مان خواهش ڪريان ته ڪاش! آءٌ دنيا ۾ وري موٽايو وڃان ۽ هڪ ڏينهن مون کي حياتي نصيب ٿئي ته ڪو نيڪ ڪم ڪريان.”
“اي نفس! اهو مهلت جو ڏينهن اڄوڪو ڏينهن آهي، جو تو کي خدا تعاليٰ جي طرفان مليو آهي. هاڻي تون پنهنجو انجام پورو ڪر ۽ ڏس ته تون ڇا ڪري رهيو آهين؟ جيڪڏهن هن مهلت جي ڏينهن کي تو غنيمت سمجهيو ۽ اڄ جو ڪم سڀاڻي تي نه رکيو، ته اڄوڪي سودي جو نفعو تو کي ملي ويو ۽ انهيءَ ڪري تو کي ارمان نه ٿيندو، جيڪڏهن سڀاڻي جيئرو رهين ته وري اهو مٿيون خيال ڪر.”
مطلب ته جيسين جيئرو آهين، تيستائين هر هڪ ڏينهن کي نئون سمجهه ۽ خدا جي معافي کان ڌوڪو نه کاءُ. ڇو هو اهو تنهنجو رڳو گمان ئي گمان آهي، جو ممڪن آهي ته غلط نڪري، حق تعاليٰ کي معافي ڏيڻ ضروري يا مٿس تنهنجو فرض ته نه آهي، جنهن جو پورو ڪرڻ مٿس لازم هجي.
جيڪڏهن تو کي معافي به ملي وئي ته، نيڪ ٻانهن جي ثواب کان محروم رهجي ويندين ۽ مرڻ کان پوءِ جيڪڏهن ارمان ڪندين ته ان مان ڪهڙو فائدو ٿيندو؟ جيڪي ٿيڻو هو، سو ٿي چڪو. گذريل وقت وري هٿ نه ٿو اچي. هڪ هڪ پساهه غنيمت ۽ بي بها موتي آهي. (1) هن کان پوءِ جيڪڏهن نفس پڇي ته ڪهڙو چڱو ڪم ڪريان ۽ وقت جو ڪيئن قدر ڪريان؟ ته هن کي هيئن جواب ڏي ته جا شيءِ موت جي ڪري جدا ٿيڻي آهي، ان کي ڇڏي ڏي ۽ جيڪا شيءِ سدائين رهڻي آهي ۽ ڪنهن به وقت تو کي ڇڏي ڪين ويندي، ان کي هٿ ڪر، يعني الله جل جلاله جي معرفت حاصل ڪر ۽ خدا تعاليٰ جي ياد سان هري مري وڃ. پوءِ جيڪڏهن نفس چوي ته دنيا کي ڪيئن ڇڏي سگهجي ٿو، جنهن جا لاڳاپا دل ۾ مضبوط ۽ محڪم ٿي ويا آهن ۽ انهن جو ڪپجڻ نهايت مشڪل آهي؟ ته ان کي جواب ڏي ته دل جي اندر مان دنيا جا لاڳاپا ڪپ ۽ جاچ ڪر ته دنيا جو ڪهڙو لاڳاپو سخت آهي؟ اول ان جي پاڙ ڪپ. يعني جي مال جي محبت گهڻي آهي ته ان کي دل مان ڪڍي ڇڏ ۽ جي عزت ۽ آبرو جي وڌيڪ محبت آهي ته ان کي ڇڏي ڏي.
ڏهن مهلڪ بيمارين جي تشريح ۽ سندن علاج مٿي بيان ٿي چڪو آهي، تن کي ڏس ۽ خدا جي فضل ۽ ڪرم تي ڀروسو رکي تيار ٿي وڃ. سندرو ٻڌ ۽ جنهن شيءِ جي نفس کي خواهش هجي، ان جي برخلاف هل. پوءِ ڏس ته ڇوٽڪارو ملي ٿو يا نه؟ اي نفس! تون بيمار آهين ۽ عمر پنهنجي پرهيز جو زمانو آهي ۽ روحاني حازق طبيب يعني حضرت پيغمبر ڪريم ﷺ (جن جي سچائي کان تون واقف آهين) فرمايو آهي ته، لذتون تو کي نقصان پهچائيندڙ آهن ۽ ڪوڙيون دوائون تو لاءِ مفيد آهن.ڇا تو کان سفر جون مصيبتون هن اميد تي کڄي نه ٿيون سگهن ته منزل تي رسي آرام ڪندين؟ پوءِ جيڪڏهن واٽ جي تڪليف کان ٽهين ٿو ته، ياد رک ته قافلو نڪري ويندو ۽ تون جهنگ ۾ رهجي ويندين. پوءِ يا تو کي ڪو درندو ماري ڇڏيندو يا ائين ئي رلندومري ويندين.
اي نفس! ٻڌاءِ ته سهي ته تو کي دنيا ۾ ڪهڙي شيءِ سان محبت آهي؟ جي تون مال گهرين ٿو ته کڻي مڃ ته مال تو کي ملي به ويو ۽ تون وڏو مالدار ۽ شاهوڪار سيٺ بنجي وئين. پر پوءِ ان مان نتيجو ڪهڙو؟ جيڪڏهن تون نظر ڦيرائي ڏسندين ته گهڻا يهودي ۽ عيسائي اهڙا ملندا، جن وٽ تو کان وڌيڪ مال موجود آهي. جي تون عزت ۽ آبرو جو طالب آهين ته، گهڙي کن لاءِ کڻي مڃ ته اها تنهنجي خواهش پوري ٿي وئي ۽ تو کي عزت ۽ آبرو حاصل به ٿئي. پر ٻڌاءِ ته هن مان ڀلا حاصلات ڇا آهي؟ جيڪڏهن اکيون پٽي ڏسندين، ته سوين بيوقوف، جاهل، ڪافر ۽ الله تعاليٰ جا بي فرمان ۽ ذليل ۽ ڪميڻا بندا اهڙي حال ۾ ڏسندين، جن جي دنيا ۾ تو کان وڌيڪ عزت ڪئي وڃي ٿي. انهن ۾ گهڻا ماڻهو اهڙي حڪومت جي مرتبي، بزرگي ۽ دٻدٻي جي مسند تي ويٺل نظر ايندا، جي تو کي به قيد ڪري جيلخاني ۾ اماڻي سگهن ٿا.
پوءِ اي نفس! جيڪڏهن تون انهن آفتن ۽ مصيبتن کان نه ٿو ڊڄين، جيڪي عزت ۽ آبرو جي حاصل ڪرڻ لاءِ کڻڻيون پون ٿيون ۽ انهن بلائن کان به نه ٿو ڊڄين، جيڪي عزت حاصل ڪرڻ لاءِ پوءِ سر تي اچن ٿيون، ته تون انهن ذليلن ۽ ڪميڻن شريڪن جو خيال ڪر ته، ڪهڙي نه گهٽ درجي جي ماڻهن جو شريڪ ٿيڻ گهرين ٿو؟ ڇا اهڙي بي عزت ۽ خوار شيءِ به حاصل ڪرڻ جي لائق آهي، جنهن کي سڀئي خسيس کان خسيس ۽ رزيل کان رزيل ماڻهو به حاصل ڪري سگهن ٿا، بلڪه حاصل ڪيو ويٺا آهن ۽ ايتري قدر حاصل ڪئي اٿن، جو جيڪڏهن تون پنجاه ورهيه به ڪوشش ڪندين ته، تو کي نصيب نه ٿيندي؟
اي نفس! جيڪڏهن تون دنيا کان منهن ڦيرائي آخرت جي پاسي ڌيان ڏيندين ته ياد رک ته، پنهنجي زماني ۾ يگانو ۽ پنهنجي وقت ۾ بي نظير ٿي ويندين ۽ وري زمين ۾ تنهنجو ڪو ثاني نظر نه ايندو. پوءِ اي نفس! هاڻ تون ئي ٻڌاءِ ته ڪهڙي شيءِ حاصل ڪرڻ جي لائق آهي؟ اي نفس! خوب ياد رک ته تو کان وڌيڪ تنهنجو ڪو ٻيو خيرخواه ڪونهي ۽ تون ڪنهن جي چوڻ ۽ ٻڌڻ تي نه هل. بلڪه دين ۽ دنيا ٻنهي جي عاقبت ۽ انجام تي پاڻ ويچار ڪري، جواب ڏي ته تنهنجي محبت ۽ رغبت ڪهڙيءَ شيءِ سان آهي؟
اهڙي طرح جيڪڏهن اوهان پنهنجي نفس سان مناظرو ۽ بحث ڪندا رهندؤ ته، هڪ ڏينهن هي نفس اوهان جي تابعدار بڻجي ويندو ۽ اوهان کي صراط مستقيم يا سڌي واٽ تي وٺي هلندو. جيڪڏهن اوهان دانا آهيو ته ڄاڻندؤ ته نفس سان اهو بحث ڪرڻ بدعتين ۽ معتزلن، بلڪه سڄي دنيا جي ڪوڙن مذهبن سان بحث ڪرڻ جي بنسبت وڌيڪ ضروري ۽ عاليشان آهي. ڇو ته ٻين جون غلطيون ۽ خطائون اوهان کي ڪجهه به نقصان نه پهچائينديون ۽ پنهنجي خطا ۽ غلطي جو وبال ضرور پنهنجي سر تي اچڻو آهي، جو ان جي سزا اوهان کي ڀوڳڻي پوندي. پوءِ پنهنجي پاسي ۾ ويٺل رت جي پياسي دشمن کي سڀ کان اول قتل ڪرڻ گهرجي ۽ جڏهن انهيءَ دشمن کان آزاد ٿيو ۽ آرام حاصل ڪيو، تڏهن ٻين جي خبر وٺڻ مناسب آهي. ڇو ته هن دشمن ڏي ڪڏهن به ڌيان ڏيڻ ۾ ڪو نه ٿو اچي. بلڪه جيڪي هي گهري ٿو، اهو ئي ان کي ڏنو وڃي ٿو ۽ جيڪو هي حڪم ڪري ٿو، ان جي تعميل ڪئي وڃي ٿي. هن جي درخواستن کي منظور ڪرڻ ۽ هن جي خواهشن جي پوري ڪرڻ لاءِ غور ۽ فڪر جا گهوڙا ڊوڙايا وڃن ٿا، حيلن ۽ تدبيرن کان ڪم ورتو وڃي ٿو.
ڀلا! سوچيو ته سهي، جيڪڏهن ڪو شخص پنهنجي دامن جي هيٺان هڪ زهريلو نانگ لڪايو ويٺو هجي، جيڪو ڦوڪون ڏئي رهيو آهي ۽ ان جي ڏنگڻ ۽ مارڻ جي خيال ۾ لڳو ويٺو آهي ۽ هي شخص ان جي پرواهه به نه ٿو ڪري ۽ ٻين ماڻهن تان مکيون هڪلڻ ۽ پکي هڻڻ ۾ مشغول آهي ته، هن کان وڌيڪ بيوقوف ۽ احمق ٻيو ڪير ٿي سگهي ٿو؟ اهو ئي اوهان جو حال آهي، جو ٻين سان بحث ڪرڻ ۽ ٻين کي سڌي رستي لائڻ جي فڪر ۾ سرگرم آهيو. پر پنهنجي سرڪش نفس سان مناظرو ڪرڻ هن تباه ڪرندڙ شرير، دين ۽ ايمان جي دشمن کي هيٺان ڪرڻ جو اونو نه ٿا ڪريو.
ياد رکو! ته جيسين نفس سان هڪ وڏي عرصي تائين انهيءَ ريت بحث نه ڪندؤ، تيسين نفس ڪڏهن به سڌو نه ٿيندو ۽ جيسين هي سڌو نه ٿيندو، تيستائين نه اوهان کي الله جي يادگيري ٿي سگهندي، نه مناجات مان لذت ايندي، نه سلوڪ جي طرف توجهه ٿيندو ۽ نڪي صراط مستقيم تي هلڻ جو اوهان کي فڪر ٿيندو. انهيءَ ڪري اهو مناظرو ڪرڻ پاڻ تي فرض ۽ واجب سمجهو ۽ گهڻو وقت نفس سان، اهو بحث ۽ مناظرو شروع ڪندا ڪريو.
جيڪڏهن نفس اوهان جي مخالفت ڪري ته ان کي جهڻڪيندا ڪريو ۽ اهڙي سزا ڏيندا ڪريوس جا ڪارگر ۽ بااثر هجي. ڇو ته نفس جي خاصيت ڪتي جهڙي آهي، جو جيستائين مار نه کائيندو، تيستائين فضيلت ۽ ادب نه پرائيندو. پوءِ جيڪڏهن اوهان نفس سان مناظرو ڪرڻ ۽ حساب وٺڻ يا نفس کي جهٽڪڻ يا سزا ڏيڻ جي طريقي معلوم ڪرڻ جي خواهش هجي ته احياءُ العلوم ۾ ‘ڪتاب المحاسبه والمراقبه’ جو مضمون ڏسو، جو هن مختصر ڪتاب ۾ ايتري تفصيل جي گنجائش ڪانهي.
هاڻي دعا ڪريو ته، حق تعاليٰ شانه پنهنجي محبوب سيدنا و مولانا حضرت محمد مصطفيٰ ﷺ جن جي طفيل مون کي ۽ اوهان کي پنهنجي بي شمار عطائن سان ڍڪي. فضل ۽ ڪرم فرمائي ۽ جن ڳالهين جو اسان کي علم ڏنو اٿس، انهن تي عمل ڪرڻ جي توفيق بخشي ۽ جيڪي اسان پڙهيو يا ٻڌو آهي، اهو اسان جو حال بڻائي ته اصلي ڪيفيت اسان پنهنجي نفس ۾ جاري ٿيندي ڏسون.