ڏاهپ / اخلاقيات

اندر تون اجار

هي ڪتاب اخلاقيات تي مشتمل مضمونن جو مجموعو آھي جيڪي اسلامي دنيا جي فلسفي، داناء، حڪيم ۽ ڏاھي حجة الاسلام امام غزالي لکيا آھن. ماڻهوءَ جي بنيادي انساني اخلاقن کي نهوڙيندڙ ڪڌاين جو تفصيل ۽ دل کي سٺين عادتن سيکارڻ جي واٽ تي وٺي ھلندڙ ھن ڪتاب جو سنڌيڪار دين محمد اديب فيروزشاهي آهي.
اخلاقيات جي موضوع تي هي ڪتاب امام غزالي جي ڪتاب “الاسلام” جو خلاصو آهي. جنهن ۾ هن بهتر انسان ۽ صحيح مسلمان بنجڻ جي لاءِ بنيادي انساني اخلاقن جي اپٽار ڪئي آهي. هن پنهنجي ڪتاب ۾ ماڻهوءَ جي اخلاقن کي نهوڙيندڙ ڪڌاين جي تفصيل ۽ ان جي خرابين سان گڏ انسان کي سٺين عادتن اپنائڻ جي واٽ پڻ ٻڌائي آهي.
  • 4.5/5.0
  • 2505
  • 1066
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • امام غزالي
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book اندر تون اجار

شهرت ۽ وڏ ماڻهائپ جي تانگهه

حق تعاليٰ فرمائي ٿو: “آخرت جي جاءِ جون ڀلايون انهن واسطي خاص آهن، جيڪي زمين تي رهي وڏائي، فتنو ۽ فساد ڪرڻ نه ٿا گهرن.، حضرت رسول مقبول ﷺ جن فرمائين ٿا ته، “ٻڪرين جي ڌڻ ۾ ٻه بگهڙ اچي پون ۽ اهي ايترو نقصان نه ڪندا، جيترو مال ۽ معتبرائپ جي محبت، ديندار مسلمان جي دين کي نقصان ڪري ٿي.” خوب سمجهو ته رعونت (وڏائي) ۽ وڏ ماڻهائپ جي تانگهه بري بلا آهي. انهن سان دل ۾ منافقي پيدا ٿئي ٿي. حقيقت ۾ اهي ماڻهو وڏي آرام ۾ آهن، جن کي ڪو به ڪو نه ٿو سڃاڻي. سادا ۽ مٽيءَ هاڻا ماڻهو، جن کي ماڻهو پاڻ وٽ وهارڻ پسند نه ٿا ڪن ۽ نڪي امير انهن کي پنهنجن بنگلن ۾ اچڻ جي اجازت ٿا ڏين، جيڪڏهن هو نڪاح ڪرڻ گهرن ته ڪو به انهن کي نياڻي ڏيڻ پسند نه ڪري، ڦاٽل ۽ پراڻن ڪپڙن سان ذلت ۽ مسڪينيءَ جي حالت ۾ پيا آهن، انهن ۾ اهڙا بندا ٿين ٿا، جو جيڪڏهن اهي ڪنهن ڳالهه لاءِ قسم کڻن، ته الله تعاليٰ انهن جي خاطر ان کي پورو فرمائي ٿو.
ياد رکو ته جڏهن انسان جي شهرت (مشهوري) ٿي ۽ هن کي عزت جي مسند تي وهڻ ۽ ماڻهن جي اڳيان هلڻ پسند آيو، تڏهن سمجهو ته ان جي لاءِ بربادي ۽ بدبختي اچي ويئي. خدا جا بندا پنهنجو پاڻ کي گهڻو لڪائن ٿا. باقي جي سندن طلب ۽ خواهش کان سواءِ خود خدا تعاليٰ انهن کي ظاهر فرمائي ته پوءِ انهن کي پنهنجو پاڻ لڪائڻ مناسب نه آهي. ڏسو پيغمبرن عليهم السلام، خلفاءِ الراشدين ۽ اڪثر اوليائن جي دنيا ۾ شهرت ٿي آهي مگر جڏهن ته انهن مان ڪنهن به پنهنجي شهرت جي آرزو يا خواهش نه ڪئي، بلڪه محض خدا تعاليٰ جي مطيع ۽ فرمانبردار هئا، جو جنهن به حال ۾ خدا انهن کي رکيو، ان تي راضي رهيا، انهيءَ ڪري انهن کي نه تڪبر پيدا ٿيو ۽ نه کين عزت ۽ آبرو جي محبت پيدا ٿي. ڇو ته معتبرائپ ان جو نالو آهي، جو ماڻهو پنهنجي شهرت جي پاڻ خواهش ڪري ۽ ظاهر آهي ته ان کان رعونت يا وڏائي پيدا ٿئي ٿي. حق تعاليٰ شل پناهه ڏئي.

[b]فصل[/b]: معتبرائپ جي معنيٰ هيءَ آهي ته، “ماڻهو ٻين ماڻهن جي دلين تي قبضو ڪرڻ گهري ۽ هيءَ خواهش ڪري ته هنن جون دليون منهنجون مطيع بنجي وڃن ۽ منهنجي ڪم ڪرڻ ۾ لڳي وڃن ۽ جان ڏيڻ ۾ به نه هٻڪن.” مال ساڻ به ماڻهوءَ کي ان واسطي محبت ٿيندي آهي ته مال حاجتن جي پوري ٿيڻ جو وسيلو بڻجي، وڏ ماڻهائپ ۽ سهرت جي خواهش ۽ انهيءَ واسطي ٿيندي آهي ته ڪا به ضرورت بند نه رهي. پوءِ مقصد جي اعتبار سان ٻئي هڪڙي فائدي جو سبب آهن. مگر جڏهن ته معتبرائپ سان، مال به حاصل ٿي سگهي ٿو ۽ هن کي ڪو چورائي يا ڦري به نه ٿو سگهي. مال جي وسيلي هروڀرو معتبرائپ حاصل نه ٿي ٿئي ۽ مال ۾ چوريءَ ۽ ڦر جو خطرو به رهي ٿو، ان ڪري معتبرائپ جي لڇ مال جي حب کان وڌيڪ آهي. جڏهن ته هي عام قاعدو آهي ته جنهن وقت ڪنهن جي تعظيم جو اعتقاد ماڻهن جي دلين ۾ پيدا ٿئي ٿو، تڏهن ضرور ماڻهو ان جي ساراه ڪن ٿا ۽ ٻين کي به هن ڳالهه ۾ پنهنجو هم خيال بنائن گهرن ٿا.
جڏهن انهن کي ان جي ڳڻتي لڳي ٿي، تڏهن گهڻو ڪري ڪامياب به ٿي وڃن ٿا. پوءِ اهڙي طرح هي سلسلو جاري رهي ٿو ۽آخرڪار بنا تڪليف ۽ بنا دقت جي ڪاميابي ٿي وڃي ٿي. هن جي خلاف مال جي جمع ڪرڻ ۾ سوين تدبيرون ۽ حيلا ڪرڻا پون ٿا، پوءِ به دل تي مال جمع ٿين مشڪل آهي. انهيءَ سبب ڪري ماڻهوءَ کي مال کان معتبرائپ ۽ عزت طلبڻ جي محبت ۾ مبتلا نظر اچن ٿا. معتبرائپ جي گهڻي هجڻ جو هڪ سبب هي به آهي ته هر هڪ ماڻهوءَ کي پنهنجي وڏائي ۽ عزت جي طبعا خواهش ٿئي ٿي ۽ هر هڪ شخص گهري ٿو، ته مان اهڙو بي مثل ۽ زماني ۾ يڪتا بڻجان، جو فقط مان ئي هجان! حالانڪه هيءَ خدائي حقيقت آهي ۽ صرف خدا تعاليٰ کي شايان آهي. ڇو ته يڪتائي ان جو شان آهي ۽ سڄي مخلوقات، انهيءَ واجب الوُجود جي نور جي قدرت جو عڪس آهي.
پوءِ جيڪو انسان، معتبرائپ ۽ عزت طلبڻ جي مرض ۾ گرفتار آهي، اهو گويا الله تعاليٰ جلشانه جي برابر ٿيڻ جو خواهشمند آهي ۽ ان سان انهيءَ نسبت جي قائم رکڻ کان ناراض آهي جيڪا اُس کي سج سان آهي. گويا هن جو نفس فرعون وانگر ‘انا ربکم الاعليٰ’ وارو دم هڻي رهيو آهي. (مان اوهان سڀني جو وڏو پالڻهار آهيان) تفاوت فقط هي آهي ته، فرعون هي ڪلمو زبان مان ڪڍيو هو ۽ ماڻهن جي آڏو چيو ۽ ٻيا ماڻهو هن کي پنهنجي دل ۾ لڪايو ويٺا آهن. مگر جڏهن ته يڪتائي جو شان ڪنهن کي حاصل ٿي نه ٿو سگهي ۽ انهيءَ تمنا ۽ ڪامياب ٿيڻ محال آهي، انهيءَ ڪري انسان جو نفس چاهي ٿو ته جيڪڏهن مستقل وجود ۾ ڪامياب نه ٿيان، ته گهٽ ۾ گهٽ سڄي مخلوق تي منهنجو قبضو ٿئي ۽ جنهن شيءِ تي جيڪو گهران سو تصرف ڪريان. مگر جڏهن ته آسمان، تارن، جبلن، سمنڊن ۽ ٻي وڏي مخلوقات تي قبضو ڪرڻ کيس مشڪل نظر اچي ٿو. انهيءَ ڪري ڪجهه هيٺ لهي، هن ڳالهه جي سڌ ڪري ٿو ته صرف زمين جي مخلوق تي مالڪاڻو تصرف حاصل ٿي وڃيم.
يعني حيوانات مسخر يا مطيع ٿي وڃي، معدني ۽ نباتاتي شيون تابع بنجي وڃن، آسماني شين ۽ زمين جي وڏي مخلوقات جي (جن تي مالڪاڻو تصرف ٿيڻ ناممڪن آهي) واقفيت ۽ پوري تحقيق حاصل ٿي وڃي. يعنيءَ جي مٿن هٿ جو قبضو نه ٿيو، ته علم جو ئي قبضو قائم رهي ۽ دنيا جي آباديءَ مان، عقل واري مخلوق، يعني انسان پنهنجي دل جي اعتبار سان مطيع ۽ فرمانبردار بنجي وڃن، جو منهنجي بزرگيءَ ۽ وڏائيءَ جا معتقد ٿي، مونکي صاحب ڪمال سمجهڻ لڳن ۽ هٿ ٻڌي، منهنجي تعظيم ڪن منهنجيءَ شهرت جو آواز، انهن ملڪن تائين پهچي وڃي، جتي مان پاڻ پهچي نه ٿو سگهان. لاحولا وَلا قوته اِلا بالله !

[b]فصل[/b]: انسان هڪ ڏينهن مرڻ وارو آهي. سندس وڏ ماڻهائپ ۽ شهرت ان جي مرڻ کان پوءِ ختم ٿي ويندا.پوءِ جي اها بي بقا شهرت کڻي حاصل به ٿئي ۽ مخلوق ۾ شهرت ۽ عزت به ملي وڃي ته ٿيو ڇا؟ اها ته خوبي ۽ ڪمال جي ڳالهه نه آهي، ڪمال اهڙيءَ شيءِ جي حاصل ڪرڻ کي چئجي ٿو، جنهن ۾ موت به ڪو خلل يا نقصان پيدا نه ڪري سگهي ۽ اها خدائي معرفت آهي، ڇو ته معرفت وارو ماڻهو دنيا مان کڻي انتقال به ڪري وڃي ته به معرفت جي بيشمار درجن ۾ سندس ترقي ٿيندي رهي ٿي. انهيءَ شهرت ۽ وڏائي جي شوق جو علاج ڪريو، ان جي محبت دل مان ڪڍي ڇڏيو، ۽ ائين سمجهو ته، جيڪڏهن مثلا، سڄي دنيا کڻي اوهان کي سجدو به ڪرڻ لڳي، ته آخر ڪيسين ڪندي؟ نيٺ هڪ ڏينهن اهو به ٿيندو جو نه اوهان باقي رهندؤ ۽ نه سجدي ڪرڻ وارا رهندا.
تعجب آهي ته زمانو ته اوهان سان ايتري ڪنجوسي ڪري ٿو، جو شهر يا ڳوٺ ته بجاءِ خود، فقط پنهنجي محلي يا پاڙي تي به اوهان کي پورو قبضو ڪرڻ نه ٿو ڏئي. پر اوهان زماني جي همدرديءَ ۾ اهڙي طرح ٻڏي ويا آهيو، جو دائمي نعمت ۽ ابدي سلطنت جي ڇڏڻ تي راضي ٿي پيا آهيو ۽ دنيا جي هن زبون ۽ حقير هاڪ يا مشهوريءَ تي ۽ چند اهڙن بيوقوف ۽ ضعيف ماڻهن جي تعظيم ڪرڻ تي ڦنڊجي پيا آهيو، جن کي نه ڪنهن جي مارڻ ۽ جيارڻ جو وس آهي ۽ نه ڪنهن کي نفعي ۽ نقصان پهچائڻ جي کين قدرت ئي آهي. انهيءَ ڪري پائدار عزت ۽ ملڪوتي جهان جي شهرت وڃائي ويٺا آهيو، جا حق تعاليٰ جي برگزيده ۽ پاڪ مخلوق ۽ فرشتن ۾ اوهان کي حاصل ٿيڻي آهي.
هان! هيءَ ڳالهه ضروري آهي ته ماڻهو مال وانگر ضرورت آهر معتبرائپ عزت جي به محتاج آهي، انهيءَ لاءِ ته خلق جي ظلم ۽ زبردستيءَ کان سلامت رهي ۽ ظالم حاڪمن جي شر کان بي فڪر ٿي دل جي اطمينان ۽ آرام سان خدا تعاليٰ جي عبادت ۽ يادگيريءَ ۾ مشغول رهي سگهي. انهيءَ ڪري ايتري عزت يا معتبرائپ جي طلب ڪرڻ ۾ ڪو حرج ڪونهي، مگر ان سان گڏ هن جو خيال رکڻ به ضروري آهي ته اها ضرورت جيتري عزت ۽ آبرو، پنهنجي عبادت ۾ رياءَ ۽ ڏيکاءَ ڪرڻ سان حاصل نه ڪريو، ڇو ته رياءَ حرام آهي ۽ متقين ۽ صوفين جهڙي صورت بنائي به خلق کي ڌوڪو نه ڏيو. ڇو ته جيڪڏهن درويشن يا عالمن واري صورت بنائي خلق ۾ عزت لهندؤ ته خدا تعاليٰ وٽ مڪار سمجهيا ويندؤ. جا حالت دل ۾ نه هجي، محض صورت بنائي، ان جو اظهار ڪجي ته اهو ڌوڪو ۽ مڪر آهي. ڌوڪو ۽ مڪر حرام آهن. مطلب ته معتبرائپ ۽ عزت جي مطلب ڪرڻ، وڏي خطرناڪ چيز آهي! ان جي هوس ماڻهوءَ کي هڪ حال تي قناعت ڪرڻ يا راضي رهڻ نه ٿي ڏئي. سچ پڇو ته دين انهن ماڻهن جو سلامت آهي، جن جو حال ايترو لڪل آهي، جو انهن کي ڪو به ٿو ڄاڻي، ته اهي ڪهڙي درجي جا آهن؟

[b]فصل[/b]: معتبرائپ جي حب گهڻو ڪري ثنا ۽ ساراه جي خواهش ڪري ٿيندي آهي. ڇو ته ماڻهوءَ کي پنهنجي ساراه ۾ لذت ايندي آهي ۽ ان مان لذت اچڻ جا سبب ٽي آهن، پهريون، هي ته جڏهن ته ڪمال الله تعاليٰ جي صفت آهي، ۽ هر شخص کي خواهش آهي ته مون ۾ به هيءَ صفت پيدا ٿئي، ان ڪري نفس پنهنجيءَ تعريف ۾ خوش ٿئي ٿو. ڇو ته هو سمجهي ٿو ته بيوقوف ۽ جاهل ماڻهوءَ جي تعريف ڪرڻ مان ايتري خوشي ڪا نه ٿيندي آهي، جيتري ڪنهن داناءَ ۽ هوشيار جي ساراهه مان.
ٻيو، هي ته ٻئي ماڻهوءَ کي مطيع ۽ تابع ڪرڻ جي خواهش هر ماڻهوءَ کي ٿيندي آهي. جڏهن پنهنجي ساراه ٻڌندي هي معلوم ٿئي ٿو ته ساراه ڪندڙ جي دل تي منهنجو اثر ۽ قبضو ٿي ويو آهي، ان ڪري نفس کي ان ۾ لذت ۽ مزو اچي ٿو. اهو ئي سبب آهي، جو جيڪڏهن ڪو عزت وارو ماڻهو تعريف ڪري ٿو ته وڌيڪ خوشي ٿئي ٿي، جي محتاج يا پينو فقير تعريف ڪري ٿو ته بلڪل خوشي ڪا نه ٿي ٿئي. ڇو ته هن جي دل تي قبضو ڪرڻ ڪو ڪمال يا خوبي سمجهي نه ٿي وڃي.
ٽيون، هي خيال ٿئي ٿو ته ان سان منهنجي مشهوريءَ جي آواز بلند ٿيڻ جو ذريعو پيدا ٿي پيو، جو ماڻهن کي منهنجيءَ تعريف ڪرڻ ڏي ڌيان ٿيو آهي. هاڻي اهي ساراهيندڙ آهسته آهسته، پکڙجي ۽ پٿرجي، ساري دنيا ۾ تمام ترت منهنجي شهرت ڪرائي وٺندا. انهيءَ ڪري ساراه کان نفس ڦنڊي ٿو. اهو ئي سبب آهي جو مجلس ۾ تعريف ٿيڻ سان جيتري خوشي ٿئي ٿي، اوتري اڪيلائي ۾ تعريف ٿيڻ سان خوشي نٿي ٿئي. چڱي طرح سمجهو ته هن تعريف جي محبت ماڻهن کي تباهه ڪري ڇڏيو آهي. ان جي ڪري ريا ۽ طرح طرح جي ٻين گناهن ۾ گرفتار ٿي ويا آهن. پوءِ ان جو علاج ضروري ڪرڻ گهرجي.