دل کي سٺين عادتن سان سينگارڻ
حق تعاليٰ فرمايو آهي ته، مسلمانو! “اوهان سڀ خدا ڏي موٽو. بيشڪ اهو توبهه ڪندڙن سان محبت رکي ٿو.” حضرت محمد ﷺ فرمايو آهي ته: “جنهن گناه کان توبهه ڪئي، سو اهڙو ٿيو، ڄڻ گناه ئي ڪو نه ڪيو هئائين.” حق تعاليٰ کي پنهنجي ٻانهي جي توبهه کان، جيتري خوشي ٿئي ٿي، ان جو اندازو هن مان ڪريو مثلا، جيڪڏهن ڪو شخص ڪنهن اهڙي خوفناڪ جهنگ ۾ وڃي پهچي، جنهن ۾ پاڻي ۽ گاه نه هجي ۽ ان جو وهٽ انهيءَ ثمر سميت، جيڪو مٿس رکيل آهي، گم ٿي وڃي ۽ هو ان کي ڳوليندو ڳوليندو ٿڪجي پوي ۽ نيٺ (هن ڪري، جو جهنگ مان ٻاهر نڪري نه ٿو سگهي ۽ نڪي ثمر کان سواءِ بک کان جان بچائي ٿو سگهي) حياتيءَ کان نااميد ٿي وڃي، جو نه پيادي هلڻ جي طاقت اٿس ۽ نه داڻي جو آسرو اٿس. انهيءَ ڪري نااميديءَ سببان، ڪنهن وڻ هيٺان سمهي پوي ۽ پنهنجي هٿ تي مٿو رکي، هن فڪر ۾ ليٽي پوي ته هاڻي موت اچي ٿو پوءِ اوچتو ان جي اک کلي پوي ۽ ڏسي ته سندس گم ٿيل وهٽ سندس ڀرسان بيٺو آهي، کاڌي پيتي جو سامان جيڪو مٿس رکيل هو، سو به سمورو سلامت آهي ته ان کي اهڙيءَ حالت ۾ پنهنجي حياتيءَ کان اميد لاهڻ کان پوءِ، حياتيءَ جي سامان لڀڻ کان، جيتري خوشي حاصل ٿيندي، ان کان به وڌيڪ حق تعاليٰ کي ان وقت خوشي ٿئي ٿي، جڏهن ٻانهو خدا ڏي رجوع ٿئي ٿو ۽ پنهنجي گناه کان توبهه ڪري ٿو.
[b]توبهه جي معنيٰ آهي:
[/b]“موٽڻ ۽ ڏوراهينءَ کان ويجهائي ڏي موٽي اچڻ.، مگر هن جي لاءِ به هڪ منڍ آهي ۽ هڪ پڇاڙي. منڍ هي آهي ته دل تي معرفت جي نور جا شعاع پلٽجي پون ۽ دل کي هن مضمون جي پوري واقفيت ٿي وڃي، ته گناهه، قاتل زهر ۽ برباد ڪندڙ آهن. پوءِ جي خوف ۽ پشيماني پيدا ٿيڻ کان، گناه جي تدارڪ ڪرڻ جي سچي ۽ خالص ايتري رغبت پيدا ٿي وڃي، جنهن کان ان گناه کي يڪدم ڇڏي ڏئي، جنهن ۾ هو ڦاٿل آهي ۽ اڳتي جي لاءِ انهيءَ گناه کان بچڻ ۽ پرهيز ڪرڻ جو پڪو ارادو ڪري ۽ هن سان گڏ، جيترو ٿي سگهي، اوترو گذريل قصور ۽ ڪوتاهيءَ جو تدارڪ ڪري. جڏهن ماضي، مستقبل ۽ حال، ٽنهي زمانن ۾ توبهه جو هي ثمرو يا نتيجو پيدا ٿي وڃي، تڏهن گويا توبهه جو اهو ڪمال حاصل ٿي ويو، جنهن جو نالو آهي توبهه جي پڇاڙي.
فصل: توبهه جي معنيٰ ۽ حقيقت سمجهڻ کان پوءِ اوهان کي روشن ٿي ويو هوندو ته توبهه ڪرڻ سڀ ڪنهن شخص تي واجب آهي. ڇو ته خدا تعاليٰ سڀني مسلمانن کي مخاطب ٿي فرمائي ٿو ته، “اي ايمان وارؤ اوهان سڀ توبهه ڪريو ته ڇوٽڪارو ماڻيو. جڏهن توبهه جي حقيقت هي آهي ته گناهن کي آخرت جي حياتيءَ لاءِ قاتل زهر سمجهي ۽ گناهَن کي ڇڏڻ جو پڪو ارادو ڪري ۽ ايترو مضمون ايمان جو جزو آهي. انهيءَ ڪري سڀ ڪنهن مومن تي ان جو واجب ۽ ضروري هجڻ ظاهر آهي. هاڻي رهيو سڄي بني آدم ۽ هر فرد بشر تي توبهه جو واجب هجڻ، سو انهيءَ جو سبب هي آهي ته، ماڻهو چئن قسمن جي صفتن سان مرڪب آهي، ڇو ته ان جي خمير ۾ (1) حرص، شهوت ۽ فسق و فجور داخل آهن. جي چوپاين جي خصلت آهن. (2) ڪاوڙ، ساڙ ۽ دشمنيءَ جو مادو ان ۾ موجود آهي، جو درندن جي خاصيت آهي، (3) فريب، مڪر، دغا بازي ۽ مڪاري ان ۾ رکيل آهي، جي شيطاني عادتون آهن، (4) هٺ، وڏائي، فخر، ساراه جي محبت، عزت ۽ معتبرائپ جي محبت، ۽ بادشاهي، حڪومت، شان ۽ غلبي جي طلب جو مادو، ان ۾ موجود آهي، اهي سڀ ‘ربوبيت’ (رب هجڻ) جون صفتون آهن.
اهي چارئي خصلتون، پنهنجي پنهنجي وقت ۽ موقعي تي زور ۽ اثر ظاهر ڪن ٿيون، جيئن ته سڀ کان اول ٻاراڻي زماني ۾ چوپاين ۽ حيوانن جو عادتون غلبو ڪنديون آهن، ماڻهو خواهشن ۽ حرص ۾ ڄڻ ته چوپايو ۽ جانور بڻجي ٿو پوي. هن کان پوءِ جڏهن نوجوانيءَ جو زمانو شروع ٿئي ٿو، تڏهن درندن يا ڦاڙيندڙ جانورن جي عادتن جو غلبو ٿئي ٿو. جو هڪڙو ٻئي تي حسد ڪري ٿو، انهن ۾ دشمنيون پيدا ٿين ٿيون. ڪنهن جي ڪنهن سان دشمني آهي، ته ڪنهن سان ضد آهي. ڪنهن تي ڪاوڙ اچي رهي آهي، هڪڙو ٻئي کي ٿوري ناراضپي جي ڳالهه تي ماري ٿو ۽ پاڻ کان ٻاهر نڪري وڃي ٿو. هڪڙو ٻئي کي نعمت ۽ آسودگيءَ ۾ ڏسي ٿو ته جلي ٿو ۽ ان کان نعمت کسڻ لاءِ جوش ۾ اچي ٿو.
مطلب ته هن حالت ۾ ماڻهو ۽ درندا هڪ جهڙا ٿي وڃن ٿا. هن کان پوءِ جڏهن نوجوانيءَ جي زماني جي پوري پوري جواني ٿئي ٿي، بدن ۾ قوت پيدا ٿئي ٿي، تڏهن اهي چوپاين ۽ درندن جون عادتون گهرن ٿيون ته پنهنجون خواهشون پوريون ڪريو. يعني مرغوب ۽ پياري شيءِ حاصل ڪريو. دشمن کي ۽ اڻوڻندڙ شيءِ کي خاڪ ۾ ملائي ڇڏيو.
پوءِ ان وقت شيطاني عادتون ظاهر ٿين ٿيون ۽ پنهنجو غلبو ۽ حملو ڪن ٿيون. يعني جي ڪنهن شيءِ جي خواهش ٿئي ٿي ته فريب ۽ دغا بازي ۾ مدد ڪرڻ جو اقرار ۽ انجام ڪن ٿا ۽ جي ڪنهن دشمن تي ڪاوڙ اچي ٿي، ته فورا مڪاري ۽ چالبازي پنهنجي دانائي ۽ هوشياري آڇي ٿي. مطلب ته جوانيءَ جي سمي ۾ شيطاني عادتون، چوپاين جي خصلتن ۽ درندن جي صفتن جي جاري ڪرڻ ۾ مددگار بڻجن ٿيون ۽ انسان کي شيطان جو پتلو بنائن ٿيون. جڏهن هن ۾ ڪاميابي ۽ پنهنجن خاطر خواه ڪمن ۾ فتح نظر اچڻ لڳي ٿي، هٺ ۽ وڏائي پيدا ٿئي ٿي، تڏهن هٺيلو گهري ٿو ته سڀ ڪو ماڻهو ان جي مدد ڪري، سڀ ڪو شخص ان جو مطيع ۽ تابعدار بڻجي، سڀ ڪو ماڻهو ان جي وڏائي ۽ ڪمال جو اقراري ٿئي، سڀ ڪو انسان ان کي عقلمند ۽ واجبُ التعظيم ( ) سمجهي، مطلب ته اهڙي فرعونيت ان جي ذهن ۾ سمائجي ٿي وڃي، جو اهو ‘همچون من ديگري نيست’( ) جي صورت بڻجي ٿي پوي.
جڏهن انهن چئني خصلتن جو ظهور ٿئي ٿو، تڏهن عقل جي قنديل پنهنجو منهن ڏيکاري ٿي، جنهن ۾ ايمان جو چراغ (ڏيو) روشن رهي ٿو ۽ ان کي چڱي ۽ سٺي ۾ تميز ڪرڻ جو موقعو ڏئي ٿي، جيڪڏهن اها ايمان جي روشني ظاهر نه ٿئي ته مٿين عادتن جي ظلمت يا اونداهيءَ کان ماڻهوءَ کي نجات ملڻ مشڪل ٿي پوي.
ڄاڻڻ گهرجي ته عقل جي قنديل ۽ ايمان جي مشعل جو نور، چاليهن ورهين جي عمر ۾ ڪمال کي پهچي ٿو ۽ جيڪي بد عادتون، بلوغت جي زماني کان پيدا ٿيڻ لڳن ٿيون، انهن جي هينئر اصليت ۽ حقيقت چڱي طرح کلي پوي ٿي. پوءِ جنهن وقت اهو نور نظر اچي ٿو، ان وقت انسان جي دل جنگ جو هڪ وڏو ميدان بڻجي پوي ٿي. جنهن ۾ انهيءَ ظلماتي لشڪر (مٿين چئن عادتن) ۽ خدائي لشڪر (عقل ۽ ايمان جي نور) جي پاڻ ۾ جنگ لڳي ٿي. ٻنهي لشڪرن مان هر هڪ گهري ٿو ته ٻئي کي مغلوب ۽ پنهنجو تابعدار غلام بنائي. پوءِ جي عقل جو نور ڪمزور ٿي پيو ته شيطاني لشڪر سوڀارو ٿي دل تي غالب پئجي ويندو ۽ دشمن کان بي خوف بڻجي، انسان جي دل تي تصرف ۽ حڪومت ڪرڻ لڳندو. جيڪڏهن شيطاني فوج پسپا ٿي ۽ جنگ جو ميدان عقل ۽ ايمان جيتيو ته پوءِ انسان جي حالت سڌري ويندي. طبيعت تهذيب ۽ فضيلت واري ٿي پوندي.
جڏهن ته بني آدم جي فطرت جنگ جي خواهش رکي ٿي، انهيءَ ڪري هر شخص جي اڳيان، ان جو اچڻ لازمي ڳالهه آهي. پوءِ ثابت ٿي ويو ته توبهه کان ڪو به شخص بي پرواهه نه آهي. ڇو ته هن عقل جي نور جو نالو ئي توبهه آهي، جو جنگ جي ساعت ۾ ، شيطاني ۽حيواني عادتن جي لشڪر جي سامهون مقابلي لاءِ بيهي ٿو ۽ انسان کي هن پاڪ شريعت جي تابعدار بنائڻ جي ڪوشش ڪري ٿو، جنهن مان آخرت جي ڪاميابي ۽ هميشه جي نجات حاصل ٿئي ٿي. جڏهن ته ڪو به انسان، ڪنهن به وقت گناه کان خالي نه آهي، انهيءَ ڪري ڪا به گهڙي اهڙي ڪانهي، جنهن ۾ ڪو ماڻهو توبهه کان بي پرواهه هجي، ڇو ته انسان ڪهڙي به حال ۽ ڪهڙي به رتبي جو کڻي هجي، ته به هي ضروري آهي ته، يا ان جي عضون مان، ڪو عضو ڪنهن گناه ۾ ڦاٿل هوندو يا دل مان ڪو گناه صادر ٿي رهيو هوندو. يعني يا ته ظاهري عضوا شريعت جي برخلاف ڪنهن حالت ۾ آلودا هوندا يا دل، ڪنهن خراب خصلت يا اهڙي بد عادت ۾ ضرور گرفتار هوندي، جنهن جي سڌاري لاءِ توبهه جي گهرج هوندي.
جيڪڏهن کڻي هي به مڃجي، ته ڪو انسان اهڙو مُهذب (سڌريل) ۽ فرشتو سيرت ٿي ويو آهي، جو ان جا ڪي به انت آهن. يعني ڪو به مرتبو اهڙو نه آهي، جنهن کان مٿان ٻيو مرتبو نه هجي، انهيءَ ڪري ٻيو نه مالڪ جي يادگيريءَ کان ان کي غفلت ٿي ويندي هوندي. جڏهن ته حق تعاليٰ جو حڪم آهي ته، “جنهن وقت پنهنجي پروردگار کي وساريو، تڏهن يڪدم ان کي ياد ڪريو.”
انهيءَ ڪري انهيءَ حالت کان رجوع ڪرڻ ۽ غفلت کان ياد جي طرف موٽڻ جي ضرورت ثابت ٿي، ۽ انهيءَ موٽڻ جو نالو آهي توبهه. جيڪڏهن مڃجي ته ڪو شخص خدا تعاليٰ جي ياد ۾ هر گهڙيءَ اهڙو محو ۽ مستغرق آهي، جو ڪنهن به پل ۾ ان جي دل کي غفلت يا ڀل نه ٿي ٿئي، ان جو جواب هي آهي ته، جيتوڻيڪ ههڙو استغراق ۽ محو ٿيڻ دشوار بلڪه ناممڪن کي ويجهو آهي، تنهن هوندي به انسان جنهن مقام ۽ جنهن مرتبي ۾ آهي، ان کان مٿاهين مرتبي تي پهچڻ کان اڳ ۾ توبهه جو محتاج آهي. ڇو ته هر مقام ۾ هر مرتبو پاڻ کان، مٿاهين مقام ۽ مٿاهين مرتبي جي لحاظ کان ناقص يا گهٽ آهي. ناقص کان ٻاهر نڪرڻ، مٿاهين ۽ ڪامل درجي تي پهچڻ هر شخص تي لازم آهي. پوءِ جيستائين هن ۾ رهندو ، تيستائين ضرور توبهه جو محتاج رهندو. جڏهن ٻئي درجي تي پهچندو ته اهو درجو به جڏهن ته پاڻ کان مٿاهين درجي کان گهٽ آهي، انهيءَ ڪري جيسين ان کان ٻاهر نه نڪري ۽ مٿي نه چڙهي، تيسين اهو به توبهه جو محتاج آهي. اهڙي طرح هي سلسلو وڌندو ويندو. جيئن جيئن ترقي ڪندو ويندو، تيئن تيئن توبهه جو محتاج به ٿيندو ويندو.( )
جڏهن ته خدائي قرب جا درجا ۽ مرتبا اڻکٽ ۽ بي حساب آهن جنهن ۾ انسان کي، نسبتا گهٽ مرتبي ۾ رهڻ سببان خطاوار، عاجز ۽ مٿاهين مرتبي تائين نه پهچڻ پاران توبهه جو محتاج نه چيو وڃي.( )
اهو ئي راز آهي، جو حضرت نبي ڪريم، رؤف رحيم ﷺ پنهنجي معصوم ۽ بي گناه جند بابت فرمايو آهي ته، “آءٌ رات ۽ ڏينهن ستر ڀيرا استغفار ۽ توبهه ڪندو آهيان.” هاڻ! هي ضروري آهي ته عام ماڻهن جي توبهه، ظاهري گناهن کان ٿيندي آهي. صالحن جي توبهه، باطني گناهن ۽ دل جي خراب عادتن کان ٿيندي آهي. متقين جي توبهه، شڪ ۽ شبهن ۾ ڦاسڻ کان ٿيندي آهي. محبن جي توبهه، اُنهيءَ غفلت کان ٿيندي آهي، جنهن غفلت، کانئن ڪنهن پل ۾ الاهي ذڪر وسارايو هوندو. عارفن جي توبهه انهيءَ مقام کان ٿيندي آهي، جنهن تي هو پهتل آهن ۽ ان کان مٿي جيڪو ٻيو مرتبو آهي، جنهن تي انهن کي پهچڻ گهرجي، ان کي اڃا ڪو نه پهتا آهن.
جڏهن ته الله تعاليٰ جي قرب جا مرتبا ۽ مقام غير محدود ۽ بي شمار آهن، انهيءَ ڪري عارفن جي توبهه جي ڪا خصلت اهڙي نه آهي، جنهن جي سڌارڻ جي ضرورت هجي، تڏهن به ڪو اهڙو وقت ضرور هوندو، جنهن ۾ حق تعاليٰ جي به حد ۽ نهايت ڪانهي، نڪي ان جي ختم ٿيڻ جو ڪو وقت مقرر آهي.
[b]فصل[/b]: جڏهن توبهه جا سڀئي شرط پورا ٿي ويندا، تڏهن ان جي قبوليت ۾ شڪ ڪرڻ نه گهرجي. ڇو ته توبهه قبول ٿيڻ جي هي معنيٰ آهي ته، ماڻهوءَ جي دل ۾ معرفت نور کي قبول ڪرڻ جي لياقت پيدا ٿي وڃي. ظاهر آهي ته ماڻهوءَ جي دل، آئيني مثل آهي، جنهن تي نفساني خواهش، حرص ۽ هوائن ڪري، ڪٽ چڙهي وڃي ٿي يا گناهَن جي ڪري، ڪاراڻ وٺي وڃي ٿي. مگر چڱا ڪم، جي نور جي بجاءِ آهن، سي پنهنجيءَ روشني ۽ چمڪاٽ سان انهيءَ ڪٽ ۽ ڪاراڻ کي دور ڪري، دل جي آئيني کي صيقل ڪندا رهن ٿا.
انهيءَ ڪري ماڻهو جڏهن چڱا ڪم ڪندو ۽ پشيمان ٿي، خدا تعاليٰ جي طرف متوجه ۽ مائل ٿيندو، تڏهن ضرور ان جي دل جي اهڙي حالت ٿيندي، جهڙي ڪپڙي جي، صابڻ لڳائڻ سان ٿيندي آهي. ڇو ته جيڪڏهن صابڻ باقاعدي لڳايو ويندو، ته ڪو به سبب ڪونهي، جو مٽي ۽ ميراڻ نه لهي. انهيءَ طرح دل جيڪڏهن سچائي ۽ ڌيان سان خدا تعاليٰ جي طرف رجوع ٿيندي ته ممڪن نه آهي جو دل ۾ صفائي ۽ معرفت جي تجلين جي لياقت پيدا نه ٿئي.
مطلب ته جڏهن هي ثابت ٿي ويو، ته سڀ ڪنهن ماڻهوءَ کي توبهه ڪرڻ جي ضرورت آهي ۽ هر فرد بشر هن علاج جو محتاج آهي، تڏهن توبهه ڪرڻ ۾ غفلت ڪرڻ درست نه آهي. ڇو ته غفلت ۽ نفس جي خواهش، اهڙي هلاڪ ڪندڙ ۽ ماريندڙ بيماري آهي، جنهن جي سبب کان، انسان خدا جي بي فرمانيءَ ۽ گناه جي ڪم تي مضبوطي ۽ هميشگي ڪرڻ لڳي ٿو. ظاهر آهي ته ننڍو گناه به هر هر ڪرڻ سان وڏو ٿي پوي ٿو. پوءِ جڏهن گناه جي اصرار، يا هر هر ڪرڻ کي ڇڏي ڏيندو، تڏهن انهيءَ باطنيءَ بيماري کان ڇوٽڪارو ملي ويندو.
چڱي طرح ياد رکو ته غفلت جي دلي بيماري بخار، ڦٽ ڦرڙي ۽ ٻين بدن جي ظاهري بيمارين کان گهڻو وڌيڪ خطرناڪ آهي، جنهن جا گهڻا سبب آهن:
[b]پهريون[/b]، هن سبب کان ته بدن جون بيماريون ڏسڻ ۾ اچن ٿيون ۽ اها دل جي بيماري ڏسڻ ۾ نه ٿي اچي، هن جو مثال هيئن سمجهو، جيئن ڪنهن ماڻهوءَ جي منهن تي ڪوڙهه جا اڇا داغ هجن، اتفاق سان آئينو به موجود نه هجي، جنهن ۾ ڏسي پنهنجي بيماري معلوم ڪري ته هيءَ بيماري نهايت خطرناڪ ٿيندي. ڇو ته ممڪن آهي ته ٻئي جو چوڻ تي ان کي يقين نه ٿئي. هن بي اعتباريءَ جي ڪري، ان جي بيماري روزمره وڌندي وڃي.
[b]ٻيو[/b]، هن سبب کان ته غفلت جي باطني بيماري جي عاقبت انسان ڪا نه ڏٺي آهي. انهيءَ عاقبت جي نه ڏسڻ ڪري، الله تعاليٰ جي معافي تي ڀروسو ڪري، اهڙو خوش ۽ بي فڪر ٿيو ويٺو آهي، علاج جو ڪو به خيال نه ٿو ڪري. برخلاف بدني بيمارين جي، جو انهن جو نتيجو ۽ عاقبت سندس تجربي ۾ اچي چڪي آهي. ان ڪري هتي خدا تي ڀروسو نه ٿيس. بلڪه ان جي علاج ۾ حد درجي جي ڪوشش ٿو ڪري. حالانڪه ظاهر آهي ته هر قسم جي بيمارين جو پيدا ڪندڙ ۽ انهن کان شفا ڏيندڙ اهو ئي شافي آهي. پوءِ بيماريون جسماني هجن يا روحانيءَ ظاهري هجن يا باطني.
[b]ٽيون[/b]، انهيءَ سبب ڪري ته هن باطني بيماري جا طبيب گم ٿي ويا آهن ۽ هي ڳالهه نهايت افسوس ۽ حسرت جي لائق آهي. ڇو ته هن دلي بيماريءَ جا طبيب شريعت جا عالم ۽ زماني جا عاقل هئا. پر اُهي پاڻ باطني بيمارين ۾ گرفتار ٿي رهيا آهن. پوءِ انهن کي جڏهن ته پنهنجي علاج جي ئي خبر ڪانهي، تڏهن اهي ٻين جو علاج ڪهڙو ڪندا؟ ظاهر آهي ته سڀ کان وڌيڪ هلاڪ ڪندڙ بيماري، دنيا جي مال جي محبت آهي. هن فتني ۽ فساد واري زماني ۾ سڀ کان وڌيڪ هن مرض ۾ علماءَ ئي گرفتار نظر اچن ٿا.
اهو ئي سبب آهي ته ٻين کي دنيا جي محبت کان روڪڻ ۽ مَنع ڪرڻ جي انهن کي جرئت نه ٿي ٿئي. بلڪه پنهنجي خواري جي انديشي کان اُهي هي به ظاهر ڪري نه ٿا سگهن ته دنيا جي محبت بري شيءِ آهي ۽ اها باطني بيمارين مان اهڙي هلاڪ ڪندڙ ۽ ماريندڙ بيماري آهي، جنهن کان بچڻ دشوار آهي. پوءِ اهو ئي سبب آهي ته هيءَ بيماري لا علاج ٿي ويئي آهي. ڇو ته جڏهن طاعون يا وبا جي بيماري عام پکڙجي پوي ۽ ان جي دوا جو پتو به نه ملي سگهي، ۽ طبيب خود انهيءَ بيماري ۾ مبتلا هجن ته پوءِ هن کان نجات ڪيئن حاصل ٿيندي.
سڀ کان وڏي مصيبت هيءَ آهي ته انهن روحاني طبيبن يعني عالمن کي ڏسندي عوام الناس کي دنيا جي محبت لاءِ رغبت وڌي وئي آهي، پرهيز يا دوا جي طرف توجه ڪرڻ جي ڪا سبيل ئي باقي ڪا نه رهي آهي. ڇو ته اهي اُهي بزرگ آهن، جن جي پيروي ڪئي وڃي ٿي. عام ماڻهو انهن کي پنهنجو پيشوا ۽ اڳواڻ سمجهن ٿا. پوءِ جڏهن انهن کي دنيا جي محبت ۾ گرفتار ڏسندا، تڏهن ان کي چڱي ڳالهه سمجهي، ڇو ته هو به سندن ريس ۽ پيروي ڪندا؟ جڏهن پيروي ڪندا، تڏهن اصلاح يا سڌاري جي ڪهڙي صورت؟ افسوس! جي ماڻهو طبيب بنائي دنيا ۾ موڪليا ويا هئا، سي علاج جي بجاءِ مرض کي وڌائڻ لڳا. جيڪي سڌاريندڙ بنجي آيا هئا، سي بگيڙيندڙ بنجي ويا. جن کي سونهون رٿيو ويو هو، سي خود گمراه ٿي ٻين جي رستي خراب ڪرڻ جي پويان پيا. گويا مٺي چشمي جي منهن تي پٿر رکي اڏامي ويا، ته نه پاڻ پاڻي پين ۽ نه ٻين کي پيئڻ ڏين.
اي ڪاش! انهن کان دنيا خالي ٿي وڃي! ته هيءُ پٿر چشمي جي منهن تان پري ٿي وڃي. جي پاڻ لائق نه آهن ته نه سهي، مگر چشمي جو منهن ته نه روڪين ۽ ان کان هٽي پري ٿين ته ٻيا اڃايل سيراب ٿين ۽ ڍؤ ڪن. مطلب ته انهيءَ باطني مرض جو خلاصو علاج هيءُ آهي ته سبب ڳوليو ۽ گناه جي اصرار ۽ هر هر ڪرڻ تي ويچار ڪريو، ته ايئن ڇو ٿيو آهي؟ ياد رکو! ته ڪنهن گناه جي اصرار يا هميشگي هيٺين پنجن سببن مان ڪنهن به هڪ سبب ڪري ٿيندي آهي:
[b]پهريون[/b]:
سبب هي آهي ته گناه جي جيڪا سزا الله تعاليٰ مقرر ڪئي آهي، سا گناه ڪندي يڪدم ڪا نه ٿي ملي ۽ جنهن ڪم جو نتيجو ترت نه ٿو ملي، ان جي دل ۾ وڏائي يا برائي ڪا نه ٿي رهي. انهيءَ ڪري گناه تي اصرار ٿيڻ لڳي ٿو. يعني هميشه ڪرڻ ۾ اچي ٿو. هن جو علاج هي آهي ته سوچڻ ۽ سمجهڻ گهرجي ته جا شيءِ هڪ ڏينهن ضرور اچڻ واري آهي سا ويجهي آهي. ڇو ته ڏوراهين ان کي چئجي، جيڪا اچڻي ئي نه هجي. جا شيءِ هڪ ڏينهن اچڻ واري آهي، سا پري نه آهي. خاص ڪري موت، جنهن جو اچڻ به يقيني آهي، ۽ وري ان جو وقت به مقرر ڪونهي. ان ڪري هن جي پري هجڻ جي معنيٰ ڪانهي. ڪهڙي خبر، جو اڄوڪو ڏينهن پويون ڏينهن هجي؟ ۽ هي مهينو پويون مهينو ۽ هي سال اوهان جي عمر جو پويون سال هجي. انهيءَ ڪري موت کان غفلت ڪرڻ بيوقوفي آهي. هي به خيال ڪريو ته سڃائي جي انديشي کان، روزگار حاصل ڪرڻ جي فڪر ۾ اوهان ڪيڏا ڪيڏا نه دور دراز سفر ڪريو ٿا ۽ ڪيئن نه مصيبتون سر تي سهو ٿا؟ پوءِ آخرت جي پائدار حياتيءَ جو، ايترو فڪر ڇو نه ٿا رکو، جيترو دنيا جي جلد ختم ٿيڻ واري ناپائدار حياتيءَ جو فڪر ڪريو ٿا؟
[b]ٻيو:
[/b]سبب هي آهي ته نفس کي پنهنجن وڻندڙ خواهشن ۽ لذتن ۾ مزو اچي رهيو آهي. ان ڪري هنن جو ڇڏڻ نفس کي ناگوار ۽ بار لڳي ٿو. ان جو علاج هي آهي ته سوچيو ۽ ويچار ڪريو ته جيڪڏهن ڪو انگريز ڊاڪٽر هيئن چوي ته:
“ميان! اوهان کي ٿڌو پاڻي نقصانڪار آهي. اوهان ان جي ڀرسان به نه وڃو، نه ته مري ويندؤ.” مان اوهان کان پڇان ٿو ته ڊاڪٽر جي هن چوڻ تي، اوهان تي ڪهڙو اثر ٿيندو؟ ظاهر آهي ته مرڻ جي خوف کان ٿڌي پاڻي جهڙي لذيذ نعمت کي اوهان ضرور ڇڏي ويندؤ. حالانڪه اهو هڪ انسان جو چوڻ آهي ته انسان به ڪافر، جنهن ۾ ڪوڙ جا سوين شڪ ٿي سگهن ٿا. خداوند حڪيم جي ٻڌايل نقصانڪار خواهشن کي ڇڏڻ ۾ اوهان کي ڪهڙو ويچار آهي؟ ڇا الله ۽ الله جي سچي رسول الله ﷺ جو چوڻ ڪافر طبيب جي برابر به نه آهي؟ يا بدني بيماري کان مري وڃڻ، هميشه باهه ۾ سڙڻ کان به وڌيڪ تڪليف وارو آهي؟ هي به خيال ڪريو ته جڏهن اوهان جو نفس اهڙو لذت پسند ۽ خواهش جو پابند آهي، جو دنيا ۾ ٿورن ڏينهن واسطي معمولي لذتن جو ڇڏڻ به هن کي سخت ڏکيو لڳي ٿو. تڏهن هتي هنن بي بقا لذتن حاصل ڪرڻ جي سبب، جو آخرت جون هميشه واريون نعمتون کسجي ويندس، انهن جو کسجي وڃڻ ۽ سدائين باهه ۾ جلڻ اهو ڪيئن سهي سگهندو؟
[b]ٽيون:
[/b]سبب هي آهي ته نفس اوهان کي سستي جو سبق پڙهايو آهي ۽ وسوسو وڌو آهي ته ايتري تڪڙي توبهه جو ڪهڙو ضرور آهي؟ اڄ نه ته سڀاڻي توبهه ڪبي. مطلب ته اهڙي طرح ڏينهن تي ڏينهن گذرندا وڃن ٿا، پر توبهه ٿي نه ٿي سگهي. هن رنڊڪ ۽ دير ۾ اڄ ۽ سڀاڻي ۾ عمر پوري ٿي وڃي ٿي ۽ موت اچي وڃي ٿو! جيڪڏهن گناه تي اصرار ڪرڻ جو ڪارڻ اهو ڪاهلي ۽ سستي آهي ته هن مضمون کي سوچڻ گهرجي ته خاتمي جي خبر ڪنهن کي به ڪانهي ته ڪڏهن ۽ ڪيئن ٿيندو؟ ڪير چئي سگهي ٿو ته اوهان سڀاڻي جيئرا رهندا ۽ اوهان کي توبهه به نصيب ٿيندي؟
خوب ياد رکو ته اهڙا ئي ماڻهو دوزخ جو ٻارڻ ٿيندا جيڪي توبهه ڪرڻ لاءِ اڄ سڀاڻي ڪندا رهن ٿا ۽ توبهه کان سواءِ مري وڃن ٿا! ٻي هيءَ ڳالهه به سوچڻ جي قابل آهي ته جڏهن نفس کي اڄ لذتن جو ڇڏڻ ڏکيو لڳي ٿو، تڏهن سڀاڻي، جو خواهشات جي لذت وڌيڪ مضبوط ٿي ويندي، ان کي نفس ڪيئن ڇڏي سگهندو؟ هن جو مثال هي آهي ته جيئن اوهان کي ڪنهن وڻ پٽڻ جو حڪم ملي ۽ اوهان ائين چئو ته سائين! هيل نه، باقي ايندڙ سال ان کي پٽيندس. حالانڪه اوهان چڱي طرح ڄاڻو ٿا ته وڻن جي پاڙ روزمره سخت ٿيندي ويندي ۽ اوهان جي قوت رومزه گهٽبي ويندي. پوءِ جنهن وڻ کي اڄ نه ٿا پٽي سگهو، ان کي ايندڙ سال ۾ ڪيئن پٽي سگهندو؟
[b]چوٿون[/b]:
سبب هي آهي ته، نفس اوهان کي خدا تعاليٰ جي مهرباني ۽ معافي جو اميدوار ڪري ڇڏيو آهي ۽ هي وسوسو وڌو آهي ته “ميان! خدا تعاليٰ کي اسان جي گناه جي ڪهڙي پرواه آهي؟ هو وڏو غفور ۽ رحيم آهي. هو سڀ گناه معاف ڪندو.”
خوب ياد رکو ته اها نفس جي مڪاري ۽ حيله جوئي آهي، جو شيطان ان کي مغرور ڪري، پنهنجي مطلب جو هٿيار بنايو آهي. حديث ۾ آيو آهي ته داناءُ اهو آهي جنهن پنهنجي نفس کي مطيع ڪيو ۽ مرڻ کان پوءِ ڪم اچڻ وارو سامان جمع ڪيو ۽ نادان اهو آهي، جيڪو خواهشن جو تابعدار ٿيو ۽ خدا جي عفو ۽ ڪرم جو اميدوار رهيو.”
[b]پنجون[/b]:
سبب هي آهي ته ڪن ماڻهن کي (نعوذ بالله) قيامت ۽ ان جي حساب ٿيڻ ۾ شڪ آهي. ان جو علاج خراب عادتن ۾ بيان ٿي چڪو آهي، اُتي ڏسو ۽ ان موافق عمل ڪريو.
فصل: هونئن ته سڀني گناهن کان توبهه ڪرڻ ضروري آهي. مگر وڏن گناهن کان توبهه ڪرڻ سخت ضروري آهي. اوهان هي معلوم ڪري چڪا آهيو ته ننڍو گناه هميشه ڪرڻ سان، وڏو ٿي وڃي ٿو. بلڪه ننڍو گناه جنهن صورت ۾ بار بار ڪيو وڃي ٿو، انهيءَ ڪري هڪ دفعي وڏي گناه ڪرڻ کان به وڌيڪ دل کي ڪارو ڪري ٿو. هن جو مثال هن طرح آهي ته جيئن: “ڪنهن سخت پٿر تي مينهن جي هڪ هڪ ڦڙيءَ جو وري وري لڳو لڳ ٽمڻ ۽ هڪ دفعي وڏ ڦڙي مينهن جو وسڻ.”
ظاهر آهي ته هڪ ڦڙي جيتوڻيڪ حقير ۽ ڪمزور آهي. مگر بار بار پوڻ جي ڪري ڪنهن نه ڪنهن ڏينهن پٿر ۾ به سوراخ ڪري وجهندي ۽ گهڻو مينهن جيتوڻيڪ لکين ڦڙيون آهي. مگر هڪ دفعي وسڻ سان، ان جو اهڙو اثر نه ٿيندو جهڙو هڪ ڦڙي جي آهستي آهستي پوڻ سان ٿيندو. اهڙيءَ طرح ننڍو گناه آهستي آهستي دل تي جيڪو اثر ڪندو رهي ٿو، سو وڏي گناه جي هڪ دفعي ڪرڻ جي اثر کان گهڻو خطرناڪ آهي ۽ ان جا گهڻا سبب آهن.
[b]پهريون[/b]:
سبب هي آهي ته ننڍي گناه جو طبيعت ۾ ڪو وزن ڪونهي ۽ هن کي معمولي گناه سمجهي، بي پرواهيءَ سان ڪيو وڃي ٿو ۽ وڏي گناه جي وڏائيءَ سبب، اميد آهي ته ان کان بچڻ ۽ باز اچڻ جي طرف خيال ٿي ويندو. ان ڪري هڪ بزرگ جو قول آهي ته: “جنهن گناه جي بخشش نه ٿيندي، سو اهو گناه آهي، جنهن کي ماڻهو معمولي سمجهي ٿو ۽ چوي ٿو ته هاءِ سمورا گناه اهڙا هجن ها!”
[b]ٻيون[/b]:
سبب هي آهي ته، ننڍي گناه کي ماڻهو گهڻو ڪري نعمت سمجهي ٿو ۽ خوش ٿئي ٿو. جيئن ته ماڻهن کي اڪثر چوندو ٻڌو ويو آهي ته، “ڏٺئي نه، مون هن کي ڪهڙو نه جواب ڏنو، ڪهڙو نه بدلو ورتو مانس؟ ڪيئن نه خاڪ ۾ آبرو ملائي مانس ۽ ڪيئن ته ڌوڪو ڏنو مانس؟” ظاهر آهي ته گناه تي خوش ٿيڻ، وڌيڪ ضرر پهچائيندڙ ۽ قلب کي ڪارو ڪندڙ آهي.
[b]ٽيون[/b]:
سبب هي آهي ته ماڻهو حق تعاليٰ جي پرده پوشي کي، اڪثر ڪري گهٽتائي جي نظر سان ڏسي ٿو ۽ پنهنجي ڪرامت ۽ بزرگي سمجهڻ لڳي ٿو. يعني هي خيال ڪري ٿو ته مان خدا جو پيارو آهيان. انهيءَ ڪري منهنجا گناه پڌرا نه ٿيا. مگر نه ٿو سمجهي ته هي خدا جي طرفان ان کي ڍر ڏني ٿي وڃي، ته ڀل هو گهڻا گناه ڪري اوچتو پڪڙيو وڃي ۽ اسفل السافلين ( ) ۾ وڌو وڃي.
[b]چوٿون[/b]:
سبب هي آهي ته ننڍي گناه کي سندس ننڍي هجڻ جي ڪري ماڻهن ۾ ظاهر ڪندو ٿو وتي. حديث ۾ آيو آهي ته، سڀ گنهگار بخشيا ويندا. مگر ظاهر ظهور گناه ڪندڙ ۽ پنهنجا گناه ٻڌائيندڙ ماڻهو نه بخشيا ويندا.
[b]پنجون[/b]:
سبب هي آهي ته، جيڪڏهن ڪنهن عالم يا صوفي يا پيشوا کان ڪو ننڍو گناه ٿي وڃي ته هن جو اثر ٻين تي وڌيڪ بڇڙو پوي ٿو. ڇو ته عام ماڻهو هن کي ڏسي انهيءَ گناه ۾ بي ڊپائي ۽ بي پروائي سان گرفتار ٿي وڃن ٿا ۽ اهڙي طرح گناه جو هڪ سلسلو قائم ٿي وڃي ٿو. ڄڻ ته هي ننڍو گناه ايترو ڊگهو ٿي وڃي ٿو، جو هن جي مرڻ کان پوءِ به جاري رهي ٿو. ان جي ڏسڻ کان، جن ماڻهن ان گناه کي اختيار ڪيو آهي، تن سڀني جو وبال ان جي اعملنامي ۾ به درج ٿئي ٿو ظاهر آهي ته باقي رهندڙ گناه، ختم ٿيڻ واري گناه کان سخت بڇڙو آهي. پوءِ خوشخبري آهي، انهيءَ ماڻهوءَ واسطي جيڪو پنهنجي مرڻ سان پنهنجي گناه کي به دنيا مان کڻي وڃي. نه ته ان جو گناه ڏسي ٻيا ماڻهو وڌيڪ گمراه ٿيندا ۽ انهن جو گناه کيس به ٿيندو. بني اسرائيل ۾ هڪڙي عالم، جڏهن گناه کان توبهه ڪئي، تڏهن ان وقت جي پيغمبر تي وحي نازل ٿيو ته، “جيڪڏهن هن جا گناه منهنجي ۽ ان جي وچ ۾ هجن ها، ته مان ان کي بخشيان ها. مگر هن پيشوا بڻجي، منهنجن ٻين ٻانهن کي به گناه ۾ ڦاسايو ۽ دوزخ ۾ داخل ڪرايو.”
حاصل مطلب ته سڀ ڪنهن گناه کان توبهه ڪرڻ هر فرد بشر لاءِ ضروري آهي ۽ توبهه انهيءَ وقت ٿي سگهي ٿي، جنهن وقت خدا جو خوف هجي ٿو. انهيءَ ڪري مناسب آهي ته خوف جي فضيلت به بيان ڪئي وڃي.