ڏاهپ / اخلاقيات

اندر تون اجار

هي ڪتاب اخلاقيات تي مشتمل مضمونن جو مجموعو آھي جيڪي اسلامي دنيا جي فلسفي، داناء، حڪيم ۽ ڏاھي حجة الاسلام امام غزالي لکيا آھن. ماڻهوءَ جي بنيادي انساني اخلاقن کي نهوڙيندڙ ڪڌاين جو تفصيل ۽ دل کي سٺين عادتن سيکارڻ جي واٽ تي وٺي ھلندڙ ھن ڪتاب جو سنڌيڪار دين محمد اديب فيروزشاهي آهي.
اخلاقيات جي موضوع تي هي ڪتاب امام غزالي جي ڪتاب “الاسلام” جو خلاصو آهي. جنهن ۾ هن بهتر انسان ۽ صحيح مسلمان بنجڻ جي لاءِ بنيادي انساني اخلاقن جي اپٽار ڪئي آهي. هن پنهنجي ڪتاب ۾ ماڻهوءَ جي اخلاقن کي نهوڙيندڙ ڪڌاين جي تفصيل ۽ ان جي خرابين سان گڏ انسان کي سٺين عادتن اپنائڻ جي واٽ پڻ ٻڌائي آهي.
  • 4.5/5.0
  • 2505
  • 1066
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • امام غزالي
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book اندر تون اجار

خدا خوفي

خدا تعاليٰ جو خوف ۽ سڀني چڱن ڪمن جو شوق ڏيارڻ ۽ سڀني گناهن کان بچڻ جو ذريعو آهي. خوف ڪندڙن جي شان ۾ الله تعاليٰ هدايت، رحمت، عمل ۽ رضا جون سهڻيون خصلتون جمع فرمايون آهن. جو شخص خدا کان ڊڄي ٿو، ان کان سڀ ڪا شيءِ ڊڄي ٿي. حق تعاليٰ فرمائي ٿو ته: “ڪنهن به ٻانهي کي ٻه خوف نصيب نه ٿيندا.” يعني جو ٻانهو دنيا ۾ خدا جو خوف ڪندو، سو دنيا ۾ به باقي مخلوق جي خوف کان آجو هوندو ۽ آخرت ۾ به بيخوف هوندو. جيڪو ماڻهو دنيا ۾ خدا کان نه ڊڄندو، ان کي دنيا ۾ به مخلوق کان ڇرڪ ٿيندا ۽ آخرت ۾ به امن ۽ آرام نصيب نه ٿيندو. خوف جي سچي معنيٰ هي آهي، ته “ڪنهن ايندڙ تڪليف جي ڊپ کان دل ڏڪي ۽ پريشان ٿئي.” ظاهر آهي ته جيسين الله تعاليٰ جي جلالي صفتن جي معرفت نه ٿيندي، تيسين خدا جو خوف نه ٿيندو. جڏهن هيءَ ڳالهه چڱي طرح ذهن نشين ٿي ويندي، ته (الله تعاليٰ سڀ ڪنهن ننڍيءَ کان ننڍيءَ شيءِ تي ۽ وڏيءَ کان وڏيءَ شيءِ تي اهڙو قادر آهي، جو دم ۾ جيڪي وڻيس، سو ڪري سگهي ٿو، جنهن تي ڪو به شخص چون و چرا نه ٿو ڪري سگهي) تڏهن ٻانهي جي دل۾ خدا جو خوف پيدا ٿي ويندو. جيڪڏهن خوف پيدا ڪرڻ گهرو ٿا، ته الله تعاليٰ جي جلال، بزرگي، وڏائي ۽ ان جي بي نيازي تي نظر ڪريو، ۽ سوچيو ته بهشت موجو دآهي ۽ ان ۾ وڃڻ واري مخلوق به مقرر ڪئي ويئي آهي. اهڙي طرح دوزخ به موجود آهي، ۽ ان واسطي به مخلوق مقرر ٿي چڪي آهي، نيڪ بختي ۽ بد بختي جو قطعي حڪم هر شخص جي تقدير ۾ لکجي ويو آهي، جنهن ۾ ڪجهه ڦير گهير ٿي نه ٿي سگهي، ۽ هن ازلي حڪم جي روڪڻ وارو ڪو به ڪو نه آهي. پوءِ اي نفس! معلوم نه آهي ته تنهنجي حق ۾ ڪهڙو حڪم ٿيو آهي ۽ تنهنجو خاتمو ڪهڙي حال تي ليکيو ويو آهي؟ ممڪن آهي ته تون بهشت ۾ وڃين، ۽ هي به ممڪن آهي، ته تو واسطي دوزخ جي دائمي سزا تجويز ڪئي ويئي هجي. ياد رکو! ته خاتمي جي ڳجهي حال کان بي ڊپو اهو ماڻهو ٿي سگهي ٿو، جنهن کي حقيقي معرفت حاصل ڪانهي. ان واسطي مناسب آهي ته انهن ڪاملن ۽ خدا جي خاص بندن جا احوال پڙهندا ڪريو ۽ ٻڌندا ڪريو، جن کي معرفت ۾ ڪمال حاصل آهي، يعني انبياءَ ڪرام عليهم السلام، اولياءَ ۽ اهل بصيرت رحمة الله عليهم- ڏسو! هنن بزرگن کي خدا سان ڪمال جي حد تائين قرب هوندي به ڪيترو نه خوف هو! حضرت رسول الله مقبول ﷺ فرمائين ٿا، “جنهن وقت به جبرائيل امين مون وٽ وحي کڻي پئي آيو، تڏهن خداوند جبار ۽ قهار جي خوف کان ڏڪندو، ڪبندو پئي آيو.” حضرت ابراهيم عليه السلام جي دل نماز ۾ خوف جي ڪري اهڙو جوش ٿي ڪيو، جيئن چلهي تي ديڳ جوش ڪندي آهي. حضرت ابوبڪر صديق رضه هڪڙي پکي کي مخاطب بنائي هيئن فرمايو: “اي ڪاش! مان به تو جهڙو پکي هجان ها!ٰ ته شريعت ۽ خدائي حڪمن جو مڪلف (جوابدار) نه ٿيان ها! يا ته پيدا ئي نه ٿيان ها!” حضرت ابوذر رضه فرمائي ٿو ته، “ڪاش! مان وڻ هجان ها، ته ڪپجي وڃان ها!” ام المومنين بيبي عائشه رضه فرمايو آهي ته “مان وسري وڃان ها.” مطلب ته چڱي طرح ياد ڪريو، ته جن بزرگن کي الله تعاليٰ جي بي نيازي ۽ وڏائي جو علم آهي، سي ڪڏهن به بي خوف ۽ بي ڊپا رهي نه ٿا سگهن. بي ڊپو هجڻ ۽ انهن غفلتن ۾ گذارڻ اميرن ۽ دنيادارن جو شيوو آهي، جن کي نه پنهنجي خاتمي جو فڪر آهي، ۽ نه آخرت ڏي ڌيان. اهي غفلت جا پتلا ان بي سمجهه ٻار وانگر آهن، جن کي زهريلي نانگ کان به ڊپ نه ٿو ٿئي. مگر ٻار ٻئي جي سمجهائڻ سان، سمجهي وڃي ٿو. پوءِ اي ڪاش! جهڙي طرح بي سمجهه ٻار پنهنجي سمجهدار پيءُ کي نانگ کان ڊڄندو ۽ پاسو ڪندو ڏسي ۽ پاڻ به ڀڄي ٿو ۽ عقل سکي ٿو، اهڙي طرح غافل ۽ بي سمجهه مسلمان، پنهنجي محسن ۽ مربي روحاني طبيبن ۽ خدا جي خاص ٻانهن جو خوف ڏسي، شل عبرت ۽ نصيحت پرائين!

[b]فصل[/b]: خوف، در حقيقت هڪ چهبڪ آهي، جو انسان کي هميشه جي نيڪ بختي ۽ سدائين واري سڀاڳ ڏي ڊوڙائي ٿو. انهيءَ ڪري خوف، ان حد تائين چڱو آهي، جيستائين نيڪ ڪم ڪرائڻ جو ڪارڻ بڻجي، يعني خوف ايترو گهڻو نه هجي، جو بيڪار بنائي ۽ نااميديءَ جي حد تائين پهچائي ۽ عبادت ڪرڻ ڇڏائي ڇڏي. اهڙو حد کان وڌيل خوف، جنهن مان نااميدي پيدا ٿئي، شريعت ۾ سٺيل ۽ننديل آهي.ڇو ته حديث ۾ آيو آهي ته “ايمان، خوف ۽ اميد جي وچ ۾ آهي.” پوءِ خوف سان، گڏ اميد به ضروري آهي. مگر گنهگار مسلمان کي، خوف زياده رکڻ گهرجي جڏهن ديندار بنجي وڃي، تڏهن خوف ۽ اميد ٻئي برابر رکي. جيئن حضرت عمر فاروق رضه هڪ دفعي فرمايو هو ته، “جيڪڏهن الله پاڪ جو حڪم جاري ٿئي، ته ساري مخلوق مان فقط هڪ شخص بهشت ۾ ويندو، ته مان اميد ڪريان ٿو، ته “اهو شخص مان ئي هوندس، بارگاهه الاهي مان جيڪڏهن هي حڪم صادر ٿئي، ته دوزخ ۾ فقط هڪ ئي شخص داخل ٿيندو ته مون کي خوف آهي ته اهو شخص ڪٿي مان نه هجان.” هيءَ برابر جي حالت آهي، جنهن ۾ خوف ۽ اميد جا ٻئي پڙ برابر آهن.
هي به ياد رکڻ گهرجي ته جواني ۽ تندرستيءَ جي زماني ۾ مسلمان کي خوف اميد کان زياره رکڻ گهرجي. ڇو ته هن شهوت جي غلبي جي زماني ۾ ، نفس جي شهوت کي روڪڻ ۽ منزل مقصود تائين پهچڻ جي لاءِ، ۽ مهذب بنائڻ واسطي، خوف جي چهبڪ جي ضرورت آهي. ٻڍاپڻ يا بيماريءَ جي زماني ۾، موت جي ويجهي هجڻ ڪري اميد خوف کان وڌيڪ رکڻ گهرجي. ڇو ته ڪمزوريءَ بيماريءَ جي ڪري ڪجهه ٿي نه ٿو سگهي. پوءِ جي هن حالت ۾ خوف غالب هوندو ته جو ڪجهه چڱو عمل ٿي رهيو آهي، اهو به ٿي نه سگهندو. حديث ۾ آيو آهي ، ته “مسلمانن کي مرڻ وقت، پنهنجي خدا سان، نيڪ گمان رکڻ گهرجي.” ظاهر آهي ته نيڪ گمان ان وقت ٿيندو، جڏهن ڪجهه نيڪ عمل به هوندا. ڇو ته انسان جنهن وقت پوک واسطي زمين ۾ ٻج وجهي ٿو، ۽ پاڻي ڏيڻ واسطي وس آهر سڀ ڪوشش ڪري ٿو، ان وقت خدا جي فضل تي ڀروسو ڪري، پيدائش جي اميد رکي سگهي ٿو. جيڪڏهن ٻج ئي نه وڌائين ۽ اهڙي حالت ۾ اناج جي طلب ۽ خواهش رکيائين، ته ان کي اميد نه ٿو چئجي بلڪه سڌ ۽ هوس چئجي ٿو. سڌ ۽ هوس، شيطاني ڌوڪو آهي، انهيءَ لاءِ حق تعاليٰ فرمائي ٿو ته، “جن ٻانهن ايمان آندو، هجرت ڪئي ۽ خدا جي واٽ ۾ جهاد ڪيو، اُهي ئي الله جي رحمت جا اميدوار آهن.”
هن مان معلوم ٿيو، ته اميد سعي ۽ ڪوشش کان پوءِ ٿيندي آهي، جهڙي طرح ڪڙمي پوک پوکڻ ۽ پوري محنت ڪرڻ کان پوءِ انتظار ڪندو آهي، ته جيڪڏهن آسماني آفت کان، امن مليو ۽ وڄ، ڳڙن ۽ باهه وغيره کان پوک کي حق تعاليٰ سلامت رکيو، ته پوءِ اُميد آهي، ته جيترو ٻج پوکيو ويو آهي، ان جي هڪ داڻي جي بدلي ۾ ستر ستر، بلڪه ان کان به زياده ان حاصل ٿيندو. اهڙيءَ طرح مسلمان کي ، خدا تعاليٰ جي حڪم تي، هلڻ ۾ پوري تڪليف سهڻ، مجاهدو ۽ رياضت ڪرڻ کان بعد اميد رکڻ گهرجي، ته جي حق تعاليٰ پنهنجي فضل سا، منهنجا عمل ۽ چڱا ڪم قبول فرمايا، ته هڪ هڪ نيڪيءَ جا ست سؤ دفعا ، بلڪه ان کان به زياده اجر ملندو. خلاصو مطلب هي آهي ته عذاب جي خوف ڪري گناهن ۽ خدا جي نافرمانين پرهيز ڪرڻ گهرجي، ۽ رحمت جي اميد سببان، چڱن ڪمن جي رغبت پيدا ٿيڻ گهرجي. سچو پچو اهو خوف آهي، جيڪو اوهان کي گناهن کان روڪي ۽ گناهن تي جرئت ٿيڻ نه ڏئي. جيڪڏهن ان جو هي اثر نه آهي، ته اهو خوف نه آهي بلڪه عورتن جي دل واري نرمي، وهم ۽ خيال آهي، جنهن جو ڪجهه اعتبار ڪونهي.