گهڻي ڳالهائڻ جي سڌ ۽ اجايون ڳالهيون
حديث شريف ۾ آيو آهي ته، “زبان جا ڪرتوت اڪثر ماڻهن کي اونڌي منهن ڀر دوزخ ۾ وجهندا.” ان ڪري زبان جي حفاظت يا سنڀال تمام ضروري آهي. مسلمان کي گهرجي ته جيڪڏهن زبان کي چوري ته خير ۽ چڱائي جي ڳالهه ڳالهائي، نه ته صبر ڪري، ڇو ته جڏهن زبان وڌيڪ هلڻ لڳي ٿي، تڏهن اجائي گفتگو وڌي وڃي ٿي. جڏهن اجائي گفتگو وڌندي، تڏهن خدا ڄاڻي الائي ڪهڙي سرحد تي وڃي پهچندي؟ حضرت ابوبڪر صديق رضه پنهنجي وات ۾ هڪ پٿري وجهي ڇڏيندو هو ته نفس خبردار رهي ۽ زبان ضرورت کان وڌيڪ گفتگو نه ڪري!
فصل: زبان جي گناهن کان بچڻ واسطي هن آيت تي عمل ڪرڻ ڪافي آهي.
‘لَا خَیۡرَ فِیۡ کَثِیۡرٍ مِّنۡ نَّجۡوٰىہُمۡ.’ جنهنجو خلاصو ۽ مطلب هي آهي ته، فضول ۽ بي فائدي گفتگو نه ڪريو. صرف ضروري ڳالهه جي ظاهر ڪرڻ تي ڪفايت ڪريو. انهيءَ ۾ ڇوٽڪارو آهي.
حضرت انس فرمايو آهي ته، هڪ جنگ ۾، هڪ جوان شهيد ٿي پيو، جنگ کان پوءِ شهيدن جي نعشن ۾ ان جو نعش به مليو. ڏسڻ ۾ آيو ته ان جي پيٽ تي پٿر ٻڌل هئا. ٿوري دير کان پوءِ ان جي ماءُ آئي ۽ بک جي حالت ۾ خدا جي نالي تي ساهه ڏيندڙ، شهيد پٽ وٽ ويهي، ان جي وات مان مٽي صاف ڪيائين ۽ چيائين ته: “پٽ! تو کي بهشت مبارڪ هجي!” هي ٻڌي حضور رسول مقبول ﷺ فرمايو ته: “ڪهڙي خبر؟ ممڪن آهي ته بي فائدي ڳالهائڻ جو عادي هجي.” هن مان معلوم ٿيو، ته اجائي ڳالهائڻ جي عادت به بهشت ۾ وڃڻ کان مانع آهي. مسلمان کي اها ئي ڳالهه زبان مان ڪڍڻ گهرجي، جنهن مان ڪو ثواب حاصل ٿئي يا ڪو نقصان دفع ٿئي. جنهن ڳالهه کي زبان مان ٻاهر ڪڍڻ ۾ نه ڪو ثواب هجي، نڪي ڪو نقصان ئي دفع ٿئي، ته اها گفتگو عبث ۽ اجائي آهي. اهڙي ڪلام کان پرهيز ڪرڻ ضروري آهي.
جيتري دير فضول ڳالهين ۾ مشغول رهو ٿا، جيڪڏهن اهو وقت خدا جي ذڪر ۾ خرچ ٿئي، ته هوند اوهان لئه ڪيڏو نه نيڪين جو وڏو خزانو جمع ٿي پوي! پوءِ خزاني کي ڇڏي ڏيڻ ۽ ان جي بجاءِ ڀتر ۽ پٿر گڏ ڪرڻ ڪهڙي سياڻپ آهي؟
جي اجائي ڳالهائڻ کان وڌي وڃي، ڪوڙ ڳالهائڻ تائين نوبت پهتي ۽ زبان مان گلا ۽ گاريون ۽ بي حيائيءَ جون ڳالهيون نڪرڻ لڳيون، جن مان نفعي جي بجاءِ اٽلندو دين جو ضرر ۽ نقصان ٿيو، ته ان جو هي مثال آهي، ته وڏو خزانو ڇڏي، وڃي باهه جي آڙاهه ۾ پيو! الله تعاليٰ شل اهڙيءَ ردي حالت کان پناهه ڏئي!
سڀ قصا، افسانا، آکاڻيون، ڪهاڻيون، سفر ناما، مختلف ملڪن جون تعريفون ۽ دنيا جي رهاڪن جي پوشاڪ، خوراڪ، طرز معاشرت ۽ تمدن جا بيان، واپار، حرفتن ۽ صنعتن جا احوال، اهي سڀ فضول ۽ عبث ڪلام ۾ داخل آهن، جن ۾ مشغول رهڻ مسلمان جي مقصود ۽ مٿينءَ آيت جي مراد کان بلڪل برخلاف آهي.
فصل: زبان جون ويهه آفتون آهن، جڏهن ته هر هڪ جي تفصيل ڪرڻ جو هي موقعو نه آهي، انهي ڪري مختصر طرح هتي فقط انهن پنجن گناهن جو بيان ڪجي ٿو، جن ۾ گهڻا ماڻهو گرفتار آهن ۽ جن جي ڪري زبان ڄڻ ته پليدين سان هري مري ويئي آهي.
[b]پهرين آفت:
[/b]ڪوڙ ڳالهائڻ آهي. حديث شريف ۾ آهي ته، ماڻهو ڪوڙ ڳالهائيندي ڳالهائيندي، ان جو عادي ٿي وڃي ٿو ۽ خدا وٽ ڪوڙو لکيو وڃي ٿو. جناب رسول الله ﷺ جن فرمايو آهي ته، “ڪوڙ ڳالهائڻ مسلمان جو شان نه آهي. ايمان ۽ ڪوڙ هڪ جاءِ تي گڏ ٿي نه ٿا سگهن.” ياد رکو، ته ڪوڙ ڳالهائڻ سان دل ۾ ڏنگائي پيدا ٿئي ٿي، جنهن ڪري سٺا خواب نظر نه ٿا اچن. تنهن ڪري گهرجي ته کل، چرچي ۾ به ٻين جي کلائڻ لاءِ ڪوڙ نه ڳالهايو ۽ سدائين ڪوڙن خيالن ۽ وسوسن کان دل کي بچائيندا رهو، نه ته اوهان جي دل ۾ ڏنگائي پيدا ٿي پوندي. تجربو شاهد آهي ته اهڙن ماڻهن کي سچا خواب به نظر نه ٿا اچن.
هڪ عورت پنهنجي ننڍڙي ٻار کي سڏ ڪري چيو: “اچ ته مان تو کي هڪڙي شيءِ ڏينديس.” حضرت رسول الله ﷺ ان عورت کان پڇيو ته: “جيڪڏهن سڏ تي ٻار اچي ويو، ته ان کي ڪهڙي شيءِ ڏيندينءَ؟” عورت چيو ته، “کارڪ ڏيندي سانس.” پاڻ فرمايائون ته، “جيڪڏهن ڏيڻ جي نيت نه هجئي ها ته فقط خوش ڪرڻ واسطي اهو لفظ چئين ها، ته اهو به زبان جو ڪوڙ شمار ٿئي ها.”
البت ضرورت جي وقت، ڪوڙ ڳالهائڻ به جائز آهي. بشرطيڪه سچ چوڻ مان، ڪنهن اهڙي گناه يا نقصان جو انديشو هجي، جو ڪوڙ جي گناهه ۽ نقصان کان وڌيڪ هجي. جيئن ته ٻن مسلمانن جي ٺاهڻ لاءِ يا جهاد ۾ (1) ڌوڪي ڏيڻ لاءِ يا زال کي راضي ڪرڻ لاءِ ڪوڙ ڳالهائڻ جي حديث ۾ موڪل آئي آهي. ان جو سبب هي آهي ته مسلمانن جي ناراض رهڻ ۾ جيڪو بڇڙو نتيجو پيدا ٿيندو، سو ڪوڙ جي نقصان کان وڌيڪ خراب آهي.
اهڙي طرح جنگ جي راز کي لڪائڻ ضروري آهي. ڇو ته جي دشمن کي خبر پوندي، ته ان کي حملي ڪرڻ جو وجهه ملي ويندو، جنهن کان هزارين پاڪ جانيون تلف ٿي وينديون. انهيءَ ڪري اصلي ڳالهه ظاهر نه ڪرڻ ۽ ڪوڙي ڳالهه بنائڻ بهتر ثابت ٿي. اهڙي طرح زال کان مرد جا ڪي راز مخفي رکڻ جي لائق آهن. جيڪڏهن سچ چوڻ سان ان کي ڪا ڳالهه معلوم ٿي ويندي، جنهن ڪري زال ۽ مڙس ۾ اڻبڻت ٿي پوندي، ته ان جو بد نتيجو پيدا ٿيندو، ان ۾ ڪوڙ ڳالهائڻ کان وڌيڪ گناهه آهي. پر ان صورت ۾ ڪوڙ ڳالهائڻ جي موڪل ائين آهي، جيئن ڪو ماڻهو ٻن بلائن ۾ ڦاسي وڃي، ته سڻائي ۽ هلڪي بلا کي بهتر سمجهي، اختيار ڪري. انهيءَ جو مثال هن طرح ڄاڻو ته، ڪنهن شخص کي بک جي ڪري مرڻ جو انديشو آهي، ته ان کي مردار کائڻ به حلال آهي.
اهڙي طرح پنهنجو ۽ پنهنجي مسلمان ڀاءُ جو مال ظالم کان بچائڻ واسطي يا ڪنهن مخفي امانت کي سلامت رکڻ لاءِ ٻين جي آڏو ان جو نه باسڻ ۽ ڪوڙ ڳالهائڻ جائز آهي ۽ پنهنجي بدڪاري ۽ گناهن جو انڪار ڪرڻ به انهيءَ سبب کان جائز آهي. ڇو ته فسق ۽ فجور جو ظاهر ڪرڻ حرام آهي ۽ پنهنجي زال کي هيئن چوڻ ته منهنجي ٻي زال تو کان مون کي وڌيڪ پياري ڪانهي. اهي سڀ ڳالهيون انهيءَ ڪري جائز آهن، جو انهيءَ ڪوڙ سان هڪ ضرر دفع ڪيو وڃي ٿو.
مگر رپين ڪمائڻ ۽ عزت آبرو حاصل ڪرڻ جي خيال سان ڪوڙ ڳالهائڻ هرگز جائز نه آهي. ڇو ته جيڪڏهن مال ۽ مرتبو نه وڌيو، ته ڪو نقصان ڪو نه ٿيندو. وڌ کان وڌ هيءَ ڳالهه ٿيندي، ته سچ چوڻ سان فائدو حاصل نه ٿيندو. سو فائدي جو حاصل نه ٿيڻ نقصان نه چئبو. هن باريڪ تفاوت کي ماڻهو ڪو نه سمجهن ٿا ۽ اڪثر ڪري انهيءَ غرض (فائدي وٺڻ) لاءِ ڪوڙ ڳالهائن ٿا. حالانڪه هي قطعي حرام آهي. جو در حقيقت انهن جي دين جي برباديءَ جو سامان آهي. اهي ماڻهو ضرورت ۽ بي ضرورت ۾ تميز ڪو نه ٿا ڪن. افسوس جي ڳالهه آهي ته جاهلن خيالي ۽ فرضي ضرورتن کي به واقعي ضرورت سمجهيو آهي.
شرعي ۽ واقعي ضرورت جنهن جو نالو آهي، اها اسان مٿي بيان ڪري آيا آهيون، ته جيسين اضطرار يا لاچار جي حالت يا ڪنهن وڏي نقصان جو غالب گمان نه هجي، تيسين جيئن مردار کائڻ حلال نه آهي، تيئن ڪوڙ ڳالهائڻ به (جو شرعا حرام آهي) جائز نه آهي ۽ هن سخت ضررت جي موقعي تي به وس آهر ‘تعريض ۽ توريه’ ( ) کان ڪم وٺڻ گهرجي، ته نفس کي ڪوڙ ڳالهائڻ جي عادت نه پئجي وڃي. شيخ ابراهيم گهر ۾ ڪنهن ضروري ڪم ۾ رڌل هوندو هو ۽ ان حال ۾ ٻاهران ان کي ڪو سڏيندو هو ته، پورهيت کي چوندو هو ته، ان کي هيئن چئو ته، “مسجد ۾ ڳوليوس.” حضرت شعبي آڱرين مان هڪ گول ليڪو ڪڍي، خادمه کي فرمائيندو هو ته، هن گهيري جي اندر آڱر رکي چئينس ته، “هتي ڪونهي.” هن تعريض سان پنهنجو مطلب به ميسر ٿيندو هو ۽ حقيقت ۾ ڪوڙ به ڪو نه ٿيندو هو. البته ڪوڙ جي صورت ٿيندي هئي، جنهن کي تعريض ۽ توريه چئبو آهي.
اهڙي قسم جون تعريضون معمولي غرض لاءِ به جائز آهن. بشرطيڪه ان سان ڪنهن جو حق ضايع نه ٿئي. جيئن ته هڪڙي پوڙهيءَ عورت کي حضرت رسول الله ﷺ خوش طبعي طرح هيئن فرمايو هو ته: “پوڙهي زال ڪڏهن به بهشت ۾ نه ويندي.” هي ٻڌي پوڙهي روئڻ لڳي. ڇو ته ظاهري لفظن مان جيڪو مطلب سمجهه ۾ اچي ٿو، سو هي آهي ته، ڪا به پوڙهي بهشتڻ نه آهي. مگر در حقيقت هيءَ مراد هئي ته، پوڙهائپ جي حالت ۾ پوڙهي بهشت ۾ نه ويندي. بلڪه جا به پوڙهي بهشت ۾ ويندي، اها جوان بڻجي پوءِ ويندي. يا مثال هڪ ماڻهوءَ حضرت رسول مقبول ﷺ کان سواريءَ جي لاءِ اُٺ گهريو، پاڻ فرمايائون: “چڱو، ترس. اسان تو کي اٺ جو ڦر ڏينداسين.”
هي ٻڌي، سائل عرض ڪيو ته، “ڦر وٺي ڇا ڪندس؟”
ان وقت پاڻ ان کي تعريض جو مطلب سمجهايائون ته، “ميان! وڏو اُٺ به ته آخر ڪنهن اٺ مان ئي پيدا ٿيو هوندو ۽ جنهن اٺ مان پيدا ٿيو هوندو، ان جو ته ڦر آهي، مثلا: هڪ ماڻهو کي فرمايائون ته: “تنهنجيءَ اک ۾ اڇاڻ آهي.” ظاهر آهي ته اڇاڻ سڀني جي اک ۾ هوندي آهي. مگر جڏهن ته ظاهر ڪري هي مطلب سمجهه ۾ اچي ٿو ته ، ماڻڪيءَ ۾ عيب ۽ اڇاڻ جو مرض آهي، ان ڪري ٻڌندڙ کي ڳڻتي وٺي وئي، جنهن سان چڱو چرچو ٿي پيو.”
ان قسم جون تعريضون ڪرڻ پنهنجيءَ زال ۽ ٻارن سان خوش طبعي طرح جائز آهي. اهڙي طرح جيڪڏهن ڪو کاڌي کائڻ جي صلاح ڪري ۽ اوهان کي بک هوندي به ماني کائڻ منظور نه هجي ته، هيئن هرگز نه چئو ته مون کي بک ڪانهي. ڇو ته اهو ڪوڙ آهي. بلڪه تعريض ڪريو يا هيئن چئو ته آءٌ هن وقت ڪو نه کائيندس. اوهان کائو وغيره.
[b]ٻي آفت گلا ڪرڻ آهي:
[/b] حق تعاليٰ فرمائي ٿو ته، “اوهان مان ڪو پسند ڪري ٿو ته مئل ڀاءُ جو گوشت کائي؟ (گلا ڪرڻ مئل ڀاءُ جو گوشت کائڻ آهي) پوءِ هن کان پرهيز ڪريو” حديث ۾ آيو آهي ته، “گلا زنا کان به وڌيڪ سخت آهي.” حضرت رسول مقبول ﷺ فرمايو آهي ته، “معراج رات منهنجو اهڙيءَ جماعت تي گذر ٿيو، جا پنهنجو وات نهن سان، پٽي رهي هئي، اهي گلا ڪندڙ ماڻهو هئا.”
گلا هيءَ آهي ته ڪنهن مسلمان جي ان جي پر پٺ اهڙي ڳالهه ڪجي، جيڪڏهن اهو اها ٻڌي ته ان کي ناپسند لڳي. مثلا ڪنهن کي بيوقوف يا ڪم عقل چوڻ يا ڪنهن جي حسب ۽ نسب مان عيب ڪڍڻ يا ڪنهن شخص جي ڪنهن حرڪت يا جاءِ يا مال يا لباس مان عيب ڪڍڻ، غرض ته جنهن به شيءِ سان ان جو واسطو هجي، ان جو اهڙو عيب بيان ڪرڻ، جنهن جو ٻڌڻ ان کي ناخوش لڳي، خواه اهو زبان سان ظاهر ڪري يا رمز ۽ ڪنايه سان، يا هٿ ۽ اک جي اشاري سان يا ان جو نقل يا آهل ڪجي يا تعريض ڪجي ته اهي سڀ گلا ۾ داخل آهن.
بيبي عائشه رضي الله تعاليٰ عنها هڪ موقعي تي ڪنهن عورت جو بندري هجڻ هٿ جي اشاري سان ظاهر ڪيو ۽ هيئن چيو: “يا رسول الله اها عورت ته ايڏڙي آهي!” ان تي پاڻ فرمايائون ته، “اي عائشه! تو ان جي گلا ڪري ورتي.”
سڀ کان وڌيڪ بڇڙي اها ڳالهه آهي، جنهن جو رواج مقتدا ۽ ديندار ماڻهن ۾ ٿي رهيو هجي، ڇو ته هو گلائون ڪن ٿا، ته به پاڻ کي نيڪ سمجهن ٿا. انهن جون گلائون به نرالي نموني جون ٿينديون آهن، مثلا: مجلس ۾ چوڻ لڳندا ته، “الله جو شڪر آهي، جنهن اسان کي اميرن جي دروازي تي وڃڻ کان بچايو آهي. اهڙيءَ بي حيائيءَ کان خدا پناه ۾ رکي!”
انهيءَ چوڻ مان جيڪو انهن جو مطلب آهي، سو ظاهر آهي، ته يعني ته اميرن وٽ ويندڙ، مولوين تي ٽوڪ ڪرڻ ۽ انهن کي بي حيا چوڻ منظور آهي ۽ ان سان گڏ پنهنجي نيڪ بختي ۽ پرهيز گاري به ٻڌائي رهيا آهن ۽ رياءَ جو گناهه ڪري رهيا آهن، يا اهڙي طرح مثلا: ڪو چوي ته، فلاڻي ماڻهوءَ جي هونئن ته تمام چڱي حالت آهي، پر جيڪڏهن ان ۾ دنيا جي حرص جو عيب نه هجي ها، جنهن ۾ اسان جهڙا ڦاسي وڃن ٿا. هن فقره مان جيڪو سندس مقصد آهي، سو ٿوري فڪر سان سمجهه ۾ اچي سگهي ٿو، يعني ان جو بي صبر هجڻ ظاهر ڪن ٿا ۽ پنهنجي طرف عيب جي نسبت هن نيت سان ڪن ٿا ته ٻڌندڙ انهن کي تواضع ۽ نوڙت وارو سمجهي. اها گلا به آهي رياءَ به آهي.
گهڻو تعجب ته هن تي ٿئي ٿو ته، اهي بزرگ گلا به ڪن ٿا، پوءِ پاڻ کي گلا کان پاڪ ۽ پارسا به سمجهن ٿا. يا مثلا چون ٿا: “سبحان الله وڏي تعجب جي ڳالهه آهي!” جڏهن ايتري چوڻ تي، ماڻهن سندن ڳالهه ٻڌڻ جي شوق ۾ انهن جي طرف ڪن ڏنو، تڏهن چون ٿا ته، “ڪجهه نه آهي.” فلاڻي شخص جو خيال اچي ويو، حق تعاليٰ اسان جي ۽ هن جي حال تي رحم فرمائي ۽ توبهه جي توفيق ڏئي. هن فقري جي جيڪا مراد آهي، سا عقل واري کان ڳجهي نه آهي. ڇو ته سندن هيءَ گفتگو رحم ۽ شفقت يا دعا جي نيت سان چوڻ ۾ ڪو نه ٿي اچي، جيئن ظاهري لفظن مان گمان ٿئي ٿو. ڇا لاءِ ته جي سندن مراد دعا ڪرڻ هجي ها ته، دل ۾ دعا ڇو نه ٿا ڪن؟ سبحان الله چئي، ماڻهن جو ڌيان ڇڪائڻ ۽ گناهه ڏي اشاري ڪرڻ جو ڪهڙو ضرور هو؟ ڀلا ڪنهن شخص جو عيب ظاهر ڪرڻ به ڪا شفقت ۽ خير خواهيءَ جي ڳالهه آهي؟
اهڙي طرح ڪن ماڻهن جي عادت هوندي آهي ته، گلا کان منع ڪندا آهن ۽ چوندا آهن ته ادا گلا نه ڪريو، مگر سندن دل گلا کي مڪروه نه ٿي سمجهي. بلڪه انهيءَ نصيحت ڪرڻ مان سندن مراد محض پنهنجي دينداري ۽ پرهيز گاري ظاهر ڪرڻ هوندي آهي. اهڙي طرح ڪنهن مجلس ۾ گلا ٿئي ٿي، ته ناصح ۽ پارسا بڻجي چوڻ لڳن ٿا ته، “ميان! گلا ڪرڻ گناه آهي، ان کان اسان ٻڌندڙ به گنهگار ٿيون ٿا.” سو اهي ماڻهو نالي خاطر ته ائين چئي وڃن ٿا مگر سندن دل کي هيءَ تمنا رهي ٿي ته، ڪاش! جو هي شخص اسان جي هن نصيحت تي عمل نه ڪري ۽ جيڪي چئي رهيو آهي، سو چوندو رهي ۽ اسان کي ٻڌائيندو وڃي! ڀلا انهن کان ڪو پڇي سگهي ته، گلا ٻڌڻ جو شوق به اٿو، ۽ هيئن به سمجهو ٿا، ته اسان گلا کان روڪڻ ڪري گناه کان بچي وياسون.
ياد رکو ته جيسين گلا ڪرڻ ۽ گلا ٻڌڻ کي دل سان خراب نه سمجندؤ، تيسين گلا جي گناهه کان هرگز نه بچندؤ، ڇو ته گلا ڪندڙ ۽ گلا ٻڌندڙ ٻئي برابر آهن ۽ جهڙيءَ طرح زبان سان گلا ڪرڻ حرام آهي، اهڙيءَ طرح دل سان گلا ڪرڻ به حرام آهي. مگر ڪن صورتن ۾ خاص ماڻهن جي گلا ڪرڻ جائز آهي. جنهن جو تفصيل بيان ڪيون ٿا.
(1) مظلوم ماڻهو، ظلم جي شڪايت ڪنهن وڏي آفيسر تائين پهچائي ۽ پاڻ تان ظلم دفع ڪرڻ جي نيت سان، ان جا ظلم بيان ڪري، ته گناهه نه آهي. باقي ظالم جا عيب، اهڙن ماڻهن سان بيان ڪرڻ، جن کي ان جي سزا ڏيڻ يا مظلوم تان ظلم ٽارڻ جي طاقت نه هجي، گلا ۾ داخل ۽ حرام آهي.
هڪڙي بزرگ جي مجلس ۾ حجاج بن يوسف جو ذڪر آيو، ته ان هيئن فرمايو: “الله تعاليٰ انصاف جي ڏينهن مظلومن جو بدلو حجاج کان وٺندو ۽ حجاج جو بدلو سندس گلا ڪندڙن کان وٺندو، ڇو ته گهڻا ماڻهو حجاج جا ظلم اهڙن ماڻهن سان بيان ڪن ٿا، جن کي حجاج جي ظلم دفع ڪرڻ جي طاقت ڪانهي، پوءِ اهڙن ماڻهن جي آڏو حجاج جي گلا ڪيئن جائز ٿي سگهي ٿي.؟”
(2) ڪنهن ماڻهوءَ کان ڪنهن بدعت يا گناه جي دفع ڪرڻ ۾ مدد وٺڻي هجي يا ڪنهن کي ان جي فتني کان بچائڻ هجي، ته ان سان به بدعتي ماڻهن جو حال بيان ڪرڻ جيتوڻيڪ انهن جي گلا ڪرڻ آهي، مگر جائز آهي.
(3) مفتيءَ کان فتويٰ وٺڻ واسطي سچي ڳالهه ڪرڻ به جائز آهي، جتيوڻيڪ ان جي ظاهر ڪرڻ ۾ ڪنهن جي گلا ٿيندي هجي. ڏسو! حضرت رسول مقبول ﷺ کي بيبي هند رضي الله تعاليٰ عنها عرض ڪيو ته، “يا رسول الله ! منهنجو خاوند ( ) ابو سفيان ايترو بخيل آهي، جو ضرورت آهر به مون کي خرچ نه ٿو ڏئي. “ظاهر آهي ته، اها ابو سفيان جي گلا ۽ شڪايت آهي، مگر جڏهن ته شريعت جي مفتيءَ کان سوال ڪيو ٿو وڃي، (ته ان صورت ۾ مون لاءِ ڪهڙو حڪم آهي؟” ان ڪري هن گلا ۾ ڪو نقصان ڪونهي. مگر ياد رکڻ گهرجي ته ان صورت ۾ به هيءَ گلا تڏهن جائز آهي، جڏهن پاڻ کي يا ڪنهن مسلمان کي ڪنهن فائدي پهچڻ جي اميد هجي.
(4) ڪو شخص ڪنهن سان نڪاح يا واپار جو معاملو ڪرڻ گهري ٿو ۽ اوهان کي خبر آهي ته، هن معاملي ۾ ناواقفيت ڪري ان کي نقصان پهچندو، ته ان کي نقصان کان بچائڻ واسطي ان جو حال ٻڌائڻ به جائز آهي. اهڙيءَ طرح قاضيءَ جي عدالت ۾ ڪنهن شاهد جو عيب هن خيال سان ظاهر ڪرڻ ته حق واري کي ان مقدمي ۾ منهنجي ماٺ ۾ رهڻ کان نقصان نه پهچي، جائز آهي. مگر فقط ان شخص سان بيان ڪرڻ جائز آهي، جنهن جي نقصان جو انديشو هجي، يا جنهن تي فيصلي ۽ حڪم جو مدار هجي.
(5) جيڪڏهن ڪو شخص ڪنهن اهڙي نالي سان مشهور ٿي ويو آهي، جنهن مان ان جو عيب ظاهر ٿئي ٿو، مثلا: اعمش (چنجهو)، اعرج (منڊو) ۽ جاحظ (دور) ته ان نالي سان، ان جو پتو ڏسڻ گلا ۾ داخل نه آهي، تڏهن به جي ٻيو پتو ٻڌايو ته بهتر آهي، تان ته گلا جي صورت به نه ٿئي.
(6) جيڪڏهن ڪنهن شخص ۾ ڪو اهڙو چٽو پٽو عيب لڀي ٿو، جو ماڻهو سندس اهو عيب ظاهر ڪن ٿا ته ان کي ناپسند نه ٿو لڳي، (جيئن کدڙو، جو ان جي هن ڪم جو بيان ڪيو وڃي ٿو ته، ان کي خيال به نه ٿو ٿئي.) ته هي بيان به گلا ۾ داخل نه آهي. البت جي ان کي ناخوش لڳي ته حرام آهي. ڇو ته فاسق جو به ڪو اهڙو گناهه بيان ڪرڻ جو ان کي ناخوش لڳي، خاص عذر کان سواءِ جائز نه آهي. ( )
فصل: نفس کي گلا کان روڪڻ جي هيءَ تجويز آهي، ته گلا جي سزا ۽ نقصان ۾ غور ڪريو. حديث ۾ آيو آهي ته، “باهه جيڪو اثر گاهه ۾ ڪري ٿي، گلا ان کان جلد ۽ وڌيڪ اثر مسلمانن جي نيڪين ۾ ڪري ٿي.” گلا ڪرڻ سان چڱا ڪم سڙي وڃن ٿا. هاڻي ذرا خيال ڪريو ته جڏهن ڪو نيڪ بخت شخص، جنهن دنيا ۾ تڪليفن سان نيڪيون جمع ڪيون آهن، جڏهن قيامت ۾ پنهنجا عمل ناس ٿيل ڏسندو، تڏهن کيس خبر پوندي ته گلا جي ڪري ان جون نيڪيون انهيءَ ماڻهوءَ جي اعمالن ۾ لکيون ويون آهن، جنهن جي هو گلا ڪندو هو. تڏهن ڪيتري قدر نه اهو افسوس ۽ ارمان ڪندو؟
مسلمان کي سوچڻ جي واسطي پنهنجي نفس جا عيب ئي گهڻا آهن، انهي ڪري مناسب آهي ته، جڏهن فرصت مليو، تڏهن پنهنجي حالت تي نظر ڦيرايو ۽ جو عيب ڏسو، ان جي لاهڻ ۾ مشغول ٿي وڃو، ته ٻين جي عيبن ڏي ڏسڻ جو موقعو ئي نه ملي. هيئن سمجهو ته، توهان جو ننڍڙو عيب، جيترو اوهان کي نقصان پهچائيندو، تيترو ٻئي جو وڏو عيب اوهان کي نقصان نه پهچائيندو. جيڪڏهن اوهان کي پاڻ ۾ عيب ڏسڻ ۾ نه اچي، ته هي خود اهڙو عيب آهي، جنهن جي برابر ڪو عيب ڪونهي. بي عيب سمجهڻ وڏو سخت عيب آهي. ان ڪري اول ان جو علاج ڪريو، ان کان پوءِ جيڪي اوهان کي عيب نظر ايندا وڃن، انهن جي تدبير ڪندا رهو. جيڪڏهن اتفاقا اهڙي حال ۾ به ڪنهن شخص جي اوهان کان گلا ٿي وڃي، ته توبهه ڪري، الله سائين کان جلد معافي وٺو ۽ ان شخص وٽ وڃي گلا جو گناه جلد معاف ڪرايو. جيڪڏهن انهيءَ سان نه ملي سگهو، ته ان جي حق ۾ بخشش جي دعا گهرو ۽ خيرات ڏئي، ان جي روح کي ثواب پهچايو. مطلب ته اوهان گلا ڪرڻ سان، پنهنجي مسلمان ڀاءَ تي ظلم ڪيو آهي، ان ڪري جيئن به ممڪن هجي، تيئن انهي ظلم جي ترت تلافي ڪريو.
[b]زبان جي ٽين آفت:
[/b]اجايو جهيڙو ڪرڻ آهي. حضرت رسول مقبول ﷺ فرمايو آهي ته: “جيڪو مسلمان حق تي هوندي به جهيڙي تان هٿ کڻي، ته ان جي واسطي اعليٰ بهشت ۾ محل تيار ٿيندو.”
هي بلڪل صحيح آهي، ته حق وارو ٿي، بس ڪري ويهڻ تمام ڏکيو ڪم آهي، ان ڪري حقدار جو جهيڙي کان عليحده ٿيڻ ان جي ايمان جي ڪماليت شمار ڪئي وئي آهي.
ڄاڻو ته ڪنهن جي ڳالهه تي اعتراض ڪرڻ ۽ ان جي لفظ يا معنيٰ ۾ غلطي يا نقص ڪڍڻ کي جهيڙو چئجي ٿو. اهو گهڻو ڪري ٻن سببن کان پيدا ٿيندو آهي يا ته تڪبر (هٺ) ڪري، پنهنجي وڏائيءَ ۽ زبان درازيءَ جو نروار ڪرڻ مقصود هوندو آهي، يا ٻئي ماڻهوءَ کي چپ ڪرائڻ ۽ عاجز بنائڻ جو شوق هوندو آهي. ان ڪري مسلمان کي گهرجي ته جا ڳالهه سچي ۽ حق هجي، سا مڃي ۽ جيتري قدر حقيقت جي برخلاف يا غلط هجي، ته ان کان ماٺ اختيار ڪري. باقي هن غلطيءَ جي ظاهر ڪرڻ مان ڪو ديني فائدو هجي، ته ان کان ماٺ ڪرڻ جائز نه آهي. مگر ان هوندي به هن ڳالهه جو ضرور خيال رکي، ته جو ڪجهه بيان ڪري سو نرميءَ ۽ آسانيءَ سان بيان ڪري، هٺ ۽ سختيءَ سان نه چوي.
[b]زبان جي چوٿين آفت:
[/b]خوش طبعي، چرچو ڪرڻ ۽ گهڻو کلڻ کلائڻ آهي. ان ڪري دل مري وڃي ٿي، هيبت ۽ وقار هليو وڃي ٿو. اهڙو شخص ماڻهن جي نظر ۾ ڪري پوي ٿو ۽ اڪثر ڪري ٻين کي ان سان وير ۽ دشمني پيدا ٿئي ٿي. معرفت جي نور ۾ اونداهي اچي وڃي ٿي ۽ تحت الثري ( ) ۾ اڇلايو وڃي ٿو. البت ٿورڙي خوش طبعي ۾ ڪا حرڪت ڪانهي. خصوصًا پنهنجي زال ۽ پنهنجن ٻارن ٻچن سان خوش طبعي ڪرڻ سنت آهي. ڇو ته اهڙي خوش طبعي حضور رسول مقبول ﷺ کان به ثابت آهي. مگر سندن خوش طبعي حقيقت ۾ سچي هوندي هئي. ان ۾ ڪنهن به قسم جو ڪوڙ ڪو نه هوندو هو. جيئن ته هڪڙيءَ پوڙهيءَ زال کي پاڻ فرمايائون: “بهشت ۾ ڪا به پوڙهي عورت ڪا نه ويندي.” ان مان مراد هيءَ آهي ته، بهشت ۾ جا به عورت ويندي، اها جوان ٿي، پوءِ ويندي. يا جيئن ته حضرت صهيب ننڍڙائي جي وقت ۾ ڳاڙهي رنگ جي هڪ جهرڪي پالي هئي، جا اتفاق سان مري وئي. جنهن تي حضرت رسول ڪريم ﷺ فرمايس ته: “ٻڌاءِ اي ابو عمير! تنهنجي جهرڪيءَ کي ڇا ٿيو؟” اهڙي طرح هڪ دفعي حضرت صهيب کارڪون پئي کاڌيون، ان وقت ان جي هڪڙي اک پي ڏکي، ته پاڻ فرمايائون ته: “ڇو صاحب! اک به ڏکي ٿي کارڪون به کائو ٿا.”
صهيب خوش طبعي طرح جواب ڏنو ته: “يا رسول الله ٻئي پاسي سان کاوان ٿو. يعني جنهن پاسي جي اک ڏکي ٿي، انهيءَ پاسي جي ڄاڙيءَ سان ڪو نه ٿو کانوان.” هڪ دفعي آنحضرت ﷺ جن، بيبي عائشه صديقه رضه سان محض دلجوئي ۽ خوش طبعي طرح ڊوڙيا به آهن. مطلب ته اهڙي خوش طبعيءَ ۾ ڪا حرڪت ناهي. البت ان کي عادت ڪرڻ چڱي ڳالهه نه آهي.
[b]زبان جي پنجين آفت:
[/b]تعريف ڪرڻ آهي. توهان ڏٺو هوندو ته، اڪثر وعظ ڪندڙن ۽ دنيادار مسلمانن جي عادت هوندي آهي ته شاهوڪارن ۽ امير ماڻهن جي تعريف ڪندا آهن. انهن جي شان ۾ مدحيه قصيدا لکي، نذراني طور انهن کي ڏيندا آهن، حالانڪه مداح يا مدح ڪندڙ واسطي هن ۾ چار خرابيون آهن ۽ ٻه خرابيون ممدوح (ساراهيل) لاءِ آهن. مداح لاءِ خرابيون هي آهن:
(1) ساراهه ۾ اڪثر اهڙيون ڳالهيون بيان ڪيون وڃن ٿيون، جي واقعي يا حقيقت جي برخلاف هونديون آهن، جن جو ممدوح ۾ نالو، نشان به ڪو نه هوندو آهي. اهو صريح ڪوڙ آهي جو وڏو گناهه آهي.
(2) ساراهه ۾ وڏي محبت ظاهر ڪن ٿا. حالانڪه دل ۾ خاڪ به محبت ڪا نه هوندي اٿن، هي صريح رياءُ ۽ منافقي آهي، جو گناهه ۽ حرام آهي.
(3) ساراهه ۾ اٽڪل جا تير هڻڻ ٿا، جا ڳالهه يقين سان معلوم ڪانهي، اها اٽڪل ۽ گمان تي سچي ظاهر ڪن ٿا. مثلا: هيئن چون ٿا ته، “اوهان وڏا پرهيز گار آهيو ۽ نهايت انصاف وارا آهيو.” حالانڪه حضرت رسول مقبول ﷺ فرمايو آهي: “جنهن کي ساراهه ڪرڻي هجي، اهو هيئن چوي ته، منهنجو هي گمان آهي ته، “اوهان اهڙا آهيو.” ڇو ته گماني ڳالهين کي واقعي ۽ يقيني بنائڻ ڪنهن به طرح جائز نه آهي.”
(4) جيڪڏهن ظالم ۽ فاسق جي تعريف ڪئي وڃي ۽ هو پنهنجي مدح کان خوش ٿيو، ته فاسق کي خوش ڪندڙ مداح به فاسق ۽ نافرمان ٿيو. حديث ۾ آيو آهي ته، “فاسق جي تعريف ڪرڻ کان الله تعاليٰ جو عرش ڏڪي وڃي ٿو!” حضرت حسن رحمة الله عليه فرمايو آهي ته، “فاسق جي عمر وڌڻ لاءِ دعا گهرندڙ ماڻهو به فاسق آهي.” ڇو ته اهو گهري ٿو ته فسق و فجور (بدڪاري) دنيا ۾ گهڻي مدت تائين قائم رهي. ظالم ۽ فاسق جي ته مذمت ڪرڻ گهرجي، ته هو ڊڄي ۽ گناه جو ڪم ڇڏي ڏئي.
ممدوح کي جيڪي تعريف مان نقصان پهچن ٿا، سي هي آهن:
(1) تعريف جي ڪري ممدوح مغرور ٿي وڃي ٿو. پاڻ کي تعريف جو لائق سمجهڻ لڳي ٿو. حالانڪه هي ان جي برباديءَ ۽ تباهيءَ جو بنياد آهي. حديث ۾ آيو آهي ته، هڪڙي ماڻهو مجلس ۾ پنهنجي دوست جي تعريف ڪئي، ته حضور رسول مقبول ﷺ فرمايو ته، “تو پنهنجي دوست جي گردن ڪپي وڌي.” ان مان مراد هيءَ آهي ته، ان جي نفس ۾ خود پسندي ۽ وڏائي پيدا ڪري، ان کي برباد ڪيائين.
(2) ممدوح پنهنجي تعريف ٻڌي، ڦنڊي ٿو ۽چڱن ڪمن ۾ سست ٿئي ٿو. حديث ۾ آيو آهي ته، “مسلمان ڀاءُ کي مڏيءُ ڪاتيءَ سان، ڪهڻ کان بهتر آهي ته منهن تي سندس تعريف ڪجي.” ڇو ته ڪهڻ سان فقط دنيا جي حياتي تلف ٿيندي. ۽ منهن تي، ساراهڻ جي خراب نتيجن سان (جيڪي اسان بيان ڪيا) آخرت جي عظيم الشان حياتي برباد ٿي ويندي! پر جي انهن نقصانن جو انديشو نه هجي، ته تعريف ۾ ڪجهه به حرج ڪونهي. بلڪه بعضي مستحب ۽ اجر جو سبب آهي. حضرت رسول مقبول ﷺ ڪن اصحابن جي مدح فرمائي آهي. جيئن ته پاڻ فرمايو اٿن: “جيڪڏهن ( ) سڄي دنيا جي ايمان کي ابوبڪر جي ايمان سان توريو وڃي ته، ابوبڪر جو ايمان ڳؤرو ٿيندو.” پڻ فرمايو اٿن: “اي عمر! جيڪڏهن آءٌ نبي ڪري نه موڪليو وڃا ها ته ضرور تو کي نبي ڪيو وڃي ها.”
گويا حضرت عمر رضي الله تعاليٰ عنه کي سندس پيغمبريءَ جي قابليت ٻڌائي وئي. پوءِ جڏهن ته اصحابن ۾ خود پسندي ۽ عمل جي ڪوتاهيءَ جو انديشو ڪو به هو، ان ڪري منجهن خوشي پيدا ڪرڻ واسطي سندن ساراهه ڪرڻ مستحب ٿئي. ڇو ته ساراهه انهن جي عبادت لاءِ ترقيءَ جو وسيلو هئي.
فصل: جيڪڏهن ڪو ماڻهو ڪنهن جي ساراهه ڪري ته ان کي گهرجي، ته پنهنجي عملن، خطرن ۽ وسوسن جو ڌيان ڪري ۽ سوچي ته خدا ڄاڻي، منهنجو خاتمو الائي ڪهڙي حال تي ٿيندو؟ اهي خوبيون جيڪي هيءُ ماڻهو منهنجي حق ۾ بيان ڪري ٿو، سي سچ پچ جيڪڏهن کڻي مون ۾ لڀنديون به هجن، ته به هاڻي انهن تي ڪهڙو ڀروسو آهي؟ ۽ پڻ پنهنجن عيبن ۾ دل جي بيمارين تي نظر ڪري ۽ ويچار ڪري ته هي ڳجها عيب مون ۾ اهڙا آهن، جيڪڏهن انهيءَ ساراهيندڙ کي معلوم ٿي وڃن، ته هو منهنجي ساراه هرگز ڪو نه ڪري.
مطلب ته مسلمان کي کپي ته، پنهنجي صفت ۽ ساراهه ٻڌي، ڪڏهن به خوش نه ٿئي. بلڪه دل ۾ ان کي خراب سمجهي. ان ڳالهه ڏانهن حضرت نبي ڪريم ﷺ اشارو فرمايو آهي ته، “ساراهه ڪندڙ جي وات ۾ وڙ وجهو.” حضرت علي ڪرم الله وجهه جي ساراهه ٿيندي هئي ته، هن طرح دعا گهرندو هو: “خدايا! منهنجا جيڪي گناهه هنن کي معلوم نه آهن، سي بخشيم ۽ جيڪي هي چئي رهيا آهن ان جو حساب مون کان نه وٺ ۽ مون کي هنن جي گمان کان بهتر بناءِ! آءٌ جهڙو آهيان، تنهن کي تون ئي چڱي طرح ڄاڻين ٿو ۽ هي نه ٿا ڄاڻن.”