مهاڳ
ورهاڱي کان اڳ وارو هندستان ڪيئن هو، سو ٻڌائيندڙ ترقي پسند تحريڪ جي فڪري لڏي مان، ڪرشن چندر ڀلوڙ ليکڪ به هو ته ڀلوڙ سڀاءَ وارو شخص به هو، جنهن افسانن ۽ ناولن ۾ پرچار جي بدران نج فني پهچ/ artistic approach کي اُتم رکيو ۽ اهو ئي سبب آهي جو سندس تخليق کي، تڏهوڪي مانَ مرتبي وانگر اڄ به مانُ ڏنو وڃي ٿو. هن ورهاڱي کانپوءِ جي هندستان جي حالتن کي به، نه رڳو ڏٺو پر هتان جي سماجي، سياسي ۽ تهذيبي معاملن تي دلسوزيءَ سان ويچاريو به. ڪارج ۽ اَڪارج جي وچ ۾ سَنڌو ڪڍي پنهنجي تخيلاتي آرٽ کي انسان دوستيءَ سان جوڙي رکيو.
ڪرشن ڪمال جو ليکڪ آهي ۽ ڪمال مٿان ڪمال اهو ته، هُو سماجي سائنسدان جي حيثيت ۾ ماڻهپي جي آفاقي قدرن جي تال ميل ۾ زندگي کي لاحق مُونجهارن جو حل به ٻڌائي ٿو. پڙهندڙ، ساڻس سهمت ٿين، يا اَسهمت _ سندن استحقاق آهي، پر ڪرشن چندر پنهنجي اظهار ۾ پِيسجندڙ طبقي جي ڌر بڻجي ساڻن گڏ بيٺو آهي. هن جي تخليق جو اڀياس، گڏيل انساني جذبن ۽ احساسن جو اڀياس آهي ۽ انهيءَ ڪري سندس افسانا ۽ ناول ٻين ڪيترين ئي ٻولين وانگر سنڌيءَ ۾ به ترجمو ٿي رهيا آهن. “اگھاڙپ جو فلسفو” اهڙين ئي ڪهاڻين جو مجموعو آهي جنهن ۾ انساني جذبن ۽ احساسن جي ويا کيا افسانوي انداز ۾ رومانويت ۽ حقيقت پسنديءَ جي آس پاس ڦرندي رهي ٿي. طرزِ تفڪر، يا رويي جو رخ ترقي پسنداڻو اٿس جيڪو سماج کي اڳتي وٺي ويندڙ آهي. ان ادب جي سنڌ کي گھڻي ضرورت آهي. سو، چئبو ته ڪرشن چندر جو افسانوي ادب سنڌيءَ ۾ الٿو ٿيڻ، نه رڳو ڪارائتو وکر آهي پر وقتائتو به آهي. هڪ ٻيو پهلو هي ته ناول، يا افساني ۾ جنسي معاملا زير بحث آڻڻ کانسواءِ تخليق بيوهه جي ٻسن ڪنن وانگر رس چس کان وانجھيل شماربي آهي ۽ اهو به ته جيئن نسائي نفسيات جون باريڪيون اردو افسانن ۽ ناولن ۾ عورت ليکندڙن قلمبند ڪيون آهن تيئن سنڌيءَ ۾ مثال گھٽ، يا بنهه ناپيد آهي. ڪرشن جون ڪهاڻيون تلخ حقيقتن جي عڪاسي ۽ طنز سان ٽمٽار هوندي به شائسته اسلوب جو ويس پهريل آهن.
هي ڪهاڻيون ڀوَن سنڌي ترجمو ڪري ادب ۾ اضافو ڪيو آهي. منهنجي ساڻن ملاقات نه آهي پر هي پورهيو _ ڪهاڻين جو ترجمو “اگھاڙپ جو فلسفو” سندن علمي سڃاڻپ ئي اصل ملاقات آهي. سنڌيڪار جي ڄاڻ موجب، ڪرشن چندر جا 20 ناول ۽ هن جي ڪهاڻين تي مشتمل 30 مجموعا مارڪيٽ ۾ آيا، پر “ ہندستانی ادب کے معمار” جي سلسلي جي ڪتاب “ڪرشن چندر” ۾ مرتب: جيلاني بانوءَ ناولن ۽ افسانن جي مجموعن جا انگ اکر قدري مختلف ڏنا آهن. ساهتيه اڪادمي نئين دهليءَ طرفان ڇپيل ڪتاب ۾ ڏنل وچور آهر ناولن جو تعداد 47 آهي جنهن مان ٻه ٽائيٽل “فلمی قاعدہ” ۽ “اور گوالیار کا حجام” ناول نه آهن. جڏهن ته افسانن جا مجموعا 32 ٻڌايا ويا آهن ۽ ترتيبوار هر مجموعي جو نالو ڏنل آهي. پهريون افسانن جو مجموعو “طلسمِ خیال “ سن 1939 ۾ مڪتبه اردو لاهور طرفان ڇپائي پڌرو ڪيو ويو. هن جي ڊرامن جا مجموعا 6 ڇپيل آهن ۽ رپورتاز، ٻارن جي ادب جا 11 ڪتاب ۽ ٻيا متفرقه ڪتاب 3 اٿس جنهن مان نئے زاویے ٻن جلدن تي مشتمل آهي.
ڪتاب “اگھاڙپ جو فلسفو” جي سڳنڌ ٻارنهن ڪهاڻين تائين ڦهليل آهي.
ٽائيٽل ڪهاڻيءَ مان ٽڪروآهي:
“سونهن ٻن قسمن جي هوندي آهي. هڪ اُها جيڪا خدا پيدا ڪري ٿو ۽ ٻي اُها جيڪا درزي عطا ڪري ٿو. ماڻهوءَ جي ناشڪري ڏسو، جو خدا طرفان مليل حسن کي ڇڏي درزيءَ طرفان مليل مصنوعي حسن جي پويان لڳو پيو آهي.”
هڪ ٻيو ٽڪرو:
“ذرا سوچيو اوهين برهمڻ دور جا شيدائي آهيو. اوهان جي دماغ تي اهو دور ئي ڇانيل آهي. برهمڻ دور جو بنياد ئي فائدي تي ٻڌل آهي. توهان جي نظر م جيڪڏهن ڪنهن شيء ۾ فائدو آهي ته اُها سٺي، نه ته خراب. هتي ڪارخانو هلايو وڃي ٿو فائدي لاءِ، خيرات ڪئي ٿي وڃي ته جيئن نالو ٿئي، اخبارن ۾ شهرت ملي، ساک ٺهي ۽ انهيءَ ساک مان وري ڪاروبار ۾ فائدو ٿئي. توهان ته هر شيءِ کي فائدي جي ڪسوٽي تي توريو ٿا. توهان پڪ ڄاڻو ته اگھاڙپ پسندن جي جماعت جي ڪاميابي ٿي ته اها سڀ کان پهريون ڪم اهو ڪندي ته هُو لفظ فائدي کي لغت مان هميشه لاءِ ڪڍي ڇڏيندي.”
مٿئين ٽڪري ۾ “فائدي” جي طرف اشارو انقلابي فڪر جو اولڙو ۽ سماج اندر مروج ناڪاري ۽ پرماري روين ۽ لاڙن کي تبديل ڪرڻ جي ڪوشش آهي. ساڳي طرح جي رويي جو صاحب جيڪو پڻ ويچارڪ ۽ تخليقي صلاحيت رکندڙ هجي، اهو ئي اهڙو ترجمو ڪري سگھي ٿو. ڀوَن سنڌي پاڻ پروفيسر هئڻ ناتي اڀرندڙ ٽهيءَ کي جانڪاريءَ جي جوت پهچائيندو رهيو آهي ۽ ترجمي سان گڏ تخليقي ڪهاڻيون، شاعري ۽ ڪالم تيزيءَ سان ان ڪري سندن ڪريڊٽ تي آهن جو هاڻ درس ۽ تدريس جي ذميدارين کان آجو آهي. هُونِءَ به فڪري ۽ فني پورهيو ڪرڻ لاءِ رٽائرمينٽ کان پوءِ وقت دستياب هوندو آهي. ڀوَن صاحب جا ڪالم ۽ مضمون مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ وقتن بوقتن ڇپجندا رهندا آهن، جنهن ڪري به سندن نالو اڻ ٻڌو يا اوپرو بنهه نه آهي. پرڏيهي ڪهاڻين جو ڪتاب، “گوري، گهاگهر ۽ گوندر” ترجمو ڪيائين جيڪو سال 1985 ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو ۽ ان جو ٻيو ايڊيشن سال 2015 ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو. سال 2015 جي نومبر ۾، سال 1986 ۾ سندس شاعريءَ جو ڪتاب “سندري سپنا ۽ صليب” مارڪيٽ ۾ آيو. 2015 ۾ ٻه پرڏيهي ڪهاڻين جا ڪتاب “درد بڻيو دلربا”، ۽ “ستارن پويان ڊوڙندڙ شخص” شايع ٿي پڙهندڙن جي هٿن ۾ پهتا. سال 2016 ۾ پرڏيهي ڪهاڻين جي ترجمي جو ڪتاب “محبت ماريا ماڻهو” شايع ٿيو ۽ ايندڙ ڪجهه ڪتاب جن ۾ سندس شاعريءَ جو مجموعو، ڊائريءَ جا ورق، مختلف شخصيتن تي خاڪا ۽ پرڏيهي ترجمن تي ٻڌل ڪتاب شامل آهن.
ڪرشن چندر جي هنن ڪهاڻين، يا افسانن جنهن جا ڪردار انساني آهي ۽ انهن جا تڪرار ۽ انتشار به انسانن جي وچ ۾ آهن جيڪي پيدا به انسانن خود ڪيا آهن ۽ انهن جو نبيرو به کين ئي ڪرڻو آهي ۽ هي علاج گھايل دلين کي ڪيتريقدر سرت ۽ سگھه ڏيندڙ آهي سو ته ڪرشن کي پڙهڻ کانپوءِ ئي پتو پوندو ۽ بس.
[b]- نصير سومرو
[/b]
ڪراچي
12/12/2018