بي نام رشتا
اڄوڪي رات پنهنجي هئي. اڄ ڪنهن جو به ڊپ نه هو. ڊپ ته ان کي ٿيندو آهي جنهن جي کيسي ۾ پئسا هوندا آهن. هن خالي کيسن واري ملڪ ۾ ڀريل کيسن وارن کي ڊپ ٿيڻ گهرجي. مون وٽ ڇا هو جو ڪير ڦري؟
ٻڌو اٿم ته حڪومت هڪ قانون ٺاهي رکيو آهي، جنهن تحت ٻارهين وڳي کان پوءِ روڊن تي گهمڻ منع آهي. ڇو؟ ڇا ڳالهه آهي؟ رات جو ٻارهين وڳي کان پوءِ بمبئي ۾ ڇا ٿيندو آهي، جنهن کي هو مون کان لڪائڻ ٿا چاهين؟ آءٌ ته ضرور روڊن تي گهمندس، کڻي اُن جو ڪهڙا به نتيجا نڪرن. اڄ آئون هر حال ۾ پنهنجن دوستن سان ملندس.
اهو ئي سوچي، آئون چرچ گيٽ جي سامهون وارو رستو پار ڪري يونيورسٽي گرائونڊ ۾ داخل ٿيس. اتان کان وري فلورافائونٽين وڃڻ جو جو خيال هو. ميدان مان گذرندي ڏٺم ته، هڪ ڪنڊ ۾ ڪجهه ڇوڪرا، گول دائري ۾ ويٺل هئا ۽ ڪجهه ڳائي رهيا هئا.
تنهنجو منهنجو پيار ٿي ويو،
تنهنجو منهنجو،
منهنجو تنهنجو،
تنهنجو منهنجو پيار ٿي ويو.
هڪ ڇوڪرو، وات مان بانسري جو آواز ڪڍڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو ۽ ٻيو ڪاٺ جي پيتي کان طبلي جو ڪم وٺي رهيو هو ۽ باقي ڇوڪرا گاني جي لئه تي تاڙيون وڄائي رهيا هئا. سڀ خوشي مان ڪنڌ لوڏي رهيا هئا. مون اُنهن کان پڇيو. “ڀاءُ ڪريو خبر، ڪنهن جو ڪنهن سان پيار ٿي ويو؟”
هو گانو بند ڪري گهڙي پل لاءِ مونکي ڏسڻ لڳا. خبر ناهي ته آئون ماڻهن کي ڏسڻ ۾ ڪيئن ٿو لڳان؟ پر ايتري سا خبر اٿم ته، هڪ ڀيري ڏسڻ ۽ ملڻ سان ماڻهو مونسان هري مري ويندا آهن. ايتريقدر جو پنهنجي زندگي جا ڳجهه ۽ پنهنجي ننڍڙي سنسار جون هڙ تصويرون ۽ پنهنجي دل جا سڀ درد، مون سان سلڻ لڳندا آهن. منهنجي چهري ۾ ڪوبه رعب ۽ دٻدٻو ناهي، منهنجي لباس ۾ ڪابه چمڪ ڌمڪ ناهي ۽ نه ئي اها رونق جيڪا ڪاري شيرواني ۽ سرخ گلابي گل ۾ يا ڪمپليٽ سوٽ ۾ هوندي آهي. بس پيرن ۾ معمولي چپل هوندي آهي ۽ اُن جي مٿان چوڙيدار پاجامو ۽ اُن جي مٿان بافتي جي قميص، جيڪا اڪثر پٺن کان ميري هوندي آهي. ڇو جو هڪ ته مونکي جهڳيءَ ۾ پٽ تي سمهڻ جي عادت آهي، ۽ ٻي خرابي مون ۾ اها آهي ته جتي به ويهندو آهيان، ڀت کي ٽيڪ ڏيئي ويهندو آهيان. اها ٻي ڳالهه آهي ته منهنجي زندگي ۾ اڪثر ميريون ڀتيون ڪجهه جهجهيون ئي اينديون آهن ۽ صاف سٿريون ڀتيون تمام گهٽ. ڪم بخت قميص ڪلهن کان جهٽ ڳري وڃي ٿي ۽ ڪلهن وٽ توهان کي ٽانڪا به گهڻا نظر ايندا. ڇو ته ٽانڪو نالو ئي آهي ڦاٽل ڪپڙي جي ٻن ڪنارن کي ڳنڍڻ جو. ڦاٽل ڪپڙن کي ته بار بار ٽانڪڻ اسان جي وس آهي، پر شيرواني تي، گلاب جي گل کي ٽانڪڻ اسان پارن جي وس جي ڳالهه ناهي. اُن ٽانڪي ۾ ۽ هن ٽانڪي ۾ ايڏو فرق ڇو آهي؟
اِهو سچ آهي ته ٻه انسان هڪ جهڙا ناهن ٿيندا. هڪ مُنهن مهانڊي جا نه ٿيندا آهن. بمبئي ۾ ڏينهن رات مختلف چهرا ڏسندو آهيان. لکين مختلف چهرا. پر ايئن ڇو آهي جو، سڀني جي ڪلهن تي اهي ٽانڪا لڳل هوندا آهن. لکين ٽانڪا، ڦاٽل زندگي جي ڪنارن کي ملائڻ جي ناڪام ڪوشش ڪن ٿا. هڪ نقاد منهنجا افسانا پڙهي چيو ته، اُنهن ۾ ڪنهن به انسان جو چهرو نظر نٿو اچي. ها مون ۾ اها ئي خامي آهي جو آئون پنهنجي ڪردارن جو چهرو نٿو ڏيکاريان. آءٌ اُنهن جي ڪلهن جا ٽانڪا ڏيکاريان ٿو. ٽانڪا مونکي انسان جي اندر جو چهرو ڏيکارين ٿا. انهن جي ڏينهن رات جي ڇڪتاڻ ۽ محنت جو ڳجهه ٻڌائين ٿا، جنهن بنا زندگي جو ڪو به ناول، ۽ سماج جو ڪوبه افسانو مڪمل نٿو ٿئي. مونکي ان ڳالهه تي خوشي آهي ته، منهنجو چهرو ڏسي ڪو مون کي ڪلرڪ ٿو سمجهي ته، ڪو ڪٻاڙي. ڪو گهورڙيو ٿو سمجهي ته ڪو حجام. اڄ تائين ڪنهن به مونکي وزير يا ڪاٽڪو ناهي سمجهيو. مون کي ان ڳالهه تي به خوشي آهي ته، آئون اُنهن لکن ڪروڙن ماڻهن مان هڪ آهيان، جيڪي بنا ڪنهن حجاب ۽ بنا ڪنهن رسمي تعارف يا سڃاڻپ جي، هڪ ٻئي سان رلي ملي وڃن ٿا.
هتي به هڪ پَل جي هٻڪ کانسواءِ، اُهي مون ڏانهن ڏسي کليا.
هڪ ڇوڪري مونکي چيو، “اچ دوست! اچ هتي ويهه. ۽ جيڪڏهن اسان سان گڏ ڳائڻ چاهين ته ڳاءِ!”
ايئن چوندي اُن سنهڙي ڇوڪري پنهنجو ڪنڌ لوڏي وار پويان ڪيا ۽ ڪاٺ جي پيتي جو طبلو وڄائڻ لڳو. اسين سڀ گڏجي وري ڳائڻ لڳاسين.
تنهنجو منهنجو،
منهنجو تنهنجو،
پيار ٿي ويو.
اوچتو ئي ساڳئي سنهڙي ڇوڪري، طبلو وڄائڻ بند ڪري ڇڏيو ۽ پنهنجي ڀرسان ويٺل ساٿي کي، جيڪو پنهنجو منهن گوڏن ۾ هڻي ويٺو هو، ٺوڪر هنئي.
“چنڊا مڌو بالا! تون ڇو نٿو ڳائين؟”
مڌوبالا پنهنجو منهن وڏي تڪليف سان گوڏن مان ڪڍيو. هن جو چهرو، ادا ڪاره مڌو بالا جهڙو خوبصورت نه هو. منهن کان وٺي کاٻي هٿ جي ٺونٺ تائين، باهه سان جلڻ جو هڪ وڏو نشان اڀريل هو. هن جي چهري تي، ڏک ۽ پيڙا جا آثار چٽا نظر اچي رهيا هئا. هن جي ننڍين ننڍين اکين ۾ جيڪي هن جي چهري ۾ کنڊرن جيان لڳيون ٿي، انتهائي اُداسي ۽ پريشاني نظر اچي رهي هئي. هن پنهنجا چپ ڀيڙي طبلي وڄائيندڙ ڇوڪري کي چيو، “چنڊا مونکي ڇڏ، منهنجي پيٽ ۾ سور ٿو پوي.”
“ڇو سور پيو اٿئي؟ تو وري ايراني پلاءُ ته ناهي کاڌي؟”
مڌو بالا ڏک مان ڪنڌ لوڏي ها ڪئي.
“ڇو کاڌئي نڀاڳا؟”
“ايراني پلاءُ نه کانءَ ها ته ٻيو ڇا کانءَ ها؟ اڄ فقط ٽي جوتا جو پالش ڪيا هئم.”
هڪ ٻئي ڇوڪر، جيڪو عمر ۾ سڀني کان وڏو ٿي نظر آيو ۽ جنهن جي کاڏيءَ تي ڏاڙهيءَ جا ڪجهه وار نڪري آيا هئا ۽ مٿي جا وار ڀرن تائين پکڙيل هئا، پنهنجي نڪ کي موڙو ڏيندي چيو، “اڙي چنڊا اُٿي ڊوڙ پاءِ. هل ته آءٌ به توسان گڏجي ڊوڙ ان ٿو. ٻن چڪرن ۾ سور لهي ويندئي.”
“ڇڏ چنڊا رهڻ ڏي.”
“اُٿ چنڊا نه ته ٿڦ وهائيندو سانءِ.”
مڌوبالا هٿ ٻڌي چيو: “ڪِڪو رهڻ ڏي. آءٌ توکي منٿ ٿو ڪريان، هي پيٽ جو سور ئي مون لاءِ ٺيڪ آهي.”
“چنڊا چوانءِ ٿو اُٿ، ڇوٿو اسان جي سنگت کي ٽِڪو لڳائين.” ايئن چوندي، ڪِڪو هٿ وڌائي مڌوبالا کي اُٿاريو ۽ ٻئي يونيورسٽي گرائونڊ ۾ ڊوڙڻ لڳا.
پهرين ته آءٌ ٻنهي کي، ڊوڙندو ڏسندو رهيس ۽ پوءِ جڏهن منهنجي ويجهو ويٺل ڇوڪري مٿو کنهندي ڳالهايو، “چنڊي ايراني پلاءُ به وڏي مصيبت آهي. کائو ته به مصيبت، نه کائو ته به مصيبت.”
مون چيو، “ايراني پلاءُ ته مزيدار ٿيندي آهي اُن سان پيٽ ۾ سور ڇو ٿو پوي.”
منهنجي ڳالهه ٻڌي، سڀني کان ٽهڪ نڪري ويا. هڪ ڇوڪرو جنهن جو نالو ڪلديپ ڪورهو ۽ جنهن کي ڪڇو ۽ بشرٽ پاتل هو، موڏانهن نهاري کلندي چيو، “لڳيم ٿو ته، تو ڪڏهن ايراني پلاءُ ناهي کاڌي؟”
ڪلديپ ڪور پنهنجي بشرٽ جا بٽڻ کوليندي مونکي ٻڌايو “ايراني پلاءُ هنن ڇوڪرن جو خاص اصطلاع آهي. اهي سدائين اهو پلاءُ ناهن کائيندا. پر جنهن ڏينهن ڪنهن ڇوڪري کي پالش جو ڪم گهٽ ملندو آهي، اُن ڏينهن هن کي اهو پلاءُ کائڻو پئجي ويندو آهي ۽ اهو پلاءُ سامهون واري ايراني هوٽل مان رات جو ٻارهين وڳي کانپوءِ ملندو آهي، جڏهن سڀ گراهڪ کائي پي وڃي چڪا هوندا آهن. سڄي ڏينهن جي کاڌي ۾، گراهڪ پليٽن ۾ جيڪي به ڊبل روٽي جا ٽڪرا، گوشت ۽ چوسيل هڏيون، چانور ۽ ٻيون شيون بچائيندا آهن، سي گڏ ڪري، اُن کي ملائي پلاءُ ٺاهيو ويندو آهي، ۽ ٻه آنا في پليٽ جي حساب سان بورچي خاني جي پوئين در وٽ وڪيو ويندو آهي. ان کي ئي اسين ايراني پلاءُ ڪوٺيندا آهيون. ان پلاءَ کي هن علائقي جا غريب ماڻهو به کائڻ پسند ڪونه ڪندا آهن. تڏهن به هر روز سوين پليٽون وڪامنديون آهن. گراهڪن ۾ گهڻا تڻا بوٽ پالش وارا، فرنيچر ڍوئڻ وارا، گراهڪن لاءِ ٽيڪسي آڻڻ وارا ۽ ڀر پاسي جي بلڊنگن ۾ رهندڙ نوڪر، ۽ ٺهندڙ بلڊنگن ۾ ڪم ڪرڻ وارا مزور شامل هوندا آهن.”
مون ڪلديپ ڪور کان پڇيو، “تنهنجو نالو ڪلديپ ڪور ڇو آهي؟”
ڪلديپ ڪور بشرٽ لاهي ڇڏيو، ۽ گاهه تي ڏاڍي مزي سان ليٽي پنهنجي ڪاري پيٽ تي هٿ ڦيريندو رهيو ۽ منهنجي ڪيل سوال تي کلندو به رهيو. ۽ جڏهن کلي بس ڪيائين، ته پنهنجي هڪ ساٿي کي سڏيندي چيائين، “منهنجي پيتي کڻي اچ.” سندس ساٿي کيس پيتي آڻي ڏني. ان پيتي ۾ جيتريون به پالش جون ننڍيون وڏيون دٻيون هيون، اُنهن سڀني تي نرگس جون تصويرون لڳل هيون. جيڪي مختلف اخبارن ۽ رسالن مان ڪٽيل هيون.
ڪلديپ ڪور چيو، “هي چنڊو نرگس پالش ڪندو آهي. هو نمي ۽ هو وري ثريا . اسان ۾ جيڪي به پالش وارا آهن سڀ ڪنهن نه ڪنهن فلم اداڪارا جون تصويرون ڪٽي پالش جي دٻين تي لڳائيندا آهن ۽ اُن جي نالي تي پالش ڪندا آهن.”
“ڇو؟”
چنڊا گراهڪ انهن ڳالهين مان ڏاڍا خوش ٿيندا آهن. اسين انهن کان پڇندا آهيون، “صاحب ڪهڙي پالش هڻون؟ نرگس، ثريا يا مڌوبالا؟” ۽ پوءِ جيڪو گراهڪ جنهن اداڪاره کي پسند ڪندو آهي ان جي پالش هڻڻ لاءِ چوندو آهي ۽ اسين گراهڪ کي، ان ڇوڪري جي حوالي ڪندا آهيون، جيڪو اُن اداڪارا جي پالش هڻندو آهي. اسين پاڻ ۾ اٺ ڇوڪرا آهيون، ۽ چرچ گيٽ تي هن اسٽينڊ جي پويان ويهندا آهيون. جنهن وٽ جنهن اداڪاره جي پالش آهي، اُهو ئي اُن جو نالو آهي. ايئن ڪرڻ سان اسان جو ڌنڌو سٺو ٿيندو آهي ۽ ڪم ڪرڻ ۾ مزو به ايندو آهي.”
مون پڇيو، “تون بس اسٽاپ جي فوٽ پاٿ تي، ايراني هوٽل جي سامهون ويهين ٿو، توکي پوليس واراتنگ نٿا ڪن؟”
ڪلديپ ڪور اونڌو ليٽيل هو ۽ هاڻ سڌو ٿي ويٺو. هن پنهنجي هٿ جي آڱوٺي کي آڱر سان دٻائي هڪدم ايئن لهرايو، ڄڻ ته فضا ۾ ئي اڇلائڻو هجيس”اهي چنڊا ڇا تنگ ڪندا؟ هن پٽ تي جيڪو به سمهندو آهي اُن لاءِ انهن کي هڪ پئسو ڏيندو آهي.” اهو چئي ڪلديپ ڪور فضا ۾ آڱوٺي سان خيالي اٺ آني اُڇلي، ۽ فضا ۾ نهارڻ لڳو. وري ٻئي هٿ کولي اُن اٺ آني کي جهٽي ورتائين. ڪلديپ ڪور ڪرب وچان کلي ڏنو. هن وڌيڪ ڪجهه ڪونه ڳالهيو ۽ وري چپ چاپ ليٽي پيو.
نرگس مون کان پڇيو: “تون به هت، دادر ۾ پالش ڪندو آهين؟ لڳي ٿو مون توکي ايراني هوٽل آڏو ڏٺو آهي؟”
مون چيو، “ها مونکي به هڪ پالش وارو ئي سمجهه.”
“ڇا ملطلب؟” ڪلديپ ڪورهاڻي اُٿي ويٺو. هن مون ڏانهن گهوريندي چيو، “چنڊا سڌي ڳالهه ڇو نٿو ٻڌائين، ته ڪهڙو ڌنڌو ڪندو آهين؟”
هن مونکي چنڊو چيو. مونکي ان جي چنڊي ڪوٺڻ تي ڏاڍي خوشي ٿي. ٻيو ڪير ايئن چوي ها ته، ڇٺي جو کير ياد ڏياري ڇڏيانس ها. پر جڏهن هن ڇوڪري مونکي چنڊو چيو، ته آئون ڏاڍو خوش ٿيس. ڇو جو هتي چنڊو گار نه هئي. پر برادري جو لفظ هو. اُنهن مونکي برادري ۾ شامل ڪري ورتو هو. انهي لاءِ مون چيو، “ڀائو هڪ لحاظ کان آئون به پالش وارو ئي آهيان. پر آئون لفظن جي پالش ڪندو آهيان ۽ ڪڏهن ڪڏهن چهرن کي، ۽ ڪڏهن ڪڏهن پراڻي چمڙي کي چيري ڏسندو آهيان، ته اُن جي تهه ۾ ڇا آهي؟”
نرگس ۽ نمي هڪدم ڳالهيو، “ته چنڊا تون گڙ ٻڙ گهوٽالو ڪندو آهين؟ صاف صاف ڇو نٿو ٻڌائين ته ڪهڙو ڌنڌو ڪندو آهين؟”
مون چيو، “منهنجو نالو بشن آهي. آءٌ ڪهاڻيون لکندو آهيان ۽ اخبارن ۾ وڪامندو آهيان.”
“اُن جو مطلب آهي ته تون بابو آهين.” نمي چيو.
نمي هنن سڀني ۾ ننڍو هو. پر هنجي اکين ۾ ذهانت هئي ۽ جيئن ته هو اخبارون به وڪڻندو هو، انهي ڪري ان جي مون ۾ دلچسپي وڌي ويئي. هن بلڪل منهنجي ويجهو ايندي چيو.“ڪهڙي اخبار ۾ لکندو آهين؟ فري پريس، ٽائيم يا بمبئي ڪرانيل؟”
مون چيو، “آءٌ شاهراهه ۾ لکندو آهيان.”
“ساهراه وري ڪهڙي اخبار آهي؟”
“دهليءَ کان نڪري ٿي.”
“دلي پريس مان؟” نميءَ جون اکيون پٽجي ويون.
“۽ هاڻ ادب لطيف ۾ لکندو آهيان.” مون رعب وجهندي چيو.
ڪلديپ ڪور ٽهڪ ڏيئي کلڻ لڳو، “ڇا چيئي بدبي خلطيف؟”
“اڙي نمي تون پنهنجو نالو مٽائي بدبي خلطيف رکي ڇڏ، ڏاڍو سٺو نالو آهي. جڏهن هنن سڀني کلي دنگ ڪيو ته مون سنجيدگي مان چيو ته، “بدبي خلطيف نه پر ادب لطيف. لاهور کان نڪري ٿو ڏاڍو سٺو رسالو آهي”
نرگس بي پرواهي مان ڪنڌ لوڏيندي چيو، “ها چنڊا ضرور هوندو. ادب خطيف ئي هوندو. اسانجو ڇا وڃي؟ اسين اُن کي وڪڻي ٿوروئي پئسا ڪمايون ٿا؟”
ڪلديپ ڪورمون ڏانهن ڏسي وري کلڻ لڳو ۽ کلندي چيائين، “ها پر تون منهن مهانڊي مان ته پڙهيل ڳڙهيل ڪونه ٿو لڳين. بلڪل اسان وانگي، بوٽ پالش وارو لڳين ٿو.”
پوءِ هو سڀ کلڻ لڳا. آءٌ به انهن سان ٽهڪ ڏيڻ لڳس. ٻيو ڪو رستو به ته ڪو نه هو.
ڪلديپ ڪور کلندي کلندي هڪدم سنجيده ٿي ويو ۽ مون ڏانهن ڏسندي پڇيائين، “هڪ ڪهاڻي جي عيوض توکي ڇا ملندو آهي؟”
“بس! ايترو ئي جيترو توهان کي بوٽ پالش مان ملندو آهي. گهڻو ڪري ايترو به نه ملندو آهي. جڏهن آئون لفظن تي پالش ڪري چڪو هوندو آهيان، ته اخبار وارا مهرباني مڃي مفت کڻي ويندا آهن ۽ ان سان پنهنجي اخبار يا رسالي کي چمڪائيندا آهن.”
“ته پوءِ ٺلهي مغزماري ڇو ٿو ڪرين؟ اسان وانگي بوٽ پالش ڇو نٿو ڪرين؟ سچ ٿو چوان ته اسانجي برادري ۾ هليو آ، باقي تنهنجي ئي کوٽ هئي. تنهنجو نالو بدلائي بدبي خلطيف رکنداسين. ڪيئن ٺيڪ آهي نه؟ ته پوءِ هٿ ملائي.”
مون ڪلديپ ڪور سان هٿ ملايو.
ڪلديپ ڪور چوڻ لڳو، “پر چار آنا هر روز پوليس واري کي ڏيڻا پوندئي.”
“۽ جي ڪڏهن ڪنهن ڏينهن چار آ نه هجن ته پوءِ؟”
“پوءِ جي اسانکي خبر ناهي. باقي چار آنا سو پوليس واري کي ڪيئن به ڪري ڏيڻا پوندا. اُن جي لاءِ کڻي ڌاڙو هڻڻو پوي ته به هڻڻو پوندو ۽ مهيني سوا ٻه ڏينهن جيل ۾ به رهڻو پوندئي.”
“چنڊا سو وري ڇو؟”
“اها اسانکي خبر ناهي. پوليس واري کي اسين هر روز چار آنا ڏيندا آهيون، ته به ڪڏهن ڪڏهن اسان کي پڪڙي وٺي ويندو آهي. چوندو آهي اسين ڇا ڪريون. قانون جي خانا پورائي ڪرڻ لاءِ، اسان ايئن ڪرڻ لاءِ مجبور آهيون.”
مون چيو، “ٺيڪ آهي ٻه ڏينهن جيل ۾ به رهي وٺبو.”
ڪلديپ ڪور چيو، “۽ مهيني ۾ هڪ ڀيرو توکي ڪورٽ ۾ به وڃڻو پوندو. اُتي تنهنجو چالان پيش ٿيندو ۽ ڪورٽ جو ڏنڊ به ڀرڻو پوندو. يعني ٻن کان ٽن پئسن تائين اُهي به ڏيڻا پوندا.”
“اِهي وري ڇو؟ جڏهن ڏهاڙي چار آنا پوليس واري کي ڏيندس ته پوءِ ڏنڊ ڇا جو ڀرڻو پوندو؟”
“اڙي چنڊا! پوليس کي به ته پنهنجي ڪار گذاري ڏيکارڻي پوي ٿي. تون سمجهين ڇو نٿو بدبي خلطيف.”
مون اک ڀڃندي ڪلديپ ڪور کي چيو، “چنڊا سڀ سمجهان ٿو.” اسين سڀ کلڻ لڳاسين. ايتري ۾ مڌوبالا ۽ ڪڪو ميدان مان چڪر ڪاٽي واپس موٽي آيا.
“پيٽ جو سور لهي ويو؟” مون مڌوبالا کان پڇيو.
“سور ته لهي ويو، پر هاڻ بک پئي چڪ هڻي.” مڌوبالا وراڻيو.
“۽ مونکي به” نرگس به رڙ ڪئي.
“ته ڇا وري ايراني پلاءُ!؟” نمي ڪنڌ لوڏيندي چيو.
“وري پيٽ ۾ سور پوندو، وري ميدان جا چڪر ۽ وري بک.” ڪلديپ ڪور تلخي مان چيو.
“آءٌ ٻه پئسا ڏيئي سگهان ٿو.” نمي آڇ ڪئي.
“آنڪ منهنجي طرفان.” مون موٽ ڏني.
سڀ ملائي چار آنا ٿيا. نمي کي ايراني پلاءُ وٺڻ لاءِ موڪليو ويو. اسان ۾ هو سڀني کان ننڍو هو ۽ ايراني هوٽل جو بورچي کيس پسند به ڪندو هو. ان ڪري ممڪن هو ته، هو نمي کي ڏسي، ٻن پليٽن جي بجاءِ ٽي، يا گهٽ ۾ گهٽ ٽن پليٽن جيترو پلاءُ ڀري ڏي.
نمي جي وڃڻ کانپوءِ مون پڇيو، “توهين روزانه هتي سمهندا آهيو؟”
“مڌوبالا کانسواءِ ٻيا سڀ.” ڪڪو چيو “مڌوبالا روز پنهنجي گهر ويندوآهي پر اڄ ناهي ويو.”
مون مڌو بالا کان پڇيو، “تنهنجو گهر آهي؟”
“ها، سائيٽ ايريا ۾ جهوپڙي آهي. جتي امان سان گڏ رهندو آهيان.”
“۽ بابو؟”
“بابي جي مونکي ڪهڙي خبر، هوندو ڪو چنڊو سامهون واري بلڊنگ جو مالڪ.” مڌوبالا وراڻيو.
اوچتو سڀ چپ ٿي ويا، ڄڻ سندن منهن تي ڪنهن ٿڦ وهائي ڪڍي هجي. هي ڇوڪرا بي گهر هئا. بنا ڪنهن سهاري بنا ڪنهن نالي. هنن پنهنجي زندگيءَ ۾ ڪڏهن به، نه پائڻ واري محبت کي ڌنن ۾ جهونگارڻ جي ڪوشش ڪئي هئي.
“تنهنجو منهنجو پيار ٿي ويو.”
“ڪٿي آهي تنهنجو پيار؟ اي منهنجا پي؟ او منهنجي ماءُ؟ او منهنجا ڀاءُ؟ ته پوءِ تو ڇالاءِ مونکي جهان ۾ آندو؟ ۽ هنن سخت ۽ بي رحم ٽيڪس مڙهيل فٽ پاٿن تي ڌڪن کائڻ لاءِ اُڇلي ڇڏيو؟”
گهڙي پل لاءِ، ڇوڪرن جا سوالي چهرا ڪنهن اَڻ ڏٺي ڊپ کان هيسجي ويا ۽ هو هڪ ٻئي سان ڏاڍو زور سان چهٽي پيا. ڄڻ ڪنهن کي ڪٿان به ڪو آسرو نه مليو، ڄڻ انهن کي شهر جي هر وڏي عمارت، ۽ هر فٽ پاٿ تي هلڻ وارو ٺوڪر ماري رهيو هجي ۽ اُنهن کي رات جي اونداهه ۾ هڪ ٻئي کي مضبوط جهلڻ لاءِ مجبور ڪيو هجي.
مونکي اهي اُن وقت ايئن ڊنل لڳا جيئن ٻولا ٻالا، ڪنهن اَڄاتل ۽ اَڻ کٽ جهنگل ۾ وڃائجي ويا هجن. ان ڪري بمبئي به مونکي ڪڏهن ڪڏهن شهر نه پر جهنگل لڳندو آهي. جنهن ۾ معاشري جو بي نام اولاد روڊن جي رنگينين ۾، پنهنجو رستو ڳوليندو آهي ۽ جڏهن اُنهن کي رستو نه ملندو آهي ته، هو اکيون بند ڪري وڻ جي هيٺان ويهي رهندا آهن... ۽ وري سوچڻ لڳندو آهيان ته، نه ايئن به ناهي. بمبئي جهنگل نه، پر هڪ شهر آهي. ماڻهو چون ٿا اُن جي هڪ ميونسپل ڪارپوريشن آهي. اُن جي هڪ حڪومت آهي. بازارون آهن، گهٽيون آهن، دڪان آهن، رستا آهن ۽ اهي سڀ هڪٻئي سان ايئن جڙيل آهن، جيئن هڪ مهذب ۽ تمدن واري شهر ۾ شيون هڪ ٻئي سان جڙيل ۽ ڳنڍيل هونديون آهن.
آءٌ اهو سڀ ڄاڻان ٿو. بمبئي جي رستن ۽ گهرن جي خبر اٿم، ۽ اُنهن جي عزت ۽ احترام ڪريان ٿو. پر اُن عزت ۽ احترام ۽ محبت جي باوجود به، مونکي بمبئي شهر ۾ اهڙيون اڻڳڻيون گهٽيون نظر اچن ٿيون، جن مان ٻاهر نڪرڻ جو ڪون به گس ناهي. ڪيترا اهڙا رستا آهن، جن کي پنهنجي منزل جي خبر ئي ناهي. ڪيترائي اهڙا ٻارڙا آهن، جن کي پنهنجي گهر جي خبر ئي ناهي.
ان خاموشي کي نمي جي واپسي ٽوڙيو.
هو ڊوڙندو ڊوڙندو اسانجي ويجهو آيو. هن جي هٿ ۾ ايراني پلاءُ جون ٽي پليٽون هيون، جن مان گرم گرم ٻاڦ نڪري رهي هئي. جڏهن هن پليٽون کڻي ڇٻر تي رکيون، ته اسانجي نظر نمي جي چهري تي پئي. نمي جي اکين ۾ لڙڪ هئا.
“ڇو، ڇا ٿيو؟” ڪلديپ ڪور پڇيو.
نمي ڪاوڙ مان چيو، “بورچيءَ هتي ڏاڍو زور سان چڪ پاتو آهي.” نمي پنهنجو ساڄو ڳل اسانجي طرف ڪيو.
نمي جي ڳل تي وڏو نشان هو.
ڪلديپ ڪور بورچي کي گاريون ڏيندي چيو، “حرامزادو پاڻ کي سمجهي ڇا ٿو؟” ۽ پوءِ هو سڀ ايراني پلاءُ کائڻ کي لڳي ويا.
***