عورت جو عطر
“۽ هن عورت جي پگهر مان به خوشبوءِ اچي رهي هئي!”
سيٺ موهن لال بڪي هلائيندڙ، جيڪو صرف کادي جا ڪپڙا پائيندو هو، صرف وسڪي پيئندو هو ۽ صرف بليڪ مارڪيٽنگ جو ڌنڌو ڪندو هو، مسلسل ڪهاڻي ٻڌندي ٻڌندي هڪ جملي تي اٽڪي بيهه رهيو. هن افسانه نگار نروتم ڀائي پانڊيا کي اڌ۾ ڪٽيندي چيو:
“اڙي پانڊيا! هي تو وري ڇا چيو؟”
“جي! مون چيو ته اُن عورت جي پگهر مان دل کي ڀائيندڙ خوشبوءِ اچي رهي هئي.”
“ڇا عورت جي پگهر مان خوشبوءِ نڪرندي آهي!؟ “بڪي هلائيندڙ موهن لال حيراني مان پڇيو.
“جي ها! يقين نه اچي ته مس پريماوتي کان پڇي وٺو.”
مس پريما وتي ٿورڙو مرڪيو، ٿورڙو شرمايو، پر سيٺ موهن لال اڳيان وڌي سونگهي ئي ورتو. مس پريماوتي هڪ هلڪي ٿڌيرڙي خوشبو لڳائي رکي هئي. سيٺ جي ناسن ۾ اها هلڪي بي نام خوشبوءِ گهر ڪري ويئي.
سيٺ خوش ٿيندي چيو: “ها اچي ٿي. پر سڀني عورتن جي پگهر مان اهڙي خوشبوءِ اچي ٿي؟.”
“سڀني مان ته نه.” پانديا فلاسافرن جيان سمجهائيندي چيو، “صرف ڪنوارين ڇوڪرين جي پگهر ۾ اها هوندي آهي.”
مس پريماوتي جو چهرو خوشي مان ڳاڙهو ٿي ويو. سيٺ به خوش ٿيو، ڇو جو انهن ڏينهن ۾ هو هڪ فلم ٺاهڻ جو سوچي رهيو هو ۽ انهي سلسلي ۾ هو نروتم ڀائي پانڊيا کان ڪهاڻي ٻڌي رهيو هو. انهي ئي سلسلي ۾ هن مس پريماوتي کي هيروئن جي ڪردار لاءِ چونڊيو هو. نروتم ڀائي پانڊيا چيو، “سيٺ صاحب اڳيان ٻڌايان.”
سيٺ موهل لال بڪي مالڪ، هڪ چيڪ بڪ ڪڍيو ۽ سئو رپين جو چيڪ ڪهاڻيڪار کي ڏيندي چيو:
“تنهنجي ڪهاڻي تمام سٺي آهي. بلڪل زبردست، پر باقي ڪهاڻي سڀاڻي ٻڌنداسين سڀ ٺيڪ ٿي ويندو ۽ ڪٿي ڪهاڻي صحيح نه به هوندي ته آئون اُن کي خود ٺيڪ ڪري وٺندس. هن وقت تون وڃ.”
سيٺ مس پريماوتي کي به اشاري سان چيو. هوءِ ۽ پانڊيا نمستي چئي اُتان روانا ٿي ويا.
سيٺ صاحب ڪجهه دير لاءِ ڪرسي تي ويٺو ئي رهيو ۽ گهري سوچ ۾ گم ٿي ويو.
رات جو سيٺياڻي کاڌي جي ٿالهي کڻي رڌڻي کان ٻاهر نڪتي ۽ صندلي تي رکندي چيو. “اچو ماني کائو.”
سيٺاڻي جو لهجو هميشه جي طرح کهرو ۽ تيزهو. پيشاني تي هر وقت گهنج هئڻ جي ڪري هن جي هڪ اک هيٺ ۽ هڪ اک مٿي ڏيکائي ڏيندي هئي. سيٺ به هميشه سيٺياڻي سان تلخ لهجي ۾ ڳالهائيندو هو. پر اڄ هن سيٺياڻي جو غصو ڏسندي به مسڪرائي ڏنو. هن سيٺياڻي جو هٿ پڪڙي پنهنجي ڀرسان ويهاريو. دراصل هن اُن کي سونگهڻ چاهيو ٿي.
سيٺياڻي پيشاني تان پگهر اُگهندي چيو.
“اڙي ڇا ٿو ڪرين. ڪوئي ڏسندو ته ڇا چوندو؟”
سيٺ ناسن سان سونگهڻ کان پوءِ چيو.
“سيٺياڻي تنهنجي پگهر مان ته بدبوءِ پئي اچي.”
“اڙي تنهنجي عقل کي ڇا ٿي ويو آهي؟ ايتري خبر به نٿي پونئي ته پگهر مان بدبوءِ نه ايندي ته ڇا خوشبوءِ ايندي؟”. سيٺياڻي ٿورڙو پري سرڪندي چيو.
سيٺ چيو: “سيٺياڻي جڏهن تون ڪنواري هئين ته تنهنجي پگهر مان خوشبوءِ نڪرندي هئي.”
سيٺياڻي چيو. “ڏي منهن. الاهجي ڪڏهن جي ڳالهه ڪرين ٿو.؟ جڏهن آئون ستن سالن جي هئس، تڏهن منهنجي توسان شادي ٿي ويئي هئي. جڏهن سڄي عمر گهر جي رڌپچاءَ ۾ گذري ويئي ته آئون ڇا ڄاڻان خوشبوءِ ٻشبوءِ کي. ۽ هي اڄ تون ڪهڙيون ڳالهيون ڪري رهيو آهين؟ ڪٿي فلمي ڪمپني کولي اداڪارائن جي چڪر ۾ ته نه اچي ويو آهين؟ ياد رکجئين اهڙو حشر ڪنديسانءِ جو....”
سيٺ پنهنجا ٻيئي هٿ مٿي ڪندي جلدي مان چيو، “نه نه سيٺياڻي ڪهڙي ڳالهه ٿي ڪرين؟، آئون ته بس ائين ئي پڇي رهيو هوس”.
ايترو چوندي هن جلدي مان کاڌي ڏانهن هٿ وڌايو. پر سيٺياڻي ڏٺو ته کاڌو کائڻ وقت ڪيترا ڀيرا سيٺ جو هٿ رڪجي ٿي ويو ۽ گرهه هٿ ۾ ئي رهجي ٿي ويو.
سيٺياڻي زور سان رڙ ڪندي چيو.
“ڇا پيو سوچين؟ کاڌو کائڻ وقت ڪجهه به سوچڻ نه گهرجي.”
سيٺ صاحب اوچتو ئي ڇرڪ ڀريو. هو تصور جي دنيا مان نڪري واپس سيٺياڻي جي دنيا ۾ اچي ويو ۽ چيو.
“ڪا ڳالهه ناهي، ڪا ڳالهه ناهي، آئون ته آهستي آهستي کاڌي جو مزو وٺي رهيو آهيان.”
“ڪهڙو کاڌي مان مزو پيو وٺين؟. اُهائي روز واري پٽاٽن جي ڀاڄي آهي.” ايترو چئي سيٺياڻي پاڻي جو گلاس ڀرڻ لاءِ بورچيخاني ڏانهن هلي وئي.
ٻئي ڏينهن مقرر وقت تي نروتم ڀائي پانڊيا ڪهاڻي ٻڌائڻ لاءِ سيٺ جي دفتر ۾ پهچي ويو.
سيٺ ۽ پريماوتي پهرين کان ئي موجود هئا. پانڊيا پنهنجو چمڙي جو ٿيلهو کوليو. اُن مان ڪهاڻي ڪڍي ٻڌائڻ وارو ئي هو جو سيٺ روڪي ورتس.
سيٺ چيو: “رات مون تنهنجي ڪهاڻي تي تمام گهڻو سوچيو ۽ هڪ ترڪيب منهنجي ذهن ۾ آئي آهي.”
پانڊيا ۽ پريماوتي ٻيئي خاموش ٿي ويا.
سيٺ چيو: “مون سوچيو ته ڇو نه تنهنجي ڪهاڻي تيار ڪرڻ سان گڏوگڏ عورتن جو عطر به تيار ڪيو وڃي.”
“عورتن جو عطر؟” پريماوتي حيراني مان پڇيو.
“ها-ها.” سيٺ موهن لال بڪي هلائيندڙ هڪدم خوشي سان ڀرپور زوردار آواز ۾ چيو: “جيڪڏهن عورتن جي پگهر مان خوشبوءِ نڪري ٿي ته اُن خوشبوءِ مان عطر به تيار ڪري سگهجي ٿو. جيئن گلاب جي پنکڙين مان عطر نڪري ٿو. اهڙي طرح عورتن جي پگهر مان به عطر تيار ڪندس. آئون اُن کي تيار ڪرڻ لاءِ وڏو ڪارخانو لڳائيندس. اُن تي ڏهه ڪروڙ رپيا خرچ ڪندس ۽ اُن ۾ هزارين لکين ڪنواريون ڇوڪريون نوڪري تي رکندس. اُنهن کي پوروڏينهن اُس ۾ بيهاري اُنهن جو پگهار ڪڍرائيندس ۽ پوءِ ان پگهر مان عطر ٺاهڻ جو مرحلو ايندو، ٿورڙو ساهي پٽيندي. “اُهو به مون سوچي ورتو آهي”. سيٺ جون اکيون خوشي منجهان چمڪي رهيون هيون “آئون آمريڪا مان وڏا وڏا آرڪ ليمپ گهرائيندس جن جي گرم ۽ تيز روشني اُنهن ڇوڪرين تي وجهندس جيڪي منهنجي ڪارخاني جون ملازم هونديون. آءُ گرمي جي موسم ۾ اُنهن کي اوني ڪپڙا پهرائيندس ته جيئن اُنهن جي چمڙي جي سوراخن مان خوب پگهر وهي سگهي ۽ پوءِ- برسات جي ڦوهاري جيان پگهر وهڻ لڳندو. جيترو پگهر زياده وهڻ لڳندو. اوترو عطر زياده تيار ٿيندو. منهنجو ڪارخانو هڪ جي بجاءِ ٻن شفٽن ۾ ڪم ڪندو. ڏينهن جو اُس جي شفٽ ۽ رات جو بجلي جي روشني ۾ ڪم ٿيندو. هڪ مهيني ۾ گهٽ ۾ گهٽ هڪ ڇوڪري مان هڪ سير عطر تيار ٿي سگهندو. مون سڀ حساب لڳائي ڇڏيو آهي. جيڪڏهن آئون هڪ لک ڪنوارين ڇوڪرين جو ڪارخانو کوليان ۽ اُنهن جي پگهر جو عطر تيار ڪريان ته ٻن سالن ۾ منهنجي موڙي واپس اچي ويندي ۽ ٽيئين سال مون کي گهٽ ۾ گهٽ ٽي ڪروڙ جي آمدني ٿيندي.
“اهو وري ڪيئن؟” پريماوتي حيراني مان پڇيو.
“اشتهار بازي جي ذريعي.” سيٺ خوشي مان نه ماپندي چيو. “اڄڪلهه دنيا ۾ اشتهارن جي ذريعي سڀ ڪجهه ٿي سگهي ٿو. ۽ وري عورتن جو عطر، مس پريماوتي تون خود سوچ ته ڪهڙو مرد آهي، جيڪو عورتن جو عطر خريد ڪرڻ پسند نه ڪندو؟ مون کي افسوس ته اهو آهي ته مردن جي جسم مان اهڙي خوشبو نٿي نڪري ورنه عورتن جو عطر مردن لاءِ ۽ مردن جو عطر عورتن لاءِ وڪڻا ها، ۽ ٻيڻو فائدو ڪمايان ها. خير! اُن تي سوچڻ مان ڇا فائدو جيڪو ڪم ٿي ئي نٿو سگهي. في الحال مون ڪمپني جا پراسپيڪٽس ڇپجڻ لاءِ ڏنا آهن. ايندڙ هفتي ڪمپني ٺهي ويندي ۽ اُنجا سڀ جا سڀ حصا منهنجا ۽ منهنجي رشتيدارن جا هوندا. ڪجهه اشتهارن جا خاڪا به مون سوچي ورتا آهن. پانڊيا تون صلاح ڏي هي اشتهار ڪيئن رهندو؟”.
“هاڻي ڪنوارين جي پويان ڀڄڻ جي ضرورت ناهي.”
“ڪنواري ڇوڪرين جو عطر استعمال ڪريو” ۽ هي....
“شادي جي خرچن کان بچڻ لاءِ صرف عورتن جو عطر استعمال ڪريو.”
“ڏسو اسان جي ملڪ ۾ هزارين لکين اهڙا نوجوان آهن جيڪي معاشي حالتن جي مجبوري ڪري شادي ڪري نٿا سگهن ۽ برائي ۽ بي راهه روي جي طرف مائل ٿي وڃن ٿا. انهن سڀني لاءِ عورتن جو عطر بهترين رهندو. بس ٿورو عطر ڪپڙن تي لڳائي اُن مان اٿندڙ خوشبوءِ مان عورت جو مزو وٺندا لڏندا جهومندا سئنيما ڏسڻ هليا ويندا.
“ڪيئن ڇا خيال آهي. آئون ڀلا ان فضول فلم ڪمپني جي چڪر ۾ ڇو پوان؟ صرف عطر ٺاهڻ جو ئي ڪارخانو ڇو نه لڳايان؟”.
“ايئن نه ڪريو.” افسانه نگار پانڊيا بي وس ٿيندي چيو. “غضب ٿي ويندو”.
“ڪهڙو غضب ٿيندو؟.”
“او سيٺ صاحب! اوهان کي پنهنجي فلم ڪمپني جي ذريعي لکن جو فائدو ٿيڻ وارو آهي.”
“اُهو وري ڪيئن؟”
“ڏسو! جيڪي آرڪ ليمپ توهان پنهنجي ڪارخاني ۾ استعمال ڪندا. اُهي ئي اسان جي فلم ڪمپني ۾ به استعمال ٿيندا. فلم ٺاهڻ لاءِ آرڪ ليمپن جي گهڻي ضرورت پوندي آهي. بس هتي ڪارخاني ۾ عورتن مان عطر ڪڍايو ۽ هتي فلم ڪمپني ۾ اداڪارائن جو عطر ڪڍايو. نرگس جو عطر، مڌو بالا جو عطر، آئون ته چوان ٿو ته توهان ان کي هندستان تائين ئي ڇو محدود رکو. توهان هڪ بين الاقوامي فلم ٺاهيو ۽ گريٽا گاربو جو عطر ڪڍايو. ڀڳوان جو قسم کڻي چوان ٿو ته هڪ لک ۾ ته آساني سان وڪامندو. فلمون الڳ تيار ٿينديون ۽ فلم ٺهڻ وقت تيز روشني جي سامهون بيهڻ سان جيڪو پگهر نڪرندو اُن مان به عطر ٺاهجو. هڪ ڌڪ سان ٻه شڪار ۽ هڪ پنٿ ٻه ڪاڄ. ماڻهو به خوش.
هي ڏسو! ماڻهو نرگس جي فلم تصوير ڏسڻ وڃي رهيا آهن نرگس جو عطر لڳائي. مڌوبالا جي فلم ڏسڻ وڃي رهيا آهن مڌو بالا جو عطر لڳائي. مون ويجهڙائي ۾ اخبار ۾ پڙهيو هو ته مڌوبالا جو هڪ عاشق مڌوبالا جي نالي جو ورد ڪري مري ويو. جيڪڏهن اُن ويچاري کي مڌوبالا جو عطر ئي ملي ها ته هڪ غريب جي جان ته بچي وڃي ها. آءُ ته چوان ٿو سيٺ جي! توهان هي ڪمپني کولي ڄڻ قوم تي وڏو احسان ڪندا. هزارين نوجوانن جون زندگيون بچائيندا. لکين نوجوان کي بداخلاقي کان بچائي وٺندا”.
سيٺ موهن لال بڪي مالڪ پنهنجي چيڪ بڪ مان ٻه هزار جو چيڪ لکي نروتم ڀائي پانديا جي هٿ ۾ ڏيندي چيو، “تو تمام سٺي تجويز ڏني آهي. هڪدم نئون خيال. آءُ ڏاڍو خوش آهيان. آئون توکي هميشه پاڻ سان گڏ رکندس.”
پانڊيا چيڪ کي کيسي ۾ رکندي چيو. “هڪ ٻيو خيال ذهن ۾ آيو آهي. توهان عورتن کي ته ملازم رکي ئي رهيا آهيو، اُن سان ڪارخاني کي ٻيا به فائدا ٿي سگهن ٿا.”
“مثلن؟”
“اسين عورتن جي لڙڪن کي ڄمائي اُن مان قلفي ٺاهي سگهون ٿا. لڙڪن مان لوڻ الڳ ڪري عورتن جو لوڻ بازار ۾ وڪڻي سگهون ٿا وغيره وغيره.....”
“ها.ها! بلڪل ٿي سگهي ٿو پر اهو مهانگو واپار آهي.” سيٺ صاحب چيو، ان مان ڪجهه ٻيا فائدا به ٿي سگهن ٿا. ٺيڪ آهي اسين ان تي ڪجهه ڪميشن به ڏيئي ڇڏينداسين.”
“توهان جي وڏي مهرباني ٿيندي”. افسانه نگار انتهائي مفلسي واري انداز ۾ چيو.
پريماوتي جيڪا هيستائين چپ چاپ ويٺي هئي، پريشان نظرن سان سيٺ ڏانهن نهاريندي چيو.
“ظاهر آهي توهان هن ڪارخاني ۾ ڪنوارين ڇوڪرين کي رکندئو.”
“ها. ڇو ته خوشبوءِ ته صرف انهن جي پگهر مان ئي نڪري ٿي.”
“پر جيڪڏهن ڪا شادي ڪرڻ چاهي ته؟”
“اهو ڪيئن ٿي سگهي ٿو؟. منهنجي ڪارخاني جي ڪا به ڇوڪري شادي نه ڪري سگهندي. پهرين آئون هي ڪارخانو فقط هندستان ۾ لڳائيندس. پر بعد ۾ ٻين ملڪن ۾ به کوليندس. آمريڪا ۾، برطانيا ۾، فرانس ۾، اُتي انهن ملڪن ۾ عطر جو تمام گهڻو قدر ٿيندو. پر اهو شرط ته هر جڳهه رکندس ته اسان جي ڪارخاني ۾ ڪم ڪرڻ واريون ڇوڪريون ڪڏهن به شادي ڪري نٿيون سگهن.”
“ته توهان دنيا جي لکين عورتن کي شادي کان محروم ڪندا؟”
“ڇا ڪجي. بزنيس بزنيس آهي.”
مس پريماوتي پنهنجو پاڻ مسڪرائڻ لڳي.
“ڇو پئي مسڪرائين؟” سيٺ موهن لال پڇيو.
“ڪا ڳالهه ناهي.” پريماوتي آهستي چيو، “بس ايئن ئي ڪجهه سوچي رهي هيس.”
ٿورڙي دير لاءِ ڪمري ۾ خاموشي ڇائنجي ويئي. پر سيٺ صاحب کلي چيو “ٻيو ته سڀ ٺيڪ آهي، پر هي سائنس جو زمانو آهي، سموري تحقيقات ڪرڻ گهرجي ۽ سٺي نموني جاچ ڪرڻ گهرجي ته، ڪهڙي قسم جي ڇوڪري ۾ ڪهڙي خوشبوءِ هوندي آهي. ڪهڙي عمر ۾ اها خوشبوءِ زياده هوندي آهي. ڪهڙي عمر ۾ گهت هوندي آهي. ضروري ڳالهيون دريافت ڪرڻ لاءِ هڪ سائنسدان سان ڳالهايو آهي. اُهو نيشنل ليبارٽري ۾ پنج سئو رپين تي ملازم هو، مون ٻه هزار مهيني تي اُن کي گهرائي ورتو آهي. ڊاڪٽر عبدالحفيظ اُن جو نالو آهي. نوجوان آهي. پي ايڇ ڊي آهي. محنت ۽ دلچسپي سان ڪم ڪندو. ٻاهر ڪمري ۾ ويٺو آهي”. پانديا ڪجهه چوڻ وارو ئي هو جو پريماوتي جلدي مان چيو، “اُن کي اندر گهرائي وٺو”. سيٺ گهنٽي وڄائي سائنسدان کي اندر سڏي ورتو ۽ اُن کي سٺي نموني ڳالهه سمجهائي ڇڏي.
ڊاڪٽر عبدالحفيظ چيو “هن تحقيقات ۾ ڇهه مهينا ته لازمي لڳندا”.
سيٺ رڙ ڪندي چيو، “هي وري ڪهڙي ڳالهه ڪرين ٿو؟ آئون پراسپيڪٽس ڇپائي رهيو آهيان. ڪمپني جا حصا وڪڻي رهيو آهيان، ڪمپني جي ڪارخاني لاءِ مشينري جو آرڊر ڏيئي رهيو آهيان ۽ تون ڇهه مهينا تحقيقات ۾ لڳائيندين؟ ايستائين آئون انتظار نٿو ڪري سگهان. صرف ٽي مهينا ڪافي آهن. ٽن مهينن کان پوءِ تون مون کي هن دفتر ۾ ملجان. هي وٺ ٽن مهينن جو اڳواٽ پگهار”. سيٺ ڇهه هزار جو چيڪ سائنسدان کي ڏنو ۽ سائنسدان هٿ ٻڌندو روانو ٿي ويو.
پورن ٽن مهينن کان پوءِ ڊاڪٽر عبدالحفيظ سيٺ جي دفتر جي گهنٽي وڄائي. سيٺ اُن کي هڪدم اندر گهرايو. سيٺ سائنسدان کي ڏسي حيرت ۾ پئجي ويو. سائنسدان جي اکين جي هيٺان ڪارا نشان پئجي ويا هئا. هن جي ڏاڙهي وڌيل هئي ۽ اڌ کان زياده وار سفيد ٿي چڪا هئا.
“هي توهان کي ڇا ٿيو؟” سيٺ حيراني مان پڇيو.
مس پريماوتي ۽ پانڊيا به حيراني مان سائنسدان جي شڪل ڏسڻ لڳا.
ڊاڪٽر عبدالحفيظ چيو. “اهو سڀ ڪجهه اوهان جي تحقيقات جي نتيجي ۾ ٿيو. جنهن ڏينهن توهان مون کي ڪم سونپيو بس انهي ڏينهن کان تحقيقات ۾ لڳي ويس. سڀ کان پهرين سوچيم ته اها تحقيقات ڪرڻ گهرجي ته عورتن جي پگهر ۾ ڪهڙي خوشبوءِ هوندي آهي. ان لاءِ سڀ کان پهرين مون اداڪارائن ڏانهن ويس ۽ نرگس جو پگهر سونگهڻ جي ڪوشش ڪيم جڏهن هو فلم جي هڪ سيٽ تي ڪم ڪري رهي هئي. نڀاڳي نه ڪجهه سوچيو نه سمجهيو، منهنجي ڳل تي زوردار چماٽ هڻي ڪڍي. پوءِ اها چماٽ سهسائيندو مڌوبالا ڏانهن ويس. پر هن مون سان ملڻ کان ئي انڪار ڪري ڇڏيو. اهڙي طرح ٻين اداڪارائن به منهنجي بيعزتي ڪئي. پوءِ به آئون ڪجهه فلمي اداڪارائن جو پگهر سونگهڻ ۾ ڪامياب ٿي ويس. اُن جي رپورٽ منهنجي فائل ۾ موجود آهي. اُن کان پوءِ مون عام ڪنوارين ڇوڪرين تي ڌيان ڏيڻ شروع ڪيو. پر اها مصيبت ٿي ته جيئن ئي اُنهن جو پگهر سونگهڻ جي ڪوشش ٿي ڪيم ته هو چپل لاهي پويان پئجي ٿي ويون. هڪ ڀيرو بازار ۾ هلندي هڪ ڇوڪري کي سونگهڻ جي ڪوشش ڪرڻ تي پوليس مون کي پڪڙي ورتو ۽ هڪ هفتو جيل ۾ رکيو. جج مون کي هڪ مهينو نو ڏينهن جي سزا ڏني. هاڻي جيل کان سڌو هتي پهتو آهيان. “پر انهن تڪليفن جي باوجود پوءِ به مون پنهنجي رپورٽ مڪمل ڪري ورتي آهي. اڄ تائين مون تقريبن ڇهه سو ڪنوارين ڇوڪرين جو پگهر سونگهيو آهي ۽ آئون ان نتيجي تي پهتو آهيان ته....”
“ته.....؟” سيٺ انتهائي بي چيني مان پڇيو.
“ته عورت جي پگهر ۾ خوشبوءِ هوندي ئي ناهي”.
“بابا ڙي” سيٺ زور سان رڙ ڪئي.
“نه ڪنوارين ڇوڪرين م نه شادي شده عورتن جي پگهر ۾، خوشبوءِ هوندي آهي. بلڪه اُنهن جي پگهر ۾ به اهڙي ئي بدبوءِ هوندي آهي جهڙي مردن ۾، پوءِ مون ان بدبوءِ تي تحقيقات ڪرڻ جو سوچيو ته ايئن ڇو آهي؟.
“پر مون ته توکي خوشبوءِ تي تحقيقات ڪرڻ لاءِ مقرر ڪيو هو نه ڪه بدبوءِ تي تحقيقات لاءِ؟.”
“اهو درست آهي. ليڪن مون سوچيو ته جيڪڏهن بدبوءِ جو پتو پئجي وڃي، ته ممڪن آهي ته خوشبوءِ ڪڍڻ جي صورت نڪري اچي. پر ان ۾ به مون کي ناڪامي ٿي. ڇو ته عورت جي پگهر ۾ جيڪي جزا موجود آهن اُن جو تفصيل هي آهي.
عورت جو پگهر ٺهيل آهي = گندو پاڻي+ چند زهريلا مادا+ امونيا+ ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ+ سوديم ڪلورائيڊ وغيره ۽ انهن مان ڪنهن مان به خوشبوءِ نٿي نڪري”.
“اڙي آئون ته لٽجي ويس”. سيٺ پنهنجي ڇاتي تي زور سان هٿ هنيا.
“مون ته ڪارخاني جي عمارت جو ٺيڪو به ڏيئي ڇڏيو آهي ٻن ڪروڙن ۾.
“ترسو ترسو”. مس پريماوتي تسلي ڏيندي چيو ۽ ڊاڪٽر عبدالحفيظ جي طرف مڙي اطمينان سان چيو، “ڊاڪٽر جيڪڏهن عورتن مان عطر نٿو ٺهي سگهي ته عورتن جي لڙڪن مان لوڻ ته ٺهي سگهي ٿو.؟”
“ان تي به مون تحقيقات مڪمل ڪري ڇڏي آهي”. ڊاڪٽر انتهائي يقين سان وراڻيو، “لوڻ بلڪل ٺهي سگهي ٿو پر مون اندازو لڳايو آهي ته اهو ڪو نفعي بخش ڪاروبار نه هوندو، ڇو ته جيڪڏهن هڪ لک عورتن کي هڪ سال تائين رئاڙيو وڃي ته اُن جي لڙڪن مان فقط هڪ ڇٽانگ لوڻ ملندو”.
“گهوڙا ڙي آئون ته ڦرجي ويس برباد ٿي ويس، هاڻي ته هن ڪارخاني مان اضافي فائدن جي اُميد به نه رهي. اڙي پانڊيا جا پٽ تو ته منهنجو ڍينگو ئي ڍيري ڪري ڇڏيو ۽ تون به وري سائنسدان بنيو ڦرندو ٿو وتين، نڪري وڃو توهين ٻئي منهنجي ڪمري مان هن ئي وقت” پانڊيا ۽ سائنسدان اُتان جلدي کسڪي ويا. ڪمري ۾ صرف پريماوتي ۽ سيٺ صاحب رهجي ويا. مس پريماوتي رکي رکي مسڪرائي رهي هئي.
سيٺ غصي ۾ اچي پڇيو “تون ڇو مسڪرائي رهي آهين؟”
“بس ايئن ئي ڪجهه سوچي رهي هيس”.
“ڇا سوچي رهي هئين؟”
مس پريماوتي مسڪرائيندي چيو، “اهو ته سٺو ٿيو ته قدرت عورتن جي جسم ۾ خوشبوءِ نه رکي نه ته توهان سرمايه دار ماڻهو ته ......!”
***