جر مٿي جوڀن
مون انهن ٻن ڍڳن ڏانهن ڏسندي تلاءَ جي چوڪيدار کي چيو، “فيروز ڏاڍو افسوس ٿيو جڏهن اسان اها نڀاڳي خبر ٻڌي.... ٽيون ڏينهن ڊاڪٽر ساجد وٽ ويٺو هوس ته ڪنهن مون کي ٻڌايو ته تنهنجو ٻارڙو تلاءَ ۾ ٻڏي مري ويو. ڇا ٻڌايان بس اهو ٻڌي ڏاڍو ڏک ٿيو. ان ڪارڻ اسين سڀ (پنهنجن دوستن ڏانهن اشارو ڪندي) ڪالهه هتي تلاءُ تي ترڻ لاءِ ڪو نه آياسين، هڪ ٻه ڀيرا دل چاهيو ته هلو هلون، شايد اسان جي چند رسمي ڳالهين سان تنهنجي دل کي تسڪين ٿئي، پر اسان جون طبيعتون ئي ڪجهه اهڙيون اُداس ۽ رنج هاڻيون ٿي پيون هيون جو ايڏانهن قدم ئي نه هلن”.
فيروز چنار جي وڻ کي ٽيڪ ڏيندي چيو، “صحيح ٿا چئو بابوجي، ڪلهه مون سوچيو پي ته بابوجي ڇو ڪو نه آيا. آئون غريب ته آهيان پر پوءِ به مون کي اُميد هئي ته توهان ضرور ڏک ونڊڻ ايندا ۽ منهنجو حوصلو وڌائيندا”.
جڳديش چيو، “بس اِها ئي ڳالهه هئي (منهنجي طرف اشارو ڪندي) جيڪا هن ٻڌائي ڇڏي آهي”.
دت چيو، “هاها ڀلا نه اچڻ جو ٻيو ڪهڙو سبب ٿي سگهي ٿو”.
سرجيت پڇيو، “پر اهو ٿيو ڪيئن؟”
فيروز هڪ آهه ڀريندي چيو، “بابوجي ڇا ٻڌايان ته اهو ڪيئن ٿيو؟ ڪهڙي طرح منهنجو ننڍڙو لال ڏسندي ڏسندي هميشه لاءِ منهنجين اکين کان اوجهل ٿي ويو. آئون اڃان تائين ان امر کي سمجهي نه سگهيو آهيان ته هن کي موت ڇو آيو؟. ڀلا اهو به ڪو موت آهي؟ جيڪڏهن هن کي مرڻو ئي هو ته پهرين بيمار ٿئي ها، آئون هن جو علاج ڪرايان ها. ڊاڪٽرن، حڪيمن ۽ پنسارين وٽ کڻي وڃان ها. اُنهن کي هٿ ٻڌي عرض ڪريان ها. خدارا منهنجي پٽ جو سٺي نموني علاج ڪريو. اسين ٻيئي زال مڙس راتيون جاڳي ڪاٽيون ها. سارو ڏينهن هن جي سيراندي کان ويٺا هجون ها. هن جي ذري ذري فرمائش پوري ڪرڻ جي ڪوشش ڪريون ها. هو ڪيترن ئي ڏينهن کان رٻڙ جي رانديڪي لاءِ ضد ڪري رهيو هو. هائي! مون هن کي رٻڙ جو رانديڪو ڇو نه وٺي ڏنو؟. مون هن کي اهو چئي ٽاري ڇڏيو ته ايندڙ پگهار تي وٺي ڏيندس. ڪهڙي خبر هئي ته جڏهن پگهار ايندو ته منهنجو پٽ رانديڪي سان کيڏڻ لاءِ موجود نه هوندو. دل چاهي ٿي ته آئون رٻڙ جو رانديڪو جيڪو هن کي پسند هو خريد ڪري پنهنجي پٽ جي قبر تي وڃي رکان ۽ هن کي چوان “هاڻي اُٿ پٽ منظور! تنهنجو پيءَ تنهنجي لاءِ رٻڙ وارو رانديڪو وٺي آيو آهي. ڇا بابوجي هو منهنجي ڳالهه ٻڌندو؟”
“سرجيت پڇيو، ڪيترن سالن جو هو منظور؟”
“اڍائي ٽن سالن جو هوندو، ننڍڙو ئي ته هو.”
فيروز چيو: “ها بابوجي! بس ايتري ئي عمر جو هو. توهان ته ڏٺو هو نه. سانورو رنگ ٿلها ٿلها هٿ. هن جي ماءُ سعيده هن کي ڪيترين تڪليفن کان پوءِ پاتو هو. تعويذ ورتا، سکائون باسيون تڏهن وڃي گهر ۾ ٻچڙو آيو. اها خبر نه هئي ته ايترو جلدي اسان کي جدائي جو داغ ڏيئي ويندو، حيرت آهي ته اها. ايمان سان چوان ٿو ته منهنجي دل ۾ بس اهو ئي سور رهجي ويو ته هو بيمار ٿئي ها، منهنجي اکين جي سامهون ڪمزور پوي ها. منهنجي اکين جي سامهون پنهنجي ماءُ جي گود ۾ جان ڏي ها. پوءِ آئون هن کي ڪفن ڏئي دفنايان ها ته مون کي ايترو افسوس نه ٿئي ها. پر هي ڇا ٿيو جو آئون هتي تلاءُ جي بلڪل مٿي (هڪ گهر جي طرف اشارو ڪندي) پنهنجي اڱڻ ۾ بيٺل ڪافي هيٺ جبل جي پيچري تي ويندي انهن خوش باش بي فڪر نوجوان کي ڏسي رهيو هوس، جيڪي نچندي ڳائيندي بيساکي جي ميلي تي وڃي رهيا هئا. تلاءُ ۾ الهندي پاسي ڪجهه ڇوڪرا وهنجي رهيا هئا ۽ اُڀرندي پاسي ڪجهه عورتون ڪپڙا ڌوئي رهيون هيون. منظور جي ماءُ سعيده اڱڻ ۾ چلهي تي مڪائي جون مانيون پچائي رهي هئي. منظور هن جي ڀرسان بيهه ٻاتڙي آواز ۾ چئي رهيو هو “امان اَئي، امان اوٽي” سعيده جي ماءُ کٽ تي چانهه پي رهي هئي، خبر ناهي ڪيڏي مهل منظور پنهنجي ماءُ جي پاسي کان اُٿي هليو ويو. ڪپڙا ڌوئيندڙ عورتن جي ڇُو ڇُو جو آواز، سک ڇوڪرن جا ٽهڪ، بيساکي جي ميلي جي ميلي تي وڃڻ وارن ياترين جو هل هنگامو. بس اسان گهڙي پل لاءِ منظور کي پنهنجي دل مان وساري ڇڏيو. ڪجهه دير ۾ تلاءُ جي ڪناري کان ڪنهن کي چوندي ٻڌو، هو ڏسو ڪاٺي جهڙي ڪا شئي تري رهي آهي. آئون ڊوڙندو ڪناري ڏانهن ويس. ڪنهن هٿ پير ڇهي چيو مري ويو شايد (ڇاتي تي هٿ هڻندي) هاءِ.”
جڳديش: “بس صبر ڪر! فيروز صبر ڪر!”.
فيروز چيو “بابوجي! صبر ڪريان ته ڪيئن؟ اکين جي اڳيان اُن جي ٻولي ٻالي صورت ڦري اچي ٿي. هاڻ اسان وٽ هن جي ياد کان سواءِ ٻيو ڇا رهجي ويو آهي؟ (فيروز جيب ۾ هٿ پائي ٿو) ۽ هي..... (جيب مان هٿ ٻاهر ڪڍندي) هي مساڳ ۽ هڪ ننڍڙي مٽي جي پيالي، مون کي اهي ٻئي شيون نهر جي ڪناري تي مليون. جيڪا هن تلاءُ کي پاڻي مهيا ڪري ٿي. شايد هو اڱڻ مان نڪري نهر جي انهن ڏاڪڻن طرف آيو هوندو، آهستي آهستي هن جهڪي مٽي جي پيالي ۾ پاڻي ڀريو هوندو. مساڳ کي زمين تي رکي هن نهر ۾ هٿ وجهي پاڻي سان گرڙي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي هوندي ۽ پوءِ هو هڪدم ترڪي ويو هوندو. پاڻي ۾ هلڪو گڙگڙ جو آواز پيدا ٿيو هوندو، هن رڙيون به ڪيون هونديون. تلاءُ جي ڪناري تائين ويندي ويندي هن هٿ پير به هنيا هوندا پر افسوس منهنجي اکين ڪجهه نه ڏٺو ۽ ڪنن ڪجهه نه ٻڌو. سواءِ اُنهن گيتن جي جيڪي واٽهڙو ڳائي رهيا هئا. سعيده ماني پچائيندي رهي. منهنجي سس کٽ تي چانهه پيئندي رهي ۽ هن نهر جي ڪناري اسان جي اکين جي اڳيان.... هائي..... بابوجي ڀلا صبر اچي ته ڪيئن اچي؟.”
سرجيت “بس جيڪا رب جي رضا. اُن ۾ ڪنهن جو ڪهڙو عمل دخل؟ خدا توکي ڏنو اُنهي وٺي لاٿو. تنهنجو اُن تي بس ايترو ئي حق هو.”
فيروز چيو، “سچ ٿا چئو بابو جي. ويچارو انسان ڇا ٿو ڪري سگهي؟.”
دت چيو، “ڪيڏو نه پيارو ٻارڙو هو. جڳديش توکي ياد آهي اُهو ڏينهن؟ هو پنهنجي ننڍڙي قميص پاڻي ۾ پسائي رهيو هو. ڪيترو نه پيارو لڳو ٿي!. ياد اٿئي، مون توکي چيو هو اُن وقت جي ڪيميرا هجي ها ته هن جي تصوير ڪڍي وٺون ها ۽ انعامي مقابلي لاءِ موڪليون ها.
سعيده جيڪا هن وقت تائين ڀرسان بيٺي هنن چپ چاپ ڳالهيون ٻڌي رهي هئي ۽ پنهنجا لڙڪ پوتي سان اُگهي رهي هئي، ڀريل آواز ۾ چيو “بابوجي! ڪنور لوڪ ناٿ سنگهه جي، جيڪو ڊاڪ بنگلي جي ويجهو هڪ ڪوٺي ۾ رهي ٿو، اُن هڪ ڀيرو منظور جي تصوير ڪڍي هئي. اسان اُن کان ڪيترا ڀيرا اُها تصوير گهري آهي پر هو ڏي نه ٿو. توهان اُن کي چئو ته....”
جڳديش چيو “ٺيڪ آهي سعيده آئون ضرور اُن کي چوندس، اُميد آهي هو تصوير ڏيئي ڇڏيندو”.
هاڻي اسين وهنجڻ وارا ڪپڙا پائي تلاءُ تي پهچي چڪا هئاسين. تلاءُ هڪ وڏي ڦهليل چادر جيان جي وسيع چادر اسان جي سامهون هو، جنهن ۾ ڪٿي ڪٿي ڪنول جا گل ٽڙيل هئا. هٿ ڦهلائي ٽٻي هڻن وارو ئي هوس، جو سرجيت آهستي آهستي منهنجي ڪن ۾ انگريزي زبان ۾ چيو “پويان نهار!”.
مون مڙي ڏٺو. چنار جي وڻ جي ويجهو جهنگلي گلاب جي ولين جي وچ ۾ هڪڙي ڇوڪري بيٺي هئي. سرنهن جي وڻ جيان خوبصورت ۽ ڊگهو قد ۽ جهنگلي گلاب جي گل جيان نفيس ۽ نازڪ جسم. هن ٻنهي ٻانهن سان مٿي تي مٽي جي گهڙي کي جهلي رکيو هو. سعيده هن جي پاسي ۾ بيٺل هئي ۽ هن کي اشارن ۾ ڪجهه چئي رهي هئي. مون کي محسوس ٿيو ته هي عورت مصور چغتائي جي تصوير جيان سندر آهي.
مون سرجيت کان پڇيو “هي ڪير آهي؟”
سرجيت حيرت ظاهر ڪندي چيو “توکي خبر ناهي ته هي ڪير آهي؟”
“هي ڪنڀارڻ آهي. مٿي تلاءُ جي هن پار (آڱري سان اشارو ڪندي) هو جو ڪچو گهر آهي اُن ۾ رهي ٿي. سب جج صاحب جو ڇوڪرو روز هتي وهنجڻ لاءِ ايندو رهندو آهي. هن ان جو نالو تلاءُ جي سندري رکي ڇڏيو آهي.”
“تلاءُ جي حسينه.... تلاءُ جي سندري” مون دهرائيندي چيو.
“اها! ته هي سعيده هن کي ڪهڙا شارا ڪري رهي آهي؟”
“هي ويچاري غريب ڇوڪري گونگي آهي”.
“اوه!....” مون آهستي چيو ۽ هڪدم منهنجي دل ۾ وري خيال آيو. هي ڇوڪري گونگي آهي ته وڌيڪ صحيح آهي. ڀلا ڪنهن چغتائي جي تصوير کي به ڳالهائيندي ڏٺو آهي.؟ جيڪڏهن تصوير، هڪ خاموش تصوير ڳالهائڻ لڳي ته اُن جي اڌ شاعري جهڙو ميٺاس، رنگ برنگي ۽ جادو ئي اثر ڪندڙ سونهن فنا ٿي وڃي. ڪاش دنيا جون سڀ حسين عورتون گونگيون هجن.
اسان سڀني جون نظرون پنهنجي طرف ڏسي ڇوڪري حيران ٿي ويئي. هن وڏين وڏين وحشي هرڻين وارين اکين سان اسان ڏانهن ڏٺو ۽ گهٻرائجي هرڻي جيان هيسجي ويئي. هن پنهنجو چهرو اسان کان هٽائي ٻئي طرف ڪري ورتو. ڪنن ۾ پيل موتين جون واليون سج جي ڪرڻن تي چمڪي اُٿيون. هن سعيده جي طرف ڏسندي ڪنڌ کي لوڏيو. مٿي جي گهاگهر ۾ هلڪي لهر پيدا ٿي. پيرن ۾ ڇيرون ڇمڪڻ لڳيون. ساڪن ۽ خاموش تصوير ۾ زندگي جي لهر اُٿڻ لڳي. هوءِ آهستي آهستي جبل جي پيچري تان هيٺ لهڻ لڳي.
مون هڪدم چيو “توکي خبر آهي سرجيت! هندستاني رقص جي ايجاد ڪيئن ٿي؟”
“نه. ڇو؟”
مون جبل جي پيچري کان هيٺ لهندڙ ڇوڪري ڏانهن اشارو ڪندي چيو، “هو ڏس هڪ مٽي جي گهاگهر کڻي ايندڙ سندري ۽ پيرن ۾ وڄندڙ چاندي جون ڇيرون. اها ئي هندستاني رقص جي ابتدا ۽ انتها آهي.”
جڳديش کلندي چيو، “منهنجو خيال آهي ته تون هن غريب ڇوڪري کي نگاهن سان ڳڙڪائي ويندين. ڪيئن نه غضب ناڪ نگاهن سان ڏسي رهيو آهين هاڻي وهنجين به ٿو يا ڏيئين پاڻي ۾ ڌڪو؟.”
ايترو چئي هن ڪلها ڦهلائي، مٿي آڱريون کڻي هوا ۾ ابابيل جي طرح هڪ اُڏام ڀري ۽ ٻئي پل هن پاڻي ۾ ڌڙام سان ٽٻي هنئي.
اُن کان پوءِ ڌڙام سان اسين سڀ پاڻي ۾ ٽپي پياسين. فضا ٽهڪن سان ڀرجي وئي. پاڻي جي سطح تي ٻانهن جا تيز تيز ونجهه هلي رهيا هئا. هڪ ٻئي کي پاڻي جا ڇنڊا هڻي رهيا هئاسين. ڪنول جا گل ٽوڙي هڪ ٻئي ڏي اُڇلي رهيا هئاسين. دت بار بار وات ۾ پاڻي پائي گرڙيون ڪيون ٿي. سرجيت کي ترڻ گهٽ آيو ٿي. اُن ڪري هن سڀني کان الڳ ٿلڳ آهستي آهستي هٿ پير هلائي ترڻ جي مشق ڪئي ٿي. جڳديش هن جي ويجهو ويو ۽ اُنجي ڪنڌ کي پنهنجين ٻانهن ۾ ڪري پيار سان چيو “اهو ترڻ بي معنيٰ آهي هڪ ٽٻي هڻي اونهائي ۾ هيٺ لهي وڃ” سرجيت رڙيون ڪرڻ لڳو. ڪناري تي فيروز ڏکاري نگاهن سان تلاءُ کي ڏسي رهيو هو.
فيروز جي اُداس نگاهن منهنجي دل ۾ عجيب قسم جي پريشاني پيدا ڪري ڇڏي هئي. ترندي ترندي مون سوچيو ته، “هن زندگي جي بي انت تلاءُ ۾ هميشه ائين ئي ٿيندو رهندو. هتي مسڪراهٽ ۽ ٽهڪن جون لهرون به آهن ۽ موت جا ڇنڊا به - ۽ وري ڪڏهن ڪڏهن ڪا خوبصورت ڪنڀارڻ به.”
***