گل جي هيکلائپ
مسواڙي گهرن جي دلال مون کان پڇيو. هو مون کي تون ڪري ڪڏهن به نه ڳالهائي ها، جيڪر هن جي نظر منهنجي پراڻي پتلون تي نه پوي ها.
“مون کي اهڙو گهر گهرجي جنهن ۾ ڪمرو ته ڀلي هڪ هجي پر اهو باٿ روم وارو هجي. اڳيان لان هجي. لان ۾ سائي ڇٻر هجي ۽ اُن ڇٻر جي پاسن کان گل ٽڙيل هجن...”
“گلن جي وچ ۾ اُس کائڻ واري هڪ ڇٽي هجي ۽ ڇٽيءَ جي هيٺان هڪ پوپري آهليل هجي؟” دلال تصوير مڪمل ڪري ورتي.
“مسٽر! توکي گهر جي ڳولا نه، پنهنجي عقل جو ويمو ڪرائڻ گهرجي.”
“ماڻهو ته سمجهدار پيو لڳي.” مون دلال کي واکاڻ وارين نظرن سان ڏسندي سوچيو.
دلال منهنجي ويجهو اچي هورڙيان پڇيو: “ڪرايو ڪيترو ڏيندين؟”
“پنجويهه رپيا”
“پنجويهه رپين ۾ ته، رڳو گاهه ملي سگهي ٿو، گهر نه...”
مون چيو: “مون توکي گهر ڏيکارڻ لاءِ ٽي رپيا اڳواٽ ڏنا آهن. اها ڳالهه توکي ڏوڪڙ وٺڻ کان اڳ ۾ چوڻ گهربي هئي. هاڻي چپڙي ڪري گهر ڏيکار.”
دلال ٽن رپين سان ٻڌل ڀاڙي جي گهوڙي وانگر هلڻ لڳو، مون سوچيو. هر شخص جي ڪنڌ ۾ هڪ رسو هوندي آهي. ٽن رپين وارو يا ٽن سئو رپين وارو، يا ٽن هزارن وارو يا ٽن لکن وارو، پر رسو هر ڪنهن جي ڪنڌ ۾ پيل هوندو آهي. هونءَ ته مون کي به پنهنجي ڳچي لاءِ رسي جي ڳولا هئي، پر پئسن واري نه پر ڦاهي واري! مون مرڻ جو پهه ڪري ورتو هو. هلندي هلندي منهنجي دل مون کان پڇيو.
“جڏهن تو مرڻ جو فيصلو ڪري ئي ڇڏيو آهي ته پوءِ، گهر جي ڳولا ڪرڻ جي ڪهڙي ضرورت آهي؟”
مون دل کي چيو.“تون ته ڳالهاءِ ئي نه! تنهنجي ڪري ئي هي ڏينهن ڏسڻا پيا آهن. تنهنجي چوڻ تي مون غلط عورت سان محبت ڪئي. ڪڌا ڪم ۽ ڪاڻيارا دوست ڪيا. سڄي ڄمار غلط رستن تي هليس... گهڻو ٿيو، تون منهنجي موت ۽ مون وچ ۾ ڳالهائڻ واري ڀلا ٿيندي ڪير آهين...؟”
“آئون ڳالهايان ڪٿي پئي؟” دل چيو. “نوڙت سان رڳو اِهو پڇڻ پئي گهريم ته جي مرڻو ئي آهي ته پوءِ گهر جي ڳولا ڇو؟ ڇو نه ڪنهن وڻ جي ڳولا ڪجي؟ درياهه، ڍنڍ، ريل بند يا ڪو زهر...!؟”
“تون ته، اصل ڪا موڳي آهين!” مون دل کي دڙڪو ڏنو. “تون مون کي ڪڏهن به سمجهي نه سگهينءَ! ڀلا مون جهڙو انسان هڪ رواجي موت ڪيئن ٿو مري سگهي؟ مان ته ڪنهن سورهيه جهڙو من موهيندڙ موت چاهيان ٿو.”
“هڪ خوبصورت ڪمرو، لالٽين جي هڪلي هلڪي روشنيءَ ۾ منهنجي هٿن ۾ ڇُلڪندڙ آخري جام، ڇت جي پکي سان لٽڪيل ريشمي رسيءَ ۾ جهومندڙ منهنجو جسم ۽ دري کان ٻاهر هڪ خوبصورت لان. لان ۾ چهچ سائي ڇٻر، ڇٻر جي پاسن کان ٽڙيل گل، اُس کائڻ واري ڇٽي ۽ ڇٽيءَ هيٺان آهليل هڪ پوپري، پوءِ اُها ڀلي پاڙيسريءَ جي زال ئي ڇو نه هجي!”
“رات جو وري اُس ڪٿان ايندي ۽ پوپري رات جي وقت کليل ڇٽيءَ ۾ ڇو تنهنجي لاءِ سيءَ ۾ ڏڪڻ چاهيندي؟”دل پڇيو.
“ته پوءِ ڀلا! آئون ڏينهن ۾ آپگهات ڪندس...” مون دل کي ڇڙٻ ڏيندي چيو: “هاڻي تون ماٺ به ڪر.” دل چپ ٿي ويئي.
اڳيان هڪ گهر به اچي ويو. ٺاهوڪو گهر هو. وروڪڙ کائيندڙ ڏاڪڻ تي چڙهڻ کان پوءِ پهرين ماڙ تي هڪ سهڻو ڪمرو هو. هر ڀت جو رنگ الڳ الڳ هو. ڀورو، سونهري، نارنگي ۽ ڪرمچي. ڀت سان لڳو لڳ نيري رنگ جو پٿريلو ڪٻٽ، فانوس ۽ اُن سان گڏ هڪ ڪمرو هو.
ڀتيون پيليون، گلابي ۽ ڳاڙهسري هيون. ان ڪمري جي هڪ پاسي بار ٺهيل هئي. اُن سان گڏ ڪمرو هو اُن ۾ ٻه الماڙيون ، هڪ منهنجي لاءِ ۽ هڪ منهنجي زال جي لاءِ. ڀت تي وڏا آئينا لڳل هئا. پهريان ٻه سال عشق ڪرڻ لاءِ ۽ اُن کان پوءِ سڄي زندگي ويچارا ڪڍڻ لاءِ. آئون فرش تي پراڻي جتي گندي پيٽيڪوٽ ۽ ٻار جي ... جو تصور ڪرڻ لڳس.
تصور اهڙو ته دل لڀائيندڙ هو جو جهٽ ڏئي دروازو کولي باٿ ۾ هليو ويس.
باٿ روم صاف سٿرو هو. فرش تي سفيد ٽائل، ڀتين تي هلڪي نيري رنگ جون ٽائل، سائي رنگ جون واش بيسڻ ۽ اُن ئي رنگ جو نلڪو، سامهون دريءَ مان هيٺين ماڙ جو ورانڊو ۽ ورانڊي کان ٻاهر لان نظر اچي رهي هئي، جنهن ۾ چهچ سائي ڇٻر جي پاسن تي گل ٽڙيل هئا. لڳو لڳ ستن رنگن واري اُس ڇٽيءَ هيٺ هڪ سترهن ارڙهن سالن جي پوپري دنيا جو بهترين ادب يعني جاسوسي ناول پڙهي رهي هئي.
مون سرٻاٽ ڪيو.“واهه واهه! آپگهات ڪرڻ لاءِ ڪيڏي نه ڀلي جاءِ آهي.”
مون مڙي دلال کان پڇيو “هن گهرجي مسواڙ گهڻي آهي؟”
“چار سئو رپيا.”
“چرياا!” مون ڏکاڻي لهجي ۾ چيو: “پر مون ته توکي پنجويهه رپيا مسواڙ وارو گهر ڏيکارڻ لاءِ چيو هو؟.”
دلال مون کي ڪجهه چوڻ بنا ڏاڪڻن تان هيٺ لهي آيو.
ٻيو گهر جيڪو مون کي دلال ڏيکاريو اُهو به ٺيڪ ٺاڪ هو. بس رڳو اُن ۾ پهريئن گهر جهڙو سامان سڙو ڪو نه هو. نه ناز ۽ ادا جي اُها ڪيفيت ۽ نه ڀتين جو اُهو رنگ ۽ روپ، پر سٺو ۽ صاف سٿرو ضرور هو.
ڪمرا فقط ٻه هئا. ٻئي هڪڙي غسل خاني ۾ کليا ٿي. هڪ طرف رنڌڻو هو. رنڌڻي کان ٻاهر ورانڊي ٻاهران موچاري اڱڻ ۾ سائي سائي ڇٻر لڳل هئي.
“گل ڪٿي آهن؟” مون دلال کان پڇيو.
“گل تون پاڻ پوکجانءِ .” هن چيو. “اُس واري ڇٽي خريد ڪري وٺجانءِ ۽ ڇٽيءَ هيٺان حسينه نه ملنئي ته پنهنجي زال کي ويهاري ڇڏجانءِ.”
“گل پوکڻ لاءِ مون وٽ وقت ڪونهي.” مون چيو “ڇٽيءَ لاءِ مون وٽ پئسه ناهن ۽ زال؟ ميان! جيڪڏهن زال هجي ها ته آءٌ گهر ڇو ڳولهيان ها؟ هڪ رنڌڻو نه ڳولهيان ها؟ خير! جنهن ڪم جي لاءِ مون کي اڳيون گهر وڻيو هو، اُن جي لاءِ هي به ٺيڪ رهندو. آئون گل ٻاٽي لان ۾ رکي ڇڏيندس. ٻاٽيءَ مٿان ڇٽيءَ جي بجاءِ پنهنجي پراڻي برسات واري ڇٽي رکي ڇڏيندس ۽ اُن جي هيٺان هڪ حسينه جي تصوير به لڳائي ڇڏيندس. ها پر هن گهرجي مسواڙ ڪيتري ٿيندي؟”
“اڍائي سئو رپيه”
“چريا! اڍائي سئو رپين وارو گهر ڇو ٿو ڏيکارين؟ مون کي فقط پنجويهه رپين وارو گهر کپي.”
دلال منهنجي ڳالهه جو جواب نه ڏنو. ماٺ ڪري گهر کان ٻاهر نڪري آيو. ٽيون گهر جيڪو مون ڏٺو اُن ۾ سڀ کان پهرين غسل خانو هو. پوءِ ڏاڪڻيون چڙهي هڪ ڪمرو آيو ۽ ڪمري سان لڳ هڪ رنڌڻو هو، جڏهن ته اتي غسل خانو هئڻ گهرجي ها.
جڏهن مون دلال کان پڇيو ته هن چيو.
“هن علائقي ۾ جيترا به گهر ٺهيل آهن انهن ۾ رهڻ واري ڪمري سان گڏ رنڌڻو رکيو ويو آهي ۽ غسل خانو ڏاڪڻين هيٺان.”
“اهو ڇو؟”
“اهو ان ڪري جو عورتون رنڌڻي ۾ هوندي به هر وقت پنهنجي مڙسن تي نظر رکي سگهن ٿيون. ڏس هن رنڌڻي سان لڳو لڳ ڪمرو هيٺ وڃڻ واري ڏاڪڻ جي سامهون غسل خاني تائين نظر اچي ٿو.”
مون چيو. “سٺو ٿيو جو مون ڪڏهن زال نه ڌاري، ان لاءِ آئون ڪنهن جي جاسوسي کان نٿو ڊڄان. باقي غسل خاني کي رنڌڻو ۽ رنڌڻي کي غسل خانو ڪري ڇڏيندس. مون کي ته ٻيئي هڪڙي نموني جا ٺهيل محسوس ٿين ٿا.”
دلال منهنجي دانائيءَ جو داد ڏيندي چيو “اهو توهان ڄاڻو ۽ مالڪ ڄاڻي. جيڪڏهن هي گهر اوهان کي پسند آهي ته ڏيو سئو رپيه.”
“سئو رپيا؟” مون رڙڪندي چيو. “ڇو سئو رپيا؟”
“سئو رپيا هن گهر جي ماهوار مسواڙ آهي.”
“اڙي موڳا!” مون هٿ ٻڌندي هن کي چيو “مون توکي پنجويهه رپين وارو گهر ڏيکارڻ جو چيو آهي ۽ تون آهين جو سَون جي ڳالهه ڪندي نٿو ٿڪجين.”
دلال چيو “منهنجو ڪم گهر ڏيکارڻ آهي. ڪهڙي خبر اوهان کي ڪهڙو گهر پسند اچي وڃي. هتي مون اڪثر ماڻهن کي ڏٺو آهي ته پنجويهه رپين وارو گهر ڳولڻ ايندا آهن ۽ چار سئو وارو گهر وٺي لائيندا آهن. مون اهڙا ماڻهو به ڏٺا آهن جيڪي چار سئو وارو گهر وٺڻ لاءِ نڪرندا آهن ۽ پنجويهه رپين واري گهر تي اچي بيهندا آهن. گراهڪن جي ڪا خبر نٿي پوي.”
هاڻي دلال جنهن عمارت جي اندر مون کي وٺي ويو اُها پنج ماڙ هئي ۽ جهاز وانگر هئي ۽ اُن جي ڇت تي ٺهيل ڌڪي ڌڪي مٿي هڪ بحري جهاز ٺهيل هو ۽ اُن تي لکيل هو S.S.ATMARAM MULTAN دلال چيو “هن بلڊنگ جي اندر گوشت کائڻ منع آهي. بصر کائڻ منع آهي. شراب پيئڻ منع آهي!.”
“ته پوءِ هتي زال سان رهڻ به منع هوندو؟.” مون پڇيو.
دلال مونکي حيرت سان ڏسڻ لڳو.
“پوءِ هتي سوچڻ به منع هوندو. آسمان ڏانهن نهارڻ به منع هوندو. زور سان ٽهڪ ڏيڻ به منع هوندو. بستري تي اونڌو ليٽي سگريٽ پيئڻ به منع هوندو. ڪلهي تي ٽوال رکي دروازي تي بيهي ڏاڪڻ تان لهندڙ ڪنهن چنچل حسينه کي ڏسڻ به منع هوندو. مسٽر آئون گهر ڏسڻ آيو آهيان. ونوبا ٻاويءَ جي آشرم ۾ گيان وٺڻ ڪو نه آيو آهيان....!”
اهو چئي آئون گهر مان نڪري آيس.
هاڻي دلال مون کي جنهن گهر ۾ وٺي آيو. اُهو واقعي پنجويهه رپين وارو گهر لڳو ٿي. نه لان، نه ڇٻر، نه گل. چوٿين ماڙ تي هڪ ڪمرو هو. درين ۾ ٿلهي لوهي گرل لڳل هئي ته جيئن ڪوبه گهر جي مسواڙ کان گهٻرائجي دريءَ مان ٽپو نه ڏيئي سگهي. ڀتين تي ٽيهه سال پراڻو سفيد رنگ ڪيل هو جيڪو هاڻي ڪاراڻ ۾ تبديل ٿي ويو هو. ڇت تي ڄميل ڄارن جي وچ ۾ هڪ پراڻو پکو لٽڪي رهيو هو.
مون اُن کي تصور ۾ ئي قبول ڪري ورتو. ٺيڪ آهي لان نه سهي. ڇٻر نه سهي، گل نه سهي، حسينه نه سهي. هن ڪمري ۾ پکي جو هُڪ ته آهي جنهن سان لٽڪي جان ته ڏئي سگهجي ٿي.
“پر غسل خانو ڪٿي آهي؟”
“اُهو گڏيل آهي” دلال هڪ ڪنڊ جي در ڏانهن اشارو ڪيو آئون غسل خاني ۾ گهڙي ويس. غسل خاني ۾ وڏن وڏن اکين واري هڪ عورت ذبح ٿيل مرغيءَ جا کنڀ لاهي رهي هئي. مون کي ڏسي هن کلي ڏنو ۽ جڏهن هن جو ٿلهن ٿلهن چپن وارو ارڙهن انچي وات کليو، ته مون کي اُن ۾ پان جي پڪ ۾ رڱيل ڏند ڏاڍا خطرناڪ لڳا. آئون گهٻرائي پويان موٽڻ وارو هئس جو هن ڪافر ادا پنهنجي جبل جيڏي ڪلهي کي لوڏيندي چيو.
“ تون نئون مسواڙي ٿو لڳين؟”
“لڳان ٿو الائي نٿو لڳان، ها پر مان ته رڳو اهو معلوم ڪرڻ جي ڪوشش پيو ڪريا ته هي غسل خانو ڪنهن جو آهي. اوهان جو يا منهنجو؟”
“تنهنجو به ۽ منهنجو به” هن ڪجهه اهڙي انداز سان چيو ڄڻ زندگي ڀر جي لاءِ ساڻس منهنجو رشتو پڪو ٿي ويو هجي. مون گهٻرائجي هڪ وک پويان کنئين. هن هڪ وک اڳيان کڻندي چيو.
“تون اچي وڃ، ٻي ڪا ڳڻتي ئي نه ڪر، گڏجي سڏجي ڪم ٽپائي وينداسين.”
اهو چئي هن مون ڏانهن ڏسي مرڪيو . آئون هيسجي دروازي تي ويس . هن ڪڪڙ جو آخري کنڀ زور سان لاهيندي پنهنجي ارڙهن انچي ۾ وڌو ۽ اُن سان ڏند کوٽيندي چيائين:
“ڀلا پنجاهه رپيه مسواڙ ڪير ڪمري سان الڳ غسل خانو ڏيڻ چاهيندو.”
مون بلڊنگ کان ٻاهر اچي چيو.
“جيڪڏهن تون مون کي پنجويهه رپين وارو گهر نٿو ڏياري سگهين ته منهنجا ٽي رپيه واپس ڪر.”
دلال چيو، “شريفن جي پاڙي ۾ ته پنجويهه رپين وارو گهر ملي نٿو سگهي. ها جيڪڏهن توهان کي گندي گهٽيءَ ۾ رهڻ تي ارهائي نه ٿئي ته آئون اوهان کي پنجويهه رپين وارو گهر ڏياري سگهان ٿو.”
“هل هلي گهر ڏيکار. رڳو ڳالهيون پيو ڪرين.”
هو مون کي گندي وستي ۾ وٺي ويو، جيڪو شهر جو سڀ کان گندو پاڙو هو. جتي شهر جا بلڪل غريب ماڻهو رهندا هئا. غلاظت جا ڍير لڳل هئا. کليون ناليون هيون.
اُتي هن گندي وستي جي دلال کي پريان وٺي وڃي ڪجهه ڳالهايو ۽ پوءِ ٻئي واپس مون وٽ آيا. منهنجي دلال مون کي چيو.
“هي چوي ٿو ته هن پاڙي ۾ پنجويهه رپين وارو گهر ڪونهي.”
“ته پوءِ گهڻي وارو گهر آهي؟”
“سورهن رپين وارو آهي.”
“سورهن رپين وارو گهر به خالي ناهي. ها... هڪڙو آهي پر، شايد اُهو تنهنجي لائق نه هجي.”
“منهنجي لائق ڇو نه آهي؟” مون گندي پاڙي جي دلال کان پڇيو. گندي پاڙي جي دلال ڪياڙي کنهندي چيو، “ان گهر جو مسواڙي اسان وانگي هڪ مزدور هو ۽ چوڙين جي ڪارخاني ۾ ڪم ڪندو هو.”
“مزدور هو ته ڇا ٿي پيو!؟آخر هو چوڙيون ٺاهيندو هو چوري ته ڪو نه ڪندو هو؟”
“نه صاحب! اها ڳالهه ناهي،” گندي پاڙي جي دلال چيلهه کنهندي چيو، “هئو ته چوڙين ٺاهڻ وارو، پر چُلهي ۾ ٻارڻ ٻاريندي ۽ سڙندڙ ڦلهيار کي ڦوڪيندي ڦوڪيندي بيمار ٿي پيو.”
“پوءِ ڇا ٿيو. هر ماڻهو زندگي ۾ بيمار ٿئي ٿو ۽ ڪنهن نه ڪنهن سبب بيمار ٿئي ٿو. چاهي اُهو ڦلهيار ڦوڪڻ سان ٿئي يا زيادهه کائڻ پيئڻ سان !”
“تون سمجهين نٿو صاحب!”
گندي پاڙي جي دلال پنهنجي ٽنگ کنهندي چيو، “ڳالهه اصل ۾ اها آهي ته هن کي بخار ٿي پيو هو. جنهن کي توهان ٽي بي چوندا آهيو ۽ هو ان ڪوٺي ۾ پنج سال بيمار رهيو ۽ ڪم ڪندو رهيو۽ جيئڻ جا جتن ڪندو رهيو. هن کي چار پٽ هئا ۽ هڪ زال هئي. جڏهن هو مري ويو ته سندس زال ۽ ٻار اهو گهر خالي ڪري ويا. ڇو ته اُهي سورهن رپيا مسوار ڏئي نٿي سگهيا. تنهن ڪري اهي هو شهر کان پريان جهوپڙين ۾ هليا ويا. جتي سِرون ڍوئڻ وارا رهندا آهن. ان هي ڪري ئي آئون توکي چوان ٿو ته اها ڪوٺي خالي ته آهي پر تنهنجي لائق نه آهي.”
ڪوٺي ننڍڙي هئي. اونداهيون ڀتيون، چيڪاٽ ڪندڙ دروازو ۽ ڪٽ لڳل ڪڙو، ڪٽيل دري ۽ ان جو لوهي سيخون ۽ انهن سيخن کان ٻاهر سرن واري نالي، مون ٻاهر کان نظر هٽائي وري جو ڏنو ته، هڪ ڪنڊ ۾ پاڻي جو نلڪو نظر آيو، جنهن تي مٽي جا تهه چڙهيل هئا. پوءِ به ان مٽي جي تهن مان پاڻي ٽپ ٽپ ڪندو سينورجي ويل پٽ تي وهي رهيو هو، جيئن رَت ڦٽ منجهان وهندو آهي. پوءِ مون کي هڪ ڪنڊ ۾ گل ٻاٽي نظر ئي. جنهن ۾ گلاب رکيل هو ۽ ان جي ٽاريءَ تي هڪ گل ٽڙيل هو. گلاب جو تمام وڏو ڳاڙهو گل...
“هي ڇا آهي؟”
گندي پاڙي جو دلال پيلا ڏند ڪڍي کلي چوڻ لڳو.
“هي تنهنجي لاءِ آهي صاحب.”
“منهنجي لاءِ؟” مون حيرت مان پڇيو.
“ها صاحب” دلال چيو. “مرڻ ويلي مرڻ واري چيو هو ته، جيڪو منهنجي هن ڪمري ۾ رهي لاءِ اچي اُن کي هي گل ٻاٽي ڏجانءِ، ۽ چئجانس ته ڏهاڙي ان ۾ پاڻي وجهي، جيئن گلاب جو ٻوٽو سائو رهي... پاڳل هو هُو شخص!”
مونکي محسوس ٿيو ته منهنجي جسم مان ڄڻ ڪا تيز لهر گذري منهنجي ساري وجود کي لوڏي ويئي ۽ آئون ان اونداهين ڀتين ۾ واڙيل اُن گلاب جي گل کي ڏسڻ لڳس. چئوڦير گهٽ، ٻوسٽ، نا اُميدي ۽ هڪ گل هيکلو... اوندهه، گندگي، بک، بدصورتي ۽ هي گل.... ڪلراٺي سرن جي وٿين ۾ ڄميل ڄارن ۽ ڪٽجي ويل لوهي شيخن جي وچ ۾ ٽڙيل هي هيکلو گل ... انسان جي دل ۾ ڦٽندڙ ۽ انسان جي سگهه، سورهيائپ ۽ مهانتا جيان اوچو، فطرت سان وڙهندڙ، موت تي کلندڙ...... پر هي گل ته مرجهائجي ويندو. هڪ ڏينهن هي گل مرجهائجي ويندو. مون سوچيو.
هن ڪوٺيءَ جي گندگي، گهٽ ٻوسٽ هن جي سڄي سُرهائي چوسي وٺندي. ۽ هيءَ اوندهه هن جو رنگ، روپ ۽ سُرهاڻ کسي وٺندي.
هن تي ڄارو چڙهي ويندو ۽ هي ڪلراٽيل ۽ سيڪيل ڀتيون تازي هوا کي روڪي ڇڏينديون ۽ هي گل مرجهائجي ويندو. جيئن هو چوڙيون ٺاهيندڙ مزدور مرجهائجي ويو هو ...
پر هي گل زندهه رهندو ۽ هر روز لکن ڪروڙن ماڻهن جي دلين ۾ ٽڙندو. جيڪي چوڙيون ٺاهن ٿا، آفيس وڃن ٿا، مزدور، ڪاريگر جيڪي مٿي تي سرون کڻي گهر ٺاهن ٿا، جيئن محبت ڪرڻ وارا انسان چپن تي چپ رکن ٿا. هي گل هر روز اُنهن انسانن جي دل ۾ ڦٽندو ۽ تڙندو رهندو ۽ زندگي ۽ اُن جي لڳاتار جاکوڙ جو جادو ۽ جلوو جرڪائيندو رهندو.
هي گل ڪڏهن به مري نٿو سگهي!
مون اهائي ڪوٺي ڪرائي تي ورتي آهي.... ۽ اُن ڏينهن کان وٺي آئون اُن ۾ رهان پيو!!.
***