لک پتي بڻجڻ جو نسخو
مون چيو، “اڄڪلهه ڇوڪري ۽ ڇوڪرِي ۾، ڪو خاص فرق ته رهيو ڪونهي. ڇوڪريون سوٽ پائن ٿيون، مان به پايان ٿو. ڇوڪريون بشرٽ نما بلائوز پائن ٿيون، مان بلائوز نما بشرٽ پايان ٿو. ڇوڪرين جا وار ڪٽيل هوندا آهن، وار منهنجا به ڪٽيل آهن. ڀلا آءٌ ڇوڪرين کان ڪهڙي ڳالهه ۾ گهٽ آهيان؟”
ڪمپني جي مالڪ منهنجي سامهون، منهنجي درخواست جا چار ٽڪر ڪندي چيو، “تون گڏهه آهين، نڪري وڃ.”
آءٌ نڪري آيس. پوءِ مون ٽن مهينن جو، بجلي جي پکن جي مرمت جو ڪورس ڪيو ۽ هڪ ڪمپني ۾ درخواست ڏنم.
ڪمپني جي مالڪ چيو، “ڇا تون بجلي جي پنکن جا پرزا ٽوڙي سگهين ٿو؟”
“جي نه... جوڙي سگهان ٿو.”
“ڇا تون بجلي جا پنکا اهڙي ريت جوڙي سگهين ٿو، جو هر ٽيئين مهيني، اُنهنجي مرمت جي ٻيهر ضرورت پوي؟”
“جي نه..” مون فخر مان ڳاٺ اوچو ڪندي چيو، “مان اهڙي مرمت ڪري سگهان ٿو جو ٽي مهينا ته ڇا پر سال تائين به، اُنهن جي مرمت جو سوال ئي پيدا نه ٿيندو.”
“ته پوءِ تون اسان جي ڪم جو ماڻهو ناهين.” صاحب جواب ڏنو. ۽ منهنجي درخواست جا منهنجي سامهون، اٺ ٽڪرا ڪري ڇڏيا.
اُن کانپوءِ، آءٌ اسٽيل مل جي دفتر ۾ ويس ۽ وڏي صاحب کي چيم، “مونکي ڪم کپي.”
“ڪهڙو ڪم؟”
“ڪهڙو به ڪم هجي ڪري وٺندس.” مون جواب ڏنو.
هن چيو، “پر تون ڪهڙو ڪم ڪري سگهين ٿو؟”
مون چيو، “آءٌ پٽ تي ٻهاري ڏيڻ کان وٺي، توهان جي دماغ ۾ به ٻهارو ڦيري سگهان ٿو.”
منهنجو جواب ٻڌي هن کلندي چيو، “تنهنجي جواب مان معلوم ٿو ٿئي، ته تون سيٺ ڪستوري چند جو ناٺي آهين؟”
“جي نه...”
“ته پوءِ پڪ تون ڌتوري چند جو ڏوهٽو آهين؟”
“جي نه...”
هن چيو، ته پوءِ پڪ سيٺ فتوري چند....؟” هن جو ساهه ڀرجي آيو.
“جي نه....”
منهنجو جواب ٻڌي هن آڪڙندي چيو، “ته پوءِ هتي ڇو آيو آهين؟ گيٽ آئوٽ.”
گيٽ آئوٽ ٿي آءٌ هلڻ لڳس ۽ هلندو رهيس. سوچيندو رهيس ته هاڻي ڇا ڪريان. امان جا چورايل زيور، کائي کپائي چڪو هوس. ۽ هڪ هزار رپين مان باقي هڪ سو ٻارهن روپيه وڃي بچيا هئا.
هلندي هلندي، مونکي جڏهن بک تمام گهڻو تنگ ڪيو ته آءٌ هڪ راندين جي سامان جي دڪان ۾ گهڙي ويس. دڪان ۾ ڪرڪٽ، هاڪي، فٽ بال ۽ ٽينس جي سامان سان گڏ، شيشي جي هڪ خوبصورت شوڪيس ۾ گول گول سفيد رس گلا رکيل هئا. مون دڪاندار ڏانهن منهن ڪندي چيو، “وڏو ڪو احمق ٿو ڏسجين. جو راندين جي سامان جي دڪان ۾ رس گلا ٿو رکين.”
هن چيو، “هي بمبئي آهي. هتي سڀ ڪجهه هلندو آهي.”
مون چيو، “مونکي ٻن رپين جا رس گلا ڏي.”
هن ٻه رپيا وٺي شوڪيس مان ٻه رس گلا ڪڍيا ۽ چيو، “هي خاص قسم جا رس گلا اٿئي.”
“ته پوءِ چار ڏي.”
هن مونکي چئن رپين جا چار رس گلا ڏنا. رس گلا کڻي آءٌ روڊ تي ٻاهر نڪري آيس. اڳيان وڌيس ته هڪ جوهري جي دڪان تي ڪيلا نظر آيا. ساوا، ٿلها، تازا ۽ خوبصورت.
مون دڪاندار کي چيو، “عجيب ماڻهو ٿو ڏسجين جو هيرن جي دڪان تي ڪيلا رکيا اٿئي.”
“سون وڪڻڻ تي بندش آهي. انهي ڪري ڪيلا رکيا اٿم.”
“ڪهڙو اگهه ڏيندين؟” مون پڇيو.
“ڇهه رپيه ڊزن.”
“ڇهه رپيه ڊزن؟” مون حيرت مان رڙڪندي چيو، ٻه آني ڊزن جي حساب سان، بازار مان جيترا کپنئي اوترا آڻي ڏيان.”
“پر هي خاص قسم جا ڪيلا آهن.” دڪاندار وراڻيو.
“جي ايئن آهي ته پوءِ هڪ ڊزن ڏي.”
هن هڪ ڊزن ڪيلا لفافي ۾ وجهي منهنجي حوالي ڪيا. آءٌ دڪان کان ٻاهر نڪري آيس ۽ ميٽرو سئنيما جي سامهون، ميدان ۾ هڪڙي ڪنڊ وٺي، ڇٻر تي اچي ويٺس. مون پهرين رس گلن وارو لفافو کوليو ۽ هڪ رس گلو ڪڍي، وات ۾ پاتم ئي مس جو ڪچ ڪچ ٿي. مونکي پتو پيو ته آءٌ جنهن کي رس گلو سمجهي ويٺو هوس، اهو ته اصل ۾ پنگ پانگ جو بال هو. مون مايوسي مان ٻيو لفافو کوليو. معلوم ٿيو ته، اُن لفافي جي اندر جيترا به ڪيلا هئا اُهي سڀ پلاسٽڪ جا هئا. هاڻي ڇا ٿو ڪري سگهجي؟ مون سوچيو، ’پئسا ته آئون خرچ ڪري چڪو آهيان. بهتر ايئن ٿيندو ته، جيڪي ڪجهه به آهي الله الله ڪري کائي ڇڏڻ گهرجي. ۽ مٿان پاڻي پي ڇڏڻ گهرجي.‘ تنهنڪري مون ريان جا رس گلا ۽ پلاسٽڪ جا ڪيلا چٻاڙي کائي ڇڏيا. آيل رزق جو ڀلا آءٌ ڪيئن ٿي اپمان ڪري سگهيس؟ آءٌ ته رزق جي تلاش ۾ ئي، بمبئي ڏانهن اچي نڪتو هوس. هاڻ مونکي اُڃ ڏاڍو تنگ ڪيو ۽ پيٽ ۾ عجيب قسم جي گڙ گڙ ٿيڻ لڳي.
ايتري ۾ منهنجي ڀرسان هڪڙو ڇوڪرو لنگهيو. هن جي هٿ ۾ هڪ ميرو ٿيلهو هو. هو هوڪو ڏيئي رهيو هو. “پاڻي پيو، ٻن رپين ۾ هڪ بوتل.”
مون ڇوڪري کي پاڻ ڏانهن سڏيو ۽ کائنس پڇيو “ڦر ٿي ويئي آهي ڇا جو بمبئي ۾ پاڻي جي بوتل ٻن رپين ۾ ٿو وڪڻين؟”
ڇوڪري وراڻيو، “هي جوزف جو پاڻي آهي.”
“جوزف ڪير آهي؟” مون هن کان پڇيو.
“اسانجو مالڪ آهي.” هن چيو.
“توهين ٻن رپين ۾ پاڻي جي بوتل ڇو ٿا وڪڻو، جڏهن ته لاگنور جو نارنگين جو رس ڇهن آنن ۾ ملي ٿو؟”
“پر هي خاص قسم جو پاڻي آهي. پهرين ڌار جو.”
مون پهرين ڌار جو پاڻي ڪڏهن به ڪونه چکيو هو. ٺيڪ آهي اڄ مزو وٺي ڏسجي. جيب ۾ هڪ سئو جي نوٽ جي علاوه اڃان به ٻه رپيا باقي هئا. مون انهن ٻن رپين ۾ هڪ بوتل خريد ڪري چپن تي آندي نڙي ۾ ويندي ئي ايئن لڳو، ڄڻ چوڏهن ئي طبق روشن ٿي ويا هجن. دل ۽ دماغ ۾ جيترو به ڄارو هو، پيئڻ سان صاف ٿي چڪو هو. هر شئي روشن ۽ چٽي ۽ پنهنجي اصل روپ ۾ نظر اچڻ لڳي.
آءٌ ٽپ ڏيئي پنهنجي جڳهه تان اُٿيس ۽ سئو جو نوٽ مٺ ۾ ڀڪوڙي ڪالبا ديوي روڊ جو رخ ڪيم. هتي عجيب هل هنگامو برپا هو. ڇڪ ڇڪان، ڌڪا، ماڻهو هڪ ٻئي جي ويجهو هوندي به ايترو زور سان ڳالهائي رهيا هئا، ڄڻ هو هڪٻئي کان هزار والن جي مفاصلي تي هجن.
واڪ لڳي رهيا هئا.
“ڏنم، ورتم، وڪيم، خريد ڪيم، ست مٿي اٺ، هيٺ چاليهه هزار ڳٺڙيون، ستر هزار ڳٺڙيون، ڏيڍ لک...”
ٻه لک مون غصي مان رڙ ڪئي.
هڪ دلال منهنجي ويجهو آيو، چيائين “وڪڻين ٿو؟”
“ها، وڪڻان ٿو.” مون وڦلندي چيو، “۽ خريد به ڪندو آهيان.”
“ڪهڙي اگهه ۾؟” هن مون کي ڪلهن کان جهلي ورتو، ته جيئن آءٌ ٻي ڪنهن دلال وٽ هليو نه وڃان.
“ست مٿي نو هيٺ.” مون وڏي آواز ۾ چيو.
“ست مٿي نو هيٺ” هن خوشي مان رڙ ڪئي، ڄڻ منهنجي ڳالهه جو هنکي يقين نه آيو هجي.
“ها ست مٿي نوهيٺ.” مون دهرايو.
دلال خوشي مان زور سان واڪ ڏنو. “ٻه لک ڳٺڙيون ٻه لک ڳٺڙيون.” پوءِ هن هڪدم مون ڏانهن ڏسندي سوال ڪيو
“ڪنهنجون؟”
“عقل جون.”
“عقل جون؟” ڇا هي ڪپهه جو نئون برانڊ آهي؟”
هن مون ڏانهن شڪي نظرن سان ڏسندي پڇيو.
“هڪ خاص قسم جو برانڊ آهي.” مون جواب ڏنو.
هن منهنجي اکين ۾ اکيون ملائي چيو، “تون چرٽ رام اينڊ ڪمپني جو ماڻهو آهين نه؟”
“ٻيو ڪنهن جو ٿو نظر اچان؟” مون رڙ ڪندي چيو، “سڃاڻي به ڪو نه ٿو؟”
هن منهنجي ڪلهن تي هٿ رکيو، “ايئن ئي پڇي ورتم. صاحب پڪ ڪرڻ ضروري آهي.”
پوءِ هو مونکي ڇڏي اڳيان وڌيو ۽ پاڻ کي ٽي فٽ جي مفاصلي تي بيٺل ماڻهو جي ڪن ۾، پنهنجي پوري نڙي ڦاڙي چوڻ لڳو، “ٻه لک ڳٺڙيون چرٽ رام اينڊ ڪمپني ٻه لک ڳٺڙيون، ست مٿي نو هيٺ.”
“۽ وچ ۾ ٻڙي؟” هو رڙيون ڪندو رش ۾ گم ٿي ويو.
آءٌ تقريبن اڌ ڪلاڪ تائين ڪنڊ وٺي هل هنگامون ڏسندو رهيس ۽ جڏهن مايوس ٿي دلال جو آسرو لاهي واپس وڃڻ لاءِ مڙيس ته ايتري ۾ دلال ڀيڙ کي ٽوڙيندو، ڊوڙندو ڊوڙندو منهنجي ويجهو آيو ۽ منهنجي هٿ ۾ ٻاهٺ هزار روپيه اٽڪائي ڇڏيائين.
“مون هن مان پنهنجي ڪميشن ناهي ڪاٺي.”
“ڪاٽي وٺ.”
“سيٺ جي پڇڻ کانسواءِ؟” هن حيرت مان پڇيو.
“آءٌ سيٺ کي پاڻهي ٻڌائي ڇڏيندس. هو پو ناويل آهي.”
“ٺيڪ آهي ته پوءِ ٻه هزار ڏيئي ڇڏ.”
ٻه هزار ڪٽڻ کانپوءِ آءٌ سٺ هزار کڻي ڪاٽن ايڪسچينج مان ٻاهر نڪري، اچي ٽيڪسي ۾ ويٺس ۽ ٽيڪسي واري کي چيم.
“هل بمبئي کان ڪٿي به ٻاهر وٺي هل.” ۽ دل ئي دل ۾ سوچيم ته هي ٽيڪسي چرٽ رام اينڊ ڪمپني ۽ منهنجي وچ ۾ جيترو به مفاصلو وڌائي، اوترو منهنجي فائدي ۾ آهي.
باندرا جي ويجهو مونکي زور سان پيشاب لڳو. ٽيڪسي جي فرش تي نگاهه وڌم، پر ٽيڪسي ڊرائيور جي وڏين مڇن کان ڀئو ٿيم. تنهنڪري گوڏا ڀيڙي پيشاب روڪڻ ۾ ئي پنهنجو ڀلو ڀانيم. لنڪ روڊ تي سڙڪ کان پري، خالي پلاٽ نظر آيو. هتي اڃان تائين عمارتون ڪونه اڏيون هيون. ٽيڪسي واري کي هشي ڏنم. هن ٽيڪسي کي اسپيڊ ڏني ۽ ٽيڪسي جڏهن هڪ خالي پلاٽ وٽ پهتي، ته مون هن کي ٽيڪسي روڪڻ لاءِ چيو. ٽيڪسي بيهندي ئي آئون تير وانگر ٽيڪسي مان نڪتس، ۽ تيز ڊوڙندو خالي پلاٽ ڏانهن هليو ويس. پيشاب هاڻي مونکي ڪافي تنگ ڪيو هو. پلاٽ ۾ گهڙندي ئي، هڪ ماڻهو منهنجو رستو روڪي بيهه رهيو. شڪل صورت مان هو سنڌي لڳو ٿي.
ڇا تون پلاٽ خريد ڪرڻ آيو آهين؟” هن مسڪرائيندي پڇيو.
“ها.” مون جلدي ۾ چيو، “پر اڳيان کان ته هٽ.”
“گهڻي ۾ وٺندين؟” هن منهنجو رستو روڪيندي پڇيو.
“جيتري ۾ ڏين.” مون چيو، “پر آءٌ تمام جلدي ۾ آهيان هن وقت اڳيان کان هٽ پهرين مونکي فارغ ٿيڻ ڏي.”
“وڙي تون ايترو جلدي ڪيئن فارغ ٿي سگهين ٿو؟” سنڌي پنهنجي مڇين تي هٿ ڦيريندي چيو، “هي پلاٽ سيٺ شرواني جو آهي ڏيڊ لک ۾ ڏيندو. پنجويهه هزار ائڊوانس وٺندو. تون هاڻي ئي ائڊوانس ڏيئي، سودو پڪو ڪري وڃ. باقي پئسه ڀلي پوءِ ڏجانءِ.”
“هاڻي وڌيڪ شرواني بند ڪر، مون کي تڪليف ٿي ٿئي.”
مون بيقراري مان رڙ ڪئي. ۽ کيسي مان پنجويهه هزار جا نوٽ ڪڍي چيم، هان هي وٺ ائڊوانس ۽ رستي کان پري هٽ، مونکي پلاٽ ڏسڻ ڏي.” مون جلدي ۾ هن کي ائڊوانس جا پنجويهه هزار هٿ ۾ ڏنا ۽ پلاٽ ۾ پيشاب ڪري فارغ ٿيس. اُن کانپوءِ سيٺ شرواني جو ايجنٽ، مونکي پنهنجي آفيس ۾ وٺي ويو ۽ پنجويهه هزار رپين جي رسيد ڏيندي چيائين، “سڀاڻي ٽين بجي سيٺ شرواني هتي ايندو. تون باقي پئسه کڻي اچجانءِ ۽ پلاٽ جا ڪاغذ کڻي وڃجانءِ.”
مون ڀڳل دل سان رسيد ورتي. هاڻي ڇا ٿي ٿي سگهيو؟. مون پنجويهه هزار رپين ۾ پيشاب ڪيو هو.
دنيا جو سڀ کان مهانگو پيشاب!
پلاٽ خريد ڪرڻ لاءِ باقي پئسه مون وٽ هئائي ڪٿي؟. بس ايئن ئي ڀڳل دل سان رسيد کيسي ۾ پائي پوئتي پير ڪيم ئي مس، جو آفيس جي ٻاهران هڪ ڪار اچي بيٺي ۽ هڪ موٽو ڀوري رنگ جو ماڻهو، ڊوڙندو اندر آيو ۽ سهڪندي سهڪندي چوڻ لڳو، “او گدواڻي ڊي نمبر پلاٽ تو وڪيو ته ڪونهي؟”
گدواڻي نهن کان چوٽي تائين خوشي ۾ نٿي سمايو. هو پنجويهه هزار جا نوٽ شرواني جي هٿ ۾ ڏيئي چوڻ لڳو. “سودو ٿي ويو. پنجويهه هزار ائڊوانس به ملي ويو آهي. سيٺ هي وٺ.”
“گهڻي ۾ وڪيئي؟”
“جيتري ۾ توهان چيو هو. پوري ڏيڊ لک ۾. نه پائي گهٽ نه پائي وڌ.”
شرواني پنهنجو منهن مٿو پٽڻ لڳو، “سيٺ ڦولچند کي هتي سئنيما لاءِ پرمٽ ملي ويئي آهي. هو چئن لکن ۾ پلاٽ وٺڻ لاءِ تيار آهي.”
“مون ته هن کي پلاٽ ڏيئي ڇڏيو آهي.”
“اوه!” سيٺ مايوسي وچان بي اختيار ٿڌو شوڪارو ڀريو ۽ پوءِ هن منهنجو هٿ پڪڙي، مونکي ڪرسي تي ويهاريو ۽ پنهنجي ڪرسي منهنجي ويجهو ڪري چوڻ لڳو، “سيٺ اسانجو نقصان نه ڪر هي سودو ختم ڪر.”
“ڇو ڪريان؟” مون سختي مان انڪار ڪيو.
“اسين توکي هن کان هڪ هزار فٽ زياده پلاٽ ڏيڻ لاءِ تيار آهيون.”
“نه اسانکي هي ئي پلاٽ کپي.” منهنجي لهجي ۾ چهبڪ جهڙي ڦڙتي اچي ويئي هئي.
سيٺ شرواني مون ڏانهن بي وسي مان ڏسڻ لڳو، “اسين توکي پنجويهه هزار جي عيوض پنجاهه هزار ڏيڻ لاءِ تيار آهيون پورا پنجويهه هزار مٿي. منظور آهي؟”
“اسانکي پنجويهه هزار نه کپن هي پلاٽ کپي.”
“ته پوءِ سٺ هزار وٺ.”
“نه.”
“ستر”
“نه.”
“ته پوءِ ڇا وٺندين؟” شرواني پنهنجي پيشاني جو پگهر اُگهڻ لڳو. هن جي چهري مان هڪ اهڙي بوءِ اُٿي رهي هئي، جيڪا هونءُ اُنهن نوٽن جي دستين مان نڪرندي آهي، جيڪي ڪافي دير تائين ڪنهن جي مٺ ۾ دٻيل رهيون هجن.
“اڌو اڌ.” مون چيو.
“اڌو اڌ ڇا؟” هو اڻ ڄاڻ بڻجي پڇڻ لڳو.
مون چيو، “تو هن پلاٽ جي قيمت ڏيڊ لک لڳائي ٿي. هاڻي اُن جا توکي چار لک ملن ٿا. انهي لاءِ ڏيڊ لک کان مٿي، جيڪو به منافعو ملي ٿو اُن مان اڌو اڌ.”
سيٺ شرواني ڪجهه دير تائين تيز نگاهن سان مونکي ڏٺو ۽ پوءِ هن ٿيلهو ڪڍي، اُن مان سوا لک منهنجي هٿ ۾ ڏيندي چوڻ لڳو، “سيٺ تنهنجو ڀاڳ ڀلو آهي. هي مفت ۾ کڻي وڃ ۽ منهنجي پلاٽ مان هٿ ڪڍ.”
آءٌ سوا لک کيسي ۾ وجهي اُتان هليو آيس.
ننڍي هوندي مونکي برف جا گولا ٺاهڻ جو ڏاڍو شوق هوندو هو. جڏهن برف ڄمڻ لڳندي هئي، ته آءٌ برف جا گولا ٺاهي وڻن تي ٽنگي ڇڏيندو هوس ۽ مٿان ڪرندڙ برف، انهن گولن ۾ سميٽجي ويندي هئي ۽ گولو وڏو ٿيندو ويندو هو. ۽ اهڙي ريت آءٌ وڏو ٿيندو ويس. اِهو ئي حال رپئي جو آهي. مون سوا لک جو گولو ٺاهي، بمبئي جي وڻن ۾ لٽڪايو ته رپئي سان رپيو ملندو ويو، ۽ هاڻ ته ايڏو وڏو گولو ٺهي ويو آهي، جو منهنجي سنڀالڻ کان به گهڻو وڏو آهي. اڄڪلهه منهنجو شمار بمبئي جي وڏن وڏن لک پتين ۾ ٿئي ٿو.
ڪجهه ڏينهن ٿيندا، جو باگرا يونيورسٽي مونکي ڊاڪٽر آف لاجي اعزازي ڊگري عطا ڪئي. ڊگري ڏيڻ وقت، وائس چانسلر مونکي درخواست ڪئي ته، آءٌ ملڪ جي هونهار شاگردن کي، پنهنجي ڪاميابي جو راز ٻڌايان. تقرير ۾ مون شاگردن کي چيو:
“لک پتي بنجڻ جو فقط هڪڙو ئي نسخو آهي، محنت ڪريو، محنت ڪريو ۽ ايمانداري سان جيئو.”
مونکي اُميد آهي ته، يونيورسٽي جا شاگرد ۽ هن قصي کي پڙهڻ وارا، منهنجي هن نصيحت تي جي عمل ڪندا، ته هڪ ڏينهن هو ضرور سٺا ڪلرڪ ٿي نڪرندا.
***