نئون خزانو
ايتري ۾ منهنجو پٽ عمر ڇهه سال، قد ننڍو چڊي ڦاٽل اکيون چمڪندڙ، ٽپ ڏيئي منهنجي بستري تي اچي ويٺو ۽ گهڻي بيقراري پردلچسپي واري انداز ۾ مون کان پڇڻ لڳو.
“منهنجو خزانو ڏسندين؟”
“خزانو؟”
“ها”. هن چيو، “بلڪل نئون خزانو آهي. ڏسندين؟”
مون چيو “ڏيکار ضرور ڏسندس. پر تنهنجي پهريئين خزاني جو ڇا ٿيو؟”
ٻارڙي چيو. “اُهو مون مالهي جي ڇوڪري بجو کي ڏئي ڇڏيو”. ايترو چئي ٻارڙي پنهنجي بند جهولي کولي. سڀ کان پهرين هن ماچيس جي ڏٻي ڪڍي. اُن ماچيس جي ڏٻي کي هن ايئن کوليو جيئن تماشو شروع ٿيڻ کان اڳ اسٽيج تان پردو هٽايو ويندو آهي. جڏهن پردو هٽي ويو ته مون ڏٺو ته ماچيس جي ڏٻي جي اندر ڪانچ (شيشي) جا ننڍا ننڍا ٽڪرا گڏ ڪيل هئا.
“هي ڇا آهي؟” مون پڇيو.
ٻارڙي منهنجي طرف ايئن ڏٺو ڄڻ هن کي منهنجي بيوقوفي تي افسوس ٿي رهيو هجي. مگر هن جي نگاهن ۾ تمام گهڻي گهرائي هئي. هن مون کي پيار سان سمجهائيندي چيو، “ڏس هي موتي آهن”.
“موتي آهن؟”
“امان جي چوڙين مان ٺاهيا آهن”.
اُن کان پوءِ هن خزاني جي ڏٻي بند ڪري ڇڏي ۽ ٻي ڏٻي ڪڍي. هن ڏٻي ۾ تمام پراڻا نب پيل هئا. ڳاڙهي مس جي نب سان آئون اڪثر پنهنجيون ڪهاڻيون لکندو آهيان ۽ گهڻو ڪري ڪهاڻي لکڻ وقت ٽي يا چار نب استعمال ڪندو آهيان ۽ اُڇلائي ڇڏيندو آهيان. اصل ۾ مون کي ڳاڙهي مس جي نب جي ڌار پسند آهي. لکڻ وقت ايئن لڳندو آهي ڄڻ نب ڪهاڻي جي سيني ۾ لهندو ٿو وڃي، هر جي چوني جيان ڪنهن اڻ ڄاڻ اڻ ڏٺل ڌرتي کي چيريندو اڳتي وڌندو رهندو آهي. هاري جي فصل جيان ڪهاڻي به آهستي آهستي پچندي آهي. پهرين اُن تي ٻج ڦٽندو آهي. پوءِ ٻوٽو وڏو ٿيندو آهي. پوءِ هن کي هوا ۽ روشني ملندي آهي. پوءِ آسمان طرف ڏسندڙ نوڪدار پنن تي ڦرهيون جهومنديون آهن. تڏهن وڃي ڪٿي محبت جو هڪ داڻو پيدا ٿيندو آهي. پر ڪڏهن محبت جو هڪ داڻو به پيدا ڪو نه ٿيندو آهي ۽ ساري ڌرتي بنجر رهجي ويندي آهي. ان بنجر ڪهاڻي جي گهاوَ کي هڪ ڪهاڻيڪار کان بهتر ٻيو ڪير نٿو سمجهي سگهي.
ٻارڙي جي ڏٻي انهن پراڻن نبن سان ڀريل هئي. جن سان مون نيون ۽ پراڻيون ڪهاڻيون لکيون هيون. سٺيون ۽ بريون ڪهاڻيون، جيڪي ازل وانگيان پراڻيون هيون ۽ اڄ جي انسان جيان نيون هيون. محبت سان سرشار ڪهاڻيون، ڪاوڙ ۽ ظلم سان ڀرپور ڪهاڻيون، رنگين بجلي جيان چمڪندڙ ڪهاڻيون ۽ بي رنگ، ڦڪيون ۽ اُجهاڻل ڪهاڻيون، جيئن دل اندران سڙي وڃي ۽ ڪهاڻي جي ڪک سنڍ ٿي وڃي. پر هي سڀ منهنجي پورهيئي جون ڪهاڻيون هيون. انهن ۾ منهنجي خيالن جو ۽ منهنجي احساسن جو پگهر شامل هو. انهي لاءِ مون ٻارڙي جي خزاني جي قصي کي ڏاڍي دلچسپي سان ڏٺو ۽ هن کان پڇيو.
“هي سڀ ڇا آهي؟”
ٻارري کي هاڻي منهنجي بيوقوفي جو پورو يقين ٿي چڪو هو. انهيءَ لاءِ هن مسڪرائيندي چيو “اڙي ڀائي هي نب آهن”.
مون پڇيو، “انهن سان تون ڇا ڪندو آهين”.
هن چيو، “ڪجهه ناهيان ڪندو. آئون انهن سان کيڏيندو آهيان”.
“ڪيئن؟”
هن چيو . “هي نب آهن ۽ هي اُن جو پيءُ آهي”.
اهو چئي ٻارڙي ماچيس جي ٽين ڏٻي کولي ۽ اُن مان هڪ چق مق ڪڍيو. چق مق هڪ نب کي پاڻ ڏانهن ڇڪي ورتو. جڏهن هڪ نب چهٽي پيو ته ٻيا نب به هڪ ٻئي جي آڱري پڪڙي چق مق سان چهٽي ويا.
ٻارڙي کلي چيو، “ڏٺئي؟ هي سڀني جو پيءُ آهي. هي سڀ اُن جو اولاد آهن. هڪ ٻئي جون آڱريون پڪڙيو قطار ۾ بيٺا آهن. سمجهيئي؟”.
آئون هڪدم سمجهي ويس. کوڙ سارين ڪهاڻين لکڻ جي باوجود جيڪو ڪجهه نه سمجهي سگهيو هئس سو اڄ سمجهي ويس. هونئن ته آئون ڄاڻندو هوس ته ڪهاڻيون سٺيون به هونديون آهن، بريون به هونديون آهن پر اڄ تائين اهو نه ڄاڻي سگهيو هوس ته سڀني ڪهاڻين جو هڪ ئي چق مق هوندو آهي جنهن جي سهاري اُهي خلا ۾ بيهه رهن ٿيون ۽ اُهو چق مق آهي، انسان! انسان کان سواءِ ڪا به ڪهاڻي بيهه نٿي سگهي.
مون کي هاڻ ٻارري جي خزاني ۾ دلچسپي وڌڻ لڳي اُن لاءِ مون هن کي چيو ته، “وڌيڪ ڏيکار! ٻيو ڇا ڇا آهي تو وٽ؟”.
هاڻي ٻارڙي تصويرن جو وڏو بنڊل منهنجي سامهون رکي ڇڏيو. پهرين تصوير ڪنهن مهاراجا جي هئي. جنهن جي ڳلي ۾ هيرن جواهرن جا هار پاتل هئا.
مون ٻارڙي کان پڇيو، “ڀلا هي سٺو ماڻهو ڪير آهي؟”
ٻارڙي چيو، “هي گوتم ٻڌ آهي”.
ٻارڙي شايد ڪلهه ئي پنهنجي ڀيڻ کان گوتم ٻڌ جو نالو ٻڌو هو. اهو نالو هن کي گهڻو عجيب ۽ نئون لڳو. هن جلدي ان نالي کي تصوير سان ڳنڍي ڇڏيو ۽ آئون سوچيان ٿو ته ڇا غلط ڪيائين؟. هن ملڪ ۾ ٻار ڇا وڏا ڀي اڄ تائين مهاراجائن کي گوتم ٻڌ جي طرح پاڪ، صاف ۽ نيڪ ديوتا جيان مقدس سمجهن ٿا. مون کي ڪهڙي ضرورت آهي جو هڪ ٻار جي غلط فهمي دور ڪريان؟. وڏو ٿي خود ئي سمجهي ويندو. ٻارڙي هڪڙي ٻي تصوير ڪڍي. هڪ خوبصورت مراٺي ڇوڪري هڪ پوسٽ آفيس جي ڏٻي ۾ خط پائي رهي هئي.
مون پڇيو. “هي ڇا آهي؟”
ٻارڙي چيو. هي عورت پوسٽ جي دٻي ۾ خط وجهي رهي آهي ۽ هن جو گهر پوسٽ جي ڏٻي جي بلڪل ويجهو آهي”.
مون چيو، “توکي ڪيئن خبر پئي ته هن عورت جو گهر پوسٽ جي ڏٻي جي ويجهو آهي؟”
ٻارڙي منهنجي طرف بي رحم نگاهن سان ڏٺو، “ڏسو نٿا ته هن جا پير اُگهاڙا آهن. تڏهن ته بس گهر کان نڪري جلدي خط وجهڻ هلي آئي آهي. پري وڃڻو هجي ها ته چپل پائي نه وڃي ها؟”
مون پنهنجي بيزاري لڪائيندي چيو “ٺيڪ آهي هاڻي ٻي تصوير ڪڍ؟”
ننڍي شرلاڪ هو مز هڪ ٻي تصوير منهنجي اڳيان رکي ڇڏي. هن تصوير ۾ هڪ پڃرو هو. پڃري ۾ طوطو هو. طوطي جي ڀرسان هڪ خوبصورت عورت ڀڙڪيلا ڪپڙا پهري پنهنجي زيورن جو ڏٻو کولي ويٺي هئي ۽ طوطي ڏانهن ڏسي رهي هئي.
مون پڇيو، “هي عورت هن طوطي ڏانهن ڇو ڏسي رهي آهي؟”
ٻارڙي چيو، “هي عورت طوطي کان پڇي ٿي ته منهنجو موتي ڪٿي آهي؟”
“ڪٿي آهي هن جو موتي؟”
ٻارڙي غور سان تصوير کي ڏٺو، موتي پڃري ۾ ڪو نه هو. طوطي کي ڪوٽ پاتل ڪو نه هو. نه ته موتي اُن جي کيسي ۾ هجي ها. آخر سوچي سمجهي ٻارري چيو، “موتي طوطي جي اک ۾ آهي. طوطي موتي کي پنهنجي اک ۾ لڪائي ڇڏيو آهي”.
اڄ تائين مون ڪافي اهڙيون ڪهاڻيون لکيون هيون جنهن ۾ انسان پنهنجي اکين ۾ لڙڪ لڪائيندو هو. پر اهڙي طوطي جي ڪهاڻي مون نه لکي هئي، جنهن موتي پنهنجي اک ۾ لڪائي ڇڏيو هو. نه ڄاڻ ڪڏهن هي ڪهاڻي لکي وڃي؟ نه ڄاڻ ٻيو ڪير هن ڪهاڻي کي لکندو؟ پر هي ڪهاڻي اهڙي آهي جيڪا هزارين سال گذرڻ کان پوءِ به پراڻي نه ٿيندي. طوطي جي اک جيان چمڪندي رهندي.
ٻار ٻي تصوير ڏيکارڻ وارو ئي هو جو هن جي ماءُ جو آواز آيو “ٻچڙا هاڻ اُٿي! نو ٿيڻ وارا آهن. توکي اسڪول وڃڻو آهي”.
ٻارڙي کي جهٽڪو لڳو. مون کي به لڳو. اسين اهڙي خوبصورت دنيا ۾ پهتل هئاسين جنهن ۾ اسڪول جو نالو وٺڻ به گناهه هو ۽ اسڪول به ڪهڙو اسڪول؟ سوڙها ڪمرا، اونداها اڱڻ، غربت جي تلخ يادن جو ماريل مفلس ماستر ۽ اُن جي نفرت ۽ غصي سان ڀرپور لٺ ...... جيڪا تمام ڏور کان ايندي هئي پر لهندي هميشه ٻارن تي هئي.
ٻارڙو هيسجي ويو.
آئون به هيسجي ويس.
ڇا ڪيو وڃي. مجبوري هئي. اسڪول وڃڻ به ضروري هو. ٻارڙي منهنجي طرف ڏسي بي وسي مان چيو “اسڪول نه وڃاڻ. ته ڇا ٿيندو؟”.
مون چيو، “تون اسڪول ڇو نه ويندين؟ اڄ موڪل جو ڏينهن ناهي”.
ٻارڙي پڇيو، “اڄ ڇو موڪل نه آهي؟ ڪالهه به موڪل هئي. اُن کان اڳيون ڏينهن به موڪل هئي. اڄ ڇو نه آهي؟”
مون چيو، “روز روز موڪل ڪونهي ٿيندي”.
هن چيو، “ڇو نٿي ٿئي؟”
ماڻس هن کي منهنجي گود مان اُٿاري زمين تي کڙو ڪيو.
“هون..... هاڻي سڌو اسڪول هليو وڃ. بهانا نه ٺاهي”.
ٻارڙي پنهنجي سامان ۽ ٻن بي رحم انسانن کي ڏٺو. اسان جي چهرن تي هن کي ڪٿي به اُهو رنگين ڀونئرو ڏسڻ ۾ نه آيو، نه ڊگهن ڊگهن ڪنن وارو سهو، نه اُگهاڙن پيرن گهمڻ واري مراٺي ڇوڪري..... هن گهڻي اُداسي مان اسان جي چهرن جي سختي کي پڙهي ورتو ۽ مايوس ٿي پنهنجو ٿيلهو ٺاهڻ لڳو ۽ هن ٿيلهي ۾ اهڙا ئي ڪتاب هئا جيڪي اسان جي چهرن جيان سخت ۽ بي رحم هئا، ٻار گهڻو ڪجهه چاهي ٿو. گهڻو ڪجهه چئي سگهي ٿو. پر هن کي اُهو سڀ ڪجهه ڪو نه ٿو ملي. ڇو جو اُهو سڀ ڪجهه ٻارن جي دنيا ۾ آهي. هي پوڙهن جي دنيا آهي ۽ بي ايمان، بدڪار، بدمعاش ماڻهن جي دنيا آهي، جنهن جي وات ۾ نه ڏند آهن نه پيٽ ۾ آنڊا. ٻار پنهنجين تصويرن ۾ اُن دنيا کي ڳولي ٿو جيڪا ٻارن جي طرح مسڪرائي سگهي. انهي ڪري ٻارڙي خاموشي سان ٿيلهو ٺاهي، ڪلهي ۾ پائي ورتو، پنهنجي خزاني کي پنهنجي کيسن ۾ ڀري ورتو ۽ اسان ڏانهن ڏسڻ بغير پڙهڻ لاءِ هليو ويو.
ٻارڙي جو اسڪول گهر جي ويجهو هو. گهر کان اسڪول تائين اڌ فرلانگ کان به گهٽ رستو هو. جنهن جي هڪ طرف امير ماڻهو جي بنگلي جي چار ديواري هئي ۽ ٻئي طرف گل مهر جي وڻن جي قطار هئي. انهن ٻنهي جي وچان رستي تي منهنجو ڇوڪرو چپ چاپ ڪنڌ هيٺ ڪري اسڪول وڃي رهيو هو. جو مون هڪ وڻ جي پويان کان نڪري هن جو رستو روڪي ورتو.
ٻارڙي منهنجي طرف ڏٺو.
مون هيڏانهن هوڏانهن ڏٺو، هن کي آهستي چيو، “هليا اسڪول کان ڀڄي هلون”.
اسڪول کان ڀڄڻ جي ڳالهه اڃا تائين هن جي دماغ ۾ نه آئي هئي. هڪدم هن جو چهرو ان خيال جي روشني سان ڀرجي ويو. اها روشني هن جي اکين ۾ چمڪڻ لڳي. هن جا اُداس ڳل گل جي طرح ٽڙي پيا. آئون هن جي چهري جو بدلجندڙ رنگ ڏسي رهيو هوس. هن جي حيرت ۽ پوءِ وري هن جا اُميد ۽ خوشي سان ڀرپور راڳ ٻڌي رهيو هوس. ٻار جو خاموش چهرو به خوشي جا ڪهڙا ڪهڙا نه گيت ڳائي ٿو.
هن هٿ وڌائي منهنجي آڱري پڪڙي ورتي. پوءِ هلندي هلندي هڪدم بيهه رهيو. منهنجي طرف سنجيدگي سان ڏسندي چوڻ لڳو، “امان سان ڳالهه ته نه ڪندين؟”.
مون پنهنجي چپن تي آڱر رکي چيو، “شش....”
ڊاک جي وڻ جي اڳيان جتي ٻيرن جي وڻن جو وڏو جهڳٽو هو اُتي اسان ٿيلهي کي لڪائي ڇڏيو ۽ پوءِ اسان گهمي ڦري هڪ سوڙهي جبل تي پهچي وياسين جيڪو جهنگل کان ڏور ناريل جي هڪ جهنگل مان گذري ٿو.
اُن ڏينهن اسان تمام گهڻو گهمياسين. اُها صبح ڪافي صاف ۽ چمڪدار هئي. جهنگل ۾ چئني طرف سناٽو ڇانيل هو. هلڪي هلڪي سائي رنگ جي ٿڌي روشني چئني طرفن ڦهليل هئي. اسين ٻيئي اُگهاڙن پيرن سان ڌرتي تي هلي رهيا هئاسين. ڇو ته آئون به مراٺي ڇوڪري جيان جلدي ۾ اُگهاڙن پيرن سان ئي گهر مان ڀڄي آيو هوس. ڪافي ڏينهن کانپوءِ اڄ منهنجا اُگهاڙا پير ڌرتي تي هلي رهيا هئا ۽ ننڍپڻ جون پراڻيون ڄاتل سڃاتل پٿريون منهنجي پيرن سان گلي ملي رهيون هيون. منهنجي پيرن ۾ هڪ عجيب خوشي جو احساس سمائجي ويو هو ۽ آئون پنهنجي ٻارڙي سان گڏ جهنگل ۾ ٽٻيون هڻندو رهيس.
ٻارڙي کي جهنگل ۽ دل کي راحت بخشيندڙ روشني بي حد وڻي، چيائين، “هتي ڏينهن آهي؟”.
مون چيو. “ها ڏينهن آهي”.
“اسان جي گهر ۾ به ڏينهن آهي؟”
مون چيو، “اسان جي گهر ۾ به ڏينهن آهي”.
هن چيو، “ڏينهن ۾ رات ڪونهي ٿيندي ڇا؟”
مون چيو، “بابلا ڏينهن ۾ رات ڪونهي ٿيندي”.
ٻارڙي ضد ڪندي پڇيو، “ٿورڙي به ڪونهي هوندي؟”
مون پريشان ٿيندي چيو “ڪهڙا اجايا سوال ٿو ڪرين. ڀلا ڏينهن ۾ رات ڪيئن ٿي سگهي ٿي؟”
ٻارڙي چيو “هن وقت ڏينهن آهي ته اسان جي مالهي جي گهر ۾ رات ڇو آهي؟”
منهنجي جسم ۾ ڄڻ خوف جي لهر ڊوڙي ويئي ۽ مون کي پنهنجي بنگلي کان ٻاهر مالهي جي جهوپڙي ياد آئي، جنهن ۾ ڏينهن جو به رات لڳندي آهي ۽ ٻنپهرن جو به اندهه ڇانيل رهندي آهي ۽ مون کي مالهي جو گهر ۽ گهڻا ٻيا گهر به ياد آيا، جتي ڏينهن جو به اوندهه هوندي آهي ۽ پوءِ مون کي آسمان سان ڳالهيون ڪندڙ عمارتون ياد آيون، جتي رات جو به ڏينهن هوندو آهي. اهڙا گهر جتي ننڍو ڏينهن ۽ ڊگهي رات هوندي آهي. اهڙا گهر جتي ٿورڙي رات ۽، ڊگهو ڏينهن هوندو آهي. جيتوڻيڪ ٻارڙو سماجي تجزيو نٿو ڪري سگهي. پر هو جيڪڏهن ارسطو افلاطون نٿو هجي ته به اُنهن فيلسوفن جهڙو به نٿو هجي، جيڪي ڏينهن ۾ رات ۽ رات ۾ ڏينهن هئڻ جا عجيب دليل پيش ڪري سگهندا آهن. پر هڪ ٻار کي ڪهڙي طرح به مطمئن نٿا ڪري سگهن، جيڪو ڏينهن ۾ رات ۽ رات ۾ ڏينهن ڏسي ٿو ۽ ان تضاد تي حيرت مان خاموش ٿي وڃي ٿو.
آئون ٻارڙي کي سوال جو جواب ڏئي نه سگهيس. ڇو ته منهنجو جواب گهڻو ڊگهو هو ۽ منهنجو ڇوڪرو گهڻو ننڍو هو. هاڻي سامهون هڪ ننڍي ندي اچي ويئي هئي. مون ٻارڙي کي هنج ۾ کنيو ۽ ندي جي ٻئي پار هن کي هڪ ٻي وڏي جبل مٿي وٺي ويس جتي هڪ ڌراڙ مينهون ۽ ڍڳيون چاري رهيو هو. ٻارڙي هڪ ٻه ڍڳيون ۽ مينهون ضرور ڏٺيون هيون، پر ايتريون ڍڳيون مينهون پهريون ڀيرو ڏٺيون هيون. انهي لاءِ پهرين ته هو اُنهن کي گهڻي حيرت مان تڪيندو رهيو ۽ پوءِ چيو،
“هي سڀ ڍڳيون ۽ مينهون آهن؟”
“ها”.
“۽ هو ڇا آهن؟”
“ٻڪريون”.
“هو رڍون آهن؟”
“ها”.
مون ٻارڙي جو تعارف ٻن ٽن رڍن ۽ ٻڪرين جي ننڍڙن ڦرن سان ڪرائي ڇڏيو. ٻارڙو اُنهن سان کيڏندو رهيو. پوءِ هن هڪ وڇڙي کي ڳئون جي ٿڻ مان کير پيئندي ڏٺو. ٻارڙو هڪدم سمجهي ويو ۽ چيو، “هي ماءُ جو کير پيئي ٿو”.
مون چيو “ها”
ٻارڙي پڇيو، “۽ جيڪو اسان جي گهر کير اچي ٿو اُهو ڪٿان اچي ٿو؟”
“انهن ڍڳين مينهن جو کير هوندو آهي”.
“ان کير کي هي ماڻهو وڇڙي جي وات مان ڪڍي وٺن ٿا؟”
مون چيو، “وات مان ڪو نه ٿا ڪڍن، کير ڏهي ڪڍن ٿا”.
“ڪيئن ڏهن ٿا؟”
مون ڌراڙ کي چار آني ڏني ۽ هن هڪ ڍڳي کي ڏهي ڏيکاريو. نه صرف کير ڏهي ڏيکاريو پر هن ٻارري کي گود ۾ اهڙي طرح وهاريو، جهڙي طرح هو ڍڳي ڏهڻ وقت دلو پنهنجن گوڏن ۾ رکندو آهي. پوءِ هن ڍڳي جي ٿڻ مان گوائون (ڌارون) ٻار جي وات ۾ وڌيون. ٻارڙي کي ڏاڍو مزو آيو ۽ جڏهن کير جي گُوا غلطي سان ٻارڙي جي چهري تي ڦهلجي ويئي ته هو زور زور سان کلڻ لڳو. هن مون کي آهستي چيو، “وڏو ٿي آئون به ڌراڙ ٿيندس”.
ٿوري دير کان پوءِ اسان ڌراڙ کي گهڻو پوئتي ڇڏي آيا هئاسين. هاڻي اُتي پهچي وياسين جتي اسان کي سمنڊ ويجهو هو ۽ هڪ ننڍو ڇوڪرو جيڪو منهنجي ڇوڪري کان پنج ڇهه سال وڏو هو. نهايت مزي سان گپ ۽ پاڻي ۾ بيهه جهينگا پڪڙي رهيو هو. ٻارڙي کي جهينگا پڪڙيندڙ ڇوڪري جي همٿ ڏاڍو متاثر ڪيو. هن نهايت آرام سان جهينگي هٿ سان جهلي. اُن جون سامهون واريون ٻه ٻانهون الڳ ڪري پوءِ اُن کي ٽڪرا ٽڪرا ڪري پنهنجي ڄاري واري پيتي ۾ پاتو ٿي. منهنجو ٻارڙو نهايت ڌيان سان هن ڪم کي ڏسندو رهيو ۽ جڏهن اُتان کان روانه ٿي تمام گهڻو اڳيان نڪري وياسين ته ٻارڙي ٿڌو ساهه کڻي مون کي چيو “آئون به وڏو ٿي جهينگا پڪڙيندس”.
جهنگل ۾ گهمندي نون وڻن، گلن، پوپٽن سان پنهنجي سڃاڻپ ڪرائيندي اسين پراڻي مندر جي ڏاڪڻن تي وڃي ويٺاسين. هي ڪافي پراڻو مندر هو ۽ اُن جي ڇت ٽٽل هئي ۽ اُن مان سڌو آسمان نظر اچي رهيو هو. ڏاڪڻيون چڙهڻ سان اسان کي پٿر جو هڪ وڏو ڍڳو ڏسڻ ۾ آيو جو مندر جي ٻاهران رکيل هو.
ٻارڙي چيو “هي ڍڳو آهي؟”
“ها”
“هتي ڇا پيو ڪري؟”
مون چيو “مندر جي سامهون آرام پيو ڪري”.
“هي مندر آهي”
“ها”
“مندر ڇا هوندو آهي؟”
“مندر ۾ پوڄا ڪئي ويندي آهي”.
“پوڄا ڇا هوندي آهي؟”
آئون چپ ٿي ويس، هن کي ڇا ٻڌايان ته پوڄا ڪنهن کي چوندا آهن، ڇو ته ڀڳوان ۽ خدا جو خيال ته تمام پوءِ جي ڳالهه آهي. پهرين ته ٻار کير پيئي ٿو. ماءُ جو چهرو ڏسي ٿو، گوڏن ڀر هلي ٿو، پوءِ ڳالهائڻ شروع ڪري ٿو، پهريان لفظ جيڪي هو اُچاري ٿو اُهي آ، پا، امان، پاڻي، ماني ۽ رانديڪن جا نالا هوندا آهن ۽ ڀائرن ڀينرن جو پيار هوندو آهي. هن ننڍڙي جي ننڍڙي ۽ پياري دنيا ۾ پوڄا ۽ ڀڳوان جو خيال ڪو نه ٿو اچي. انهي لاءِ مون ٻارڙي کي چيو.
“مون کي به معلوم ناهي. اچ اندر هلي ڏسون ته پوڄا مندر ۾ ڪيئن ٿئي ٿي”.
اسين مندر اندر هليا وياسين.
مندر جي ڀڳل ٽٽل عمارت ۾ ڪافي مورتيون ٽٽيون پيون هيون. باندرن جون مورتيون ۽ هاٿي گهوڙن جون مورتيون، بي حد خراب حالت ۾ ديوارن جي اوسي پاسي پيون هيون ۽ اُنهن تي گاهه ڦٽي آيون هو. مندر جي وچ ۾ جتي مورتي هئڻ گهرجي ها اُتي فقط پٿر جو ڪنول جو گل باقي بچيل هو. جنهن جي اندر جهرڪين پنهنجو آکيرو ٺاهي ڇڏيو هو. ان آکيري جي اندر ٽي ڏاڍا خوبصورت آنا پيل هئا. هيڊي رنگ جا ٽي آنا جن تي ڄمون رنگ جا نشان نهايت ئي خوبصورت لڳي رهيا هئا.
ٻارڙي خوشي ۾ رڙ ڪندي هڪ آني کي هٿ جي تري تي رکيو. ٻاررو بي حد خوش هو ۽ خوشي ۾ ٽپا ڏئي رهيو هو ۽ آني کي پيار ڪري رهيو هو، هن ڪنهن مهل اُن کي چميو ٿي، ڪنهن مهل ڳل سان لڳايائين ٿي ۽ ڪنهن مهل خوش ٿي منهنجي طرف ڏٺئين ٿي، ڄڻ هن کي دنيا جو وڏي ۾ وڏو خزانو ملي ويو هجي. هن جي خوشي مون تائين پهتي ۽ منهنجي دل به عجيب خوشي جي جذبي سان ٽمٽار ٿي ويئي.
ٿوري دير کان پوءِ ٻارڙي ان آني کي کڻي پنهنجي چڊي جي کيسي ۾ رکي ڇڏيو. هاڻ هو ٻيو آنو کڻڻ تي لڳو ته مون هن کي روڪي ورتو.
“ڇو؟” ٻارڙي پڇيو.
“هي آنا اسان جا ناهن. هي آنا هن مندر جا آهن”
ٻارڙي پڇيو. “ڇو هي پوڄا جا آنا آهن؟”
“ها” مون خوش ٿي چيو، “هي پوڄا جا آنا آهن.
“انهن آنن کي آکيري ۾ رکي اچ. پوءِ هڪ جهرڪي گانو ڳائيندي ايندي ۽ اُنهن کي پرن ۾ سميٽيندي ۽ پوءِ هوءِ وري گيت ڳائيندي ..... ۽ مندر جي ٽٽل ڇت مان آسمان مسڪرائيندو. پوءِ هن جي پرن جو پاند پيار ۽ سونهري خوشي سان ڀرجي ويندو”.
ٻارڙي خوش ٿي چيو، ۽ “تڏهن پوڄا پوري ٿي ويندي؟”
“ها پوءِ پوڄا مڪمل ٿي ويندي”.
ٻارڙي کي ڏاڍي خوشي ٿي ۽ هن آنن کي واپس آکيري ۾ رکي ڇڏيو. هن کي هي پوڄا گهڻي پسند آئي. مون کي به صحيح معنيٰ ۾ اڄ ئي معلوم ٿيو ته پوڄا صرف ڀڳوان کي نٿو چئجي. پوڄا ماءُ کي به چئبو آهي، تخليق جي عمل کي به چئبو آهي ۽ زندگي جي پيار کي ڪوٺبو آهي.
ٻارڙو هلي هلي هاڻي ٿڪجي پيوهو . مون هن کي هنج ۾ کڻي ورتو ۽ هلندي هلندي هن کي پرين جي ديس جي، هڪ خوبصورت خواب جهڙي ڌنڌلي ڌنڌلي ڪهاڻي ٻڌائڻ لڳس. جنهن کي ٻڌندي ٻڌندي ٻارڙو منهنجي ڪلهي تي سمهي رهيو.
پوءِ واپس اچي مون بيرن جي گهاٽي جهڳٽي مان هن جو ٿيلهو کڻي ۽ ڪلهي ۾ پاتو. جيئن ئي پنهنجي ٻارڙي جي چهري کي ٻيهر ڏٺو ته مون کي هنجو چهرو پرسڪون ۽ پر اُميد محسوس ٿيو ۽ اُن جي معصوم چهري ۾ مون کي پنهنجو عڪس نظر آيو ۽ مون کي اُهو ڏينهن ياد آيو، جڏهن آئون اهڙي طرح هڪ اونداهي اسڪول ۽ هڪ ظالم اُستاد جي ڊپ کان اسڪول مان ڀڳو هوس. ۽ پوءِ مون کي پنهنجي زندگي جون گهڻيون ئي تلخ ڳالهيون ياد آيون. جن جي منجهيل ڪنڊيدار راهن تان گذري لکين ٻارن جا پير ڦٽجي پيا هئا. اُهي ڏينهن رات جي طرح ڪارا هئا. اُهو موتي، جيڪو لالچي طوطي پنهنجي اکين ۾ لڪايو هو ۽ اُها تصوير جنهن کي ڪوڙهه جي ماريل هٿن داغدار بنايو هو. ڪيتريون ئي ڊگهيون تلخ ڪهاڻيون هيون جيڪي ٻالڪپڻي جي چهرن تي لڪيرن۽ جهرين جو هڪ ڊگهو ڄار ڦهلائي هليون ويون هيون.
چون ٿا ته پرين جي ديس ۾ هر هڪ جي خواهش پوري ڪري سگهجي ٿي. جيڪڏهن اِها حقيقت آهي ته آئون اُن پرين جي ديس جي ٻارڙي کي هنج ۾ کڻي پنهنجي خوشي جو اظهار ڪريان ٿو. ۽ چاهيان ٿو ته ان ٻار جي ڪهاڻي اسان جي نسل جي ڪهاڻي کان مختلف هجي. ان جي ڪهاڻي هڪ اهڙي زماني جي ڪهاڻي هجي، جنهن ۾ ٻارڙو پنهنجو چهرو ڏسي سگهي ۽ ٻارڙن جيان مسڪرائي سگهي.
اُن کان پوءِ آئون پنهنجي ننڍ ستل ٻارڙي کي چمي ڏيان ٿو ۽ هن کي ڳلي سان لڳائي گهر جي طرف هلي پوان ٿو.
اڄ آسمان گهرو نيرو آهي ۽ منهنجي سيراندي ڀرسان گلاب جو گل آهي.