پڦي
ڇڳل هيو،
پوءِ به هڪ ٻئي ۾،
ڦاٿل هيو.
پڇاڙڪن ڏينهن حاجيءَ لاءِ موت مسئلو هيو، اٿندي ويهندي هن تي موت سوار هيو، هن جي هڪ ڄنگهه ڪم ڪرڻ ڇڏي ڏنو هيو، هٿ ڦري ويو هيو ۽ واڇ چٻي ٿي وئي هئي. موت هن لاءِ ڀوائتي صورت بڻجي چڪو هيو، جيڪو تارا ڦاڙي هن اڳيان بيٺل هوندو هيو، هو اوچتو رڙيون ڪندو هيو.
“موت... موت... اڙي موت!”
پوءِ هو اداس اکين سان گهرڀاتين ڏانهن ڏسندو هيو جيڪي هن سان همدرديءَ جو اظهار ڪندا هيا. هو ڪڏهن شانت کٽ تي ليٽيل هوندو هيو، ائين لڳندو هيو جيئن هو ماضيءَ جي گهڙين ۾ پاڻ کي ڳولهيندو هجي. هن جو ماضي پٿر تي اڪريل تصويرن جيان اڻ مٽ هيو.
هن جي زال جنهن کي هرڪو “پڦي” چوندو هيو، اها ڏاڍي ٿڌي سڀاءَ واري عورت هئي. واندڪائيءَ ۾ هوءَ گهر جي ونگن واري ڊگهي دالي ۾ ويٺل هوندي هئي. هر ڪم آرام ۽ سليقي سان ڪندي هئي، لڳندو هيو ڄڻ طبيعت جي سست آهي. هوءَ هر ڳالهه تي مرڪندي هئي ۽ پيار مان ڏاڍي ٿڌي لهجي ۾ ڳالهائيندي هئي. گهڻو وقت حاجيءَ جي خدمت ۾ گذاريندي هئي. هن لاءِ جنڊ تي ڪڻڪ ڏڏري ڀت پچائيندي هئي. اوطاق جي صفائي ڪندي هئي ۽ شام جو ان حقي کي تيار ڪندي هئي جنهن کي چار نڙ هيا. اهو هڪ وڏو حقو هوندو هيو، جنهن تي هڪ ويڪري ڦل ۾ ٽانڊا دکندا هيا. ان حقي کي هڪ وقت چار ماڻهو پي سگهندا هيا. پڦي حقي جو پاڻي بدلائيندي هئي. ان جا نڙ ڌوئي، ڦل جي رک ڇاڻي، تازو تماڪ وجهندي هئي. حاجي ڪڏهن ان حقي جو نڙ ڪڍي پڦيءَ کي پٺيءَ تي وهائي ڪڍندو هيو.
“سستي ڇڏ...” هو چوندو هيو. “ڪم ته ائين ٿي ڪرين ڄڻ لڱن ۾ ساهه ئي ڪونه ٿي!”
پڦي پنهنجي پٺي مهٽيندي هئي.
“اڙي ربن جا پيءُ مان ڪهڙو ڏوهه ڪيو؟” هوءَ چوندي هئي.
حاجيءَ کي ٻه پٽ هيا، هڪ ربن ٻيو نبن. انهن جو گهڻو وقت ڪارخاني ۾ گذرندو هيو، جتي سٽ جي رنگائي ٿيندي هئي. گهر ڀرسان رنگائيءَ جو ڪارخانو هيو، جتي شهر جي ڪپڙي اڻڻ جي کڏين جو سٽ رنگائيءَ لاءِ ايندو هيو. محلي جي هر گهر ۾ ڪپڙي اڻڻ جي کڏي هوندي هئي، هر گهر اندر ڪپڙو اڻڻ ڪري نار جي کڙڪي جو آواز ٻڌبو هيو. حاجيءَ جي رنگ جو ڪارخانو مشهور هيو. ان ۾ بٺين تي وڏيون ٽانڪيون رکيل هونديون هيون، جن ۾ هو تيزاب ۽ رنگ جو اهڙو ته مقدار ملائيندو هيو جو رنگ پڪو صاف ۽ کليل هوندو هيو. ڪارخاني جي وچ تي هڪ وڏو ٿلهي ڪاٺ جو صليب لڳل هوندو هيو. جنهن جي ٻانهن ۾ بٺيءَ مان رنگيل سٽ ڪڍي لڙڪائي، لٺ وجهي، گول ڦيرائي نيپوڙيو ويندو هيو. هٿ جو پورهيو عام هيو. حاجيءَ جي رنگائيءَ جي ڪارخاني ۾ ڪئي مزدور ڪم ڪندا هيا ۽ هن جي ڪارخاني جي ڪمائي عروج تي هئي.
حاجي ڊبل گهوڙا بوسڪيءَ جي قميص پائي، چانديءَ تند وارو ململ جو پٽڪو ٻڌي، چمڪندڙ واچ ويڻيءَ ۾ وجهي جڏهن پاڙي مان لنگهندو هيو ته ماڻهو هٿ ٻڌي، سيني تي هٿ رکي “بسم الله” چئي هن کي دڳ ڏيندا هيا. حاجيءَ ست حج ڪيا پر پڦي هن سان ڪڏهن حج تي نه وئي. اهو سال خالي نه هوندو هيو جو حاجي فارم نه ڀرائي. پاڻيءَ وارا جهاز هوندا هيا. جن تي ست ڏينهن سفر ڪري حاجي حج تي پهچندا هيا. روهڙيءَ ۾ ريل تائين ڇڏڻ لاءِ ماڻهن جو جلوس هوندو هيو. هرڪو حاجيءَ کي هار پارائي ان پويان هلندو هيو. مولودي ٻوڙو ڪن تي هٿ رکي ڳائيندو حاجيءَ پويان ائين هلندو هيو جيئن راهه ڀليلن کي دڳ ٻڌائيندو هجي. ماڻهن جو ولر وڏي اڪير مان حاجيءَ کي سيٽ تي ويهاري ائين ورندو هيو جيئن انهن اڌ حج جو ثواب کٽيو هجي. ٽي مهينا لڳي ويندا هيا. زندگي ۽ موت جو مرحلو هوندو هيو. پاڻيءَ جو جهاز سمنڊ جي گج تي هيٺ مٿي ٿي هلندو هيو. ڪي اوڪارا ڏئي ساڻا ٿي پوندا هيا. ڪي مري ويندا هيا ۽ مئلن کي تختي سان ٻڌي وزن لڙڪائي سمنڊ ۾ اڇلايو ويندو هيو. موٽڻ جي اميد انتظار ڪندڙن جي اکين ۾ جهرڪيءَ جي آکيري ۾ ويٺل ٻچي جيان پَرَ هڻندي هئي. پر اهي پڦيءَ جي واندڪائيءَ جا ڏينهن هوندا هيا. هوءَ دالي ۾ پيل کٽ تي ڏاڍي سڪون سان ويٺل هوندي هئي. هوءَ ڪڏهن ڇنڊڻي کڻي ان جنڊ جي صفائي ڪندي هئي جيڪو انهن ڏينهن هن جيان آرام ۾ هوندو هيو يا هوءَ اوطاق ۾ وڃي ٻهاري ڏيندي هئي جتي مٿان بيٺل نم جا ڇڻيل پن پيل هوندا هيا. هوءَ خالي پيل ڪرسين کي ڏسندي هئي جتي حاجيءَ جا دوست ويهي حقو پيئدا هيا، پوءِ هن کي لڳندو هيو، اتي ٽهڪ گونجندا هجن. حاجيءَ حقي مان سوٽو هڻي دونهون هوا ۾ ڇڏيندي چيو هجي.
“اڙي سيٺ جڙيا... جيءُ آهي ته جهان آهي.”
سيٺ جڙيي کي اڇا ڪلف لڳل ڪڙڪ ڪپڙا پاتل هوندا هيا، ڪلهي کان هڪ پاسي گولين واري پٽي ۾ پستول لڙڪندو هيو. هو جڏهن کلندو هيو ته هن جا ڏند ايڏا ته اڇا هوندا هيا جو ڏسڻ واري جي دل به کلڻ چاهيندي هئي. هن کي شاهي بازار ۾ ڪپڙي جو هٽ هيو. بمبئيءَ ۾ ڪوٺي هئي جتي سنڌ مان ململ، سوسيون ۽ انگوڇا ويندا هيا، هن کي ايڏي آمدني ٿيندي هئي جو رکڻ جي جاءِ نه هوندي هئي. دولت کي لڪائڻ لاءِ ڪپهه جي جاءِ تي وهاڻن ۽ سوڙين ۾ ڀري ڇڏيو هيو. هو جنهن وهاڻي تي مٿو رکي مٿان نوٽن سان ڀريل سوڙ پائي سمهندو هيو، ان جي ماليت لکن ۾ هئي، سيٺ جو نوجوان پٽ هوندو هيو. جنهن کي ماچيس جي جاءِ تي نوٽن جي ٿهي کيسي ۾ پيل هوندي هئي. اهو جڏهن سگريٽ دکائيندو هيو ته کيسي مان نوٽن جي ٿهي ڪڍي، نوٽ ڦاڙي، روڊ تي ڪنهن هوٽل ٻاهران تنور تان ٻاري پوءِ سگريٽ دکائيندو هيو، ان جي پٽ جون اکيون سدائين ڳاڙهيون هونديون هيون، ڇو جو هو ڀنگ گهڻي پيئندو هيو.
سيٺ جڙيو حاجيءَ جو گهرو دوست هيو. حقي جي چئن نڙن مان حاجيءَ جي ڀر وارو هن لاءِ مخصوص هيو، ٻه ٻيا نڙ صوبيدار ۽ حڪيم رئوف لاءِ هيا.
صوبيدار وڏي لئي وارو ماڻهو هيو، هن جي ورديءَ کي ٽي گل هيا، سندس خوبصورت زال جي هر هنڌ هاڪ هوندي هئي، محلي ۾ سڀ کان سٺي جاءِ صوبيدار جي هئي، جنهن ۾ ٻاهران سٺا رنگ ڀريل هوندا هيا. ڏاڍو راشي هوندو هيو، هن جي رڌڻي ۾ مصالحي جي دٻن ۾ نوٽ ڀريل هوندا هيا، هن جو پٽ ڪنهن ڀوري انگريز وانگر هوندو هيو، اهو خراب سنگت ۾ اچي رلي ويو.
باقي حڪيم رئوف سنهڙي جسم ۽ ننڍي قد وارو شخص هيو، جنهن کي مٿي تي ترڪي ٽوپي پاتل هوندي هئي. اهو انهن ڏينهن اخبار ڪڍندو هيو ۽ سکين ماڻهن جي لڪيل مرضن جو علاج ڪندو هيو، هو سنکيو ماريندو هيو، هڪ دفعي هن کان سنکيو صحيح نه مئو. ڪپڙي مارڪيٽ جي هڪ سيٺ جو پٽ جنهن جي شاديءَ کي هفتو مس ٿيو هيو جڏهن اهي ڪک کاڌا ته هڪ هفتو هن جي آنڊن مان رت ايندو رهيو ۽ آخر هو دنيا مان موڪلائي ويو.
بيمار ٿيڻ کان اڳ حاجي ستين حج تي ويو هيو ته هن پڦيءَ کي صلاح ڪئي هئي، پر پڦيءَ انڪار ڪيو هيو.
“اڙي حاجي مان ڇا ڪندس حج ڪري؟”
حاجي ڄڻ ڪاوڙجي پيو هيو. هن حقي جي نڙ ۾ هٿ وجهي، ان کي ٻاهر ڪڍي پڦيءَ کي چيلهه ۾ هڻڻ جي ڪوشش ڪئي هئي.
“چوين ڇا ٿي؟” هن ڏند ڪرٽيندي چيو هيو. “چوانءِ ٿو حج تي هل ته توکي حج جي خبر ناهي؟”
پڦيءَ نه ڪڏهن نماز پڙهي، نه ڪڏهن روزو رکيو، حاجي، سيٺ جڙيي جي هٽ تان رمضان ۾ ڪپڙو وٺي ايندو هيو جيڪو هوءَ زڪوات ۾ غريبن کي ورهائيندي هئي، عيد کان ڏهاڪو ڏينهن اڳ حاجيءَ جي گهر ميلو متل هوندو هيو. ڀيل ۽ مارواڙي عورتون ميرا گگها پائي در ٻاهران بيٺيون هونديون هيون. پڦي ڪپڙو ڪڇي جوڙا ٺاهي ماين ۾ ورهائيندي هئي. حاجي هر ايندڙ ويندڙ عورت کي پيو جاچيندو هيو، ڪا عورت جڏهن ٻيهر ايندي هئي ته حاجي سمجهي ويندو هيو. هو پادر ۾ هٿ وجهندو هيو ۽ عورت کي گهٽ وڌ ڳالهائيندو هيو. پڦي کلندي هئي.
“اڙي حاجي ڇڏيس.” هوءَ چوندي هئي. “وٺي ٿي ته وٺڻ ڏيس... ڪهڙا کٽي وينداسي.”
“مان چوانءِ ٿو بڪ بند ڪر.” هو پڦيءَ کي چوندو هيو. “خيال ڪر، ڪو ٻيهر وٺڻ اچي ته ان کي ٻاهر ڪڍ.”
پڦي چپ ٿي ويندي هئي.
حاجي پنج وقت نماز پڙهندو هيو. رمضان ۾ سڀ روزا رکندو هيو. صدقو زڪوات ڏيندو هيو ۽ مسجد جي ملان جي مالي مدد ڪندو هيو. پوءِ به هن وٽ گناهن جو احساس هوندو هيو. هو موت کان ڏاڍو ڊنل هوندو هيو. هو چوندو هيو قبر جو عذاب ڏاڍو وڏو آهي. رب جي سامهون گناهن جو اعتراف سڀ کان ڏکيو آهي.
گهڻو پئسو هجڻ ڪري هو ڪجهه وقت عياشين ۾ مبتلا رهيو، سنگت جي رنگ ۾ رنگجي ويو. هو حقي جو نڙ وات مان ڪڍي دوستن کي ماضيءَ جو اهو قصو وڏي مزي سان ٻڌائيندو هيو. “هڪ دفعي هو ملڪ جي وڏي شهر ويو، رات جي وقت اتي اسٽيشن تي هن کي هڪ عورت ملي، هن پاڻ سان گڏ ان عورت کي ٽيڪسيءَ ۾ پوئين سيٽ تي سمهاريو، پوءِ ڊرائيور کي چيو ته هو شهر جي روڊن تي ٽيڪسيءَ کي هلائيندو رهي ۽ پوئتي نه ڏسي، ڊرائيور ٽيڪسيءَ اندر روشنيون بند ڪري ڇڏيون ۽ هو ڪيتري دير ٽيڪسي روڊن تي ڀڄائيندو رهيو، هن کي هڪ وڏي رقم عورت ۽ ڊرائيور کي ڏيڻي پئي. هو جڏهن به چوياريءَ ۾ اها ڳالهه ٻڌائيندو هيو ته سڀ کلي کيرا ٿي پوندا هيا.
“واهه حاجي تنهنجا ڏينهن.” سيٺ جڙيو چوندو هيو. “هاڻي حال ڪو نه ٿي... صفا چٽ ٿي ويو آن.”
هو حاجيءَ کي ٽوڪيندو هيو.
“دعا ڪر جڙيا.” حاجي چڙي پوندو هيو. “هاڻي به نڪران ته جهنگ ٻاري ڏيان.”
هو سڀ ٽهڪ ڏيندا هيا ۽ حقو “گڙ گڙ” ڪندو هيو.
اسر ويل محلي جو ملان ايڏي ته سريلي ٻانگ ڏيندو هيو جو پڦي جاڳڻ چاهيندي هئي پر هن کي ننڊ جا جهوٽا ايندا هيا. حاجي ننڊ مان اٿي نماز پڙهي ايندو هيو ته پڦي پڌر ۾ ستل هوندي هئي. حاجي رڙ ڪندو هيو.
“اڙي اٿ چوانءِ ٿو... چيلهه نه ڀڃي ڇڏيانءِ.”
پڦي اٿي کٽ تي ويهندي هئي.
حاجي ڪارخاني ۾ وڃي رنگ جون بٺيون گرم ڪندو هيو ۽ پڦي اٿي ڏڌ ولوڙيندي هئي. مکڻ جو چاڻو ڪڍي سڀ کان پهريون ڏهٽي ڏي موڪليندي هئي. هن جو ڏهٽو جنهن کي پيار مان “دلدو” چوندا هيا، ان وقت نون سالن جو هيو، کير مکڻ کائڻ ڪري بدن ۾ سگهارو هوندو هيو. گهمندو هيو ته ڳٽا هيٺ مٿي ٿيندا هيس. جڏهن حاجي آخري حج تي ويو هيو ته هن لاءِ قيمتي ريڊيو آندو هيو جيڪو هو شام جو گهر ٻاهران ٻهاري ڏئي، ڇڻڪار ڪري، کٽ ڪڍي ان تي رلهي وڇائي ويهي وڄائيندو هيو. پاڙي جا همعصر ڇوڪرا هن چوڌاري ويهندا هيا ۽ پوءِ ريڊيو تي جڏهن الغوزن جو آواز ايندو هيو ته دلدو اٿي نچڻ شروع ڪندو هيو، هو الغوزن جي آواز تي مست ٿي پوندو هيو. هن کي الغوزن وڄائڻ جو ڏاڍو شوق هوندو هيو. هڪ دفعي هن الغوزن جو جوڙو ورتو، پوءِ هو اهڙي شخص کي ڳولهڻ لڳو جيڪو هن کي الغوزا وڄائڻ سيکاري. پاڙي ۾ هزاري خان رهندو هيو، جيڪو کٽون واڻيندو هيو ۽ ايندڙ ويندڙ سان ڀوڳ چرچا ڪندو هيو. هن جڏهن دلدوءَ جي هٿن ۾ الغوزا ڏٺا ته ان کي سڏ ڪيائين. دلدو جڏهن ان وٽ ويو ته ان کي ٻڌايائين “جوانيءَ ۾ هو الغوزا وڄائيندو هيو. گهڻا ڏينهن ٿيا آهن هن الغوزا نه وڄايا آهن.”
هن الغوزا دلدوءَ کان ورتا ۽ وات ۾ وجهي ائين وڄائڻ لڳو ڄڻ هن جو ساهه وچڙي پيو هجي. وات واري نڙ مان ساهه کڻي ته نڪ مان نه کڻي سگهي ۽ نڪ مان کڻي ته وات مان نه کڻي سگهي. الغوزا گگ سان ڀرجي ويا ۽ هن دلدوءَ کي اهو چئي واپس ڪيا ته “اهي سٺا نه آهن، سستا آهن.”
دلدوءَ ان ڏينهن کان پوءِ اهي الغوزا وات ۾ نه وڌا ۽ هر وقت هزاريءَ کي پيو گهٽ وڌ ڳالهائيندو هيو. پڦيءَ کي سڀ کان گهڻو پيار دلدوءَ سان هوندو هيو. سياري ۾ پڦي ڀاڱ ڀُڃندي هئي. هوءَ سٺي گيهه ۾ اٽي جي چوري ٺاهي ان ۾ سڪل ميوو ڪٽي ملائيندي هئي. پاڙي جون ست مايون ان ۾ ڀاڱو ڪنديون هيون. وڏي گلم تي اڇي چادر ڀاڱ سان ڀرجي ويندي هئي. پورو پاڙو پنچوريءَ سان واسجي ويندو هيو. دلدو چوريءَ جا مُٺيا ڀري کائيندو هيو ۽ پوءِ ريڊيو وڄائي نچندو هيو.
پڦي ڏاڍي رحمدل عورت هئي. ائين گهمندي هئي جيئن جيت تي پير نه اچي. هڪ دفعي ڪو نانگ گهر ۾ گهري آيو جيڪو پڦيءَ جي پيرن مان لنگهي ويو. پڦيءَ ڪنهن کي نه ٻڌايو. جڏهن ڪجهه ڏينهن کان پوءِ گهر جي مردن ساڳيو نانگ ڏٺو ته لٺيون هڻي ماريائون. پڦيءَ رڙ ڪئي.
“اهو ته ٽيون ڏينهن منهنجن پيرن وٽان لنگهيو هيو.”
سڀني کي پڦيءَ تي ڏاڍي کل آئي، پر حاجي باهه ٿي ويو.
“تو سمجهيو ته اهو به گهر جو ڀاتي آهي... ڀلي گهمي پيو.” حاجيءَ چيو.
محلي جا ماڻهو حاجيءَ کي سکيي ستابي سان گڏ سياڻو ۽ سمجهدار به سمجهندا هيا. هن وٽ نجوم تي ڪافي ڪتاب هيا. هو ماڻهن جا هٿ ڏسندو هيو ۽ ٻڌائيندو هيو ته هن جي قسمت ۾ گهڻيون شاديون لکيل آهن؟ هن کي گهڻي دولت هٿ ايندي؟ يا هن جي حياتي ڪيتري آهي؟ هو لاها چاڙها ڏئي ماڻهن جي نفسيات کي سامهون رکي اهڙيون ڳالهيون ٻڌائيندو هيو جو هرڪو هن مان متاثر ٿيندو هيو. هڪ دفعي ڪي ٻار اروڙ مان پراڻا سڪا لهي آيا. سڪا جَنورَ جي ٽڪيءَ جيترا ٿلها ۽ بي ترتيب هيا. ڪجهه به ظاهر نه هيو. حاجيءَ ٻارن کان اهي سڪا وٺي، فرش تي رکي اهڙو تيزاب هاريو جو چٽا صاف ٿي پيا، پوءِ هن عينڪ پائي ڪنهن تاريخدان جيان انهن کي ڏٺو. اتي ڏنگن ڦڏن اکرن وچ ۾ هڪ ديويءَ جي مورت هئي، جنهن کي نانگ ويڙهيل هيو. حاجيءَ سڪن کي چتائي ڏسي ٻڌايو.
“اها راجا ڏاهر جي ڀيڻ آهي، جنهن سان هن شادي ڪئي هئي، اها وڏي عذاب ۾ مبتلا آهي.”
جاءِ جي اڏاوت کان اڳ محلي جا ماڻهو حاجيءَ سان صلاح ضرور ڪندا هيا. هن کي پلاٽ تي وٺي ويندا هيا. حاجي ڪنهن ماهر آرڪيٽيڪٽ جيان جائزو وٺي وڏي اعتماد سان چوندو هيو.
“بابا... ڪوٺيون هتان ٺهراءِ... دالو هيڏانهن ويندو... هتي رنڌڻو ٺهندو... ۽ ڏاڪڻ هتان مٿي ويندي. اوطاق ٺهرائيندين ته پڌر ننڍو ٿي ويندئي... منهنجي صلاح آهي، ڇڏ اوطاق کي.”
هو چوندو هيو ۽ جاءِ جو مالڪ رڳو ڪنڌ لوڏي “ها...ها” ڪندو هيو.
اهي سياري جا ڏينهن هيا جڏهن حاجي ستين حج تان موٽيو هيو. ماڻهن جو هجوم هن سان ساڻ هيو. هو گلابن جي ڪنڍين سان سٿيو پيو هيو، مولودي ٻوڙو هن پويان ڪن تي هٿ رکي ڳائيندو پئي آيو. هرڪو حاجي کي مبارڪون ڏئي رهيو هيو. گهر پهتو ته سڄو گهر عورتن سان ڀريل هيو. ٻار ڊوڙي رهيا هيا. سانجهيءَ جي نماز جو وقت هيو. حاجي وضو ڪرڻ لاءِ دڪي تي ويٺو ته هن ڪوٽ لاهي ڀرسان رکي قميص جون ٻانهون مٿي ڪيون. تڪڙ ۾ اٿيو ته هن جو ڪوٽ اتي وسري ويو. هن جي ڪوٽ ۾ سون جو ڳنڍو پيل هيو، جيڪو هن مديني مان ورتو هيو. ڪوئي اک بچائي ڪوٽ مان اهو سون جو ڳنڍو چورائي ويو. حاجيءَ نماز پڙهي جڏهن ڪوٽ پائي کيسي ۾ هٿ وڌو ته هن جا هوش اڏامي ويا.
“اڙي سون جو ڳنڍو ڪاڏي ويو؟” هن رڙ ڪئي، ماڻهن ۾ چوٻول پئجي ويو، پڇا ڳاڇا ٿيڻ لڳي، هرڪو قسم قرآن کڻي ويو. سون جو ڳنڍو نه مليو. ان ڏينهن کان ڏک ۽ فڪر ۾ حاجيءَ جي طبيعت خراب ٿي وئي، ڪاوڙ ۽ غصو وڌي ويو، اٿندي ويهندي پڦيءَ سان پيو وڙهندو هيو.
“اڙي حاجي ڇاتي ڇتو ٿيو آن... سون ويو ته الله ٻيو ڏيندو.” هوءَ چوندي هئي.
هڪ ڏينهن حاجي بيمار ٿي پيو. هن جي هڪ ڄنگهه ڪم ڪرڻ ڇڏي ڏنو. هو مڙي ويو ۽ واچ چٻي ٿي وئي. سڀني سمجهيو، حاجيءَ جو آخري وقت اچي چڪو آهي، حاجيءَ به محسوس ڪيو، هاڻي هو مرڻ وارو آهي. هاڻي قبر جو عذاب آهي. هاڻي هو رب ڏانهن راهي ٿيڻ وارو آهي جتي هن جي اعمالن جو پڇاڻو ٿيندو. هن سوچيو جيڪر هن جا حج، زڪواتون ۽ خيراتون هن کي موت کان بچائي سگهن، پر اهو سڀ ناممڪن هيو. هر انسان کي هلڻو آهي ۽ هن جون ڄنگهون به قبر ۾ لڙڪي رهيون هيون. حاجيءَ کي زندگي ڏاڍي عزيز هئي، هن کي موت کان نفرت هئي، هن لاءِ زندگي ڪهڙي به هئي پر ڏاڍي سٺي هئي، موت جي احساس هن کي بزدل ڪري وڌو هيو. هو هر وقت رڙيون ڪري روئندو هيو.
“موت... موت... اڙي موت”
انهن ڏينهن پڦيءَ حاجيءَ جي وڏي خدمت ڪئي. هوءَ ڪڻڪ ڏڏري، ڀت رنڌي، حاجيءَ کي هٿن سان کارائيندي هئي. هن کي واڻ تي ويهاري صابڻ سان جسم ڌوئيندي هئي. منجهند جو جهنگلي ڪبوتر جو شوروو تيار ڪري پيئاريندي هئي. هن کي سهارو ڏئي هر هر اٿاريندي هئي ۽ سمهاريندي هئي. هن جا هنڌ بسترو صاف رکندي هئي. پڦي اهو سڀ اطمينان ۽ صبر سان ڪندي هئي. هن نرڙ تي ڪڏهن گهنج نه وڌو ۽ هن جي چپن تي سدائين مرڪ هوندي هئي. هڪ دفعي حاجيءَ هن کي مرڪندو ڏسي پنهنجي اندر جي باهه ڪڍڻ لاءِ چيو.
“مان ٿو مران ۽ تون ٿي ڏند ڪڍين.”
پڦيءَ ڪو جواب نه ڏنو، هوءَ پيار ۽ ڏک مان حاجيءَ کي ڏسندي رهي ۽ پوءِ هن جا گندا ڪپڙا کڻي هلي وئي.
حاجيءَ جي صحت لاءِ ڪارن ٻڪرن جو صدقو ڏنو ويو. قرآن جا ختما ڪڍرايا ويا ۽ مسجدن ۾ دعائون گهرايون ويون، انهن ڏينهن پڦيءَ پهريون دفعو رب کان دعا گهري.
“اي رب... حاجيءَ کي حياتي ڏي.”
حاجيءَ جي طبيعت نه سڌري، وقت سان خراب ٿيندي اهڙيءَ حد تي پهتي جو سڀ آسرو لاهي ويٺا، انهن سمجهيو هاڻي حاجي مرڻ وارو آهي. پر حاجي نه مئو هڪ ڏينهن پڦي مري وئي.
هوءَ رات جو حاجيءَ جي خدمت ڪري ٿڪجي سمهي، صبح سان ننڊ مان نه اٿي، سڀني اچي ڏٺو پڦي سڌي سمهيل هئي ۽ دنيا مان موڪلائي چڪي هئي. سڀ هن مٿان ڪٺا ٿي ڏاڍو رُنا.
دفنائڻ کان اڳ حاجيءَ کي سهارو ڏئي هن جي مڙهه مٿان آندو ويو. هن پڦيءَ جو آخري ديدار ڪيو. پڦي ڪفن ۾ ڏاڍي آرام سان ليٽيل هئي. هن جي منهن تي اطمينان هيو ۽ چپن تي مرڪ. پڦيءَ جي چپن جي مرڪ ڏسي حاجي روئڻ ۾ اهڙو ته ڇٽو جو هن کي ڪو به چُپ نه ڪرائي سگهيو.