مونجهارو
ڪانفرنس ۾ شريڪ ماڻهن جي بچاءَ لاءِ حڪومت وڏا اُپاءَ ورتا هيا. هر شريڪ ٿيندڙ کي ڳچيءَ ۾ ڪارڊ لڙڪايو ويو هيو. ٻاهرين در وٽ ڦاٽڪ بند ڪري ايندڙ ويندڙ گاڏين جي سخت چڪاس پئي ڪئي وئي ۽ هال جي ڇت تي مصلح گارڊ گنين سان بيهاريا ويا هيا.
هال ۾ جاري ڪانفرنس ۾ سائنسدان ڳالهائيندي چيو “مون ايٽم بم ٺاهيو، ميزائيل ٺاهيا، آبدوز ۽ جنگي جهاز ٺاهيا، مون قوم جي بچاءَ لاءِ ڏينهن رات ڪم ڪري هر اهو هٿيار ٺاهيو جيڪو انهن کي تحفظ ڏئي سگهي. پر افسوس ايڏن هٿيارن هوندي به ماڻهو محفوظ نه آهن. ملڪ ۾ ڪنهن جي به عزت ۽ آبرو سلامت نه آهي. هر ڪنهن جي جان خطرن ۾ ويڙهيل آهي پر پوءِ به منهنجو دماغ هن قوم جي امانت آهي” هن جي ڳالهه تي هال ۾ موجود حاضرين تاڙيون وڄايون ۽ پوءِ هڪ پروفيسر ڏڪندو مٿي آيو ۽ هن تقرير دوران ڳالهه سمجهائڻ لاءِ پنهنجي هٿن کي هر هر هوا ۾ پئي هلايو. هن چيو “تاريخ ۾ ان جو ڪو مثال نه ٿو ملي ته انسان ائين بي وس بڻيو هجي جيئن اڄڪلهه آهي، معاشيات کي ڌڪ لڳو آهي. جاگرافيائي سطح تي اسين ورهائجي چڪا آهيون. آثار قديما اندر ٻڌ جي مجسمن کي خطرو آهي. اسلاميات مان سچ ۽ ڪوڙ جي شناس نڪري چڪي آهي ۽ علم لانسان ۾ انسانيت جي وصف بدلجي چڪي آهي. مون هن زبان سان هزارين ليڪچر ڏئي جهالت ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ۽ اڄ به منهنجي زبان قوم جي امانت آهي.”
هن جي ڳالهه تي وري تاڙيون وڳيون ۽ پوءِ هڪ ڊاڪٽر اڇو ڪوٽ پائي اسٽيج تي آيو. هن کيسي مان ٿرماميٽر ڪڍي ڏيکاريندي چيو “گذريل ڪيترن ڏينهن کان ماڻهن جو گرمي پد بدلجي چڪو آهي. هر ڪنهن جي حرارت وڌي چڪي آهي. رت جو دٻاءُ پنهنجي عروج تي آهي. شگر انسان جي جسم ۾ ضايع ٿي رهي آهي. اهو سڀ دهشت ۽ خوف ڪري آهي. اسان مجبور آهيون، اسان جي هٿن ۾ ٿرماميٽر کانسواءِ ڪجهه نه آهي، منهنجي هٿن شفا ڏني، هزارين آپريشن ڪيا ۽ اڄ به منهنجا هٿ قوم جي امانت آهن.”
هن جي ڳالهه تي سڀني تاڙيون وڄايون ۽ جڏهن هو هيٺ لٿو ته هڪ انجنيئر مٿي چڙهيو، ان سڀ کان پهريون پنهنجي عينڪ لاهي اگهي اکين تي پاتي ۽ پوءِ چيو “معزز دوستو پليون تباهه ڪيون ويون، جيترو ڪمپيوٽر کي خوار ڪيو ويو شايد ئي ڪنهن ٻئيءَ شيءِ سان اهڙي جُٺ ٿي هجي، موبائيل فون دهشتگردن جو وڏو هٿيار آهي. مون تيز نظرن سان مشاهدو ڪري آسائشيون ايجاد ڪيون پر اهي بي آراميءَ جو سڀ کان وڏو سبب آهن، بجلي نه هوندي ته شيون ڪيئن هلنديون، منهنجيون تيز مشاهدو ڪندڙ اکيون اڄ به قوم جون امانت آهن.”
هن جي ڳالهه تي سڀني تاڙيون وڄايون ۽ پوءِ هڪ ڏٻرو شاعر مٿي اسٽيج تي آيو، ان جي منهن جا ڳٽا اندر ۽ وات ٻاهر نڪتل هيو، ان چيو “ڌماڪن ۾ شاعريءَ جو آواز دٻجي چڪو آهي، شاعريءَ جا سڀ صفحا رت ۾ آلا آهن. ڌماڪن جي آواز تي آسمان جا سڀ پکي غائب آهن، گوشت اڏامي رهيو آهي، دونهي ۾ ڳوڙهن جو رنگ سرمئي آهي ۽ اکيون ڳاڙهيون آهن. دهشت جي باهه ۾ محبوبا جا وار ڄر جيان لهرائجي رهيا آهن ۽ ان جا چپ خشڪ آهن ظالم جي دماغ جيان، منهنجي دل ڌڙڪي ٿي قلم جي نوڪ تي، مان جيئرو رهندس ۽ اڄ به هيءَ دل قوم جي امانت آهي.”
هال تاڙين سان گونجندو رهيو ۽ شاعر جي ڳالهه کان پوءِ اهو ضروري سمجهيو ويو ته سڀني کي چانهه پياري وڃي. هڪ الڳ هال ۾ چانهه جو بندوبست ڪيو ويو هيو جتي سڀني گڏجي نمڪو کائي چانهه پيئي ۽ انهن کي پاڻ ۾ ميل ملاقات جو سٺو موقعو مليو. ٿوري دير ۾ سڀ سٺي موڊ ۾ کلندا ڳالهائيندا وري هال ۾ داخل ٿيا ۽ ڪانفرنس ڪاميابيءَ سان جاري رهي.
هڪ هارين جو اڳواڻ اٿي اسٽيج تي آيو ۽ ان ميري گوڏ سان پنهنجا ڳوڙها اگهندي چيو “سائين ڪهڙو عرض ڪيان، ڳالهه اها آهي ته زماني ترقي ڪئي، ٽيڪٽر کيڙيو، ڀاڻ وڌايو، پر بابي سائينءَ کي به ساڳي ميري گوڏ جيڪا مون کي ٻڌل آهي، دهشتگردي عروج تي آهي، ڪتن ڪڻڪ کائڻ شروع ڪئي آهي، باز چانور چڳي رهيا آهن، جڏهن ٻٻرن ٻير ڏنا ته کائينداسين، جڏهن ڏاند ڏڌا ته پيئنداسين، منهنجون ورانگون اڄ به هَرَ پويان آهن، ڏاند ٿڪيا نه آهن ۽ هي ڄنگهون اڄ به قوم جي امانت آهن.”
هاريءَ جي ڳالهين تي پورو هال تاڙين سان گونجندو رهيو ۽ پوءِ هڪ مزدور پانو هٿ ۾ کڻي اسٽيج تي آيو. هن چيو “هن پاني سان مون وڏا نٽ سوگها ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي پر نٽ ايڏا ته ڍلا آهن جو سوگها ٿين ئي ڪونه ٿا. جڏهن ڏس ڪل ٿڙي پئي آهي، پيچ نڪتو پيو آهي. ڦيٿو ٻاهر پيو آهي، دهشتگردن رڻ ٻاري ڏنو آهي. انهن جا ڏند ايڏا ته مضبوط آهن جو اهي اسٽيل چٻاڙي وڃن ٿا ۽ انجڻيون رهڙي ٿا وڃن، منهنجيون سگهاريون ٻانهون ڪم ڪري ٿڪجي چڪيون آهن. منهنجو بکايل پيٽ پٺيءَ سان ملي غائب ٿي چڪو آهي. مان دهشتگردن جو ماس پٽي کائڻ چاهيان ٿو. ان جي رت سان اڃ اجهائڻ چاهيان ٿو. مان ڪم ڪرڻ چاهيان ٿو ۽ منهنجيون ٻانهون قوم جي امانت آهي.”
مزدور جي جذباتي تقرير تي زوردار تاڙيون وڳيون ۽ هو پانو هٿ ۾ جهلي هوا ۾ ڪنهن انقلابيءَ جيان لهرائيندو هيٺ لٿو ته سڀ کان آخر ۾ ڍلين اکين وارو جج مٿي اسٽيج تي آيو ۽ ان چيو “ملڪ مان انصاف موڪلائي ويو آهي. جيڪڏهن انصاف تي عمل ڪيو وڃي ته دهشتگردي پنهنجو موت پاڻ مري ويندي، انتها ته ڏسو انصاف جي حصول لاءِ ججن کي پاڻ مظاهرا ٿا ڪرڻا پون. جيئن اسان جج نه ڏوهاري آهيون، انصاف ملندو ته جج سڏائينداسين. پرُسال هڪ سپاهيءَ مونکي گريبان کان جهليو، ڪاوڙ ڏاڍي آئي ڪجهه ڪري نه سگهيس، هن سال سوچيان ٿو ڪاوڙ ڪرڻ سان ڪو فائدو نه آهي، انصاف جو دارومدار عقل تي آهي. مان دهشتگرديءَ جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪيان ٿو ۽ مطالبو ڪيان ٿو ماڻهن کي تحفظ ڏنو وڃي ۽ دهشتگرديءَ کي ختم ڪيو وڃي. مان مظلومن جي فرياد ٻڌڻ لئي تيار آهيان منهنجا ڪن قوم جي امانت آهن.”
هن جي ڳالهه تي سڀ اٿي بيٺا ۽ تاڙيون وڄائي حوصلا افزائي ڪئي، اڃا هو تاڙيون وڄائي هڪ ٻئي کي ڪامياب ڪانفرنس تي مبارڪون ڏئي رهيا هيا ته ڪو دهشتگرد ڌماڪيدار مادي سان ڀريل ٽرڪ تيزيءَ سان هلائيندو ٻاهريون ڦاٽڪ ٽوڙي اندر داخل ٿيو، ڇت تي بيٺل سپاهين ڪجهه سڌا فائر ڪيا جيڪي گسي ويا. دهشتگرد ٽرڪ هلائيندو ڪانفرنس هال جي مک دروازي سان اچي ٽڪرايو. هڪ وڏو تماڪو ٿيو ۽ هر طرف باهه جا اُلا ڀڙڪڻ لڳا. ڪانفرنس هال ذرا ذرا ٿي اڏامي ويو ۽ ماڻهن جي جسمن جا حصا هيڏانهن هوڏانهن ڦهلجي ويا، دهشتگرد سميت ٻاونجاهه ماڻهو موت حوالي ٿي ويا. جن ۾ سائنسدان هيا، پروفيسر هيا، ڊاڪٽر هيا، انجنيئر هيا، شاعر هيا، هاري هيا، مزدور هيا ۽ جج هيا. مري ويلن جي جسم جا حصا ائين پيل هيا جيئن انهن کي ڪنهن آريءَ سان ڪٽي الڳ ڪيو هجي. ڄنگهون، ٻانهون، دل، گڙدا، آنڊا گونڊا، نڪ، ڪن، زبانون ۽ ميڄالا هر طرف وکريل هيا. دهشتگرد جو پورو جسم غائب هيو. پري ڌماڪي ۾ ڇڻي ويل وڻ هيٺان هن جي منڍي پيل هئي جنهن جو منهن چچريل هيو، اکيون ٻاهر نڪتل هيون، ڪن ڪٽيل هيا، زبان ڇڳل هئي ۽ مغز غائب هيو، اهلڪارن دهشتگرد جي منڍيءَ کي پنهنجي تحويل ۾ ورتو ۽ اتي پيل عضون کي ڪٺو ڪيو، گهرو وزارت جا آفيسر ٿرٿلي ۾ اچي ويا. وڏو قومي نقصان ٿيو هيو، افسوس ۽ اچرج مان سڀني کي ڏندين آڱريون اچي ويون، هرڪو انتظاميه کي قصور وار ڪوٺڻ لڳو. حڪومت جي نااهليءَ کي نندڻ لڳو.
شهر جي سرڪاري پلاسٽڪ سرجن کي هڪ گاڏيءَ ۾ اتي آندو ويو جيئن اهو دهشتگرد جي منڍي ۽ جسم جي الڳ ٿيل حصن کي ملائي ان کي اصل صورت ۾ بحال ڪري، ان کي سڃاڻپ ۾ مدد ملي ۽ اصلي جوابدارن تائين پهچڻ ۾ رهنمائي حاصل ٿي سگهي، پلاسٽڪ سرجن اتي پهچي دهشتگرد جي منڍيءَ جو جائزو ورتو، پوءِ هن جي منهن جي مرمت ڪئي، هن ڏٺو ان جون اکيون غائب هيون، هن عضون جي ڍير مان ٻه اکيون ڳولهي اندر وڌيون، هن ڏٺو ان جي زبان ڪٽيل هئي، هن عضون جي ڍير مان هڪ زبان ڳولهي اتي ڳنڍي، هن ڏٺو ان جا ڪن ڪونه هيا، هن عضون جي ڍير مان ٻه ڪن ڳولهي اتي هنيا، هن ڏٺو اتي مغز ڪونه هيو، هن عضون جي ڍير مان هڪ مغز ڳولهيو ۽ ان کي کوپڙيءَ ۾ وجهي محفوظ ڪيو، جڏهن منڍي هر لحاظ کان تيار ٿي ته هن ڌڙ ٺاهڻ شروع ڪيو. هن ان ۾ دل وڌي، ٻه ٻانهون سبيون ۽ ڄنگهون ڳولهي هيٺان هنيون، ٿوري دير ۾ پوري شخص جو جسم ٺهي تيار ٿي ويو، جنهن جي وجود جو ڪو به حصو کٽيل نه هيو، پلاسٽڪ سرجن جسم کي فارملن سان ڌوئي ڳرڻ کان محفوظ ڪيو، هڪ فوٽوگرافر ان جي منهن جا مختلف پاسن کان فوٽو ڪڍيا. ٿوري دير ۾ دهشتگرد جي جسم کي اسپتال آندو ويو جيئن پئٿالاجسٽ ان جو ڊي اين اي ٽيسٽ ڪري سڃاڻپ کي محفوظ ڪري سگهي. علائقي جي پوليس آفيسر گهرو وزارت جي هڪ خط سان گڏ دهشتگرد جو جسم پئٿالاجسٽ حوالي ڪيو. خط ۾ اهو لکيل هيو ته “واقعي واري هنڌ تان حاصل ٿيل دهشتگرد جو جسم ڊي اين اي ٽيسٽ لاءِ اماڻيو وڃي ٿو. توهان ٽيسٽ ڪري ٽن ڏينهن اندر رپورٽ گهرو وزارت جي سيڪريٽريءَ کي موڪليندا ته جيئن دهشتگرد جي سڃاڻ ۾ مدد ملي ۽ معاملي جي ڇنڊڇاڻ ڪري حقيقي ملزمن تائين پهچڻ ۾ ڪاميابي حاصل ڪري سگهجي. رپورٽ موڪلڻ ۾ ڪا به سستي برداشت نه ڪئي ويندي.”
پئٿالاجسٽ خط سان گڏ لاش حاصل ڪري جلدي ڪم شروع ڪيو، هن لاش جي مختلف عضون کي چڪاسيو ۽ ٽيسٽ ڪري هڪ مڪمل رپورٽ ٺاهي ٽن ڏينهن کان پوءِ گهرو وزارت جي سيڪريٽريءَ ڏانهن اماڻي ڏني، اعليٰ آفيسرن جڏهن اها رپورٽ پڙهي ته دنگ رهجي ويا. مٿي کي هٿ ڏئي ويهي رهيا ۽ سوچڻ لڳا ته ڇا اهو ممڪن آهي؟ رپورٽ ۾ لکيل هيو.
“گهرو وزارت پاران حاصل ڪيل هڪ لاش جي سڃاڻپ کي محفوظ ڪرڻ لاءِ جيڪا ڊي اين اي ٽيسٽ ڪئي وئي، ان جي نتيجي موجب ان جا هٿ هڪ ڊاڪٽر جا آهن، ان جون ٻانهون هڪ مزدور جون آهن، ان جون ڄنگهون هڪ هاريءَ جون آهن، ان جا ڪن هڪ جج جا آهن. ان جون اکيون هڪ انجنيئر جون آهن. ان جو دماغ هڪ سائنسدان جو آهي، ان جي زبان هڪ پروفيسر جي آهي ۽ ان جي دل هڪ شاعر جي آهي.”