وسري ويل ڪهاڻي
اها اڃا ڪلهه جي ڳالهه آهي ڪجهه لکندي ڪا ڳالهه هن جي دماغ ۾ وڄ جيان چمڪي وسامي وئي، ٻئي ڏينهن هن ياد ڪيو پر اها ڳالهه هن جي پوڙهي دماغ مان هميشه لاءِ نڪري چڪي هئي. هو دماغ جي سطح تي ڇولين جيان بلند ٿيندڙ ۽ اڳتي وڌندڙ خيال اڪثر پنهنجي نوٽ بڪ ۾ لکي قيد ڪري ڇڏيندو هيو پر هن ان ناياب ڪهاڻيءَ جي خيال کي سٺي طريقي سان ياد ڪري اهو سوچي نوٽ نه ڪيو جو هن اهو ترت لکڻ پئي چاهيو پر افسوس اهو خيال ڪنهن لهندڙ وير جيان ويندي سڀ پيرا ڊاهي ويو. هن کي هاڻي اهو خيال ذهن جي ڪنهن به اونداهيءَ ڪنڊ ۾ ڪٿي ڪنهن اٻاڻڪي انسان جيان ويٺل نظر نه آيو.
زندگيءَ جي تجربن هن کي پوڙهو ڪري ديوانگيءَ جي حد تي پهچائي ڇڏيو هيو. هن ڪيترا دفعا محسوس ڪيو ته دنيا جي هر شيءِ آڏين ترشين لڪيرن ۾ تبديل ٿي ڊهندي پئي وڃي، ماڻهن جون شڪليون اجنبين ۾ تبديل ٿينديون پيون وڃن.
شايد دنيا ۾ ڏک ۽ روئڻ اهڙيون شيون آهن، جنهن کي ياد ڪرڻ جي ضرورت نه آهي اهي انسان جي اکين جو حصو آهن ۽ هن جون اکيون به ڳوڙهن سان ڀرجي ويون. هن سوچيو جيڪر هو ان ناياب ڪهاڻيءَ جي پلاٽ تي ان وقت لکي محفوظ ڪري ها! اهو عظيم تصور جنهن جهڙو پهريون ڪڏهن به هن جي دماغ ۾ نه آيو. هو ان موضوع تي ايترو ته گهرائيءَ مان لکي پئي سگهيو جو اهو هن کي دنيا ۾ امر بڻائي سندس مان مٿانهون ڪري ها. هونئن ته راهن تي هلندي ڪيترائي خيال ۽ تصور هن جي دماغ ۾ اڀرندا ۽ لهندا هيا پر شايد اهي اهڙا اهم نه هيا جهڙو اهو خيال اهم هيو جيڪو هو هاڻي وساري ويٺو هيو.
اهو سوچي ته من اهو خيال وري هن وٽ واپس اچي هو ڪجهه پنا ۽ پين کڻي اهڙي هنڌ اچي ويٺو جتي ويراني ۽ سانت هئي، پوءِ هن ان وسري ويل خيال کي وري ياد ڪرڻ شروع ڪيو. هن دماغ تي زور ڏنو ۽ سوچيو، شايد اهو عظيم تصور ان چانڊوڪيءَ رات جو هيو جن ڏينهن هو عشق ۾ مبتلا هيو. تنهن رات هن چنڊ کي ڏسي ڪو نظم پئي لکڻ چاهيو. اها پاڻيءَ جي مند ۽ اونهاري جا ڏينهن هيا. جڏهن پوکن ۾ پاڻي بيٺل هوندو آهي ۽ سارين جا سِلا گرم هوا ۾ موسمي بخار جي مريضن جيان ڏڪندا آهن. اهو هن جي هائوس جاب وارو وقت هيو جڏهن اڌ رات جو هو اسپتال مان نڪري هاسٽل وڃي رهيو هيو. هاسٽل اتان ڏيڍ ڪلوميٽر پري هئي، تن ڏينهن اڃان اهو روڊ پڪو نه ٿيو هيو ۽ نانگ اتي وڪڙ هڻي ائين گهمندا هيا جيئن اهي وڪڙ ڪنهن جي ياد جيان هن جي ذهن جي گهرائين مان ڪَرُ کڻندا هجن. چوڏهينءَ جو چنڊ آڪاش ۾ نروار هيو پر هو ڪنڌ کڻي مٿي چنڊ کي نه پئي ڏسي سگهيو. اتي وک وک تي نانگ گهمي رهيا هيا.
ان رات هن کي افسوس ٿيو هيو ڇو جو هو چنڊ تي نظم نه لکي سگهيو هيو. پنهنجي عاشقيءَ وارا ڏينهن ياد ڪري هن ٿڌو ساهه کنيو، ها بيشڪ عشق، محبت، پيار، ادب، شاعري، خوف ۽ محرومي دنيا جا وڏا موضوع آهن. هن سوچيو پر اهو ڪو ٻيو موضوع هيو جنهن کي هو وساري ويٺو آهي.
پوءِ هن کي رات جو پنهنجي هڪ اديب دوست سان گڏ کاڌل اها ماني ياد آئي، جيڪا هڪ يادگار ماني هئي، هو ٻئي کائي رهيا هئا ۽ ڳالهائي رهيا هيا. هنن جي ڳالهين جو موضوع انهن جا اهي وڇڙي ويل دوست هيا جيڪي سڀ جوانيءَ ۾ غير فطري موت حوالي ٿي ويا هيا.
“ها... هو ڪينسر جو کاڄ ٿي ويو.” هن جو دوست وڏي ڏک مان ٻڌائي رهيو هيو.
“۽ هو... هو سلهه جي ور چڙهي ويو.”
ٿوري وقفي کانپوءِ گرهه چٻاڙيندي ٻنهي مان هڪ ڳالهايو.
“۽ هو... هو وڏيري جي بندوقن مان نڪتل گولين حوالي ٿي ويو.”
هو وڏي افسوس مان انهن کي ياد ڪندا رهيا.
“هائو دوست زندگيءَ جي تند ڏاڍي سنهي ۽ تيز آهي، وڍي ٿي ۽ ڇڏندي دير ئي نه ٿي ڪري.”
پوءِ هن جي دوست چيو “ڪهڙي خبر هيءَ گرهه جيڪو هٿ ۾ آهي توسان گڏ چٻاڙيل زندگيءَ جو آخري گرهه هجي.”
ٿوري دير کانپوءِ هنن موڪلايو، هڪ هفتي کانپوءِ هن کي خبر پئي سندس اهو دوست دل جي دوري سبب فوت ٿي چڪو آهي.
هو پنهنجي ان اديب دوست کي ياد ڪري اداس ٿي ويو ۽ پوءِ سوچيو، بيشڪ ياري دوستي، غربت بيماريون، ظلم ۽ موت زندگيءَ سان لاڳاپيل اهم موضوع آهن. پر هن ڪا ٻئي ڳالهه لکڻ پئي چاهي جيڪا هو وساري ويٺو آهي.
هن وري ياد ڪرڻ شروع ڪيو، هن دماغ تي زور ڏئي سوچيو، شايد اهو عظيم تصور انهن ڪمانين جيان وڪڙ کاڌل ويڪرن دروازن واري بئريج ڀرسان ٺهيل ان ڪکائين ڳوٺ ۾ رهندڙ باگڙين جي باري ۾ هيو جتي ڪنهن زماني ۾ هن جي اسپتال هئي.
ڪجهه يادگيريون ٻڏنديون ترنديون اکين اڳيان اڀري آيس، هڪ ٿرماميٽر جيڪو سيءَ ۽ بخار کان ٿڙڪندڙ ان باگڙيءَ جي وات ۾ ويو ۽ جڏهن ڪجهه دير کانپوءِ هن واپس ڪڍيو ته ان جو پويون پاري وارو حصو غائب هيو. هو حيران ٿي ويو.
“مون ٿرماميٽر ته تنهنجي وات ۾ ثابت وڌو، هن جو پويون حصو ڪيڏانهن ويو؟ هن باگڙيءَ کي چيو.
“سائين رب جو قسم آ... مان ڪجهه نه ڪيو، اهو ائين ئي هيو جيئن آهي.”
هو وائڙن جيان ڪڏهن ٿرماميٽر کي ته ڪڏهن باگڙيءَ کي ڏسندو رهيو.
“بابا سچ ٻڌاءِ... پئسا نه ڀرائيندو مانءِ، هن جو پويون حصو ڪاڏي ويو؟”
باگڙي صفا ڳالهه ئي نه مڃي، جڏهن هن سمجهائيس ته جيڪڏهن اهو هن جي پيٽ ۾ بنا علاج جي پيو هوندو ته کيس جان جو جوکو سمجهڻ گهرجي، تڏهن باگڙيءَ سچي ڪئي ته “ها سائين برابر وات ۾ وجهڻ مهل غلطيءَ سان ان تي ڏند اچي ويو. هو ڀڳل حصو اهو سوچي اڳري ويو ته متان ان جا پئسا نه ڀرڻا پون.”
ان مسڪين باگڙيءَ جي ڳالهه ياد ڪري هن کلي ڏنو، ها غربت ۽ جهالت هڪ وڏو موضوع آهي، پر اهو ڪو ٻيو عظيم خيال هيو جنهن جيڪو هن کان وسري چڪو آهي.
پوءِ هن کي پنهنجو اهو دوست ياد آيو جيڪو هڪ حادثي ۾ فوت ٿي چڪو هيو، هن جو ڀائرن جهڙو عزيز دوست جيڪو هن کي هميشه نصيحت ڪندو هيو ته “گهر کان ٻاهر نڪرڻ مهل سڃاڻپ ڪارڊ کيسي ۾ ضرور رکندو ڪر.”
هن جو اهو دوست هڪ ڏينهن ڪراچيءَ جو روڊ ٽپندي حادثي جو شڪار ٿي ٿڏي تي فوت ٿي ويو. هن جو لاش لاوارث روڊ جي هڪ پاسي گهڻي دير پيو رهيو ڇو جو ڪو شاهينگ مرڻ کانپوءِ هن جي کيسي ۾ رکيل پرس سڃاڻپ ڪارڊ سميت ڪڍي هليو ويو هيو. هو پنهنجي مرحوم دوست کي ياد ڪري ڏاڍو رُنو ڇو جو هو هن جي ننڍپڻ جو ساٿي ۽ ڪراچي جهڙي ظالم شهر ۾ واحد ماڻهو هيو جنهن سان هو دل جا حال ونڊي ذهن جو بار هلڪو ڪندو هيو.
هن سوچيو واقعي زندگيءَ جا حادثا، ڏک، درد ۽ غير انساني سلوڪ وڏا موضوع آهن، پر اهو ڪو ٻيو لازوال آفاقي موضوع هيو جيڪو هن جي ذهن مان نڪري چڪو آهي.
پوءِ هو هڪ دفعو وري خيالن ۾ گم ٿي ويو، تن ڏينهن هو ميڊيڪل ڪاليج ۾ استاد هيو، ان شعبي جي ميوزم ۾ انساني جسمن جا ڪٽيل حصا فارملن سان ڀريل شيشي جي وڏن سلنڊرن ۾ رکيل هوندا هيا. اتي هڪ وڍيل انساني منڍي شيشي جي هڪ وڏي جار ۾ رکيل هوندي هئي، هو جڏهن به ان جار ڀرسان اچي بيهندو هيو ته هن کي ان اندر رکيل منڍي ائين محسوس ٿيندي هئي جيئن اها پاڻيءَ اندر ترندڙ ڪنهن جيئري شخص جي حيرت مان هن ڏانهن ڏسندڙ شڪل هجي. ان جون اکيون حد کان وڌيڪ کليل هونديون هيون جن ۾ هزارين سوال ڳوڙهن جيان اٽڪيل هوندا هيا. گول ويڪرو وات ۽ نرڙ جا گهنج سڀ ملي هڪ درد ناڪ احساس پيدا ڪندا هيا. اهو هڪ نوجوان جو چهرو هيو جيڪو فارملن جي ڪيميڪل ۾ محفوظ ٿي ويو هيو. ڪيترائي سوال، ڪئي ڳجهارتون ۽ حيرانگي اتي برف جيان ڄميل هيون. آخر اهو نوجوان ڪير هيو؟ ان جي موت جا ڪهڙا ڪارڻ هيا؟ اهو سوچي هڪ ڏينهن هن رجسٽر ۾ داخل انهن ڊيڊ باڊين جي وصوليءَ وارين تاريخن تي نظر ڊوڙائڻ شروع ڪئي. ٽي سال اڳ هڪ نوجوان ناري ۽ ڇوڪري جي لاوارث لاشن کي سول اسپتال جي سرد خالي مان وصول ڪيو ويو هيو جيئن انهن لاشن جي چير ڦاڙ ڪري ايناٽاميءَ جا شاگرد ڄاڻ حاصل ڪري سگهن هن ٻئي ڏينهن سول اسپتال وڃي ان ساڳي تاريخ ۾ جڏهن رجسٽر جاچيو ته اهي ٻئي لاش پوليس ان شهر جي هڪ ڀرواري ڳوٺ مان هٿ ڪيا هيا. هو جڏهن ان ڳوٺ جي ماڻهن سان مليو ته ڪنهن به ان راز تان پردو نه کنيو ته آخر انهن جي موت جا ڪهڙا سبب هيا. هرڪو ماڻهو ڊنل هيو ۽ هن کي حقيقت جي ڪا به پروڙ پئجي نه سگهي. هو جڏهن واپس موٽيو ته ان ڪٽيل منڍيءَ اڳيان بيهندي هن محسوس ڪيو جيئن اها منڍي هن جي پنهنجي هجي. ڇو جو هن جي اکين ۾ به ساڳيا سوال هيا جيڪي ان ڪيميڪل اندر پيل منڍيءَ جي اکين ۾. هن سوچيو بيشڪ ظلم ۽ جبر وڏا موضوع آهن پر اهو ڪو وڏو موضوع هيو جيڪو هن کي ياد نه رهيو آهي.
اهو سوچي هن وري ياد ڪرڻ شروع ڪيو ۽ ڪن گهرن خيالن ۾ گم ٿي ويو. هن تصور ۾ مزدورن جو اهو ڳوٺ ڏٺو جيڪو شهر کان ٻاهر ان وڏي ۽ ويڪري روڊ کان اندر ويندڙ ڪچي رستي وٽ هيو، جنهن ۾ سوين مزدور سوڙهين گهٽين اندر ڪچين ڀتين وارن گهرن ۾ لاتعداد ڪارن ٻارن واري لشڪر سميت سٿيا پيا هوندا هيا. ان ڳوٺ جا رهواسي ويهارو سال اڳ مسلمان ٿيا هيا. ان کان اڳ اهو ڳوٺ ڀيلن جي ڳوٺ سان مشهور هوندو هيو. مولوي نذير نالي ڪنهن بزرگ انهن کي مشرف به اسلام ڪيو ۽ پوءِ اتان جي ننڍن وڏن ڪيترا ڏينهن ڳاڙهيون گوڏيون ٻڌيون، انهن واعدو ڪيو ته اهي مستقبل ۾ دين تي پورو عمل ڪندي روزي نماز جي پابندي ڪندا ۽ ڪڏهن به ڳوهون ۽ ڏيڏر نه کائيندا.
ڳوٺ ۾ ٺاهيل مسجد ويران پئي هوندي هئي، اهي نه نمازون پڙهندا هيا ۽ نه ئي ڪا روزي عبادت جي مقصد ۽ مطلب جي انهن کي خبر هئي، ان ڳوٺ جو چڱو مڙس جنهن کي ٿلهي جسم تي پيٽ کان مٿي گنجي پاتل هوندي هئي ۽ گوڏ سندس ٻاهر نڪتل اڌ پيٽ تي ٻڌل هوندي هئي. اهو گوڏن جي سور کان پنهنجي گهر جي در ٻاهران ويٺل هوندو هيو. مزدورن جي ان ڳوٺ جا ماڻهو سڄو ڏينهن نوجوان عورتن کي ساڻ ڪري شهر ۾ ٺهندڙ عمارتن تي ڪم ڪندا هيا ۽ شام جو موٽندي چرس جا روڙا اهڙي ته مهارت سان لڪائي کڻي ايندا هيا جو درياهه ڪناري ٺهيل باغ ڀرسان بيٺل پوليس وارا جڏهن انهن جي تلاشي وٺندا هيا ته گهڻي ڪوشش جي باوجود اهي ان لڪايل چرس کي حاصل نه ڪري سگهندا هيا. رات جو سڀ ڳوٺ وارا گڏجي ويهندا هيا ۽ پوءِ اهو ڳوٺ چرس جي ناسي دونهي ۾ پورجي ويندو هيو. ڳوٺ جو چڱو مڙس هڪ وڏي ديڳ مان سڀني کي ماني ورهائي ڏيندو هيو. انهن کي نشي ۾ اها خبر نه پوندي هئي ته هو پنهنجيءَ زال سان ستل آهن يا پرائيءَ عورت سان. ڳوٺ جا سڀ ٻار انهن جي گڏيل ملڪيت هوندا هيا. انهن جي مٿي تي پيار مان هٿ ڦيريندي هو ڪڏهن به پنهنجي ۽ پرائي ۾ فرق محسوس نه ڪندا هيا. جيڪي ڪمائيندا هيا اهو ايمانداريءَ سان چڱي مڙس حوالي ڪندا هيا ۽ چڱو مڙس لاهي پائي سڀ انهن مٿان خرچ ڪندو هيو. ٻار ڄڻيندي اڪثر عورتن جو موت واقع ٿيندو هيو پر ڳوٺ ۾ ڪو روئندو نه هيو، ڪڏهن ڪو ٻار وڏي روڊ ڏي نڪري ڪنهن گاڏيءَ هيٺان اچي چيڀاٽجي ويندو هيو ته شهر جي ميونسپلٽيءَ وارا ان کي کڻائي ويندا هيا. ڪو ماڻهو ڳوٺ وارن تي ڪاوڙبو هيو ته سندن در ٻاهران بيهي ڀيڻ ماءُ جون ڪچيون گاريون ڏيندو هيو ۽ هو هٿ ٻڌي جان ڇڏائيندا هيا. اهي جن کي نوان مسلمان چيو ويندو هيو تن کي نه دوزخ جو خوف هيو ۽ نه جنت جي لالچ. دونهي ۾ ويڙهيل اهو هڪجهڙين ڪچين هڪ ماڙ جائين وارو ڳوٺ ڪوهيڙي ۾ ويڙهيل ڪنهن خواب جيان هوندو هيو.
هن سوچيو بيشڪ عزت ۽ جهالت دنيا جا وڏا موضوع آهن پر اهو ڪو اهڙو خيال هيو جيڪو منفرد ۽ نواڻ سان ڀرپور هيو.
هو سوچيندو رهيو ۽ پوءِ هن جي اکين اڳيان هڪ شخص جو چهرو تري آيو. هڪ ڏاڙهي مڇون ڪٽيل ڊگهي منهن وارو شخص جنهن کي مٿي تي ٽوپلو ۽ لنڊا مان ورتل چمڙي جو ڪوٽ پاتل هوندو هيو. هو ڪوٽ جا ڪالر مٿي ڪري اڌ منهن ڍڪي وات ۾ هڪ پراڻو پائيپ وجهي ڪاري عينڪ سان رات جو اڪثر هن جي هاسٽل واري ڪمري جي دريءَ وٽ اچي نروار ٿيندو هيو. هو ان کي ڏسي ڪمري جو در کوليندو هيو ۽ پوءِ اهو شخص ڪنهن ڊنل چور جيان اچي ائين ڪرسيءَ تي ويهندو هيو جيئن پوليس ان پويان پيل هجي.
“بس ڪامريڊ هاڻي دير نه آهي.” هو اتاولو ٿي چوندو هيو.
“انقلاب ٻن چئن قدمن جي فاصلي تي آهي.”
هو پائيپ مان زهريلي دونهي جا ڪش هڻي ڳالهائيندو هيو.
“توکي هر امتحان لاءِ تيار رهڻ گهرجي، اسان کي تو جهڙي سڄاڻ ۽ ذهين ماڻهوءَ جي سخت ضرورت آهي.”
پوءِ هو سوشلزم ۽ ڪميونزم تي اهڙو ته ڳالهائيندو هيو جو هن جي ڳالهين جا حوالا ڪنهن به ڪتاب ۾ موجود نه هوندا هيا. تن ڏينهن شراب پيئڻ ۽ سوشلزم تي ڳالهائڻ فيشن هوندو هيو. ترقي پسند، رجعت پسند، پرولتاري ۽ بور زوا جا لفظ هر لکيل پڙهيل جي زبان تي هوندا هيا. ترجمو ٿيل روسي ادب ڪتاب گهرن تي عام وڪري لاءِ سستي اگهن تي موجود هوندو هيو. ڪارل مارڪس ۽ لينن کي پنهنجو رهبر سمجهندي هر ڪنهن وٽ ڪميونزم ۽ سوشلزم جي باري ۾ الڳ الڳ خيال ۽ بحث هوندا هيا.
اهو پراسرار شخص جنهن کي هو ڪامريڊ چمڙا پوش چوندو هيو، اڪثر راتين جو اچي هن سان بحث ڪري نوان مونجهارا پيدا ڪندو هيو. هڪ رات ڪامريڊ چمڙا پوش اوچتو ڪاري عينڪ سان اچي هن جي ڪمري وٽ دريءَ مان نروار ٿيو ۽ ان ڪمري ۾ گهري ڪوٽ جا چمڙي وارا ڪالر مٿي ڪندي هن کي چيو
“اٿ ڪامريڊ انقلاب جو وقت اچي ويو آهي، اڄ تنهنجو امتحان آهي.”
هو ڪامريڊ جي سڏ تي لبيڪ چئي اٿيو ۽ سڀ ڪم اڌ ۾ ڇڏي هن سان گڏ تيزيءَ سان ڪمري مان ٻاهر نڪتو. ٻاهر نڪري ڪامريڊ چمڙا پوش هن کي اڳيان سائيڪل تي ويهڻ لاءِ چيو ۽ پوءِ هو رات جو اوندهه ۾ سنسان روڊ تي تيزيءَ مان سائيڪل هلائيندو هن کي شهر کان ٻاهر هڪ قبرستان ۾ وٺي آيو. سياري جا ڏينهن هيا ۽ هو ٿڙ ٿڙ پئي ڏڪيو. ماحول ائين هيو جيئن ٿڌ ڪري قبرن جي وات مان ٻاڦ پئي نڪتي.
ڪامريڊ چمڙا پوش هن کي سائيڪل تان هيٺ لاهي مرڪيو ۽ چيو
“شاباس ڪامريڊ تون اڄ هڪ وڏي امتحان ۾ پاس ٿي ويو آهين، تو ثابت ڪيو آهي ته ڪنهن به ضرورت وقت تون بنا ڪجهه سوچڻ جي انقلاب لاءِ ڪم اچي سگهين ٿو.”
پوءِ هن چيو “بس تنهنجو امتحان پورو ٿيو، هاڻي واپس سائيڪل تي ويهه ته توکي هاسٽل ڇڏي اچان.”
هن جي ڌنڌلين يادن ۾ اڄ به ڪامريڊ چمڙا پوش سج اڳيان اڀرندڙ دونهي مان هيٺ ڌرتيءَ تي ٺهندڙ پاڇن جيان غير واضح پر موجود ضرور هيو. هن سوچيو، بيشڪ انقلاب ۽ بي وقوفي اهم موضوع آهن پر اهو ڪو اهڙو موضوع هيو جيڪو عظيم هيو.
هن کي ان انفرادي موضوع کي ياد ڪندي گهڻي ويل لنگهي وئي اهو انوکو موضوع جنهن کي هو وساري ويٺو هيو اهو هن جي ذهن جي ڪنهن به اونداهي ڪنڊ ۾ ڪرڻي جيان ظاهر ٿي ڪو نه نڪتو. هو نيٺ بيزار ٿي ويو. اهو موضوع شايد ڪو وهم يا وسوسو هيو جنهن جي ڪا به حقيقت نه هئي. آخرڪار هن فيصلو ڪيو ته وڌيڪ سوچڻ فضول آهي، پوءِ هن ٿڌو ساهه کڻي جسم کي ڍلو ڇڏي ڏنو ۽ آرام سان ڪنڌ هيٺ ڪري ويهي رهيو. واءُ لڳي ۽ هن جا ڪهاڻي لکڻ لئي ڪاغذ هوا ۾ اڏامي هليا ويا. هن سٽ ڏئي پين کي پري ڦٽو ڪيو. هو ڪيتري دير ائين ويٺو رهيو، هن ساهه ائين پئي کنيو جيئن اهي هن جي زندگيءَ جا آخري ساهه هيا.
اوچتو هن جون اکيون ڪنهن اوندهه ۾ تيز روشنيءَ جيان کلي ويون سندس پوڙهي جسم ۾ سگهه اچي وئي. هو اٿيو ۽ هن پري اڇلايل پين ۾ وڃي هٿ ڌو، هو ڊڪندو انهن ڪاغذن پويان ويو جيڪي واءُ ۾ وکري چڪا هيا. هن ڪاغذ هٿ ڪيا ۽ پوءِ هن تيزيءَ سان لکڻ شروع ڪيو.
اوچتو اهو انفرادي موضوع هن جي ذهن ۾ واپس اچي چڪو هيو.