خدا بخش جو کوهه
خدا بخش سڄو ڏينهن کوهه تي ڪم ڪندو هيو. هو ٻاريون ٺاهي سبزي پوکيندو هيو. هر هلائي اناج اپائيندو هيو. مالهه ۾ ڦرندڙ ڏاندن جي سيوا ڪندو هيو. ڪنڍيءَ جو کير ڏهي زال کي ڏيندو هيو. زال ڏڌ ولوڙيندي هئي. مکڻ جام هيو، نم ۽ انبن جي وڻن ۾ ماکيءَ جا مانارا ائين لڙڪندا هيا، لڳندو هيو انهن مان ماکي ٽمي ڄاڻ هيٺ ڪري.
خدا بخش لکيل پڙهيل نه هيو. نه ٽي وي هئي، نه ريڊيو، نه اخبار، هن جو ملڪ کوهه هيو. کوهه هلندو هيو ڄڻ ملڪ هلندو هيو، ڏاند کوهه چوڌاري ڦرندا هيا. مالهه ۾ ٻڌل ڪينرين مان پاڻي نيسر تي وهي ٻنيءَ ۾ ويندو هيو. گوگڙو، ڀينڊيون، توريون، پالڪ، ڪريلا، گوبي، وانڱڻ، ٽماٽا، سڀ سبزيون ائين ٿينديون هيون جو ٻار، پاڻ ۽ سندس زال کائي کيرا ٿي پوندا هيا. اناج ايترو هيو جو گنديون ڪڏهن نه کٽيون، ڪڪڙ، بيدا ۽ ماکي ضرورتون پوريون ڪرڻ لاءِ ڪافي هيا.
خدا بخش واندو ٿيندو هيو ته کوهه جي پاسي کان انب جي ڇانوَ ۾ کٽ تي آهلي پوندو هيو. جڏهن رب جا ٿورا مڃڻ لاءِ منهن آسمان ڏي ڪندو هيو ته کيس آسمان نظر نه ايندو هيو، آسمان گهاٽين لامن ۾ لڪيل هوندو هيو ۽ لامن مان لڙڪندڙ انب ڏسي لڳندو هيو ڄڻ سوين سائيون دليون هن مٿان قربان ٿيڻ لئي تيار هجن.
هڪ ڀيري هو کٽ تي آهليو پيو هيو ته سدائين جيئن قربان علي هڪ هٿ ۾ اخبار جهلي هن وٽ آيو ۽ سلام ڪري ڀرسان ويٺو. اچڻ شرط هن خدابخش کي ٻڌايو ته “شهر ۾ وڳوڙ وڌي ويا آهن. ماڻهو ماڻهوءَ کي ماري رهيو آهي، ڪا خبر نه ٿي پوي، ڪير مري ٿو، ڪير ماري ٿو؟ ڪو قانون نه آهي. حڪومت بي وس آهي.”
خدا بخش سوچيو، ڇا جي حڪومت، الائي ڪهڙو قانون. کوهه هلي ٿو، ڏاند سلامت آهن، خدا مينهن کي حياتي ڏي. ٻارن ٻچن جو خير، باقي حڪومت جا ڪم حڪومت سان.
هن قربان عليءَ جون خبرون ٻڌيون ۽ پوءِ ٻئي ڪن مان ڪڍي ڇڏيون.
قربان علي شهر کان موٽندو هيو ته ڳوٺ وڃڻ کان اڳ خدا بخش وٽ ساهي پٽيندو هيو. هو نيسر مان ٻڪ پاڻيءَ جو پي حال اوريندو هيو.
هڪ دفعي شهر کان موٽندي قربان عليءَ ٻڌايس ته “بجلي ۽ گئس ايڏي مهانگي ٿي وئي آهي جو ماڻهو روڊن تي نڪري آيا آهن. ماڻهن جون اڌ پگهارون بلن ۾ هليون وڃن ٿيون.”
خدا بخش سوچيو، نه کيس فرج، نه اي سي، نه پکا، نه بلب، باقي گئس جو ته سوال ئي پيدا نه ٿو ٿئي. جهنگ ۾ ڪاٺيون جام آهن. ڍورن ڪري ڇيڻن جي کوٽ نه آهي. قربان علي ويو ته هو بي فڪر ٿي ليٽي پيو.
هڪ ڀيري هو ڪم مان واندو ٿي کٽ تي ويٺو ئي مس ته قربان علي پريان سهڪندو آيو. نيسر مان ٻڪ پاڻيءَ جو پيتو ۽ منهن کي ڇنڊو هڻي ٻڌايو ته “اليڪشن کان پوءِ قهر ٿي ويو آهي، نئين حڪومت جي اچڻ سان ڊالر وڃي آسمان کي لڳو آهي. روپئي جو ملهه گهٽجي ويو آهي، ملڪ قرض هيٺ ٻڏڻ وارو آهي. هر شيءِ تي ٽيڪس لڳائي مهانگائي ڪئي وئي آهي. ڪرپشن جي ڪيس ۾ وڏا ماڻهو پڪڙيا آهن، انهن کان اوڳاڙيءَ جي ڪوشش ٿي رهي آهي. هرڪو خوف ۾ مبتلا آهي.”
قربان عليءَ جون ڳالهيون ٻڌي خدا بخش سوچيو، الائي ڪهڙو ڊالر، الائي ڪهڙو قرض، پوءِ هن منهن مٿي ڪري ڄڻ دعا گهري “رب وڏن ماڻهن کان پناهه ڏي، کوهه سلامت رک، ٻارن ۽ ڏاندن کي حياتي ڏي، ڪنڍيءَ جو خيال ڪجانءِ، ڪڪڙين جي حفاظت ڪجانءِ.”
قربان عليءَ جي وڃڻ کانپوءِ هو آهلي پيو.
قربان علي هڪ دفعي آيو ۽ ٻڌايائين ته “پيٽرول ايڏو مهانگو ٿي ويو آهي جو هڪ ڊرائيور پنهنجي رڪشي کي اهو چئي ساڙيو آهي ته ٽريفڪ وارن جو ڀتو ۽ پيٽرول جو خرچ ڪڍڻ کانپوءِ ايترو نه ٿو بچي جو گهر هلائي سگهي، جنهن رڪشي جي هلڻ سان گهر نه هلي ان کي ساڙڻ بهتر آهي.”
قربان عليءَ جي خبر تي خدا بخش کليو ۽ سوچيائين شڪر آهي ڏاند آهن، ڏاند گاهه کائيندا آهن، پيٽرول نه پيئندا آهن. اهو سوچي هو بي فڪر ٿي سمهي پيو ۽ پوءِ رب جو شڪر ڪيائين جنهن کيس کوهه جهڙي نعمت سان نوازيو ۽ پاڻيءَ جهڙي رحمت ڏني جيڪا پيٽرول کان سوَ درجا بهتر هئي.
هڪ دفعي هو ڪم مان واندو ٿي، نيسر وٽ هٿ منهن ڌوئي کٽ تي ويهڻ وارو هيو ته قربان علي شهر کان موٽيو ۽ پاڻيءَ چڪو پي کيس ٻڌايو ته “ٺهندڙ ڊيمن ڪري درياهه ۾ پاڻي ايڏو ته گهٽجي ويو آهي جو هاري بيروزگار ٿي ويا آهن. زميندار بک مرڻ لڳا آهن، پڇڙيءَ وارن کي پاڻي نه ملي رهيو آهي. مظاهرا ٿي رهيا آهن. سمنڊ مٿي چڙهي آيو آهي. هزارين ايڪڙ زمين کاري ٿي چڪي آهي. حالتون خراب آهن.”
خدا بخش سوچيو، شڪر آهي رب جو کوهه سلامت آهي، ٻني سائي آهي، سبزي جام آهي. گنديون خالي نه آهن. پوءِ هو مطمئن ٿي ڏاندن جي ٻوٿ تي هٿ ڦيرڻ لڳو.
قربان علي جڏهن به ڳوٺ موٽندو هيو ته رستي ۾ خدا بخش جو کوهه هجڻ ڪري، ان وٽ ويهي ساهي پٽيندو هيو، پاڻيءَ چڪو پي کيس احوال اوريندو هيو. ان ڪڏهن شهر کان سٺي خبر نه آندي. سڀ خبرون مايوس ڪندڙ هيون. پر انهن جو خدا بخش تي ڪو اثر نه پيو. هن وٽ کوهه هيو، کوهه ۾ پاڻي هيو. ڏاند هيا، ٻني هئي، سبزيون، اناج، ڪڪڙيون، بيدا، کير، مکڻ، ڏڌ، انب ۽ ماکي هئي، هو الڳ ملڪ جو ماڻهو هيو. هن مٿان چورن، ڌاڙيلن، ظالمن ۽ ڪرپٽ حڪمرانن جو ڪو اثر نه هيو. هن وٽ پنهنجي معيشت هئي. پنهنجو نظام هيو.
ڏاند کوهه چوڌاري ڦرندا رهيا، پاڻي ڪينرين ۾ ڀرجي نيسر مان وهندو ٻني آباد ڪندو رهيو. سبزيون پچنديون رهيون، اناج اپندا رهيا. ڪڪڙيون، بيدا، لسي، مکڻ، کير، ماکيون ۽ انب پچندا رهيا، خدا بخش جي زندگي وڏي مزي ۾ پئي گذري. ملڪ ٻرندو رهيو. ماڻهو وڙهندا رهيا. مهانگائي چوٽ چڙهي وئي. ڊالر آسمان ڇهڻ لڳو، پيٽرول ناياب ٿي ويو. بجلي اڻ لڀ ٿي وئي. گئس کٽي وئي. ملڪ جو ڏيوالو نڪري ويو. پر خدا بخش جي کوهه جو خير هيو. هن جي دنيا هلندي رهي.
نيٺ ڇا ٿيو جو موسم ۾ تبديلي آئي، مينهن نه وٺا، کوهه جي پاڻيءَ جي سطح ڏينهون ڏينهن هيٺ ٿيندي وئي، جتي پاڻي نظر ايندو هيو اتي پاڻي وڃي تري کي لڳو. مالهه ننڍي ٿي وئي. ڪينريون خالي ٿي ويون. هن اميد ڪئي ته مينهن وسندا ۽ کوهه ڀربو پر سال لنگهي ويا مينهن نه وٺو. کوهه صفا خالي ٿي ويو، زمين ويران ٿي وئي. ڏاند ڏٻرا ٿي ويا. ڪنڍيءَ کير ڏيڻ ڇڏي ڏنو. اَنُ ناياب ٿي ويو. ڪڪڙيون، هڪ هڪ ٿي مرڻ لڳيون، وڻ ويران ٿي ويا. ماکي موڪلائي وئي، انب اڻ لڀ ٿي ويا. سبزيون سڪي ويون، اناج ڄڻ هيو ئي ڪونه. هر طرف ڌوڙ اڏرڻ لڳي. ٻار بک مرڻ لڳا. زال بيمار ٿي پئي. پاڻ ڪمزور ٿي کٽ تي ڪريو. منهن کڻي مٿي ڏٺائين. وڻن جي سڪل ٽارين مان آسمان صاف پئي نظر آيو. اکين ۾ پاڻي ڀرجي آيس. روئندي رب کي چيائين:
“الله تون نه رُسين ها، باقي هي ته منهنجو آڱوٺو به پٽي نه سگهن ها.”