لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق

سوکڙي ڳالهين جي

برٽش لئبرري لنڊن مان ھٿ ڪيل 1865ع ۾ ڇپيل ڪتاب ”سوکڙي ڳالھين جي“ اوهان اڳيان پيش ڪري رهيا آهيون. ھن ڪتاب جو ليکڪ/جوڙيندڙ ديوان ڪيولرام سلامتراءِ آڏواڻي آھي جڏھن تہ سنوار انجنيئر عبدالوھاب سھتي صاحب ڪئي آھي.
ھن ڪتاب ۾ چڱا چڱا پھاڪا ۽ ڀلا ڀلا رواجي سنڌي حرف آيا آھن، جنھن جھڙا اڳي سنڌي ڪتابن ۾ ٿورا آيا ھوندا. تن جي پڙھڻ مان گهڻي واقفي (ڄاڻ) ٿيندي ۽ منجهس چڱيون چڱيون آکاڻيون آيون آھن، جن جي پڙھڻ کان گهڻو دل خوش رھندي ۽ منجهس گھڻيون نصيحتون آھن، جن جي پڙھڻ مان گهڻو فائدو ٿيندو.
Title Cover of book سوکڙي ڳالهين جي

سادا اکر

سادا اکر

آگسٽ ۲۰۱۹ع ڌاري ڊاڪٽر غلام محمد لاکو صاحب جن جي ڪال آئي. ڪو به حال احوال ڪرن کان اڳي پوسٽل ايڊريس موڪلڻ بابت چيائين. ٻڌايائين ته انگريز دور جو اوڻويھين صديءَ ۾ ڇپيل ھڪڙي ڪتاب جي فوٽو ڪاپي موڪلڻي آھي. برٽش لئبرري لنڊن مان اھا ھٿ ٿي آھي. مون وٽ رکئي رکئي چڱو وقت ٿي ويو اٿس. اھو موجودہ صورتخطيءَ ۾ آڻي عام استفادي لائق بنائڻ لاءِ، منھنجو ڌيان اوھان ڏانھن ويو آھي. ان ڪري اھو اوھان ڏانھن موڪلجي ٿو.
کيس پوسٽل ايڊريس ايس ايم ايس ذريعي ڏياري موڪليم. ٻن ٽن ڏينھن کان پوءِ سندن پاران ٽي سي ايس ذريعي لفافو پھتو جنھن ۾ ڪتاب جي فوٽو ڪاپي به ھئي ۽ ساڻس چٺي به ھئي، جيڪا جيئن جو تيئن ھيٺ پيش ڪجي ٿي ته جيئن رڪارڊ تي رھي.
”فوٽو ڪاپي وغيرھ جو ڳرو خرچ ڏھر صاحب برداشت ڪيو.

محترم
عبدالوھاب سھتو صاحب
دعا سلام-
فريئر صاحب سنڌ جي ڪمشنر (۱۸۵۱ع- ۱۸۵۹ع)، جي حڪم تي، سنڌي-الف بي جي رسم الخط تيار ٿي. بعد ۾ ليٿو تي ڪتاب به ڇپجڻ شروع ٿيا.
۱۰-۱۲ سال اڳ پنھل ڏھر حڪم ڪيو ته، برٽش لئبرري لنڊن مان ڀنڀي زميندار جي ڳالھ فوٽو گھرائي ڏي. ان وقت لاھور جو ھڪ دوست، اتي علمي ڪم سان موجود ھو. ان صاحب جاچ پڙتال ڪري ٻڌايو ته ذڪر ڪيل مواد کان علاوھ، ھڪ جلد ۾ ٻه ٻيا ڪتاب به آھن. ڏھر صاحب جي حڪم موجب، صاحب موصوف کي اي-ميل ڏنيم. ھو واپس آيو ته ٽپال ۾ لفافو موڪلي ڏنائين. محمد پنھل کي حسب حڪم ’ڀنڀو‘ موڪليو ويو. ٻيو مواد مون وٽ رھيو.
چند ڏينھن اڳ، ڪنھن پني پرزي جي ڳولا ڪندي ’ڪتاب سوکڙي ڳالھين جي‘ ملي ويو. مون محسوس ڪيو ته، ھي ڪتاب/ مواد اوھان جي ڪم جو آھي، ڇو نه خدمت ۾ پيش ڪجي. ان ارادي سان ته شايد اوھان ھن کي نئين انداز ۾ آڻي ڇپرائي ڇڏيو ته بھتر.

مخلص
۳۰/۰۸/۲۰۱۹ع“

ڪتاب، سيپٽمبر ۱۸۶۵ع ڌاري جو ڇپيل ھيو. ليکڪ جو نالو، ٽائيٽل تي ته ڪيولرام لکيل ھيو، پر اندر وضاحت سان ديوان ڪيولرام سلامتراءِ آڏواڻي لکيل ھيو. ساڳيي مصنف جا ٻه ڪتاب، گلشڪر (تصنيف ۱۸۶۸ع) ۽ گل (تصنيف ۱۸۷۱ع) سنڌي ادبي بورڊ طرفان شايع ٿيل آھن. گلشڪر ڪتاب پھاڪن ۽ چوڻين بابت آھي، جيڪو پھريون ڀيرو ۱۹۰۵ع ڌاري ڇپيو ھيو. جڏھن ته گل ۾ (جنھن جا پڻ ٻه حصا آھن؛ گل ۽ قند) نصيحت آموز ٽوٽڪا ۽ اصطلاح آيل آھن. جيئن ته راقم جو موضوع پڻ ساڳيو آھي. جنھن ڪري ڪتاب ڏانھن ڌيان اڃا وڌي ويو.
ھن ڪتاب بابت اڳي ڪين ٻڌو ھيو. يا ڪٿي به ڪنھن ان ڪتاب بابت حوالو نه ڏنو ھيو. مصنف جي مٿي بيان ڪيل ٻنھي ڪتابن منجھ به ھن ڪتاب بابت ڪو اشارو آيل ڪو نه آھي.
الھرکيو ٻٽ صاحب، جيڪو سنڌي ڪتابن جو ڪئٽلاگ ترتيب ڏئي، مھراڻ رسالي ۾ ڇپايو ھيو، تنھن جي چوٿين قسط ۾، آکاڻين وارن ڪتابن ۾ ھن ڪتاب جو نالو آھي. باقي ڪتاب اندر ڇا آھي، تنھن بابت ڪٿي به ڪو تذڪرو ڪو نه مليو.
ڪتاب کي ورجائي ورجائي پڙھڻ کان پوءِ ڪمپيوٽر تي ڪمپوز ڪري، ڏکين لفظن جي معنيٰ ڏنگين ۾ ڏئي، پھاڪن ۽ چوڻين جي نشاندھي ڪري، محققن ۽ پھاڪن/ چوڻين جي شائقين لاءِ پيش ڪجي ٿو.
اميد ته ھيءُ ڪتاب سنڌي ادب جي واڌاري لاءِ ڪارايتو ثابت ٿيندو.


انجنيئر عبد الوھاب سھتو