لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق

سوکڙي ڳالهين جي

برٽش لئبرري لنڊن مان ھٿ ڪيل 1865ع ۾ ڇپيل ڪتاب ”سوکڙي ڳالھين جي“ اوهان اڳيان پيش ڪري رهيا آهيون. ھن ڪتاب جو ليکڪ/جوڙيندڙ ديوان ڪيولرام سلامتراءِ آڏواڻي آھي جڏھن تہ سنوار انجنيئر عبدالوھاب سھتي صاحب ڪئي آھي.
ھن ڪتاب ۾ چڱا چڱا پھاڪا ۽ ڀلا ڀلا رواجي سنڌي حرف آيا آھن، جنھن جھڙا اڳي سنڌي ڪتابن ۾ ٿورا آيا ھوندا. تن جي پڙھڻ مان گهڻي واقفي (ڄاڻ) ٿيندي ۽ منجهس چڱيون چڱيون آکاڻيون آيون آھن، جن جي پڙھڻ کان گهڻو دل خوش رھندي ۽ منجهس گھڻيون نصيحتون آھن، جن جي پڙھڻ مان گهڻو فائدو ٿيندو.
Title Cover of book سوکڙي ڳالهين جي

۴-۵ ڳالھ پنجين؛ ريس-مئيءَ پٺاڻيءَ جي

۴-۵ ڳالھ پنجين؛ ريس-مئيءَ پٺاڻيءَ جي

ريس-مُئي نالي ھڪڙي پٺاڻي جوان ۽ گھڻو سھڻي ھئي ۽ بچو نالي پٺاڻُ، سندس يار ھو. سو لڪ ڇپ ۾ ساڻس گھاريندو گذاريندو ھو. بچي نالي ٻانھي، ريس-مُئيءَ جي، گھڻو بڇڙي صورت ھئي. تنھن کي ڏسي، بچو پٺاڻ عاشق ٿيو. جيتوڙي بچي، پنھنجي آگي اڳيان (مالڪياڻيءَ آڏو) سونھن ۾ اھڙي ھئي جھڙو سج اڳيان کرکٽ. پر عشق نه پڇي ذات. پٺاڻ جي دل، جيتري ريس-مُئيءَ سان ھئي تنھن کان وڌ بچيءَ سان لڳي. جھڙيءَ ريت؛

بيت
ڪنھن جو اگھي ڪوڙ، ڪنھن جو سچ به سھمن گاڏئون،
ڪنھن جي ماني ڪري نه مور، ڪنھن جو ٽُڪر ٿو ٽيڻا ڪري.
نيٺ ٿوري گھڻي ڏھاڙي، پٺاڻ ۽ گوليءَ جو پاڻ ۾ ٺاھ ٺھيو. ھڪڙي ڏھاڙي پٺاڻي گھر ۾ ڪا نه ھئي. پٺاڻ ۽ گولي، پِڙُ پالھو ۽ گھر واندو ڏسي، پاڻ ۾ پيالا نوالا پي کائي، گڏ ٿي ستا ۽ نشي جي مارئي ننڊ اچي وين ۽ پٺاڻيءَ جي اچڻ جو ڊپ، دل تان لھي وين. سو ڪو جو (ڇاڪاڻ ته)؛ ”ننڊ، موت جي ڀيڻ آھي.“
اوچتو پٺاڻي گھر ۾ اچي، بچيءَ کي يار سان ستل ڏسي، ريس ۾ مئي. سچُ جي ھن ريت ريس ۾ نه ڀرجي ته ريس-مُئي ڇو نالو پويس.
نيٺ رن پٺاڻيءَ ڪاوڙجي، پٺاڻ کي مارائڻ جو پھُ ڪري، ناس وھَ جي جوڙي، نڙيءَ ۾ وجھي، پٺاڻ جي نڪ تي رکي، نڙيءَ جو ٻيو پاسو پنھنجي وات ۾ ڪري، ڀانيائين ته ڦوڪ ڏيئي، پٺاڻ جي ڪاپار ۾ وجھي.
مارائڻ واري کان رکڻ وارو ويجھو آھي.
سچ سياڻا چوندا آھن؛ ”بندي جي من ۾ ھڪڙي ۽ صاحب جي من ۾ ٻي.“
ڌڻيءَ جي حڪم سان، اوچتو پٺاڻ کي ڇڪ آئي. جنھن جي زور سان، ناس سڀ، اُبتي پٺاڻيءَ جي ميڄالي ۾ چڙھي وئي. جنھنڪري رن پٺاڻي مري رھي. جھڙي ريت ھڪڙو پھاڪو آھي؛ ”ماريندي ئي ميئي، ميئي مٿي په آئي.“
ڏسو! جو ٻئي جي بڇڙائيءَ جو جوڙ جڪ ڪري ٿو، تنھن جو حال اھڙو ٿو ٿئي. رن پٺاڻي جيڪس پنھنجي مرڻ لاءِ ناس جوڙي ھئي. ڇا لاءِ جو جيڪڏھن پٺاڻ جي مارڻ لاءِ ناس نه جوڙي ھا ته ڇو ان ناسَ جي وگھي پاڻ ناسُ ٿئي ھا.
تنھنڪري ڄاڻجي ٿو ته جو چڱائيءَ جو توڙي بڇڙائيءَ جو پھُ ڪري ٿو، سو پاڻ لاءِ.
تنھنڪري تو کي پڻ گھرجي جو ڪنھنجيءَ بريءَ جو جوڙ جڪ نه ڪر ته متان ريس-مُئيءَ جو حال ٿيئي.

بيت
بُري گُھر نه ڪنھن جي، بُري برائي،
چڱو چڱن جو چوڻ، چڱي چڱائي،
جو پوکي جائي، سا ئي لُڻي سو سھي.