لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق

سوکڙي ڳالهين جي

برٽش لئبرري لنڊن مان ھٿ ڪيل 1865ع ۾ ڇپيل ڪتاب ”سوکڙي ڳالھين جي“ اوهان اڳيان پيش ڪري رهيا آهيون. ھن ڪتاب جو ليکڪ/جوڙيندڙ ديوان ڪيولرام سلامتراءِ آڏواڻي آھي جڏھن تہ سنوار انجنيئر عبدالوھاب سھتي صاحب ڪئي آھي.
ھن ڪتاب ۾ چڱا چڱا پھاڪا ۽ ڀلا ڀلا رواجي سنڌي حرف آيا آھن، جنھن جھڙا اڳي سنڌي ڪتابن ۾ ٿورا آيا ھوندا. تن جي پڙھڻ مان گهڻي واقفي (ڄاڻ) ٿيندي ۽ منجهس چڱيون چڱيون آکاڻيون آيون آھن، جن جي پڙھڻ کان گهڻو دل خوش رھندي ۽ منجهس گھڻيون نصيحتون آھن، جن جي پڙھڻ مان گهڻو فائدو ٿيندو.
Title Cover of book سوکڙي ڳالهين جي

۶-۱ ڳالھ پھرين؛ فقير ۽ نانگ جي

۶-۱ ڳالھ پھرين؛ فقير ۽ نانگ جي

فقير ھڪڙي، سياري جي ڏينھن ۾، سپ ھڪڙو پاري ۾ ڏڪندو ڏٺو. تنھن تي ٻاجھ ڪري، سيءَ لاھڻ لاءِ کڻي پنھنجي ھنج ۾ ڪيائين. ڳچ کان پوءِ، سپُ بودِ ۾ اچي، پاڻ کي ماڻھوءَ جي ھنج ۾ ڏسي، پنھنجي پراڻي ھير ياد ڪري، فقير کي ڏنگ ھڻي، ماري وڌو.
ڏسو بڇڙي سان چڱائي ڪرڻ مان گھاٽو، جو فقير پاتو. سچُ سياڻن چيو آھي؛ ”بڇڙي سان چڱائي، جھڙي چڱي سان بڇڙائي.“ تنھن ۾ ڀي سپ سان ڪھل، جھڙو ماڻھوءَ سان وير. ڇاکان (ڇاڪاڻ) جو نيٺ، سپُ ماڻھوءَ جو ويري آھي. سياڻا چوندا آھن؛ ”سَپھو، نه وِسَھو، وِسَھو ته مُسَھو.“

بيت
ڪھلپ ڪميڻن سان، جھڙو سانڍڻ سَپُ،
منجھان مھر مَدَنِ جي، ڊاءُ گھڻو ۽ ڊَپُ،
مَدَنِ مٿي مھر جو، متان چورين چَپُ،
شابس اتي ڇا ڪري، جاتي ڪکن کَپُ،
جو ڪم ڪري ڪَپُ، آڱر اَجائي اُتي.